جواب جوڳيءَ جو
هير جو نالو ٻڌي جوڳي ٿيو دل ۾ بهار،
دم جهلي پر دل مٿينءَ سان هي ڪيو تڪڙو اُچار:
”سَت گرو مون کي ڪئي ٻي گهر وڃڻ کان منع آ،
اوپريءَ پڻ اِستريءَ جي منهن ڏسڻ کان منع آ.
”ان سوا آسڻ ڇڏي در در وڃڻ کان منع آ،
پڻ وري ٻي گهر وڃي کائڻ پيئڻ کان منع آ.
”ان ڪري آسڻ ڇڏي هرگز هلندس ڪين ڪي،
امر کي آڏو اچي بلڪل اٿندس ڪين ڪي!“
گفتگو مَهر اَجو جو
مَهر هي واري چيو: ”سائين نه ڪر ڪوئي خيال،
سچ سچي درويش کي عالم سڄو آهي عيال.
”ان ڪري تون گهر هلڻ جو عذر ڪو هرگز نه وار،
دل دکيءَ جو داد ڪر ڪو ننگ تون پنهنجو نهار.
”گوڙ لـُڙُ گهر ۾ ٻيو هرگز رکندس ڪين ڪي،
اَمـُر جي ابتڙ مگر ڪي ڪجهه ڪـُڇندس ڪين ڪي.
”ڪر مدد مسڪين جي، تنهنجي مدد مولا ڪئي،
ڏي سگهو تون مـُهتُ سائين هاڻ بس هائو چئي!“
جواب جوڳيءَ جو
مَهر جو گفتگو جوڳي سڻي ڪجهه ڀرميو،
جنهن ڪري ان جي ورنديءَ ۾ وري هن پَرِ چيو:
”ڏوهه ٿو سمجهان اهو، جي رنج ٿو توکي ڪيان،
اَمـُر گـُرَ جي کان ڦِران ٿو ته به مـُنڪر ٿو
ٿيان.
”راڄ راڻا مان فقط هڪ تو سندو رايو رکي،
گهر هلي تنهنجي رهان ٿو خوش ٿئي جيسين سَکي.
”خلق جي خدمت ڪرڻ ڀي فرض ڄاڻان ٿو وڏو،
ان ڪري مان ڪونه ڪو ٿو واريان توسان ڦَڏو!“
جوڳيءَ جو مَهر اَجو سان گڏجي گهر اچڻ
هي چئي آسڻ اتان جوڳي اٿي هڪ ٽپ ڏئي،
رخ رکي ان شهر پاسي جهٽ پڄڻ لهءِ سٽ ڪئي.
مهر اَجو ٿي ويو پويان وکاريندو تکو،
هي ٻئي ڪنهن دير ڌاران گهر اچي پهتا سگهو.
گفتگو جوڳيءَ جو
گهر هيو لـُڙُ گوڙ ڏاڍو سو ڏسي جوڳيءَ چيو:
”ڪنڊ پاسي ساڻ مون کي ڪوٺڙي ڪائي ڏيو.
”جِت اچاريندس گروءَ جو نام ڌُن سان هر گهڙي،
در ڏئي وهندس اڪيلو، لوڪ کان پاسي لڙي.
”پڻ مريضه کي اتي هيڪل ڇڏي مون وٽ وڃو،
سڀ ستت ٿيندي سـَـڻائي وهم ۽ ڀولا ڀڃو.
”مرد عورت جو نه جئن ڪو اولڙو ان تي پوي،
آءٌ رڌل هوندس پڙهڻ ۾ ڪونه ڪو مون کي چوي!“
جوڳيءَ جو جاءِ نشين ٿيڻ
خاص جوڳيءَ لاءِ ڪوٺي مَهر هڪ خالي ڪري،
ات رهايس پِير جان گهر جو وڏو والي ڪري.
هير کي سَهتيءَ سگهوئي هنج تي هيجئون کڻي،
پيش جوڳيءَ جي وهاري پڻ ڪئي کيڪر گهڻي.
پوءِ تان جوڳيءَ ڪنان سَهتيءَ دعا پنهنجي پِني،
موڪلائي گهر اچي دلجاءِ سڀني کي ڏني.
خاطري ڌاري اهي پنهنجي ڪمين شاغل ٿيا،
هير ۽ رانجهو ٻئي هئن وڇڙيل واصل ٿيا.
رانجهي جوڳيءَ جو پِيرن کي ياد ڪرڻ
هڪ ٿيا هن پر ٻئي پردو ويو وچ مان لهي،
تـِـلُ نه گنجائش انهن جي درميان هاڻي رهي.
يادگيري ان گهڙي رانجهي فقيرن جي ڪئي،
پڻ دعا جي لهءِ کنيائين هيج مان جهٽ هٿ ٻئي.
هي چيائين: ”لعل نوري مير مروندي مٺا،
شير شاهه بابا شڪر يا غوث ملتاني سچا.
”خضر خواجا اڄ ٿيو مون رَهَه ڀـُليءَ جا رهنما،
دير ريءَ هاڻي رسو امداد لهءِ بهرِ خدا!“
پِيرن جو تشريف فرما ٿيڻ
بس ڪئي رانجهي اڃا حاضر ٿيا جهٽ پنج پير،
سَڏُ سڻي آيا هتي آڌر ڏيڻ هن کي امير.
جن چيو رانجهي ميان کي: “هير سوڌو هل هتان،
تخت نگريءَ جي طرف آئين سڌو جوڳي جتان.
”هاڻ تنهنجو هت رهڻ بي سود ۽ ناڪام آ،
نينهن ۾ نروار ٿي تنهنجو اڳي انجام آ!“
هي اکر هيجئون چئي سي سڀ ويا رخصت ڪري،
هير کي هٿ کان وٺي جوڳي به جهٽ همت ڪري.
ڏيهه پنهنجي ڏي وڃڻ جو پَههُ پچائي هير سان،
در پٽي راهي ٿيو مـُنڊو اڙائي هير سان.
سهتيءَ جو اچڻ
هي هـُيا ايوان ۾ جهٽ ننڊ مان سَهتي اُٿي،
ڪا هيس قسمت چڱي جو ويل نا ان جي گٿي.
جاَ دَئو ٻن جو ڏسي جهٽ وک ڪري اڳتي وئي،
جلد جوڳيءَ کي سڃاڻي هٿ ٻڌي پيرين پئي.
بعد ان جي با ادب، ان سر نمي زاري ڪري،
عرض جوڳيءَ کي ڪيو هن پر ڳچيءَ ڳاري ڪري:
”اي سچا گرديون مون کي تون ڇڏي ڪاڏي وڃين،
ساڻ ني مون کي به سائين تون ڀلا جاڏي وڃين.
مون ڪيو جو قول توسان پاڙيم انجام سو،
پاڙ پنهنجو هاڻ هادي جو ڪيو اقرار تو.
”مون ڪئي پيءُ ماءُ سان تو لهءِ دغا جوڳي ميان،
هاڻ هيڪر ڪر ڀلائي تون به ڪا جوڳي ميان.
”ڪر سگهو داتا دعا مون سان ملي منهنجو مراد،
سـُک مزو سنسار جو جنهن ريءَ نه ٿو ڏي ڪجهه سواد.
”پنڌ دوري تان هتي تون دير ريءَ ان کي گهراءِ،
هي ته پنهنجي شان جو ڪو معجزو مون کي پساءِ!“
جوڳيءَ جي دعا گهرڻ مراد جو اچڻ
عرضَ سهتيءَ جو سـُڻي جوڳيءَ ٻئي اُت هٿ کڻي،
صدق دل جي سان چيائين ڳاٽ چائي: ”يا ڌڻي!
”هن گهڙيءَ ريءَ دير مولا آس سَهتيءَ جي پـُڄاءِ،
هي نظارو هاڻ پنهنجي شان جو سائين پساءِ!“
هي دعا جوڳي گهري جئن دَرُ پَٽِي راهي ٿيو،
نوجوان نازڪ بدن بيٺل ڏسي ڏَهڪِي ويو.
پر سـُتت ساجن سڃاڻي سيگهه ۾ سَهتيءَ چيو:
”مون به مطلَبِ لَڙِهه لڳي، جوڳي ميان حاصل ڪيو!“
هَٿَ ٻڌي موڪل ڪري راهي ٿيو سهتي مراد،
سَهج مان اُٺ تي چڙهي بس خوش خرامان شاد شاد.
هير رانجهو پاڻ ۾ ٻيئي ڄڻا وکڙي کنيون،
راهه سان ويندا وڃن سي گام هاٿيءَ جان هنيون.
احوال هير ۽ رانجهي جو
پنڌ ڪندا هي ٻئي هڪ جاءِ ٻيلي ۾ رَسـِـي،
ٿڪ سبب آرام لهءِ وڻڪاروئي ويٺا ڏسي.
شينهن ڪيهر جي اُتي پڻ جـُـوءِ ٻيلي ۾ هئي،
آدمي جي اوچتو جئن بوءِ جو اُن کي پئي.
ٺينگ ڏيندو گوڙ ڪندو جهٽ اچي پهتو مٿان،
هير هيءَ حالت ڏسي ويئي ڏَڪـِـي دهشت ڪنان.
شير شاهه جو ايتري ۾ سٽ ڏئي خنجر کڻي،
جان کان بي دم ڪيو هن شينهن کي جوڳيءَ هڻي.
ٿي سڌيري جنهن سبب کان هير جي دل ساهه کي،
شـُڪر جو سجدو ڪيائين دم تنهين الله کي.
رانجهي جوڳيءَ جو آرام ڪرڻ
هي اٿي ان جاءِ تان ٻيلي ڪنان ٻاهر ٿيا،
تان اچي رانجهي ميان کي ننڊ جا ڪي پَههَ پيا.
جئن وهڻ جوڳي لڳو ٿي هير سمجهايس مگر،
هوڏَ واري، ڇانوَ ۾ ليٽي پيو بس بي خطر.
هير وڻ کي ٽيڪ ڏيئي چوطرف جاچي پئي،
ٿي ڪيا ويچار ان پڻ ننڊ رانجهي ٿي ڪئي.
هِي هِتي آرام ۾ هـُت مَهر کي پيئي خبر،
هير جوڳيءَ جي وڃڻ جي هيءَ پئي هرجا پچر.
مَهر اَجو جو هير ۽ جوڳيءِ پٺيان وڃڻ
هير ۽ جوڳيءَ سندي سڀ مَهر هيءَ حرڪت ڏسي،
پل سوا غيرت غصي کان دم تنهين ويڙو وسي.
بعد اُن جي مَهر پنهنجا خويش ۽ جوڌا سڏي،
هير جوڳيءَ جي پيا ڪَڍَ، قَصدَ مان گهوڙا گَڏي.
هي کنيو پيرا انهن جا سيگهه ۾ پهچي ويا،
ننڊ ۾ جوڳي هيو ۽ هير ويٺي پهه ڪيا.
جهٽ لهي گهوڙن اتان سي هير کي ويڙهي ويا،
هير جوڳيءَ کي اٿڻ لهءِ سڏ وڏا واڪا ڪيا.
ڇرڪ ماري ننڊ مان جوڳي ميان جاڳي پيو،
حال حيرت ۾ اچي سو ٿي وسو ان دم ويو.
هي مڙيئي هير کي گهر ڏانهن ٿي گـِـهـِـلڻَ لڳا،
ڌڪ هڻي جوڳي ميان کي سي ڌڪي لوڌڻ لڳا.
هير جوڳيءَ کي ورائي، چنبڙي ڏاڍو پئي،
دل جهلي ڏيئي مهاڏو ويڙهه پڻ جوڳيءَ ڪئي.
سڀني جو قاضيءَ ڏانهن وڃڻ
مَهر ۽ ساڻس ٻيا جي خويش ۽ ساٿي هيا،
سڀ جتن حيلا هلائي سي اچي عاجز ٿيا.
ويجهڙو وستي هئي، پاسي تنهين، ڌوڻي ڌڪي،
هير جوڳيءَ کي نيائون زور زاريءَ سان ڇڪي.
ڳوٺ ۾ قاضيءَ هيو، جو هي لڙي ان وٽ ويا،
هير جي بازو ملڻ لهءِ هٿ ٻڌي سائل ٿيا.
قاضيءَ جو فيصلو ۽ ڳوٺ کي باهه لڳڻ
مـَـهر اَجو ۽ ٻين هي ساک تي ظاهر ڪيو،
سڀ سـُـڻي قاضي قصو ويچار ۾ پئجي ويو.
ڪونه جوڳيءَ کي هيو، شاهد سچو، هن حال جو،
ان ڪري قاضي ڇڏايو هئن ڏَچو هن حال جو.
هير کيڙن کي ڏني، قاضيءَ ميان فتويٰ ڏئي،
پوءِ جوڳيءَ هٿ کڻي، ڪجهه در ڌڻي زاري ڪئي.
بَسِ ڪئي جوڳيءَ اڃان، لڙ ڳوٺ ۾ پئجي ويو،
الاَمان والاَمان هئن ٿي پئي هر ڪنهن چيو.
جئن ته ساري ڳوٺ کي ڪا غيب جي آتش لڳي،
ڳوٺ وارا سر بچائي، پيش قاضيءَ جي اچي.
اوچتي آفت انهيءَ جو حال ڪيڙو رَت رڙي،
هاءِ ههءِ گَهرَ مالَ جن جا بي گـُنَهه ويڙا سڙي.
هٿ کڻي ات در ڌڻيءَ جي التجا قاضيءَ ڪئي،
ڪين وريو ڪجهه انهيءَ مان پر وڌي آتش وئي.
هي وري جو ڳوٺ تي اڄ اوچتو آيو غضب،
خاص جوڳيءَ جي پِٽَڻ جو خلق هو ڄاتو سبب.
ڳوٺ وارن جو راجا وٽ وڃڻ
ڳالهه ڳوٺاڻان ڳڻي سڀ پيش راجا جي ويا،
بي گنَهه جن جا جهڳا، پِٽَ ۾ سَڙي سڀ دُف ٿيا.
ويجهڙو راجا هيو آيل هتي منزل سبب،
جَهٽ اچي ان کي ڪيائون عرض با عجز و ادب.
سڀ سڻي حاڪم حقيقت، چوبدارن کي چيو:
”جلد جوڳي ۽ ٻيا مون وٽ هتي حاضر ڪيو!“
چوبدارن حڪم موجب سي سڀئي حاضر ڪيا،
هير تي تڪرار جا سڀني سبب ظاهر ڪيا.
ڳالهيون طرفين جون راجا سـُڻي ڳَڻَ پَهه ڪري،
مَهر جي حجت سڄي ڪـُوڙي ڪئي ڌيرج ڌري.
هير جوڳيءَ جي حوالي دم تنهين راجا ڏني،
بعد جوڳيءَ در ڌڻيءَ جي ڪجهه دعا پرتئون قِني.
جنهن دعا سان ڳوٺ ساري ۾ ٿيو قائم قرار،
پڻ وئي آتش اُجهامي ٿي ويو سالم بهار.
مَهر اَجو ۽ سندس ساٿين جو راجا کي عرض
هاڻ هن پَر، هير جو کيڙن هٿان کسجي وئي،
پاڻ ۾ تن ڳَڻَ ڪري هيءَ راوَ کي منٿ ڪئي:
”تو سندو پرجا پَتِي هي ڪين آ پورو نياءُ،
ان ڪري هن هير جو هتڙي گهرايو پيءُ ماءُ.
”هي حقيقت حال جي تن کان پڇي تون پڪ ڪري،
داد ڪر داتا اسان جو سوچ ڪا دل ۾ ڌري.
”ملڪ ساري ۾ وري نه ته سخت ٿيندا سي خوار،
ڏي اسان کي مـُـهت مالڪ هي اسان جو ڪر اُڌار!“
راجا جو مَهر چوچڪ کي گهرائڻ
عرض هي راجا سڻي ات چوبدارن کي چيو:
”مَهر چوچڪ کي وٺي هت پيش اڄ منهنجي ڪيو!“
حڪم تي چوچڪ سَڏِڻ هڪدم ويا سڀ چوبدار،
بَرق جان ان ساڻ گڏ آيا وري اوٺي سوار.
مَهر چوچڪ کان پڇي راجا ڪئي گر خاطري،
راز پر رَبَي ڏسي، ساڳي چيائين سرسري:
”هير آ جوڳي سندي جنهن ۾ نه آهي خَس خلاف،
حڪم هي منهنجو نيارو سڀ سـُڻو بس صاف صاف.
”مَهر اَجو جي نسوري آهه هيءَ دعويٰ غلط،
اڳ ڏنل قاضي ميان جي سَر بَسر فتويٰ غلط!“
مَهر چوچڪ جو راجا کي عرض
ڪونه ڪو چاڙهو ڏسي اُت راوَ کي چوچڪ چيو:
”فيصلو تنهنجو اهو منظور مون سائين ڪيو.
”ليڪ هڪڙو عرض آ تنهنجي سخي سرڪار ۾،
با ادب سو هٿ ٻڌي داتا ڪيان درٻار ۾.
”جئن ته جوڳيءَ هير جو شرعاً پيل ناهي نڪاح،
ان ڪري تن جو رهڻ گڏ ڪين ڪي ٿيندو مباح.
”جنهن سبب رايو اٿم تان ڌيءَ پنهنجي گهر نِيان،
خان کيڙي کي هتان ئي هٿ ٻڌي رخصت ڪيان.
”هي اچي جوڳي اتي سڀ خويش پنهنجا ڄَڃَ ڪري،
کيس پرڻائي ڏيان مان هير جلسا جـُڃ ڪري!“
راجا جو حڪم
عرض چوچڪ جو ٻڌي راجا گهڻو ڪجهه ڀرميو،
جنهن ڪري جلدي ورائي حڪم سان هن پر چيو:
”هير کي رخصت ڏجي گهر هاڻ چوچڪ سان گڏي،
مَهر ۽ ساٿي تنهين جا سڀ وڃن دعويٰ ڇڏي.
”هي اسان جي روبرو چوچڪ ڪري اقرار ٿو،
آهِه پَڪَ اُبتڙ وري ڪندو نه هو انڪار ڪو.
”ان ڪري بهتر ته جوڳي خويش ۽ ڄاڃي سڏي،
سڳن ساٺَن سان وڃي هو پرڻجي هئن ڄڃ گڏي!“
سڀني جو موڪلائي وڃڻ
مَهر اَجو ساٿ گڏ راهي ٿيو گهر خير سان،
ٿي ڪيا ارمان مڙني واٽ ويندي سير سان.
ڇا ڪرن لاچار جن جي هت نه ڪا هڪڙي هلي،
لوڪ ساري جي گلا جـُـٺِ ڦـِـٺِ ملامتَ سـِـرِ
جهلي.
مَهر چوچڪ، هير جوڳي پاڻ ۾ گڏجي ٽئي،
ڳوٺ ڏي راهي ٿيا بس الوداع انهن چئي.
پنڌ ڪندا هي ٽئي جئن جهنگ جي ويجهو ٿيا،
واٽ تي جوڳيءَ ڪنان سي موڪلائي گهر ويا.
هير چوچڪ گهر ويا، جوڳي وطن راهي ٿيو،
ڳالهه جنهن کان چوپچو بس ملڪ ساري ۾ پيو.
احوال رانجهي جو ۽ هير کي زهر ملڻ بابت
پنڌ ڪندو نيٺ هي جوڳي به گهر پهچي ويو،
ڀينرون ڀائر سڏي تن سان قصو سارو ڪيو.
ساڻ ڄاڃي ٿي هلڻ لهءِ کين پڻ منٿ ڪئي،
ڳالهه اهڙيءَ جي وليڪن ڪانه ٿي تن پـَـتِ پئي.
نيٺ رانجهي جو رکي رايو، تياريءَ ۾ لڳا،
سڀ سڏائي خويش ڪم جي پوئورايءَ ۾ لڳا.
هـت ورائي مَهر چوچڪ خاص خويشن کي سڏي،
حال سڀ تن کي سڻايو مصلحت پنهنجي گڏي.
جي سڻي هي حال حيرت ۾ پيا عبرت سبب،
دم گهڙي دل ۾ ٿيا غمگين سي غيرت سبب.
پاڻ ۾ ويهي ڪئي تن مصلحت مڙني اها،
هير کي بس زهر ڏيئي لاهجي سر تان گِلا.
هي ويا سڀ موڪلائي پوءِ ملڪيءَ وٽ اچي،
هيءَ حقيقت حال جي ان سان ڪئي چوچڪ سڄي.
جنهن رهي راضي کنيو هي سر سمورو ڪاروبار،
ان سبب کان مـَـهر چوچڪ جو لٿو ڪجهه انتظار.
هـُـت هزاري ملڪ ۾ اڄ ڪاڄَ جي سـَـنبـَـت هئي،
هـِـت سيالن ۾ وري اُبتي ڳڻت قدرت ڪئي.
زهر قاتل کير ۾ ملڪيءَ ملائي شام جو،
هير کي هٿ سان پياري وهم لاٿو عام جو.
جهٽ اثر ظاهر ٿيو هي هير سڀ سمجهي وئي،
ماءُ جي حرڪت سڄي معلوم اُن تنهن دم ڪئي.
موت جا مارو ڏسي ان آسرو ڇڏيو پلي،
چاڪ رانجهي جي پسڻ لهءِ پر پئي کامي جلي.
هير جو رانجهي ڏانهن آخرين پيغام
هير جا آنڊا ڦڦڙ اندر جيئن وڍجن پيا،
درد کان تئن ٿي گهڻا ان سڏ وڏا واڪا ڪيا.
ماندگائي مـُـونجهه جي سببان ڪري دانهون هزار،
هن عجب انجام تي رَت نـِـير روئي زار و زار.
رات اُن سڪرات واري، سيج تي ڪاٽـِـي سڄي،
سـُـک مزي سنسار جي کان دل وئي هن جي کڄي.
صبح دم باد صبا جئن ٿي وٽانئس رهگذر،
هٿ ٻڌي روئي رڙي اُن کي ڪري آزِي اَپر.
هن طرح ڏک مان چوڻ ٿي: ”اي صبا بهرِ خدا،
حال هي ڏسيو گهلندي وڃ تکيرو تون ذرا.
ٿي جڏهن تنهنجو هزاري ڏيهه مان ڏاهِي گـُذر،
پيش ڪج رانجهي ميان جي، هيءَ سڄي کولي خبر.
”پڻ ٻيو ان کي چئج هي آخري منهنجو ڪلام،
الوداع از دار فاني الوداع و وسلام!“
هير هي ڏيئي نياپو سر جـُهڪائي چـُپُ ڪئي،
پرت مان ابدي حياتيءَ جو پيالو پي وئي.
رانجهي جو فوت ٿيڻ
رُت بهاريءَ جي هوا، هيءُ تان نياپو پاڻ سان،
جوش مان گهـُلي، گُهلندي ٿي وئي طوفان جان.
سيگهه ۾ پهتي هزاري ملڪ جي محلن مٿان،
ٿي وئي واضع خبر هيءَ دم تنهين رانجهن مٿان.
هن بهاري باد سان ڪي جو گرم ها گڏ جـُـزا،
واءِ رانجهي کي ڪيو بي جان تن ساڙي صفا.
دم تنهين رانجهي رڙي رت دانهن هڪ دل مان ڪئي،
دانهن سان ٿيڙو جدا دارالفنا کان، دم ڏئي.
گـَـهرِ پيو ابتڙ خوشيءَ جي رنج غم ماتم الم،
سوز سڪ ثابت ڪري رانجهو ٿيو راهي عدم.
ـــــــــــــــــــــــ
”تمام شد“ |