رانجهي جو هير سان گفتگو
هير کي هن پر چيو رانجهي اُٿي ڪجهه رمز سان،
سر جهڪائي هٿ ٻڌي پڻ عاجزيءَ ۾ طرز سان:
”راڄ جي راڻي سياڻي، آهه دنيا دم سوا،
ڪونه ڪو هرگز هتي آهي رهڻ وارو سدا.
”بي بقا هن باغ ۾ تون ڪين ڪر ايڏو غرور،
کڻ نهالي سيج پنهنجي ضد جو ڪهڙو ضرور.
”بادشاهن کي مگر ڪجهه ٻاجهه ڀي ڌارڻ کپي،
پڻ مسافر تي نه ڪوئي رنج ڏيکارڻ کپي.
”مان ٻـُڌي تعريف آيس، پنڌ هي هيجون هڻي،
جو پئي ڀانيم ته ٿيندس خاص پيرن جي پڻي.
”ڇا وِهڻ سان ڪجهه ورائي، سيج مان گهٽجي ويو،
يا ٻيو تان رنگ ڪجهه ان جو نه ڪي مٽجي ويو.
”مون مسافر کي اڳي اهڙي نه ڪا سـُڌ ٻـُڌ هئي،
بخش تون راڻي سياڻي جا خطا مون کان پئي!“
جواب هير جو
هير هي رانجهي ڪنان ارڏو سخن سارو سڻي،
دم سوا جي دير تائين، چپ ڪئي هيڪر کڻي.
پاڻُ سَنڀاري سگهوئي پوءِ رانجهي کي چيو:
”سيج هيءَ ڇا ساهه سر تنهنجي مٿان صدقو ٿيو.
”ڪي ٻيو توکي اسان مان ڪنهن نه آ گهٽ وڌ چيو،
تو مگر ڪهڙي سبب کان ڏک اهو ظاهر ڪيو.
”تو مٿان صدقي مسافر، ساهه سر صد بار آ،
هن گهڙيءَ حاضر ڪيان توکي ته جو درڪار آ.
”قرب ڄاڻي مون کلي توسان اچي ڪيڙو سلام،
واهه جو تو آ ڪيو ابتڙ انهيءَ جي، هي ڪلام.
”شڪل سهڻي تو سندي جوڳي وئي دل کي وڻي،
مام ۾ موهي وڌو تو ناز مان ڪا اک کڻي.
”اصل کان سڀ ذات جوڳيءَ جا اسين ٻانها ٻڌا،
بخش بس منتر ٻيو تون ڪين پڙهه نالي خدا.
”ڪر ڪرم جوڳي مسافر، تون ڏَسي، نالو نشان،
ڪجهه ته ٿي دلجاءِ دل کي، پڻ لهي گوندر گمان!“
جواب رانجهي جو
دل وڻندو ٻول مٺڙو هير جو، رانجهي سڻي،
سيگهه ۾ واري چيو هن ريت قربئون ڪر کڻي:
”راڄ راڻي نحس نالو مون سندو رانجهو ٿيو،
لاڏلو پيءُ جو هيس نالو جنهين موجو هيو.
”اصل کان آءٌ تان هزاري ملڪ جو مالڪ هيس،
هاڻ هڪ مان بي وطن ۽ بي پدر گاهڪ ٿيس.
”بعد فوتي پيءُ جي ڀائن رهايو ڪين ڪي،
پڻ چوڻ تن جو مڃي مون ڀي ڪمايو ڪين ڪي.
”بي سبب مون ساڻ جٺيون هاءِ تن ڪيئي ڪيون،
جنهن ڪري پرديس ۾ گهڙيون هتي گهارڻ پيون.
”هاڻ دل جو آ ارادو دم حياتيءَ جان جـِـيان،
نوڪرن جان نت نمي مان خاص خدمت ۾ ٿيان.
”دم بدم توکي ڏسي جئن روح ريجهايان پيو،
درد دک جون ڳالهيون تو ساڻ ڳالهيان پيون!“
جواب هير جو
هير وهلو ئي چيو هن ريت رانجهي کي سخن:
”خاص تنهنجي آهيان، جيسين ته آهي جان تن.
”جوڪ دل گهريو پئي مطلب اهو پورو ٿيو،
اُڀ اتان الهي ڪري اڄ چنڊ جهوليءَ ۾ پيو.
”خاطري ڪر خوش رهي، دل کي به ڏي دلجاءِ تون،
هاڻ هل ويڙهي اسان جي، جو گهرين سو پاءِ تون.
”ڇڏ کڻي جوڳي مسافر هوڏ هٺ انڪار کي،
تَرڪ ڪر وايون ٻيون، وٺ حَقَ واريءَ تا رکي!“
جواب رانجهي جو
ٻاجهه ڀريو ٻول مٺڙو هير جو، رانجهن ٻڌي،
جهٽ ورنديءَ ۾ چيو هي چست ٿي چڙهتِي رکي:
”سچ ته تنهنجو راڄ راڻي حڪم مون منظور آ،
پيچ بازيءَ جو مگر اڄ ڪلهه پيو دستور آ.
”مان هتان توسان هلان پر پوءِ ڏس ويڙهي هلي،
عيش عشرت ۾ وڃي هي واعدو توکان ڀـُلي.
”يا وري ڪاوڙ ڪري ڪا بي سبب لوڌي ڪڍين،
مون مسافر کي وساري يا ڪري ڇورو ڇڏين.
”سچ ته شاهن کي غريبن جو رهي ڪهڙو خيال،
دور دنيا جو به پڻ اڄ ڪلهه ٿيو اهڙو مثال.
”دل ڦري ڏيئي دلاسو ڪين ڪج اهڙي ٺڳي،
ڏس مبادا منهن مٽين تون لوڪ جي رائي لڳي.
”جي نباهين توڙ تان ڪر تون سچو اقرار ڪو،
دم دلاسي تي دوا ريءَ خوش نه ٿي بيمار ڪو!“
هير جو اقرار ڪرڻ
هي سڻي الفاظ دل ۾ هير ڪجهه دلگير ٿي،
دام الفت ۾ وري وڌ قيد بي زنجير ٿي.
گوڙ کان گهٻرائجي هي هير رانجهي کي چيو:
”سمجهه ڪجهه جوڳي ميان توکي الائي ڇا ٿيو.
”آهه هي اقرار هڪڙو جو ڪيم تو ساڻ ڪجهه،
پوءِ پر جوڳي ميان پنهنجو سڃاڻج پاڻ ڪجهه.
”خاص مون کي پيءُ جي سر راڄ جو آهي قسم،
ڪين کيئندس کاڄ توريءَ سر ٿئي توڙي قلم.
موت ماري ان گهڙيءَ توکان اگر پاسي ٿيان،
سينڌ سرمو ڪين توريءَ پڻ سـُهيلا سر ڪيان.
”منهن مٽيندس ڪين ڪي توڙي پوان دوزخ وڃي،
مڙ ميان تنهنجي اها مون ڳالهه مک ساري مڃي!“
جواب رانجهي جو
هير جي هن قول تي رانجهي وڏو ويسهه ڪيو،
پر وري ڀي خاطريءَ لهءِ هير کي هن پر چيو:
”ٿي پيو اڄ ڪالهه سستو، عارضي عاشق ٿيڻ،
بس ڀلي آ ليڪ ان کانپوءِ جو فاسق ٿيڻ.
”ان جيان سنهجو سـُجهي ٿو دوستيءَ جو دم هڻڻ،
پوءِ پر دُشوار آهي، پيروي اُن جي ڪرڻ.
”آهه سولو نينهن لائڻ پر نباهڻ مشڪلات،
دم هڻي هرڪو پيو پر ڪا بِهَڻَ جي ناهي بات.
”شينهن جي دهشت ڪنان وڌ عشق حشمت ٿو رکي،
پهريون آسان آ پر پوءِ مشڪل ٿو لڳي.
”بي رخي پهرين ڀلي آ پوءِ جو تون منهن مٽين،
عشق جي تابش ڏسي هيبت ڪنان پٺتي هٽين.
”ان ڪري راڻي سياڻي، ڏي وراڻي با ثواب،
شوم آ بهتر سخيءَ کان ترت جيڪو ڏي جواب!“
جواب هير جو
دل ڀڃڻ جي ڊول جهڙو هي سڻي ارڏو سخن،
دل جهلي همت ٻڌي ٿي هير هڪدم بي حزن.
سيگهه ۾ واري چيائين بر زبان دل شوق مان:
”هير هي! جوڳي ميان قربان تنهنجي نانءَ تان،
”جو ڪيو مون قول توسان سو ته پاڙيندَس ضرور،
دم حياتي جي گهڙي تو ساڻ جاليندَس ضرور.
”سڀ پوندي ٿي سڻائي، تون نه ٻي ڪا واٽ ؤوڙ،
خاطري ڪر لڳ خدا جي غم الم اندوهه ٻوڙ.
”خاص خدمت ۾ رهنديس، روز شب ٻانهيءَ جيان،
منهن مٽيندس ڪين توڙي شينهن جو لقمو ٿيان!“
هير جو رانجهي سان گفتگو
هير جو دلجاءِ وارو گفتگو رانجهي سڻي،
روح ۾ راضي رهي ڪجهه ڳالهه اڳتي جي ڳڻي.
هير پنهنجي گهر گهٽيءَ جو ڏس پتو ڏئي کرو،
جلد جوڳيءَ کي چيائين: ”هل اسان کان اڳڀرو“.
”تون اتي پهچي مسافر دم گهڙي ترسي پئج،
پڻ ڪنهين جي داٻ دڙڪي کان نه تون بلڪل ڊڄج.
”آءٌ به تنهنجي پوئتان، اُت ٿي اچان جوڳي ميان،
جت اچي توسان ملي ڪا ڳالهه جي ڳڻ پهه ڪيان!“
هير ۽ سندس سهيلين ۽ رانجهي جو روانو ٿيڻ
هير جو فرمان هي رانجهو سڻي راهي ٿيو،
ڳل لڳائي مير بحرن کي خدا حافظ چيو.
نو بهاري گل جيان دل ۾ ٿيو سو باغ باغ،
سيگهه ۾ پهتو اچي، جاچي سڄو مليل سراغ.
هير ڀي پويان هلي دل جو لـُٽائي نقد گنج،
سرتين سان ٿي کلي پر روح ۾ تنهن روڄ رنج.
واٽ ويندي ساڻ جوڳيءَ جو ڪري سوداءُ پئي،
پڻ رِٿي دل ۾ رِٿان جو گهاريون ڪئن گڏ ٻئي.
پنڌ ڪندي هير سان گڏ گهر اچي سڀ سرتيون،
موڪلائي هڪ ٻئي کان گهر وري پنهنجي ويون.
هير جو پنهنجي پيءُ چوچڪ کي عرض
هير ايندي ساڻ آئي پيءُ جي درٻار ۾،
عرض ڪيڙو هٿ ٻڌي، سينو جهلي سرڪار ۾:
”شال بابا راڄ توسان حڪم هي قائم هجي،
جـُڳ جڳان جيئين سدا وڌ مال ڌن دائم هجي.
”عرض منهنجو آهي هڪڙو سو ڪيو ڪنهن پر قبول،
نا ته مان انڪار کان ٿيندس گهڻو دل ۾ ملول.
”آ اهوئي عرض جو ڪجهه پيش خدمت ٿي ڪيان،
سو اِجابت ۾ اچي، تان روح ۾ راضي ٿيان.
”جئن ته بابا مال جي لهءِ تون ته جو نوڪر رکين،
سو مڙيوئي بي ڊپو ۽ چلولو چاڪر رکين.
”رنج جي هڪ اڌ ڏهاڙي نوڪري مس ٿو ڏئي،
جهنگ ۾ ئي مال ڇڏيو، گهر روانو ٿو ٿئي.
”ٿي ٿئي تڪليف ڏاڍي، ان ڪري توکي گهڻي،
هاڻ تون بابا مٺا هي عرض منهنجو مڃ کڻي.
”مون ته پنهنجي مال جو ڳولهي لڌو آهي ڌنار،
جو ڏسڻ سان ڄاڻجي ٿو نيڪ نيت نا مدار!“
هي چئي پيءُ کي وري ڳل ڳاٽڙي پاتي کڻي،
پڻ ورائي ڀڻڪ سان ڌُن زور جي لاتي کڻي:
”تان مڃو بابا مٺا نالي خدا عرضي اها،
سچ ته منهنجي دل سندي ڀي آهه هڪ مرضي اها!“
جواب چوچڪ جو هير کي
هير جو هي گفتگو چوچڪ سڄو دل سان سڻي،
سيگهه ۾ واري چيو هي ڪنڌ ڦيري ڪر کڻي:
”ڪر خبر کولي اها ئي، لِڪُ نه پر ڪوئي لڪا،
هو ڪٿان آيو هتي ۽ ڪير آهي، سڀ سڻا.“
”پوءِ اڳ پنهنجو ڳڻي ڪا سوچ دل ۾ ڌارجي،
پت وٺي پرتيت ان کان پوءِ ڀل بيهارجي.
”هير توکي هن زماني جي نه آهي سـُـڌ صفا،
آنهه تون ناقص گهڻو نادان ننڍِي تنهن سوا.
”روبرو ڏسجي ته ان کي ڪا، سموري سڌ پوي،
گفتگو ان سان ڪجي، ڏسجي ته هو ڇا ٿو چوي!“
جواب هير جو
هير هي واري چيو: مان تو مٿان گهوري وڃان،
چو طرف تنهنجو نغارو آهي راڄن ۾ عيان.
سچ ته هو توکي ٺڳي هرگز وٽيندو ڪين ڪي،
آهه پڪ مون کي به جو اهڙو ته ٿيندو ڪين ڪي.
”ٿو اچي مون کي نظر، اشراف ۽ ڏاڍو اصيل،
با ادب ۽ با حيا سو پڻ گهڻو دانا عقيل.
”چوڌري موجو هزاري ملڪ جو مشهور آ،
ناز پرور ننڍڙو دلبند ان جو نور آ.
”نانءُ ان جو آهه رانجهن، ذات جو هو ڄَٽُ ٻـُجهي،
پڻ ڏسڻ ۾ نيڪ سيرت ۽ گهڻو زيرڪ سـُجهي.
”پيءُ هو حاڪم سندس مشهور عادل نامور،
جنهن پڄاڻان هن کڻي لاچار ڇڏيو آهي گهر.
”جئن وري ڀائن به رانجهي سان نه همدردي ڪئي،
ان سبب آيو هتي هو گهر وطن، تن کي ڏئي.
”پڻ ڏنائون ڪين ورثي ۾ تنهين کي مال ڪجهه،
ان ڪري اُن جو ٿيو آهي نماڻو حال ڪجهه!“
جواب چوچڪ جو
هي سڻي چوچڪ وراڻيءَ ۾ سگهو واري چيو:
”اي پياري هير راڻي، هي ته توکي ڇا ٿيو،
”مون سڄي سمجهي اهائي ڳالهه جيڪا تو ڪئي،
ڪين ٿي ڄاڻين اڃا ڇو سمجهه اڄ تنهنجي وئي.
”ڪين ڪندو نوڪري جي هو وڏاڻو آ وياءُ،
يا ته ڪا صفرا سبب ان جي مٿي ۾ آهه واءُ.
”جو ڪري جهيڙو برادر ساڻ نڪتو گهر ڇڏي،
ڪين ڪي نوڪر رکندس، سو ته جهيڙاگر هتي.
”هڪ ڏهاڙي هو وجهندو نيٺ گهر ۾ لـُڙ خَلل،
جئن ته هن ۾ جهيڙ جو بنياد آ پختو پَيل.
”پڻ وري گهر گهاٽ جي، جو عيش کان پاسي ٿيو،
حال هن سان ڪو دلي مطلب ته ان جو آ ٻيو.
”ڪم ڌنارپ جو اڻائو، نيچ ۽ بدتر ويل،
پڻ ڏُهڻ جو ڪم ڏکيرو، ڪين سو هوندس ڪيل.
”هاڻ هو آهي ڪٿي جو مان ذرا ان کي ڏسان،
منهن ڏسي ان جو و ليڪن خاطري ڪي ڪجهه ڪيان!“
هير جو رانجهي کي ٻاهران وٺي اچڻ
هي سڻي جهٽ هير هيڪل سٽ ڪري ٻاهر وئي،
ٻاهران رانجهو سڏي موٽي اچي پيرين پئي.
عرض ڪيڙو: ”تان ابا تون وينتي هيءَ مڃ کڻي،
وهم ڀولا سڀ ٻيا هڪ وار هاڻي ڀڃ کڻي!“
گفتگو چوچڪ جو
شڪل رانجهي جي ڏسي چوچڪ ائين دل ۾ چيو،
”سچ وڏاڻو ٻار آهي، وقت ڪو هن کي پيو.
نرڙ مان هن جي مبارڪ نور ٿو چمڪا ڏئي،
درد دک هن جي ڏسڻ سان دور ٿو دل جو ٿئي.
پوءِ جهٽ واري ورندي هير کي هن پر چئي:
”هي ڏسي ميهار مانجهي، مون به پنهنجي پڪ ڪئي.
”مون مڃي هيءَ ڳالهه، پر تون پاڻ پنهنجي ڀاءُ سان،
مصلحت ڪر ڪا وڃي پڻ هن به نسبت ماءُ سان!“
هير جو پنهنجي ماءُ ملڪيءَ سان گفتگو
هي سڻي چوچڪ ڪنان ٿي هير راهي ماءُ ڏي،
پڻ ٿيو رانجهو روانو ڏَسَ اڳوڻي ڏاههَ تي.
هير ڳل ڳاري وجهي، هي، ماءُ ملڪيءَ کي چيو:
”اي امان جيجل مِٺي هڪ ڪم ته آ تو ۾ پيو.
”عرض ان جي پوئواري نيٺ ٿيندي تو هٿان،
جئن پياري پيءُ به رکيو آهه سڀ تنهنجي مٿان.
”مون لڌو آ مال جي لهءِ ٽَهليو لائق ڌَنار،
آهه سو هَرڪاريو هوشيار ۽ مانجهي سَچار.
اي امان جيجل مٺي هي عرض مون ورناءِ تون،
مهت ڏي مون کي اهو ٿورو ٿڪيءَ تي لاءِ تون!
جواب ملڪيءَ جو
هي سٻاجهو هير جو سڀ گفتگو ملڪيءَ سڻي،
جهٽ ورنديءَ ۾ ورائي هي چيائين ڪر کڻي:
”جو ڪ تنهنجو آهي رايو، آءٌ به راضي اُن ّ مٿي،
پوءِ اڳ ليڪن ڏِسج هن ڳالهه جو دل ۾ ڪٿي.
ڏس مبادا هو وري ڪا مال کي تڪليف ڏي،
يا وري کائي مکڻ ماني مکي سو مست ٿي!“
چوچڪ جو اچڻ ۽ سندس گفتگو
هي چئي ٿورو اکر مس بس ڪئي ملڪيءَ اڃان،
ات اچي چوچڪ ويو رانجهو به ان جي پوئتان.
پير پائڻ ساڻ چوچڪ زال ملڪيءَ کي چيو:
”هير جي مرضي رکو بس ٻي نه ڪا ڳڻ پهه ڪيو.
”سڀ حوالي مال رانجهي جي ڪيو ننڍو وڏو،
ڪجهه ڏئي ڏوڪڙ اجورو چاڪ اڳئين کي ڪڍو.
”هير جي مرضي رکو هاڻي اوهين هر حال ۾،
ننڍڙي آهي مبادا جيءُ وجهي جنجال ۾!“
چوچڪ جو رانجهي سان گفتگو
پوءِ رانجهي کي ورائي جلد هي چوچڪ چيو:
”مون فقط توکي مقرر هير جي خاطر ڪيو.
”ڪين ڪي ڪجهه آهيون واقف ته تنهنجي چال کان،
پاڻ تون پنهنجو سنڀاري نوڪري ڪج خيال سان!“
رانجهي جو نوڪر مقرر ٿيڻ
حڪم هي رانجهو سڻي ات، بت بڻيو بيٺو هيو،
سر نوائي هٿ ٻڌي هر هر پئي حاضر چيو.
ڏينهن ڏکڙن جا مٽائي ٿو مِٺو مولا جڏهن،
هر طرف کان ڪم مڙيئي ٿا ٿين سولا تڏهن.
نيٺ تن نوڪر اڳين کي ريجهه سان رخصت ڏني،
هاڻ انگل هير جي کي تن ائين عزت ڏني.
ٿي ويو بس چاڪ رانجهي جي حوالي مال سڀ،
آرزو اڄ هير جي دل جِي پـُني في الحال سَڀ.
نوبهاري مند جي گل جان ٻئي تازا ٿيا،
فضل سان فتاح جي سڀ وهم غم تن جا ويا.
ڏينهن سارو هير رانجهي جا هيا هٿ حاج ۾،
ليڪ اکين سان هيا پورا، نرالي ڪاج ۾.
شام تائين هڪ ٻئي ڏي، جهاتيون پائن پيا،
ٿي مٿان اوندهه جئن لاچار سي بيوس ٿيا.
رانجهن جو مال جي خدمت ڪرڻ
شام جو رانجهو ورائي مال جي ڳڻ ۾ ٿيو،
کَڙُ ڪـُتر آمڻ جهجهو تن کي ڏئي ڍائو ڪيو.
ٿي مٿان پرڀات جڏهين، رات ڳچ گذري وئي،
مال جي لهءِ گاهه جي، رانجهي اُٿي کوڙي ڪئي.
هير جو گفتگو ۽ حال
هير کي ڀي رات ساري درد دل آزار کان،
ڪين ٿي آرام آيو هن وڏي ويچار کان.
نينهن ڀي ڪي ڪجهه ڪيو هو جو نماڻي نار سان،
ساجهري سا پڻ اٿي مشغول ٿي ڪم ڪار سان.
جلد مَنڌاڻي کڻي مٽ جهَڻِ جهـُڳڻ ويٺي وري،
پوءِ ڦيري ڪنڌ رانجهي کي چيائين سرسري:
”اي ميان رانجها اٿي تون مال ڇيڙي هل سِگهو،
آءٌ به اُتهين ٿي اچان، ماني کڻي تو ڏي اجهو.
”مال ٻيلي ۾ ڇڏج، جت ويجهڙو آهي تلاءُ،
ٻاهران تون وَٽِ وٺي ات ڪج پيو تن جو سماءُ.
”شينهن رڇ واگهوءَ ڪنان پڻ مال تي پختو رهج،
سڀ ڌڻي ڪندو سڻائي، ڪوبه غم هرگز نه ڪج!“
رانجهي جو مال ڪاهي وڃڻ
هير کان دلجاءِ جهڙو حڪم هي رانجهي سڻي،
مال سڀ مينهون ڳئون ڇوڙي ڪيون اڳ ۾ کڻي.
مال جي تعريف ۾ مان ڇا چوان ڪي ڪجهه چئي،
ڀول ڀوري گهنج گوشي ڪونه ڪنڍي ڪا هئي.
ڳاڙهيون سايون ڳئون ڪي ڪٻريون بگيون سنهن،
سڱ جنهين محراب جان پڻ پـُڇ ٽنور وانگي ٽلهن.
سڀ قطاري مال ٻيلي جي طرف ڪاهي ويو،
واٽ سان ويندي جنهين جو بخت دوبالا ٿيو.
رانجهي سان پيرن جو مـُلا قي ٿيڻ
سير تي نڪتا هئا درويش هي سانگي سفر،
شاهه عثمان لعل نوري، ۽ ٻيو بابا شڪر.
غوث ملتاني، ٽيون، چوٿون هيو سيد جلال،
چنڊ جان پنجون چئن ۾ خضر هو خواجا بحال.
جي ملاقي واٽ ويندي ساڻ رانجهي جي ٿيا،
هٿ ڏئي ان ساڻ هيجون قرب تن پنهنجا ڪيا.
جئن پئي مِليا اهي رانجهي ميان کي هٿ ڏيو،
تئن الم اَندوهه اُن جي روح جو ٿي گهٽ ويو.
ڄاڻ ڄاتائين ته آهن مرد مولا جا صحي،
هاڻ منهنجي غم ڪٽڻ لهءِ قرب مان آيا ڪهي.
پيرن کي رانجهي جو عرض ڪرڻ
پيش تن جي هٿ ٻڌي، رانجهي ڪيو نِوِڙي سلام،
پوءِ ڳل ڳاري وجهي هن پر ڪيو هيجون ڪلام:
”لوڪ ساري جا اَجها پڻ اهيو سڀ دستگير،
مون نماڻي تي ڪيو ڪا مهر پنهنجي پنج پير.
”هير جي، مون عشق جو، بهرو ڏيو نالي خدا،
گڏ هجي تا دم حياتي پل نه ٿي مون کان جدا.
”هاءِ مون کي آ ستايو، هجر ان جي بي شمار،
مهر مان مقصد پڄايو، روح کي ٿي ڪو قرار.
بند
”ڳنڍ ڪا نالي ڌڻيءَ ياري سچيءَ جي يار ڳنڍ،
جئن نه ڇڪ سان ڀي ڇڄي جو سو وري هڪوار ڳنڍ.
”تَوَ طلب جي ساڻ تون ان کي ڪري سائين سڌو،
راز جو ريهو ڏئي، توڙون ٽٽل هيءَ تار ڳنڍ.
”هڪ نظر سان ننگ پرور، عشق جي اوٽي ڏئي،
چاڪ هيءَ چولي ٿيل مرشد سخي سردار ڳنڍ.
”شوق جو شيشو ٿيو آهي شڪستو شور کان،
ڪا سچي سائين تنهين کي لنو لڳائي ڌار ڳنڍ.
”مهر ڪر ”مَسرُورَ“ تي نالي مٺي محبوب جي،
دم دروني يار جي سان دم، سندم دلدار ڳنڍ!“
پيرن جي دعا گهرڻ
عرض رانجهي جو سڻي پيرن گهري دل سان دعا،
پڻ چيو ٿي: ”ڪر عطا، تون هير هن کي يا خدا!“
پوءِ رانجهي کي سگهو هن ريت تن سڀني چيو:
”هيءَ تنهنجي آهه رانجها غم نه ڪر ڪي ڪجهه ٻيو.
”سڀ ڌڻي ڪندو سڻائي، سک سَري ٿو جنهن ڪنان،
هير کي هرگز نه هوندو چين ڪوئي تو بنان.
”ياد ڪج ان دم اسان کي، جي پوي توکي ته ڀِيڙَ،
جلد اينداسون اتي ڪا دم گهڙي ٿيندي نه سِيڙَ.
“ات مدد پهچي ڪيون، سڀ پهرئين آواز سان،
پر گذارج ماٺ ۾ تون ڌُن لڳائي راز سان.
رانجهي کي پاکرون ڏئي پيرن جو وڃڻ
خضر خواجا پوءِ هڪ تـُرهو تنهين کي بخشيو،
شيخ بابا راز جو ان کي عطا ڪنٺو ڪيو.
بَخِشيسَ هر ڌات جي منڊي عجب ٽڪ ساڻ لال،
عطا خنجر ڪيس هڪ شير شاهه سيد جلال.
گودڙي ڪونڊي ورائي غوث ملتاني ڏنس،
هي ڏئي امداد اُن کي، موڪلائي سڀ ويس.
پوءِ رانجهن مال ڪاهي اڳڀرو راهي ٿيو،
حڪم موجب هير جي، چارڻ تنهين ٻيلي ويو.
مال ٻيلي ۾ ڇڏي سو پاڻ ويٺو وٽ وٺي،
خوش ٿيو جئن پاڻ ڏي ات هير اُن ايندي ڏٺي.
رانجهي ڏانهن ماني کڻي وڃڻ لاءِ هير جو پنهنجي
ماءُ کان موڪلائڻ
دير دم کانپوءِ واندي هير ٿي ڪم ڪار کان،
ُڏڌ جـُهڳي، جوڙي مکڻ ماني پچائي هيج مان.
پوءِ آئي ماءُ ڏي، هيءَ، منهن ڪري موڪل گهرڻ:
”جو امان مان چاڪ کي جيڪر وڃان ماني ڏيڻ.
”ڏِس، اچي، هيڏانهن، هو ۽ مال کي ٿاٻو اچي،
ان ڪري ماني نيڻ جو ڪم کڻان ٿي سر مٿي.
”ڪو ٻيو ٻيلي نه ان ڏي موڪلڻ بهتر ٿيو،
ان ڪري جيجل امي! مون کي اها رخصت ڏيو!“
ملڪيءَ جو گفتگو
هي سڻي ملڪيءَ ڏني موڪل وڃڻ جي هير کي:
”تان ڏهاڙي ڀل ڏئي ماني اچج دلگير کي.
”هي ته ٻيلي پڻ ٻچو اُن سان عزازت ٿي ٻٽي،
مهل مانيءَ جي اها آ، هير ڪر گيسر ڦٽي.
هير جو ماني کڻي وڃڻ
هن پڄاڻان هير سڀ ميڙي مکڻ هيجون وڏي،
قرب مان جوڙي ڪـُٽي، جهٽ کنڊ ۽ ماني گڏي.
سر رکي سهجون هلي جهڻ جو به هڪ ماٽو ڀري،
سيگهه ۾ پهتي پٽيءَ جو پنڌ، سا هيڪل ڪري.
سر نوائي پيش رانجهي جي رکي ڪيڙو سلام،
سو سلامن جي پڄاڻان با ادب ڪيڙو ڪلام:
اٿ ميان رانجها سگهو ٿي کاءُ، جو آيس کڻي،
”ڪر خوشي خـُرم رهي، ٻي ڇو، ڪرين ڳڻتي گهڻي!“ |