شهر رنگپور ڏانهن خان کيڙي جي طرف چوچڪ جو خط
اخوي و جان و جگر من، قدر دان عالي مڪان،
دام حشمت مهر رفعت مشفقي ام مهربان.
مهر اَجو مان وارا شال دائم خوش هجين،
راڄ عزت ملڪ دولت ساڻ قائم خوش هجين.
سو سلامن بعد ڪجهه هن ريت آ صورت بيان،
جئن ته مدت کان ملڻ جو خاص آ دل ۾ ڌيان.
ليڪ دنيا جي ڪمن کان واندڪائي ڪانه ٿئي،
پڻ نه ڪڏهين خيريت جي سڌ اچي قاصد ڏئي.
جنهن ڪري دل کي سدائين انتظاري ٿي رهي،
درد دوريءَ جي سبب کان بي قراري ٿي رهي.
ٿو ڪيان ارسال خدمت هاڻ خط قاصد هٿان،
ڪجهه نوازش رو ڪجو آگاهه پنهنجي حال کان.
خاص ان خط کي ڏسي جئن انتظاري دور ٿي،
پڻ پڙهي احوال سارو بي قراري دور ٿي.
بعد ان جي هي اوهان جي پيش خدمت عرض آ،
آ نياڻي هڪ سياڻي، پر اٿارڻ فرض آ.
جنهن ڪري خويشي خوشي جو هي ٿيو سهڻو سبب،
ان سبب الفت وڌي پڻ، ٿي نه هي ڪهڙو عجب.
آ پيارو پٽ اوهان جو نيڪ صالح سعد خان،
هير جو ثاني سنهين ٿو سچ ته سوئي نوجوان.
عرض هي آڻي اجابت ۾ ورندي جهٽ ڏجو،
پڻ ٻيو هيڏانهن ڪو انجام آمد جو ڪجو.
ٿو ڪيان احوال پورو هاڻ هي حاصل الڪلام،
بس رقيمه مهر چوچڪ، جهنگ وستي والسلام.
قاصد جو خط کڻي وڃڻ
هي لکي خط مهر چوچڪ دم تنهين با اهتمام،
خاص قاصد کي ڏنو سو پڻ گڏي تحفا تمام.
هي کڻي تحفا ڪتابت قرب مان قاصد غريب،
منزلون ماري ٿيو سو رنگپور جي اڄ قريب.
شهر ۾ پهچي سڌو ئي، خان کيڙي وٽ ويو،
پهريون تحفا ڏئي سڀ، پوءِ خط حاضر ڪيو.
مَهر اَجو خط پڙهي دل ۾ گهڻو سرهو ٿيو،
سڀ سڏائي خويش پڻ تن سان قصو سارو ڪيو.
سڀ برادر خويش ساٿي سڌ سڻي راضي ٿيا،
هـُلَ مبارڪباد جا ات چوطرف پئجي ويا.
دم تنهين امداد خلعت، خان، قاصد کي ڪئي،
صد مبارڪ صد مبارڪ وات وائي ٿي وئي.
خان، قاصد کي رهايو پاڻ وٽ هفتا ٻه ٽي،
جئن ته هيڏي پنڌ جو ڀي هـُو ته ڪي ڪجهه ٿَڪُ پٽي.
مهر اَجو جو نجومين کي گهرائڻ
هڪ ڏهاڙي خان کيڙي، گهر گهرايا جوتشي،
جن ڪنان شاديءَ به نسبت سعد ساعت ڪا پڇي.
بعد ان جي پاڻ واڻون، هر ڪنهين ڪيڙو حساب،
ڪنهن هڻي ڍارو ڏٺو، ڪنهن کوليو ٽپڻو، ڪتاب.
ڪنهن مٿن – ڌن - ميک - ڪنيا جو ڪيو ويهي شمار،
جاچيو ميزان - عطارد سان ڪنهين ٿي سعد وار.
نيٺ مڙني ميل هڪ ٿي هڪ ٻئي کي منهن ڏئي،
ماهه ساوڻ جي اٺين تي تِٿِ مقرر تن ڪئي.
هن خوشيءَ کان مجلسي ماپن نه ڪپڙن ۾ پيا،
وقت ديگر نيٺ سي سڀ موڪلائي گهر ويا.
مهر اَجو پوءِ جلدي خاص خلوت ۾ ويو،
مهر چوچڪ ڏانهن خط هن پر لکي پورو ڪيو.
خان کيڙي جو مهر چوچڪ ڏانهن خط
محبي ام عالي مراتب مشفق و از جانِ عزيز،
صاحبِ مهر و وفا و محترم والا تميز.
مهر چوچڪ مهربان بازو برادر خوش هجي،
راڄ راڻو فيض پرور عدل گستر خوش هجي.
بعد تسليمات جي هي خط اوهان ڏي ٿو لکان،
نت اوهان جي عافيت درگاهه ايزد مان گهران.
خاص خط قاصد هٿان، پهتو، خوشي حاصل رهي،
ٻي شڪايت درد دوريءَ جي سڄي باطل رهي.
خط لکڻ ڀي اڌ ملڻ آ، سچ سياڻن هي چيو،
ان ڪري دل مان الم غم درد دوريءَ جو ويو.
پڻ مطالع بعد سڀ مضمون جو مقصد پسي،
نوبهاري رُت جيان دل کي وڏي راحت رسي.
مون اوهان جي رٿ ڪئي منظور سڀ چشمن مٿي،
خاص خويش و اقربا پڻ ساهه ۽ دل سان ڪٿي.
هير راڻي، خان سعدي جو ٿيو جوڙو عجب،
رشتداري جو به پڻ بڻجي پيو سهڻو سبب.
چنڊ ساوڻ جو ڏسي بس ڪوچ جي سنبت ڪبي،
ٻي سڄي دل جي حقيقت روبرو گڏجي ڏبي.
ويڙهه سونو، هار هيرن جو سروپا سهج مان،
موٽ ۾ ارسال خدمت ٿو ڪيان قاصد هٿان.
قرب سو پنهنجو سڃاڻي هي ڪجو صاحب قبول،
ڪجهه ٻيو تاڪيد ان لهءِ آ ڪرڻ بلڪل فضول.
تِٿِ ٻڌي آ کاڙ اِيڪم وقت ديگر شَڪَر وار،
خود رقيمه مهر اَجو، رنگپور، دا رالقرار.
قاصد جو خط کڻي اچڻ مهر ۽ چوچڪ جو شاديءَ لاءِ
تياري ڪرڻ
سڀ وَڌائيءَ جون وَٿون خط پڻ سوين تحفا گڏي،
ڏيب ۾ سهجئون ڏنا جي خان قاصد کي سڏي.
موڪلائي خان کان، قاصد وطن راهي ٿيو،
رات ڏينهان پنڌ ۾ سو پل ڪٿي نا تَرسيو.
مهر چوچڪ وٽ اچي سڀ کيس تحفا خط ڏئي،
ٻي زباني سـُڌ سموري روبرو ويهي ڪئي.
هي پڙهي خط مهر چوچڪ خوش گهڻو دل ۾ ٿيو،
دل موافق راس جنهن جو ڪم سڄو مولا ڪيو.
هير جي شاديءَ به نسبت سـُڌ اها گهر گهر ڪئي،
پڻ تياري ڪاڄ جي چوچڪ چڱي ان پر ڪئي.
خوب ساري شهر ۾ اول صفائي ٿي وئي،
خاص ڄڃ جي لهءِ عجب اهڙي رسائي ٿي وئي.
هر در و ديوار کي رنگت بهاري ٿي وئي،
ڏيهه ساري ۾ ته ڄڻ موسم ڏياري ٿي وئي.
جهاڙ شاهي سير سان ۽ پڻ لڳي بتيون ويون،
معرفت مهتر مدن جي صاف سڀ سڙڪون ٿيون.
خاص آرائش سبب، وهه شَهَرَ جو رونق رکِي،
جهوپڙي ڀي جهنگ جي، محلات وانگي ٿي بکِي.
ٿي وئي تعمير سرنو هڪ عجب مهمان سراءِ،
مهر جي محلي لڳو لڳ عام جي آرام لاءِ.
پڻ ويو سينگار جي جهٽ مهر اَجو لهءِ مڪان،
ڪونه ڪو باقي ٿيو ان ۾ شڪايت جو گمان.
هير جو پنهنجي ماءُ ملڪيءَ سان گفتگو
هي ڏسي تهه دل تياري، هير پنهنجي بر خلاف،
هڪ ڏهاڙي ماءُ کي هن پر چيائين صاف صاف:
”راضپي منهنجي سوا سچ هي اوهين ڇا ٿا ڪيو،
ڇا وري زبرو ڪٽڪ ڪو تو مٿان ڪاهي پيو.
”جنهن ڪري لاچار ٿي پرديس تي مون کي ڪڍين،
هٿ ڪرائي کان اجايو پاڻ ٿي پنهنجو وڍين.
”آءُ ته کيڙي سان نه ويندس هير جي هٺ کان مڙي،
تون هلين پنهنجي پئي جهڙي اچيئي ٿي جڙي.
”آءٌ به ويٺي چپ ڪري سارو ڏسان ٿي هي مزو،
جي مڙندا ڪين تان ڪنديس وري پنهنجو بلو!“
مهر اَجو جو ڄڃ سان شادي لاءِ اچڻ
راهه سان ڇا، ڪي رهي جو ماڻ ٿو جنهن ۾ پوي،
سال گذري سـُڌِ نه ڪائي ڇا مهينو منهن ڏئي.
ٿيو اچي آ کاڙ آخر، ڄڃ تياريءَ ۾ لڳي،
خوب تن ناڻو لٽايو نقد ڪن وڪڻي ڍڳي.
وهه عجائب قيمتي ڪي ويس جوڙايا تنهين،
هٿ سواري پڻ ڪئي پنهنجي پرائي هر ڪنهين.
پوئتان پهري ڏيڻ لهءِ مرد ڏهه جوڌا ڇڏي،
چنڊ ساوڻ جو ڏسي تن، خويش ۽ ساٿي سڏي.
قيمتي پهري وڳا سي ٺيڪ سڀ ڄاڃي ٺهي،
سنبري سهجئون وڏي سي گهوٽ آيا گهر ڪهي.
خوب کائي پي انهن هئن موج ۾ گهاري گهڙي،
راڳَ سَهرن جهومرِن ۾ رات ڀي آڻي لڙي.
ٿي پڄاڻي رات جي جئن صبح ڪاذِب هو اڃان،
سنبري هليا سڀيئي هڪ ٻئي جي پوئتان.
منڍ ۾ دهلن نفيرن نوبتن جو ڌَڄُ ٿَيوَ،
ڄاڃين ۽ ماڃين جو ڪَهڄ پويان رَڄُ ٿَيو.
مهر اَجو پالڪيءَ ۾، سعد سان هو گڏ سوار،
اهل ۽ اطفال سڀ هو ڏولين ۾ برقرار.
پيش پس جن جي پيادن جو وڏو پهرو هيو،
سندرو هر هڪ ٻڌل سو چست ۽ چهرو هيو.
پوئتان تن جي هئا سڀ اقربا، اوٺي سوار،
پاکڙن ۾ مرد ۽ زالون ڪَجاون ۾ قرار.
پوءِ ڪوئي ڄاڃين جو ڪونه هو شرح و شمار،
اٺ گڏهه گهوڙا گهڻيئي بيل گاڏيون بي شمار.
منزلون ماري اچي سي، شهر ۾ داخل ٿيا،
هر طرف کان هـُلَ مبارڪباد جا پئجي ويا.
مهر چوچڪ سان ملي ڄڃ ٿي قراري جاءِ سر،
مهر جا رانڌا ڪمي ڪم ۾ لڳا سڀ بي خطر.
عيش عشرت اڄ هزاري شهر ۾، گهر گهر ٿيو،
ليڪ رانجهي هير جي سرتي جـُـهلي ماتم پيو.
هير جي سهيلي جو رانجهي سان گفتگو
هير جي سهجان سهيلي جئن پئي ڏانهس وئي،
اوچتي ان جي نظر ڪا چاڪ رانجهي تي پئي.
اوڏڙو ان جي وڃي، ساڻس ڪيو هن پر بيان:
”ڏي ميان رانجها خبر! ڪهڙو اٿي دل ۾ ڌيان.
”هير جي شادي به نسبت سڀ مهورت ٿي ويو،
جنهن ڪري اڄ ڪي ته چوءُ مون، ڇا وري تو ڪجهه ڪيو.
”ٻي ڏهاڙي خاص شاديءَ جو پڪو انجام آ،
جشن ساري ملڪ ۾ ۽ هر ڳليءَ ڌم ڌام آ.
”هوءَ ته ويندي پرڻجي بس رنگپور جي راڄ ڏي،
تون ڪري دلجاءِ ويٺين ڪئن ته پنهنجي ڪاڄ تي!“
جواب رانجهي جو
هي سـُڻي رانجهي چيو: ”ڇو ڪوڙ ڇوري ٿي ڪرين،
هير تي الزام ڪوڙا ڇو پئي، ڇا کون ڌرين.
”اصل کان پڪ هير جو مون سان پڪو انجام آ،
وصل جي ويساهه ۾ حيلو هلائڻ خام آ.
”ڀل ٿئي ڌُم ڌام در در پر اٿم هيءَ خاطري،
هير منهنجي آ ازل کان سچ چوان ٿو ظاهري.
”وچ ڏئي خواجا وسيلو، هيءَ ڪئي سون پڪ پڪي،
زور لائي ڪي ٻيا ڪجهه ڀي وٽيندا ڪين ڪي.
”هي اجايا بي سبب پاپڙ نه تون دل جا پچاءِ،
واٽ وٺ پنهنجي سڌي ٿي، ٻي نه ڪا ٻولي ٻڌاءِ!“
سهجان سهيليءَ جو هير سان گفتگو
هيءَ منهائين چاڪ جي سهجان سـُڻي ٿي گهر سڌي،
هير وٽ پهچي وري ان کي ته ٻي پؤڙي وڌي.
هير کي ايندي تنهين حجت رکي هن پر چيو:
”چاڪ پنهنجي ساڻ هي انڌير تو ڪهڙو ڪيو.
”عمر ساري تو جنهين کي دم دلاسا ٿي ڏنا،
هاڻ ان کان ڪيئن ڪري تو سانگ لاگاپا ڇنا.
”خلق ساريءَ جا جنهين مهڻا ملامت سر سٺا،
ڪئن وري احسان ان جا دل اُتان تنهنجي لٿا.
”تون ته پنهنجي عيش عشرت ۾ قراري رات ڏينهن،
چاڪ جي ڀي خبر ٿي، تان نماڻو آهه ڪيئن.
”مون ڏٺو هاڻي تنهين کي خسته تَن بي حال بس،
عرض منهنجو آ اهو ساڻس ڀلائج ڀال بس!“
جواب هير جو
هير، سهجان کي سڻايو هيءُ ورنديءَ ۾ وري:
”تون ته ڪا بي سمجهه بلڪل چَٽ صفا آهين چري.
”تو ڪنان مون کي سدا ان جو گهڻو آهي خيال،
ڪيئن پڇين ڄاڻي ٻجهي تون هي وري سِر نَو سوال.
”آءٌ اڳي ئي وس وڏا ان کي ڪري حيلا ٿڪس،
هاڻ واري ڇا ڪيان مان ڪين جو پاڻئون پڳس.
”تون ته ڪر دلجاءِ بس هن ڳالهه جو ڦورو نه ڦول،
ماٺ ڪر هاڻي مڙي وڃ، ٻي وري ٻولي نه ٻول.
”هڪ ڪيان ٿي عرض توکي سو ته منهنجو مڃ ڪري،
چاڪ کي هتڙي وٺي اچ، ڀيڻپيءَ جو دم ڀري.
”لوڪ کان لاڙو ڪري واڙي وچان ان کي سڏي،
قرب ڄاڻي ڪر ته تون ٿورو اهو اڄ مون مٿي!“
سهيلين جو رانجهي کي وٺي اچڻ ۽ رانجهي جو هير سان
گفتگو
هير جي هن عرض تي جهٽ سرتيون سڀ وک وجهي،
هڪ عجب اٽڪل ڪري سي چاڪ کي آيون وٺي.
چاڪ هو وچ ۾ جنهين جي پاڻ چوڌاري هيون،
لوڪ لَکيو ڪين تن کي لـُڙ مچايون ٿي ويون.
”سامهون ٿي هير جي هي قرب مان رانجهي چيو:
ڪئن وري راڻي سياڻي ياد تو آهي ڪيو.
”اڄ ته تنهنجي پرڻجڻ جي سڌ پئي سهجان ڪئي،
ليڪ ان جي ڳالهه تي مون کي نه ڪائي پَتِ پئي.
هي ٻڌي نوبت نفيران ٿو ٿئي البت خيال،
شڪ آ شايد ته تنهنجي ٿي وڃي شادي بحال.
”هن به نسبت سچ ته چوءُ تو ڇا ڪيو آهه ڌيان،
ڏي وراڻي جلد راڻي جئن لهي دل جو گمان!“
جواب هير جو
هير جهٽ واري چيو: ”رانجها اهو بهتان آ،
ساهه سر سڀ مال دولت تو مٿان قربان آ.
”مون وڏا ئي وس ڪيا، هليو مگر حيلو نه ڪو،
پاڻ هـُرتو پڻ ڪيو اونو نه پر تو ڀي ته ڪو.
”هاڻ هت سوگهي ٿيس، توکان تڏهن وڇڙي ويس،
وس وڏا حيلا ڪيم، لاچار پر بيوس ٿيس.
”ماءُ پيءُ قاضي مـُلي، هي سر وڌو منهنجي وبال،
آءٌ ته تنهنجي آهيان، تون ڪونه ڪج ڪوئي خيال.
هن وڏي ويساهه تي، رانجها ڪڏهن هارج نه دل،
ڳڻتين ۾ لوڪ جي ڳالهين لڳي ڳارج نه دل.
مون ڪئي هيءَ پڪ پڪي، هرگز نه ويندس جو هتان،
ڪجهه وٽيندا ڪين توڙي ڀي ڪٽڪ چاڙهن مٿان.
”مهل سر آءٌ ڀي ته ڪندَس، وَسُ ميان رانجها وڏو،
پوءِ جي بيوس ٿيس تان ڏوڙ ڏٺ ڏج ڪونه ڪو!“
جواب رانجهي جو
هي سڻي رانجهي چيو: ”ڇو پير ٿي پويان ڪرين،
پاڻ ڏي منهن ڪونه ڪو سڀ ڏوهه مون تي ٿي ڌرين.
”تو ڪڏهن تڪليف منهنجي جي نه ڪائي ڳڻ ڪئي،
آسري ۾ ٿي رهايو دم دلاسا تو ڏئي.
”ڪئن ٿئي دلجاءِ جو تون ٿي وٺين پاسا ٻئي،
هاڻ ڀي همت ڪرين تان گوءِ آ وچ تي پئي.
”جي هئي دل ۾ ته توکي، اصل ڪا راڻي دغا،
ڇو نه ٿي اول چيو تو ڳالهه کي کولي صفا.
”صاف ٿو سمجهان ته مان کيڙي طرف تنهنجو خيال،
البته مون ساڻ توکي گڏ رهڻ ٿيندو وبال!“
جواب هير جو
هير هي واري چيو: ”رانجها سندءِ مان چاڪ هان،
هاڻ ههڙي حال کان دل ۾ گهڻي غمناڪ هان.
هِت هـُتي تنهنجي ڪنيزڪ، زرخريدي آهيان،
تَو ڪيا احسان جيڪي، ڪئن ڪري سي لاهيان.
”عشق ۾ هرگز نه ڪنديس ساهه سامان جو لحاظ،
لا چئي لوڙهي ڇڏيندَس، دين ايمان جو لحاظ.
”مان نفي نيباهه سان اثبات ۾ اينديس وري،
سچ چئي سچ تي ڇڏيندس ساهه سر ڪر خاطري.
”هاڻ توکي آهه رخصت، ڪار سان ريڌو رهج،
چپ ڪري چرچو ڏسج هي ٻي وري ڳڻتي نه ڪج!“
رانجهي جو دلجاءِ ڪري وڃڻ
هي سڻي رانجهو سخن دل ۾ گهڻو سرهو ٿيو،
جنهن ڪري ان جي ورنديءَ ۾ نه ڪجهه واري چيو.
موڪلائي هير کان، شاغل ٿيو ڪم ڪار سان،
دل گهڻي ڏاڍي ڪري بي چين پر لاچار کان.
هي ٻڌي نوبت نفيران ٿي ٿيو اندوهگين،
پر وڏي ويساهه تي ڪي ڪجهه ڪيائين ٿي يقين.
خِلَطَ سودا جي سبب کان سچ ته خفقان ٿي پيس،
گاههِ خندان گاههِ گريان، حال مستان ٿي پيس.
شاديءَ جي تياري
ٻي ڏهاڙي ٿي اٺين تاريخ ساوڻ ماهه جي،
هر ڪنهين کي تڙ تڪڙ ٿي ساجهري سانباهه جي.
ويس پٽ جا ڄاڃين اڄ پهريا پرتئون عجب،
سيب ۾ جن جي نه هو تان عيب جو ڪوئي سبب.
هفت رنگين ريشمي وهه ويس تن سهڻا سـُـنهن،
باغ ۾ هر رنگ جا گل جئن عجب رونق رکن.
ملڪ ۾ اڄ جشن جو بس عام ڍنڍورو ٿيو،
هر گدا مفلس مواليءَ جي مٿان ٿورو ٿيو.
جشن شاديءَ جا پڪا ٿي هڪ طرف قسمين طعام،
ٻي طرف کان ڪاج جي ڪم ۾ هئا سڀ خاص و عام.
کاڄ طرحين قسم جا اُت ٿي ويا جهٽ پٽ تيار،
ڪا نهايت نا هئي بس ڇا ڪجي تن جو شمار.
ٿي ٿيو تقسيم ڄڃ ۾ قورمو، زردو، پلاءُ،
اشتها اکلي اگر اگهلي هتي ان جو هڳاءُ.
موڪ ماني ٻوڙ جو پڻ ڍاڪئون هڪ پـُر ٿيل،
ڪوفتا، پڪوان، حلوو ڌار مخبن ۾ پيل.
فيرني، فالود، چٽڻي، چاشني، مربو جدا،
ٿي ڏنائون ڏيهه کي ميوا مٺايون ان سوا.
هر ڪنهين آئي وئي کائي خوشيءَ سان ڍؤ ڪيو،
پيٽ بکيو ڏيهه ۾ بس هير ۽ رانجهن هيو.
بعد ان جي ٿي تياري مهرين ونواهه جي،
ڄاڃين کي جنهن سبب پنهنجي لڳي ٺٺ ٺاهه جي.
سنبري زالون سڀئي گهر ڪنواريتي ويون،
ڪي رهن جهومر انهن مان ڪي چون سهرا پيون.
ماءُ ماسي گهوٽ جي سر تي کنيو ميندي پـِـڙو،
لاڏ مان لوڏا ڏيو ٻيئي ويون ٿي ويجهڙو.
مرد پنهنجي منهن مڙيئي دم تنهين کان دير سان،
گهوٽ کي اڳ ۾ ڪري سي گهور گهوريندا مٿان.
ڌڄ وڏيءَ سان سي سڀيئي جاءِ سر پهتا اچي،
ڪودڪن جو گوڙ لڙ پڻ ات ويو ڏاڍو مچي.
مهر چوچڪ آجيان تن سان گهڻي گڏجي ڪئي،
جاءِ جوڙي ٿي ڏنائين هر ڪنهين کي هٿ ڏئي.
سهڙيون زالون اچي جئن، هير هيءَ حالت ڏسي،
حال حيرت ۾ اچي سا ٿي وئي بيوس وِسي.
هوش کان بي هوش ٿي سا ۽ غشي طاري ٿيس،
هَٿَ مَلَڻَ سان دير دم کانپوءِ هوشياري ٿيس.
ايتري ۾ ٿي مٿان ايجاب پرشش جي گهڙي،
هير گهر قاضي ويو هاسو کڻي لوڪون لڙي.
ٻِنَ مشيرن ساڻ گڏ ڪجهه هير کي قاضيءَ چيو،
جئن پڇي هن بس ڪئي مس هير لـُڙِ پٽڪو ڪيو.
هير جو قاضيءَ کي جواب
دل جهلي ڪاوڙ وچان هي هير قاضيءَ کي چيو:
”ڪئن ميان قاضي اهو تو مسئلو جائز ڪيو.
”آءٌ ازل جي ڏينهن کان سچ چاڪ جي ڀاڱي ٿيس،
خاص ان جي ٻانهين جي آءٌ تان ٻانهي ٿيس.
”امر ان جي تي ڪيو مون اڳ بليٰ اقرار آهه،
ان ڪيل اقرار کان دل جو ڦِرڻ دشوار آهه.
”نزع جي جئن وقت ۾ شيطان ٿو راڻي پيو،
ان جيان قاضي ڪرين ناحقُ هي هاڻي پيو.
”جو ٻَڌو مون ٻول رانجهي سان اهو سڀ ياد آ،
ٻي مگر تڪليف تنهنجي بي سبب برباد آ.
”حَقُ کوهي تون هچارا جاءِ ڇو دوزخ لهين،
مَرَڪُ تنهنجو آ ملامت جنهن سبب راضي رهين!“
جواب قاضيءَ جو
هير کي واري سگهوئي هي ڏنو قاضيءَ جواب:
”اي سياڻي ڪين ڪر تون خانمان پنهنجو خراب.
”لوڪ جي مهڻن ڪنان ڪجهه سمجهه ڌَرِ ڌيرج جهلي،
ملڪ ساري ۾ اڳي ئي ٿي گلا گهر گهر هلي.
”ڪئن ڪري ڀي حڪم شرعي هير هي مڃڻو اٿي،
نفس شيطان ڪفر وارو بند بس ڀڃڻو اٿي.
”سرخرو ٿي ربَ سان تون شرع کي عزت ڏئي،
آءُ هيئن ايمان ۾ ڪلمو شهادت جو چئي!“
جواب هير جو
هير هي واري چيو: ”ايمان ۾ مان هان اڳي،
ٻي وري ٻولي ته ڪائي ڪين ڪي ٿي ڪس لڳي.
”مون ڪيو ايمان محڪم عشق جي دامن وٺي،
من مڪو مسجد ٿيو ٻي فڪر جي ڪوٺي ڊٺي.
هوڏ هٺ هي ڪين آهي، ليکيان پر لڄ اها،
جو صحيفن ۾ صفا آ الڪريم وعده وفا.
”مون ته سو اقرار اڳ ميهار مانجهيءَ سان ڪيو،
هاڻ جي ان کان ڦران ايمان ڇا باقي ٿيو.
”ڪين ڪي مان منهن مٽيندس چاڪ رانجهن کان ڪڏهن،
سر وڃي ته به ساههُ اُن کان ڪين پليان مان ڪڏهن!“
گفتگو قاضيءَ جو
ڪر کڻي قاضيءَ چيو: ”اي هير! توکي سمجهه ناههِ،
فانکحوا قرآن ۾ وارد سچو فرمان آههِ.
”عشق جو تون ٿي چوين سو آهه سڀ سوداءِ خام،
ڇو ته جائز کي ڇڏي تون ٿي تڪين پيئي حرام.
”حق کي اِنَ پر ڇڏي جو اک اُچي ٻي ڏي ڪري،
بعد مـُـردن ٿي ملي تنهن جاءِ دوزخ جي تري.
”ڳالهه هيءَ دل ۾ ڳڻي مڃ حقُ، جو آهي حلال،
ٿي سياڻي هير هاڻي خام هي سڀ ڇڏ خيال!“
جواب هير جو
هير روئي جوش ّ مان جلد قاضيءَ کي چيو:
”وڃ ٽري هاڻي هتان ڪهڙو اٿي هت ڪم پيو.
”بعد مـُردن جو به ٿئي، ان جو نه مون کي آ ڌيان،
ليڪ تنهنجي حال جو آ وسوسو دل ۾ گـُمان.
”ڇا ٿئي جي جاءِ دوزخ يا ملي جنت کڻي،
تون وٽيندي ڇا مگر وچ ۾ ائين رهزن بڻي.
”حق ڄاڻي حق تي مان آهيان ثابت قدم،
هي نه مان ناحق ڪنديس سر ٿئي توڙي قلم.
سڀ ڪيان قربان کيڙا ذات رانجهن جي مٿان،
گهوريان پڻ ساهه سر پنهنجو به ساجن جي مٿان!“
گفتگو قاضيءَ جو
پوءِ قاضيءَ هير کي واري چيو جلدي ائين:
”مڃ چيو منهنجو اهو تون جي گهرين جڳ ۾ جئين.
”فيصلو ورنه ڏئي توکي ڏيان تعذير هير،
بند رانجهي کي ڪيان پيرين وجهي زنجير هير.
”خان کيڙي جي حوالي زور سان توکي ڏيان،
لوڪ جي لڄ ۽ گلا کان پر نه ٿو ڪي ڪجهه ڪيان.
”ان ڪري بهتر ته تون هن هوڏ هَٺَ کي ڏي ڇڏي،
ماءُ پيءُ جي رَک مٿان هي، سڪ وچان تن کي سڏي.
”شرع نبوي ۽ وڏن کان تون نه ڪر پنهنجو وڌاءُ،
بعد مولا ۽ نَبيءَ جي، هير! آهي پيءَ ماءُ.
ماءُ پيءُ پنهنجي وڏن جو هر طرح مڃجي چيو،
جو مڃي ٿو ڪين ڪي سو توڙ کان آهي ويو.
اُن سِوا اُستاد جو لازم ادب آهي وڏو،
ڇو تپائي تِنِ کي تون پنهنجو پَٽائين ٿي تڏو.
”چاڪ سان شادي به نسبت پيش ڪر پنهنجو دليل،
ڪير هو قاضي اُتي ۽ ڪير هو وچ ۾ وڪيل.
”هي فقط تنهنجي چوڻ تي فيصلو ناهي بحال،
روبرو تن کان ته جئن جو ساک تي ٿيندو سوال!“ |