سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: هير رانجهو

ڀاڱو ٻيو

صفحو :12



 

رانجهي جو راڳ ڳائڻ

 

هن اشاري ساڻ رانجهي ونجهلي وَرَ مان ڪڍي،
سـُرَ مٿانهون سـُرَ ٻئي جي لاڳ ڏيندي لـُٽِ ٻڌي.

 

وقت ديگر ڌر تتيءَ کان شام تائين شوق سان،
راڳ ڳاتائين ڳڻي سڀ مهل وارا ذوق سان.

 

پيرن جو رانجهي کي دعا ۽ دلاسو ڪرڻ

 

بس ڪئي رانجهي وري جئن راڳ کان پنهنجي رضا،
هٿ کڻي درگاهه ۾ پيرن گهري دل سان دعا.

 

حق ۾ ڪجهه هير رانجهي جي دعا جا تن ڪئي،
ان گهڙيءَ ارشاد موجب، سا اجابت ۾ پئي.

 

وقت ويندي تن وري، هن ريت رانجهي کي چيو:
”هير تنهنجي آهه رانجها، غم نه ڪج هرگز ٻيو.

 

”ڀيڙ ڀوَ جي وقت ۾ تون بس اسان کي ياد ڪج،
هـُل ڏسي هيبت سبب غمگين ڪي هرگز نه ٿج!“

 

هي چئي رانجهي ڪنان سي موڪلائي پنج پير،
راهه سان راهي ٿيا هن پر ڏئي آڌر امير.

 

هير رانجهي جو پاڻ ۾ گفتگو

 

شام رانجهو مال ڪاهي گهر وري آيو جيئن،
وجهه وٺي هيجئون چيو جهٽ هير رانجهي کي ايئن:

 

”اي ميان رانجها! اسان جو هاڻ هت سڀ ڪي ويو،
لوڪ جي لوهن لـُٻن اڄ سخت مون موڳو ڪيو.

 

”هي ته جيسين لوڪ جا لـُڙَ هـُلَ وڃن لاڳا لهي،
آءٌ به تيسين گهر مِٺيءَ جي نت پئي ايندس ڪهي.

 

”مهل سر توڏي به ايندس روز مان ماني کڻي،
پوءِ برسر آ بلا سا سِرَ مٿان جيڪا بڻي!“

 

ان مٿان هي هير کي رانجهي چيو واري وري:
”مون سـُڻي سمجهي سموري ڳالهه تنهنجي سرسري.

 

”هاڻ ڪو حيلو ڪجي، ڪنهن کي نه جئن ڪا سـُڌِ پوي،
راز هي پنهنجو پروڙي ڪو نه چوچڪ کي چوي.

 

”تون مـِـٺيءَ کي اَچُ مڃائي پاڻ پنهنجي سِر ڪَهي،
ڪاڻ ڇو ٻي جي ڪڍون، جي هڪ اها راضي رهي!“

 

هن طرح رانجهو وراڻي هير کي ڏيئي چيو،
مال جي خدمت گذاريءَ ۾ وڃي ان دم لڳو.

 

هير جو مِٺي دائيءَ جي گهر وڃڻ

 

ٻي ڏهاڙي هير پنهنجي سر مِٺيءَ جي گهر وئي،
ويجهڙو ويهي تنهين سان اورَ دردن جي ڪئي.

 

پوءِ تان مقصد دلي اظهار سڀ ان سان ڪيو،
سڀ سـُڻي دائي مِٺيءَ جهٽ هي ورنديءَ ۾ چيو:

 

”ڌيءَ پياري هير هاڻي تون ته ڪي ڪجهه غم نه ڪر،
سر نه توکان واريان مان ڪم اچي توکي اگر.

 

”سيج پنهنجي لاءِ چونري ۾ وڇائي ٿي وڃان،
بي حجابانا هلي اچ، مان به تنهنجي ماءُ هان!“

 

دم دلاسو دل سچيءَ سان هير کي هن پر ڏئي،
پڻ ٻڌائي ٻول مٺڙا، دلبري ڏاڍي ڪئي.

 

هير جو مٺيءَ کان موڪلائي وڃڻ ۽ هر روز سندس گهر وڃڻ

 

پڪ ڪري موڪل وٺي جهٽ هير پنهنجي گهر وئي،
چاڪ رانجهي سان اچي اُن سـُڌ اِها ساري ڪئي.

 

جت مقرر مهل تي رانجهو سدا ايندو هيو،
هير کي احوال دل جو روبرو ڏيندو هيو.

 

روز رانجهي جي به نسبت ڳالهه جا ٿي ڪٿ هلي،
سا مِٺيءَ جي گهر اچي ٿي هير رانجهي سان تسلي.

 

جنهن به نسبت گڏ ٻنهي ٿي پهه پچايو پاڻ ۾،
عشق پنهنجي کي اڃا ڀي آزمايو پاڻ ۾.

 

هير جي دريا تي وڃڻ لاءِ تجويز

 

هير کي ٻيلي وڃڻ کان جو هئي بندش گهڻي،
ان ڪري دريا اُتي مجلس ڪرڻ جي رٿ ڳڻي.

 

هڪ ڏهاڙي سرتين سان هي قصو سارو ڪيو،
پوءِ پنهنجي حال موجب هير هي تن کي چيو:

 

”مند گرميءَ جي وري جئن سخت آئي آ مٿان،
ان ڪري دريا اُتي مجلس ڪجي ڪا اڄ سڀان.“

 

هي سـُڻي يڪراءِ ٿي، سڀني چِٽو هن پر چيو:
”ڪئن الائي هير توکي پور آهي اڄ پيو.

 

”شڪر آهي جو ڪئي ٿي يادگيري دير سان،
ڏينهن گهريوسـُون اهو ٿي، سو ڪيو مولا مٿان.

 

”ڪر اهو تون واعدو جو سڀ اچي حاضر ٿيون،
گڏ کلي کيڏي دلين جا حال هڪ ٻئي کي ڏيون!“

 

پاڻ ۾ تن ڏينهن جمعي جو ڳڻي ڳـَـڻَ پَڪَ ڪئي،
پوءِ هرڪا هير کان موڪل وٺي گهر ڏي وئي.

 

هير جو دريا تي مجلس ڪرڻ

 

عشق وارا  ٿا رکن سڀ ڳالهه ڳجهڙي عام کان،
ڪـَلَ نه ڪن ڪنهن کي، رهن سي مست پنهنجي مام سان.

 

پرت پالڻ لهءِ ڪرن، لک محنتون حيلا هزار،
ساب شل سڀ جا پَوَن قادر ڪري ڪنهن کي نه ڌار.

 

اَڄ ٻـُڌر، وِسپَت سڀاڻي، ڏينهن جمعي جو مٿان،
جئن ٿيو، جهٽ هير هِنَ مِنهن موڪلايو ماءُ کان:

 

”اي پياري ماءُ سو اڄ مان ته هت ويڙهي ۾ وڃي،
گهر سهيليءَ صابريءَ جي ٿي اچان هڪ دَمُ ڀـڃي.

 

”سال کان سا پوءِ آئي آهه اڄ پيڪي لَڙي،
ان ڪري ان سان ملا قي ٿي اچان هڪڙي گهڙي!“

 

هن مهاندر هير پنهنجي ماءُ کان موڪل وٺي،
دم رسي دريا اُتي سا سٺ سهيليءَ سان ڪٺي.

 

ڏينهن ڀي اڄ رنگ ڏاڍو ڪو مزي جهڙو ڪيو،
رُت بهاريءَ جان مٿان برسات جو بادل ٿيو.

 

هير ٿڌڙيءَ ساڻ وسيون ٿي وري بوندان مٿان،
موج ههڙيءَ ۾ ته مطلب دل کلي ٿي باغ جان.

 

حال هن کان جيڏين سان هير ظاهر خوش هئي،
ليڪ رانجهي کانسوا، سا مفت ٿي ماندي مئي.

 

ايتري ۾ مال سان رانجهو به اُت ويڙو رَسي،
هير ٿي گد گد گهڻو، ميهار مانجهيءَ کي پَسي.

 

هير رانجهي سان ملي خوش ٿي ڪئي کيڪر گهڻي،
ان پڄاڻان جيڏين رِٿَ راند کيڏڻ جي ڳَڻِي.

 

ڏينهن سارو پاڻ ۾ تن راند لڪ ڇپ جي ڪئي،
شام جو هرڪا سهيلي موڪلائي گهر وئي.

 

ڪيدوءَ جو هير کي ڏسي ملڪي ڏانهن وڃڻ

 

گڻ گهڻا انسان ۾، پر هڪ اهو اوگڻ وڏو،
عيبَ جـُـوئي ۽ چغلخوري ڪرڻ هي ڪم جڏو.

 

ڪي پسن ٿا پاڻ کي ۽ ڪي وساري پاڻ کي،
سندرو ساهي ٻڌن هر ڳالهه جي ڇڪتاڻ تي.

 

ڪين اهڙي آدميءَ کي ٿو اچي ڪڏهين قرار،
جو ڪ بدنامي ڏيڻ جو سِرِ کڻي ٿو ڪاروبار.

 

ان جيان ڪيدو به هو بس رات ڏينهان بيقرار،
جهنگ وتيو ٿي رلندو هير جي ڪَڍَ نابڪار.

 

اوچتي ان کي پتو هي هير جو سارو پيو،
ڀر وٺي دريا سندي ٻيلي طرف جئن ٿي ويو.

 

وِکَ ڪري جاچي قصو هي موٽيو گهر ڏي وري،
واٽ سان آئي وئي کي سڏ ڏئي، هي سرسري.

 

ڳوٺ پهچي هير جي هو ماءُ وٽ ڪاهي ويو،
پت ڄمائڻ لاءِ پنهنجو ٺاهه پڻ ٺاهي ويو.

 

جلد ملڪيءَ کي سڏي، هن پر لڳو سڀ سـُڌِ ڏيڻ،
منهن مٿو پنهنجو پـِـٽي ويٺو وري گَهلِ گَهلِ ڪرڻ:

 

”هي ته ڀاڀي تون ڪرين ٿي، خانمان پنهنجو خراب،
هير جي هن حال جو تنهنجي مٿان ايندو عتاب.

 

”تون به ان جي پوئواري ڪجهه ڪرين ٿي ڪانه ڪا،
سچ ته ٻيلي ۾ به اڄ ٿي چاڪ سان ماڻي مزا.

 

”ڀاءُ پيءُ قاضي برادر سڀ ٿڪا حيلا ڪري،
جو ڪنهين حيلي بهاني سان بدي سر تان ٽري.

 

”هير سان پر هم صلاحي تون ته ويٺي آهين بس،
ان ڪري هرگز ته پنهنجي هير ٿيندي ڪين وس.

 

”جي نه ڪندينءَ ڌَتِ تنهين کي تان وڏو ٿيندو فساد،
سر جدا ٿيندا سوين جئن ڪو ٿئي جبري جهاد!“

 

جذب دل جي جوش مان جهٽ هي چئي ڪيدو ويو،
ڳوٺ ۾ پڻ هر ڪنهين سان هي قصو سارو ڪيو.

 

ملڪيءَ جو هير کي سڏڻ

 

هي سڻي ڪيدوءَ ڪنان ملڪي وئي سـُـنَ ۾ اچي،
ٿي سڏائڻ هير کي سا وِکَ ڪري ويڙهي وڃي.

 

”ڊوڙ الفو! ڀڄ جمعآري ڊڪ ڦتو!! ٻيلي سگهو،
هير جي آڻي ڏيو سـُڌِ هاڻ هن ويلي سگهو!“

 

هي ڀڳا ٻيلي ته پويان هير ٻيلي کان وري،
گهر ورِي جنهن ويل سو هو وقت ٽي پهري ڀري.

 

ملڪيءَ جو هير سان گفتگو

 

گهر گهڙي جئن هير، تئن ماڻس چيو: او هير شل،
چٽ ٿيئن ايڏِي وڃين، توکي لڳن ڪي تير شل.

 

”هيڏڙي هيڏا هنر تو هٿ ڪيا ڪنهن کان سکي،
موڪلائڻ جي ته تو هئي ڇا عجب اٽڪل رکي.

 

”تو ته ڪئن ويڙهي وڃڻ جي، مِنهـُن ڪري موڪل وتي،
قهر ڪو ايندءِ مٿان منهنجي تپايهءِ دل تَتِي.

 

”هي ويو ڪيدو ڪري، هاڻي سڄو مون سان قصو،
جنهن سبب ويڙهي ويو مون کي وڏو غم وسوسو.

 

”هن ته تنهنجي حرڪتن کان هاڻ نڪ ۾ آهه دم،
ڪين ڪي توکي ته پنهنجو ٿو پوي مطلق مرم.

 

”مِنهـُن ڪري موڪل وٺي هيڪل وڃين ٻيلي ڀڳي،
ڪين پت اڳتي ڪبي ڪنهن ڳالهه تنهنجيءَ تي لڳي.

 

”اڄ ته تنهنجي پير ۾ زنجير ٿي پايان کڻي،
ڪَڪِ ڪيو ڏاڍو اَٿي، شل چَٽُ ڪري توکي ڌڻي.

 

جواب هير جو

 

هير جهٽ واري چيو: اي ماءُ! پاراتا نه ڏي،
سخت ٿي پيئي ستائين مفت مون مسڪين کي.

 

غيب جي طوطي ڪنهين توکي اها ڪا سڌ ڏني،
هاءِ گهل جنهن تي مچائي، پاڻ لاٿو ٿي ڇني.

 

”آءٌ ته ويڙهي ۾ هيس اڄ صابريءَ جي گهر صحي،
تون اچي ائين ڏسين ها پاڻ پنهنجي سر ڪهي.

 

”هي ڪڌو منحوس ڪيدو آهه منهنجي بر خلاف،
مان به سمجهان ٿي اها ان جي شرارت صاف صاف!“

 

گفتگو ملڪيءَ جو

 

چڙ وچان ملڪيءَ چيو: هي، هير حيلا ڪين ڪر،
پت ڄمائين، ڏوهه پنهنجو ڪين ٿي باسين مگر.

 

”سڀ ڪيون ٿا منع توکي پر نه تون ٿي ڪجهه مڙين،
عشق جي اونڌي اثر کان ڏاگهه ٿي ڏاهي چڙهين.

 

”اڄ ته چوچڪ سان ڪيان ٿي مان اهو سارو قصو،
مصلحت ان سان ڪري دل جو وڃايان وسوسو.

 

جواب هير جو

 

هير هي واري چيو: اي ڪين ڪر آيـَـلِ خفا،
چوءُ ته چوچڪ کي وڃي ڀل ڳالهه تون کولي صفا.

 

”حق منهنجو آ پلي بس سڀ ويو گوندر گمان،
ان ڪري پيءُ ڀاءُ قاضيءَ جو نه آ دل ۾ ڌيان.

 

”سؤ لڱا قيدي ڪرين ته به ڪين رانجهي کان ڦران،
نينهن منهنجو شينهن آهي ڇو وري ڪنهن کان ڏران.

 

”جو اَمي!! ڪرڻو اٿي، سو تون ڀلي ڪر ڀَتِ وڏي،
ليڪ پاراتا پٽي هي ويڻ ويهي ڪين ڏي.

 

”هي ته منڊو ريب سان توکي ڪري پنهنجو ويو،
ان ڪري تو پيٽ ڄائيءَ تان به آهي هٿ کنيو!“

 

هير ۽ سندس سهيلين جو ڪيدو کي مارڻ

 

هيءَ ورندي ۾ چئي جهٽ هير ويڙهي ڏي وئي،
سرتين کي سڏ ڪري هيءَ سڌ سڄي تن سان ڪئي:

 

”تان اسان جي راز جي ڪَلَ آهه ڪيدوءَ کي پئي،
جنهن اچي چغلي هڻي بازي کڻي ساري ڪئي!“

 

بس ڪئي مس هير تان هيءَ صابريءَ واري چيو:
”ڳوٺ ۾ پڻ گفتگو ٿي اَڄُ اهو ماڻهن ڪيو.

 

”هاءِ هن منڊي اسان کي آ ڪيو ڏاڍو خوار،
مار ڪا ان کي ڏئي دل جو ڪڍون سڀ غم غبار.

 

مَشوِرَت مڙني ڪري هي ٻي ڏهاڙي ڏينهن جو،
گهر ويون ڪيدو ميان جي روپ ڌاري شينهن جو.

 

جئن ستو ڪيدو پيو هو، تئن سڀئي ويڙهي ويس،
ٽنگ کان ڪا ٻانهن کان جهٽ چنبڙي گهلڻ لڳس.

 

پڻ ڪنهن گهوگها گهٽا، ڪنهن ٿي بجا گهرڙي ڏنس،
ڪنهن وري ڏاڙهي مڇن جون ٿي چڳان چِڙَ مان ڇنس.

 

حال تن بڇڙو ڪيس بس خوب جوتَن سان ڪـُٽي،
اڌ مئو ان کي ڪيائون ڌَڪَ هڻي گهوگهي گهٽي.

 

عرض آزيءَ ڏي نه ان جي ڀي ڪيائون ڪو خيال،
گهٽ نه ڳڻ مان ڪجهه ڪئي تن رٿ رکي ساري بحال.

 

پڻ ٽپڙ ميڙي مڙيئي تن ڀڃي ڀورا ڪري،
ڪانه ڪا ٿالهي دَکي لوٽي ڇڏي اوري پري.

 

گهر ويون لڪ ڇپ لڙي سڀ مار ڪيدوءَ کي ڏئي،
بعد ان جي هيڪلو ڪيدوءَ گهڻي گَهلِ گَهلِ ڪئي.

 

 

ڪيدوءَ جو چوچڪ ڏانهن فريادي وڃڻ

 

هير نڪتي مس اڃان ڪيدو اُٿي لٺڙي کڻي،
جلد چوچڪ وٽ ويو گيدڙي گامان هڻي.

 

پيش چوچڪ جي ڪيو ان هٿ ٻڌي هن پر بيان:
”اي ادا منهنجو ته سڻ تون درد وارو داستان.

 

”آءٌ ستل گهر ۾  هيس، هئي سرتين سان هير گڏ،
گهر چڙهي ماري ڪيو منهنجو پڻي چَمُ چـُور هَڏُ.

 

”بي گنهه ڏاڙهي مڇان منهنجا، مٿي جا وار هي،
ناس سڀ کوهي ڪيائين هير جا سڻ پار هي.

 

آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته ان جو وير ڇو مون سان پيو،
راڄ جا رکپال منهنجو داد اڄ دل سان ڪيو.

 

جواب چوچڪ جو

 

هيءَ اڃان ڪيدوءَ حقيقت مس ڏئي پوري ڪئي،
چڙ وچان چوچڪ ورندي هن طرح واري چئي:

 

”اي ڪڌا ڪيدو ڪتا بد ذات بڇڙا بي حيا،
صاف منهنجي ڀي ته توکي لـڄ پوي ٿي ڪانه ڪا.

 

”هئن سدائي هير تي بديون رکين بي سود تون،
توڙَ جو تڙيل ته ڪو آهين وڏو مردود تون.

 

”ڪوڙ ڳالهائڻ ڪنان توکي نه ٿي ٿو ڪجهه خيال،
هڪ مرم ماري پيو ورنه وٺانءِ بدلو بحال.

 

”وڃ ٽري هاڻي هتان اڳيان اُٿي شيطان شقي،
ڳالهه تنهنجيءَ تي ته مون کي پڪ پوي ٿي ڪين ڪي.

 

”ڀاءُ آهين ان ڪري ڪي ڪجهه نه ٿو توکي چوان،
هوند توسان ڪوڙ هن جي جٺ ڪري پورو پوان!“

 

گفتگو ڪيدوءَ جو

 

پوءِ چوچڪ کي چيو ڪيدوءَ ٻئي اُت هٿ ٻڌي،
ڊول پٿري ڍنگ ڌاري وک کڻي اڳتي وڌي:

 

”سچ سڳو تون ڀاءُ منهنجو ننگ پرور مهربان،
تو بنا ڪنهن ساڻ ڪندس درد دک پنهنجو بيان.

 

”مول مطلب آ اهو ئي جو ادا، جمعي اڳين،
ٿي ويس ٻيلي وچان دريا اُتي پنهنجي ڪمين.

 

”جت ڏٺو مون هير راڻي سٺ سهيلين سان ڪٺي،
چاڪ سان گڏ راند ۾، ڪاوڙ وئي ان دم وٺي.

 

”گهر اچي مون هيءَ ته ملڪيءَ سان ڪئي ساري خبر،
جنهن به نسبت هير کي ملڪيءَ چيا گهٽ وڌ اکر.

 

”ان ڪري شايد ٿيو آ هير کي ڏاڍو غصو،
جيڏين سان گهر اچي مون کي ڪيو ٿس اڌ مئو.

 

”اڳ به اهڙي ريت تن آ ماريو مون کي گهڻو،
ايتري لشڪر مقابل ڇا ڪيان مان هڪ ڄڻو!“

 

جواب چوچڪ جو

 

جوش مان چوچڪ چيو هي رڙ ڪري ڌمڪي ڏئي:
”اصل کان سچ هير سان منڊا نه ڪا تنهنجي پئي.

 

”هير کي ٻيلي وڃڻ کان مون ڪئي بندش گهڻي،
ڪئن وري ڪهڙي سبب هي ڪوڙ ٿو ٺاهين کڻي.

 

”ڳالهه تنهنجيءَ تي مگر مون کي نه ڪجهه ويساهه آ،
نڪر نالائق هتان هي تو بڻايو ٺاهه آ.

 

”تو ڪئي نيت اها جو ڳالهه تنهنجيءَ تي لڳي،
ريٽيان دل روح تان پنهنجي پياري ڌيءَ سڳي.

 

”ها اڃان مان پاڻ اکين ساڻ جي ان کي ڏسان،
دم تنهين ڪنهن دور ڌاري ديس پرڻائي ڪڍان!“

 

ڪيدوءَ جو پئنچن کي فرياد ڏيڻ

 

هي جڏهن ڪيدوءَ ڏٺو تان ڪونه ڪو چاڙهو ٿيو،
ڄاڻ ڄاتائين اهو پڻ، مانُ ڀي اُٽلو ويو.

 

داد جي بدلي جهلي هن هيٺ ڦٺ ڌمڪي ڌڙي،
ان ڪري اتهون اُٿي پئنچات ڏي ويڙو لڙي.

 

سر مٿان پڳڙي سٽي، هيءَ دانهَن پئنچن کي ڏني،
هير چوچڪ جي اهائي سڌ سڄي تن کي ڏني.

 

جي سڻي هي حال ڪيدوءَ جو پيا ارمان ۾،
ڳالهه جي ڳڻ پهه ڳڻي بيٺا ملهي ميدان ۾.

 

پڻ گهڻا ڪيدوءَ ميان کي دم دلاسا تن ڏنا،
قربداريءَ جي ڪري، هن دک سبب دل ۾ ڀنا.

 

نيٺ مڙني پاڻ ۾ تن رٿ اها گڏجي ڪئي،
”هن به نسبت پهريون ڏسجي ته چوچڪ کي چئي.

 

”آ اهو بهتر اگر جي داد ڪجهه چوچڪ ڪيو،
پوءِ نه ته سڀ پئنچ قاضي، فيصلو پنهنجو ڏيو!“

 

پئنچائت جو چوچڪ وٽ وڃڻ

 

سنبري هليا سڀيئي پئنچ پڻ قاضي مـُکي،
جلد چوچڪ وٽ رسي يڪجاءِ ٿي ويٺا سـُکي.

 

آجيان آڌر گهڻي تن سان ملي چوچڪ ڪئي،
پوءِ پرسش حال جي لهءِ پاڻ ويٺو منهن ڏئي.

 

پڻ چيو تن کي ائين: ”اڄ اوچتو آيا اوهان،
ڪا خبر دل جي ڏيو تان پوئواري ڪجهه ڪيان!“

 

هن طرح هڪ پئنچ پوڙهي پوءِ چوچڪ کي چيو:
”اڄ اچي ڪيدو اسان وٽ حال آ پنهنجو ڪيو.

 

”جو قصو توکي اڳي معلوم آهي سر بسر،
تو نه ڪوئي دادَ اُن جو يا ڪيو اونو مگر.

 

”ان ڪري سڀ ميڙ ٿي آيا اسين توڏي لڙي،
داد ڪر هن دانهن جو تون گوش ڏيئي هڪ گهڙي!“

 

جواب چوچڪ جو

 

جهٽ ورنديءَ ۾ ورائي هي ڏنو چوچڪ جواب:
“ڪئن وري هن ڳالهه جو ٿا آڻيو  مون تي عتاب.

 

”ڪوڙ ۽ چغلي گلا هِن جا ڪـُڌا هي ڪم ٿيا،
هن ڪميني سان مگر ڪئن اڄ اوهان هڪ ٿي ويا.

 

”هي سدائين هير تي ٿو ڪوڙيون بديون ڌري،
رنج پڻ منهنجو مٿانهس آهه ڏاڍو ان ڪري،

 

”ليڪ ان هوندي به مخفي جاچ مون آهي ڪئي،
هير جي حرڪت نه آهي سچ چوان ٿو پڪ ڏئي.

 

”جئن ته مون کي آ پتو جنهن جاءِ ۾ هي ٿو رهي،
ڀوتِڻن جو اصل کان پڻ ٿو اُتي واسو رهي.

 

”جي سدائي ڪن ٿيون، سچ مارڪٽ هن کي گهڻي،
ننڍپڻ کان جن ڪَيس ماري ڪـُـٽي منڊو کڻي.

 

”هن ته موذيءَ لاءِ بلڪل ڪين ڪي مون کي چئو،
هيٺ ڦِٺ هن کي ڪري، منهنجي اوهين پاسئون پئو!“

 

گفتگو قاضيءَ جو چوچڪ سان

 

چڙ وچان قاضيءَ چيو: ”هي تون نه هڪ  جي ٻي بڻاءِ،
هير جي حرڪت هَلايل ڪين ڪي مون کان لڪاءِ.

 

”چاڪَ سان ان جي محبت جي اٿيئي سـُـڌ سڄي،
ويڻ لوڪن جا سـُـڻي هي پڻ ٿيون ٿا سڀ لڄي.

 

”ڪئن ڪري ڀي هاڻ هن دم هير کي تون هت گهراءِ،
روبرو ڪرهي صفائي ٻي نه ڪا ٻولي ٻڌاءِ.

 

”تون ته پنهنجي ڌيءَ جي سڀ پاسخاطر ٿو ڪرين،
راڄ جو ليڪن ذرا اونو نه ڪو دل ۾ ڌرين.

 

”راڄ جو راجا رکي جو ڪين ڪي ڪڏهين خيال،
شان شوڪت کي تنهين جي جلد اچڻو آ زوال.

 

”هي سياڻن جو چوڻ سـُڻ مثل وڻ آ بادشاهه،
آهه پرجا پاڙ اُن جي پيڙهه جان پـُشت و پناهه.

 

”ان ڪري آمد اسان جي کي ذرا تون مانُ ڏي،
ڳالهه وينجهائي سڄي هيءَ، داد جو تون دان  ڏي.

 

”بس فقط هڪ چاڪ کي تون نوڪريءَ کان ڏي جواب،
جنهن سبب جهيڙو لهي پڻ هي خواريءَ جو خطاب!“

 

چوچڪ جو هير ۽ سندس سهيلين کي سڏائڻ

 

هي سڻي چوچڪ سڏايو چڙ وچان هڪ چوبدار،
روبرو اُن کي ڏنائين حڪم ههڙو رعبدار:

 

”هير سندس سرتيون سڀ هن گهڙيءَ هت اچ وٺي،
جو پڇا ڪرڻي اٿم ڪجهه روبرو تن کان ڪٺي!“

 

حڪم هن تي سيگهه ۾ نوڪر، تنهين آيو سڏي،
بيٺيون دربار ۾ سي با ادب سڀ هٿ گڏي.

 

ٽيٽ سان ايندي  ڏٺو ڪيدو اتي ويٺل جـَـنهين،
صاف دل ۾ سمجهيو ڪجهه هي سبب سَڏَ جو تَنهين.

 

هڪ اشاري ساڻ هڪ ٻئي جي انهن ڳڻ پهه ڪئي،
رٿ سڄي جوڙي ڇڏي تن مام ۾ ميڇان ڏئي.

 

چوچڪ جو هير سان گفتگو

 

هٿ کڻي چوچڪ چيو: ”اي هير! هي تون سچ ٻڌاءِ،
جو پڇان ان جي ورندي صاف اکرن ۾ وراءِ.

 

”داد لهءِ دانهين ٿيو اڄ آهه ڪيدو تو مٿان،
تو ته مارايو جنهين کي سٺ سهيلين جي هٿان.

 

”پڻ اڳي اهڙي ويو هو دانهن هي توتي ڏئي،
پر وري ڪا پوئواري مون نه ڪا ان جي ڪئي.

 

”ان ڪري سڀ پئنچ قاضي ميڙ آيو آ وٺي،
صاف هيءَ تنهنجي شرارت ڪانه ٿي هاڻي سَٺي.

 

”ڪر سچي هيءَ ڳالهه ساري تان ڪيان انصاف صاف،
ڪين ڪي ڪندس مگر مان، ڪنهن بهاني سان معاف!“

 

 

هير ۽ سهيلين جو مڪر ڪري جند ڇڏائڻ

 

جي دوبالا مرد آهي زور ۾ عورت ڪنان،
پَرَ ڪَسَرَ حيلي هـُنر ۾ آهي عورت مرد کان.

 

هي سڀيئي مڪر جي هر ڀيد مان واقف ٿيل،
ڪجهه سچي ڪئن ڪنديون پنهنجي ته سي حرڪت ڪيل.

 

پاڻ ۾ ميڇان ڏئي تن سڀ ڳڻي ڇڏيو هيو،
بس ڪئي چوچڪ اڃا مس هير جهٽ روئي چيو:

 

”اي مهربان ڪئن الائي هڪ طرف ڳالهين لڳي،
مفت بي عزت ڪرين ٿو ڌيءَ تون پنهنجي سَڳِي.

 

”ڇا وري ڪجهه لڄ حيا لوڙهي ڇڏي آهي اسان،
هي اجايون تهمتون ڪيدو ڌري ٿو مون مٿان.

 

”سڀ اسين گهر گهاريون پنهنجي سدا ڪم ڪار سان،
ڪئن وڃي گهر ماريوسي، پوءِ ڪيدوءَ کي اسان.

 

”واٽ ويندي خواهه ايندي، ڪنهن اسان کي آ ڏٺو،
حال پنهنجي جو ٻيو ڪيدو ڏئي شاهد ته ڪو.

 

”هي ته عالم غيب جي آهي سموري کيڏ ڪا،
شهر ڀل سارو سڏائي هن به نسبت ڪر پڇا.

 

”سوچ ڪر ڪا مهر وارا سمجهه ڪجهه پنهنجي به ڌار،
مفت ڪيدوءَ جي چوڻ تي تون اسان کي ڪين مار!“

 

پوءِ هر هڪ نينگريءَ هئن وات ۾ آڱر وجهي،
هاءِ گهوڙا گهل مچائي وقت ڄاڻي وجهه وٺي.

 

ڄڻ ته تن ڏي ڪونه ڪوئي ڏوهه جو ڀاڱو هيو،
مجلسي هر هڪ ڏسي هي حال ڀِتِ بڻجي ويو.

 

وهه عجائب تن پٿاري مڪر جي بازي بلي،
چپ ڪئي چوچڪ پشيمانيءَ سبب اُت هٿ ملي.

 

ڪوڙ ڪيدوءَ جو نسورو صاف هي سمجهي ويو،
جنهن ڪري چوچڪ ورائي ڪين ڪي ڪنهن کي چيو.

 

سرتين گڏ هير کي چوچڪ وري رخصت ڪئي،
پوءِ ڦيري منهن مکيءَ ڏي، هيءَ ورندي جهٽ چئي:

 

چوچڪ جو گفتگو

 

”هي نسورو ڪوڙ ڪيدوءَ جو اوهين سمجهي ويا،
مدعي داعي ٻئي هت روبرو حاضر ٿيا.

 

”مون اوهان کي پئي اڳي ئي ٿي ڏني هئي خاطري،
ليڪ هاڻي روبرو ٿي زير بالا ظاهري.

 

”حال پنهنجي جو ته شاهد ڪونه ڪيدوءَ کي ٿيو،
ان ڪري مون کي ٻڌايو ڇا ڪيان هاڻي ٻيو.

 

”البت اکئين ڏسان مان يا وري شاهد ڏئي،
جنهن سبب منهنجي ته ڪي دل کي به ڪجهه ويسهه ٿئي!“

 

گفتگو ڪيدوءَ ۽ مکيءَ جو چوچڪ سان

 

جهٽ مـُکيءَ واري چيو هن ريت چوچڪ کي چٽو:
”بس اسان اي راڄ راڻا، راڄ اڄ تنهنجو ڏٺو.

 

”پاسداريءَ جي عجب تو تان پـُڇا اهڙي ڪئي،
جو ورائي ڪجهه چوڻ کان ڳالهه سچ ساري وئي.

 

”اڄ هتان بي مهت ٿي سڀ موٽيا گهر ٿا وڃون،
امر کي آڏو اچي ڪئن بند هي لڄ جو ڀڃون!“

 

گفتگو وچ ۾ چيو، ڪيدوءَ کڻي ڪَرُ هي سخن:
”سچ، لڏي انصاف ويڙو اڄ ڇڏي پنهنجو وطن.

 

”بس پيو بي داد ڪاهي، ڪونه آهي ڪٿ نياءَ،
ٿو رکي اڄ ڪلهه عداوت ڀاءُ پنهنجي ساڻ ڀاءُ.

 

”هي ته منهنجي جان تي ڌڪ ثابتي ظاهر ٿيا،
جنهن به نسبت مان وري ڪهڙا ڏيان شاهد ٻيا.

 

”مان پسائيندس اوهان کي هڪ ڏهاڙي روبرو،
هير رانجهو پاڻ ۾ هڪ جاءِ ويٺل دوبدو!“

 

هي چئي ڪيدو کڻي لٺ سيگهه ۾ ٻاهر ويو،
پوءِ پئنچن پاڻ ۾ پڻ گهر وڃڻ جو پهه ڪيو.

 

نيٺ چوچڪ کان وٺي رخصت سڀيئي گهر ويا،
واٽ سان ويندي اهي هن ڳالهه جي ڳڻ ۾ پيا.

 

ڪيدوءَ جو هير کي خوار ڪرڻ

 

گهر اچي ڪيدو گهڻو هن حال تي روئڻ لڳو،
هل ڪري ههڙو ڏسي ڀَڙَ ڀينگ سو پنهنجو جهڳو.

 

جنهن به ڪيدوءَ کان اچي هيءَ ٿي پڇي خاصي خبر،
هير جي هن حال جي ان سان ڪيائين ٿي پچر.

 

چوطرف چوٻول هن کان هير ڏاڍو ٿي خوار،
وس وڏو جنهن لهءِ ڪيو، ڪيدوءَ پئي ليل و نهار.

 

جهنگ جهر رليو پئي سو سر اڪيلي روز و شب،
هير کي هو هٿ ڪرڻ جو نت پيو جاچي سبب.

 

ڪيدوءَ جو چوچڪ کي ٻيلي وٺي وڃڻ

 

رات هڪڙي ساڌ جي، اُڻٽيهه توڙي چور جون،
ثابتيءَ ۾ لک ٿيون اثباتيون هن دور جون.

 

هڪ ڏهاڙي ڌر تتيءَ جو هير، لوڪن کا لِڪي،
ٿي سڌي ٻيلي تِکي، جئن دل ڏني ان جي ڇِڪي.

 

هي ته ڪيدوءَ کي پتو مخفي سڄو پئجي ويو،
اوٽ ڪندو ٽِنوَ وٺي ڪَڍَ هير جي ڪاهي پيو.

 

هٿ ڪري، هڪ جاءِ رانجهو هير ٻيلي ۾ ٻئي،
گهر اچي هيءَ ڳالهه ساري خاص چوچڪ سان ڪئي.

 

بعد چوچڪ قصد مان ساڻس اٿي گڏجي ويو،
واٽ سان ويندي ٻيو ڪيدوءَ نه ڪجهه ان کي چيو.

 

هي لڪندا ۽ ڇپندا ٿي ويا ٻيلي ٻئي،
جاءِ سر پهچي ڏٺو تن اوٽ اڳيان وڻ ڏئي.

 

هير رانجهو پاڻ ۾ گڏ گفتگو ڪندي ڏسي،
دم تنهين چوچڪ غصي غيرت سبب ويڙو وسي.

 

پي پيالو زهر جو سو موٽيو پٺتي وري،
پوءِ ملڪيءَ سان ملي هيءَ سـُڌ ڪيائين سرسري.

 

هي سڻي ملڪيءَ رڙي جهٽ هار ڪاوڙ کان ڇنو،
جئن ته چوچڪ ڀي مٿس هن ڏوهه جو ڀاڱو ڏنو.

 

 

هير جو ٻيلي کان اچڻ ۽ ملڪيءَ، چوچڪ جو پاڻ ۾ گفتگو

 

ايتري ۾ هير ڀي تڪڙي وري ٻيلي ڪنان،
جوش مان چوچڪ اٿي مارو ڪيس ڏاڍو مٿان.

 

هير کي ڪوٺيءَ وجهي قيديءَ جيان قابو ڪيو،
جنهن سبب ملڪي چڙي، پڻ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو.

 

قدر ڄاين جو ڄڻيندن ريءَ نه ڪنهن ٻي کي پوي،
ماءُ جي ٿي مَٽُ نه ڪوئي لوڪ بس ڇا ڀي چوي.

 

ماءُ جا آنڊا ورن ٿا قدرتي اُبتا جئين،
منهن مٿي پنهنجو ڪيو ڏيئي مهاڏو ان ائين.

 

نيٺ چوچڪ کي مڃايو، منٿون ملڪيءَ ڪري،
هير کي قيدؤن ڪڍايو هٿ ٻڌي جانا ڀري.

 

بعد ان جي هڪ ٻئي کي ڏَٺَ ڏئي پرچي ويا،
ٻَنِ ڏئي ٻي ڳالهه کي سي هير جي ڳڻ ۾ پيا.

 

پڻ سڏائي خويش چوچڪ مشورت تن سان ڪئي،
پر ورنديءَ ۾ ورائي سي نه سگهيا ڪجهه چئي.

 

ڪَر کڻي ملڪيءَ وري ڪجهه مصلحت اهڙي ڏني:
”تان سياڻا ٿا چون ڇڏجي وڍي آڱر ڪني.

 

”هاڻ شاديءَ لاءِ هن جي جلد سعيو ڪو ڪجي،
خان کيڙي ڏي ڪ جِتِ تنهنجو وري رايو هجي.

 

”چاڪ سان!“ چوچڪ چيو: ”ڇو ڪين تنهن پرڻائجي،
سر مٿان آيل خواري پڻ سموري لاهجي!“

 

پوءِ تان مڙني چيو: هي چاڪ آ ڄٽ ذات جو،
عمر جو ليکو اهو، ناهي گهڙي دم رات جو.

 

”چاڪ سان سونهين نه ٿو هن ريت ڪو ناتو رکڻ،
البته گهرجي اوهان کي خان کيڙي سان ٺهڻ!“

 

ڳالهه چوچڪ کي عزيزن جي اها ويئي وڻي،
ان گهڙيءَ ويٺو لکڻ خط مس قلم ڪاغذ کڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org