سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: هير رانجهو

 

صفحو :2

مرحوم محمد صديق مسافر لکي ٿو:

”مسرور“ صاحب جو نظم ۾ تيار ڪيل ”هير رانجهو“ مون نظر مان ڪڍيو اهي. ڳچ حصو تنقيد جي نظر سان ۽ باقي سرسري نظر سان. هن کان اڳ هڪڙو سرائڪي ٻوليءَ ۾، ٻيو سنڌي ڏوهيڙن  ۾ ”هير رانجهو“ لکيل آهي، پر انهن ڪتابڙين ۾ ”هير رانجهو“ جي اهڙي تفصيل وار ڪيفيت لکيل نه آهي. جهڙي ”مسرور“ صاحب جي هن هير رانجهو  ۾. ڪنهن به مسلسل آکاڻيءَ کي نظم ۾ لکندي ساعر کي جن ڳالهين ظاهر ڪرڻ جي ضرورت لاحق ٿئي ٿي، سي ڳالهيون ”مسرور صاحب“ بخوبي ادا ڪيون آهن - مثلا عزازت جا تعلقات ۽ طرز معاشرت - ديس پرديس ۾ گذارڻ جون ڪيفيتون. الفت ۽ ڪلفت جي حالتن ۾ انساني جوش ۽ جذبا. خوشي ۽ غم. وصل ۽ فراق ۽ انسان جي فطرتي جذبن ۽ ڪيفيتن جي صاف ۽ مؤثر تصوير.

نظم ۾ جيڪي خوبيون ضروري آهن سي به ”مسرور صاحب“ پختگيءَ سان بجا آنديون آهن جهڙوڪ: وزن ۽ قافيي جي درستي، صاف ۽ عام فهم سنڌي ٻولي. سنڌ جا رواجي اصطلاح ۽ پهاڪا. سنڌ جي طبعي حالتن سان موافق تشبيهون ۽ استعارا، لفظن جو صحيح تلفظ. لفظي ۽ معنوي صنعتن جو سينگار.

سنڌي ٻوليءَ جي نظم ۾ هي پهريون ڪتاب آهي جو سارو ئي بحر رمل مثمن تي مثنوي شعر ۾ تيار ٿيل آهي. هڪڙي پرجوش نوجوان شاعر هيڏي ساري ضخيم ڪتاب ۾ جيڪڏهن وزن، قافيي يا تلفظ جا ڪي اتفاقي سقم هجن ته انهن کي قابل گرفت ڄاڻڻ بي انصافي ٿيندي.

سنڌي اصطلاح ۽ پهاڪا ”مسرور صاحب“ گهڻي انداز ۾ ڪم آندا آهن، جنهن ڪري سندس نظم نهايت دلچسپ ۽ سلوڻو پيو لڳي. نموني طور ٻه ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا. جن مان معلوم ٿيندو ته ”مسرور صاحب“ نج سنڌي اصطلاح ۽ پهاڪا ڪهڙي نه خوبيءَ سان پنهنجي نظم ۾ سمائي ڇڏيا آهن:-

 

اصطلاح:

1 -     جهيڙ ۾ وايون جنهين جون ولڙيون ٿي سڀ ويون.
2 -    جو پئي ڀانيم ته ٿيندس خاص پيرن جي پڻي.
3 -    پاڻ سنڀاري سگهو ئي پوءِ رانجهي کي چيو.
4 -    صاف ملڪيءَ جا وڄي ٻارنهن ويا هن حال ۾.

 

(1) وايون ولڙيون ٿيڻ، (2) پيرن جي پڻي ٿيڻ، (3) پاڻ سنڀارڻ، (4) ٻارنهن وڄي وڃڻ نج سنڌي اصطلاح آهن.

 

پهاڪا:

(1)     پيٽ سهندو کائجي پڻ جـَـڳَ وڻندو پائجي.
(2)    ڀِت پئي مون تي سهين پر ڪَکُ پيو تون نا سهين.
(3)    پڻ ٻيو ڪم ڪونه آڻي کير جو کريل کٽو.
(4)    دير سان سڀ درس ٿي ٿو تڙ تڪڙ جو ڪم خراب.

 

(1)  پيٽ سهندو کائجي لوڪ وڻندو پائجي، (2) ڀت پئي سهين ڪک پيو نه سهين، (3) کريل کير ڪم نه اچي، (4) دير پيا درست ٿيا ۽ تڪڙ ڪم شيطان جو. اهي نج سنڌي پهاڪا آهن.

 

تشبيهون:

”مسرور صاحب“ پارسي زبان جون مروجه تشبيهون ۽ استعارا به پنهنجي نظم ۾ ڪم آندا آهن، پر گهڻن هنڌن اهڙيون تشبيهون ۽ استعارا به ڪم آندا اٿس جن جو تعلق خاص طرح سنڌ جي طبعي حالتن سان آهي مثلا:

(1)     ڪونج جان گردن اُچي، ڇاتي اڳي پتلي ڪمر.

(2)    جئن ڪٽڪ قنڌار وارو، صِف ٻڌي بڻجي بهي.

(3)    ڌار سُرمي ۽ ڪجل جي تئن پئي اُن تي ٺهي.

(4)    سِرِ جنهين ”مسرور“ مانجهي، نينهن جي نوبت وڄي.

سنهڙي ڳچيءَ کي ڪونج جي ڳچيءَ سان، سرمي پاتل اک جي ڀڃڻين کي قنڌار جي پلٽڻ سان ۽ نينهن کي نوبت سان تشبيهه، اهي نج سنڌي تشبيهون آهن.

استعارا:

(1)     ٻج لڳو پاڻي پيو، ٿيڙو سلو سائو اجهو.
        جئن لڳو چقمق، اٿي ڪا چڻنگ تان ڀنڀٽ متو.
(2)    اڀ تان اُلهي اجهو اڄ چنڊ جهوليءَ ۾ پيو.
(3)    سير هن ۾ جي سراسر بي بها موتي ڏٺم،
        چاهه مان دل چست ٿي ڏيئي ٽٻي لوچي لڌم.

 

عشق جي شروعاتي حاليت کي استعارا طرح ٻج - روبرو جي گفتگو کي پاڻي پوڻ ۽ عشق جي پڌرائي حاليت کي سلو سڏڻ اهي صاف ۽ سليس استعارا آهن جي ”مسرور صاحب“ صنعت مراعات النظير جي صورت ۾ نهايت خوبيءَ سان ادا ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح وري عشق پيدا ٿيڻ کي استعارا طرح چڻنگ - روبرو جي گفتگو کي چقمق لڳڻ - دوست کي چنڊ - اصل قصي کي سامونڊي سير - پـُـر معنيٰ نڪتن ۽ گفتن کي موتي سڏڻ دلچسپ سنڌي استعارا آهن.

 

لفظي ۽ معنوي صنعتون:

جيتوڻيڪ لفظي ۽ معنوي صنعتن سان ڪلام کي سينگارڻ لاءِ ”مسرور صاحب“ جي خاص طرح ورتل ڪوشش ڪانه ٿي ڏسجي، ته به سندس ڪلام ۾ ڳچ جيتريون صنعتون خاص ڪري تجنيس - تضاد - مراعات النظير ۽ ايهام گهڻن هنڌن ڪم آيل آهن - بهرحال ”مسرور صاحب“ هن ”هير رانجهو“ تيار ڪرڻ سان سنڌي ادب ۾ هڪڙو دلچسپ اضافو ڪيو آهي ۽ سندس محنت ۽ سرجوشي هر طرح قابل تحسين ۽ همت افزائي جي لائق آهي.

ٽنڊو باگو

11 - آگسٽ – 1935ع

 

محمد صديق ”مسافر“

 

مرحوم آغا صوفي جي راءِ:

سنڌ ملڪ جي هلندڙ فضا طرف نظر اڇلائيندي هيئن چوڻ کان رهي نه ٿو سگهجي ته نه معلوم - سنڌ جا شاعر - مصنف ۽ مؤلف هن ڪتاب کي هرو ڀرو الائجي ڪهڙين نظرن سان ڏسن. تنگ دليءَ جو طريقو ڏسي اسان کي هن وقت انهن جماعتن کي براهه - راست مخاطب ڪرڻو به ڪينهي ڇاڪاڻ ته اهڙن دماغن جي تنقيه(1) واسطي هلڪي سلڪي دوا جي جاءِ نه آهي. بلڪ ڪنهن وڏي جراحي عمل جي ضرورت آهي. جنهن جي تياريءَ ۾ قدرت جو هٿ پس پرده لڳل آهي - پر جيڪڏهن منهنجي چوڻ تي هن ڪتاب جو ماهرانِ - فن ۽ ارباب ذوق جي نظرن ۾ قدر ۽ توقير ٿئي ته مون کي منجهس جيڪي خوبيون نظر آيون آهن (جي هيٺ ڄاڻايل آهن) تن تي سرسري نظر اڇلائڻ سان آءٌ وڏي واڪ چوندس ته منهنجي دوست ”مسرور“ جي محنت واقع قدر ۽ داد جي مستحق آهي، مگر:

عطر آنست که خود ببويد،
نه که عطارد بگويد.

تنهن ڪري يقين اٿم ته جوهر شناس ۽ قدر دان اصحاب پنهنجو پاڻ هن ڪتاب کي اها جاءِ ڏيندا جنهن جو هو سچ پچ لائق آهي. ”مسرور ۽ مسرور جي شاعري“ هن وقت تقريب جا محتاج ڪين آهن، مگر هيءُ ”هير رانجهو“ جو قصو اهو تواريخي قصو جو رڳو شاعريءَ سان تعلق نه ٿو رکي. هي هڪ نئين نموني ۽ رٿيل منظوم تواريخ آهي جنهن لاءِ سنڌي زبان ”مسرور“ جي زير احسان آهي، تنهن ڪري هي ڪتاب تعليمي دنيا ۾ درسي ڪتاب جو ڪم ضرور ڏيندو.

 

ڪتاب جون خوبيون:

(1)     اصطلاحي نظم.

(2)    نظم ۾ مروجا پهاڪن ۽ تمثيلي ڀرمار بلڪل تعريف جوڳي آهي.

(3)    قصي جي ڪڙي ڪڙيءَ ۾ نهايت باقاعده پيوند آهي.

(4)    قصي جو واقعو تواريخي طور تي ورتل آهي.

(5)     شاعر جي جذبات جي هڪ دلڪش تصوير جا لفظن مان ڇڪيل آهي جنهن جا نظم سادا مگر انهن تي رنگين ترنم، جو ”مسرور“ جي شاعريءَ جي خصوصيت آهي. تصوير جو تاثر وڌائي رهيو آهي. واقع نظم جي سلاست ۽ لفظن جي سادگي ”مسرور“ جي ڪلام جا خانه زاد غلام آهن:

اس سادگي پر کون نه مرجائي يا خدا،
لڙتي هين اور هاتهه مين تلوار بهي نهين.

 

شڪارپور

20 - آگسٽ - 1935ع

قلم الفقرا

”آغا صوفي“

شڪارپوري.

 

جناب محمد بخش واصف مرحوم تقريظ(1) ڪندي لکيو آهي:

سڀ تعريفون انهيءَ رب رحمان کي جڳائن جنهن انسان ضعيف البنيان کي عَلمه البيان جو شرف بخشي فصيح و بليغ فرمايو. صلواة و سلام اُن خير الانام صلعم لاءِ سهائن جنهن انا افصح العرب والعجم جو ٻول ٻولايو. اما بعد روشن هجي ته جهڙي علم ادب جي، سر زمين سنڌ ۾ قلت آهي اهڙي ٻئي ڪنهن به زمين جي ڀاڱي ۾ نه هوندي. سنڌي نظم خواهه نثر جو ايترو ذخيرو موجود نه آهي جو علم ادب جي آب جي طالب جي تشنگي دفع ٿي سگهي ۽ ان جي حالت رفع ٿي سگهي.

تاهم شڪر آهي جو ڪجهه سالن کان وٺي مذڪوره علم ۾ ڪتاب تصنيف ٿيندا ٿا وڃن ۽ هن طرف علم وارا ايندا ٿا وڃن. جئن هي ڪتاب مستطاب(2) ناظرين جي اڳيان آهي. جنهن ۾ علم ادب جي خدمت ڪئي وئي آهي.

ڪتاب جي مصنف ”ميان غلام علي مسرور فقير“ ڪيتري عرق ريزي ۽ دماغ سوزيءَ کان ڪم وٺي علم ادب جي شائقن ۽ شعر و سخن جي طالبن لاءِ سنڌي لٽريچر ۾ جيڪو اضافو ڪيو آهي، ان جو قدر ڪرڻ اهل علم جي ذمي ضرور آهي.

شاعر ممدوح جو شعر سليس ۽ سادو آهي ۽ ان صاحب هن ڪتاب جي تصنيف ۾ جيڪا محنت ورتي آهي، ان جي داد ڏيڻ کانسواءِ مان رهي نه ٿو سگهان. خدا تعاليٰ ڪري ته شال اسان جي سنڌڙيءَ ۾ اهڙا لائق شاعر ٻيا به ڪثرت سان پيدا ٿين جي شعر و سخن جي گرم بازاريءَ جو باعث بڻجي علم ادب جي اضافي ۾ ڪوشس ڪندا رهن. آمين!!

 

فقط

بقلم محمد بخش ”واصف“

حيدرآباد

 

جناب حاجي محمد خادم لاڙڪاڻوي مرحوم لکيو آهي:

نحمده و نصلي علي رسوله الڪريم:

از روئي علم ادب جي، شاعر ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪڙا اهي جي قوانين عروض جي تقليد ڪري لفظن کي مروڙي سروڙي شعر ٺاهي صفحهِّ قرطاس تي آڻيندا آهن. اهڙن شاعرن کي ”صناعي“ ڪري ڪوٺبو آهي. جن جو شعر دائره عروض کان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪرندو آهي. يعني انهن جي بوقلموني خيالن جي لبريز ٿيل جام کي ڪڏهن به ڇلڪو نه ايندو آهي.

ٻيو قسم شاعرن جو اهو آهي جو قوانين عروض کان سندن روشناسي کڻي ڪيتري به ڇو نه هوندي آهي پر تڏهن به هو هروڀرو ان جا مقلد ٿي ڪونه رهندا آهن. ڇاڪاڻ ته سندن گوناگون خيالن جو تازي، فطرت جي وسيع ميدان کي پنهنجو جولان گاهه اهڙي طرح بنائيندو آهي جنهن جو ڪو حدو حساب نه هوندو آهي. سندن شاعرانه جذبن جو لبريز ٿيل ساغر جيڏانهن ڪيڏانهن ڇلڪو ڏئي سلوڪ جو سيلاب آڻي، آسپاس جي زمينِ - شوق کي پنهنجي فيض جي آب سان سيرآب ۽ شاداب ڪري ڇڏيندو آهي.

اهڙي قسم جي شاعرن کي ”ذوقي“ ڪري ڪوٺبو آهي. جن جا ڪلام صاحب دلان حقيقت ۽ بزرگان طريقت کي نهايت پسنديده خاطر ٿيندا آهن، اهڙن ذوقي شاعرن جو مثال مدنظر رکي حضرت مولانا رومي صاحب عليه رحمه مندرجه ذيل قطعه نهايت مناسب فرمايو آهي ته

من چه دانم فاعلاتن فاعلات،
شعر ميگيوم ولي آبِ حيات.

 

جن لاءِ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ صاحب مرحوم به ائين فرمايو آهي ته:

شعر جن جو مثل آ شهد و نبات،
سي نه ڄاڻن فاعلاتن فاعلات.

 

اسان جو محترم دوست ”ميان غلام علي صاحب مسرور“ به اهل ذوق شاعرن مان آهي، جنهن جو هر هڪ شعر بقول مرزا ممدوح جي شهد نبات کان بيشڪ مٺو آهي. جيئن پڙهه تيئن مزو. جيترا ڀيرا پڙهه اوترا ڀيرا لطف پيو ايندو. ڪتاب اکين اڳيان کليل هوندو ته دل نه گهرندي جو ڪنهن ٻئي پاسي کڻي منهن کي موڙ جي - ويٺو پيو پڙهجي ته لک مزا پيا ميسر ٿيندا ”مسرور صاحب“ جي محنت کي ڏسي بي اختيار نعرهِّ تحسين و آفرين دل مان نڪري رهيو آهي.

افسوس آهي جو اسان جي ديس ۾ مصنفن، مؤلفن ۽ شاعرن جو ڪو قدر ڪونه آهي، ورنه اهو ساڳيو ڪتاب جنهن جهڙو خود هير رانجهي جي واقعي کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۾ ڪنهن به ڪونه پيش ڪيو آهي. سو جيڪڏهن ڪنهن مغربي ملڪ ۾ تيار ڪيو وڃي ها ته جيڪر نهايت قدر جي نگاهه سان ڏسڻ ۾ اچي ها. مصنف جي قدر داني  همت افزائيءَ لاءِ يڪدم ڊاڪٽر آف فلاسافي جو يا ٻيو ڪو اهڙو ممتاز ترين خطاب ڏيڻ ۾ اچي ها. مگر واءِ قسمت جو سنڌ جهڙي محدود خطي اندر اسان جي بزرگن ۾ اڃا اهڙي زندهه دلي پيدا ڪانه ٿي آهي. جو ههڙن قابل ديد، قابل شنيد گوهرن کي پنهنجي دل جي دامن ۾ رکي سچ ۽ سڪ جي سرور سان ”مسرور“ جهڙي مرد موليٰ کي مسرور ڪن.

بهرحال سنڌ کي ”حضرت مسرور“ جو جيترو به شڪر گذار ٿيڻ گهرجي اوترو ٿورو آهي ۽ انهيءَ کان به وڌيڪ ٻيڻو ٽيڻو پنجاب کي مرهون منت ٿيڻ گهرجي جو سندس سر زمين سان تعلق رکندڙ هڪ تواريخي واقعي جي گذارش نهايت عجيب و غريب تصنيف جي ذريعي سنڌي زبان ۾ ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي ڪنهن زميندار، جاگيردار يا شاهوڪار ۾ ته ڪا اهڙي اميد ڪانه ٿي ڏسجي جو پنهنجي خداداد دولت جو ڪجهه خرچ ههڙي نيڪ ڪم تي ڪري. تنهنڪري هن لاءِ فقط تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن ۾ ئي اسان اميد رکي سگهون ٿا ته هو صاحب ”هير رانجهو مسرور“ جو ڪتاب ضرور بالضرور نه فقط سرڪاري خرچ سان ڇاپارائي سنڌ جي نصاب تعليم يا انعامي مـَـدَ ۾ داخل ڪري سنڌي لٽريچر ۾ هڪ گران قدر اضافو ڪندا بلڪه ”مسرور صاحب“ جي ڪيل محنت جو نهايت فراخدليءَ سان داد ڏئي آئيندي جي واسطي ٻين ڪتابن جي تاليف يا تصنيف ڪرڻ لاءِ کيس دل و جان سان اُڀاريندا، همٿائيندا ۽ آماده ڪندا.

 

 

حيدرآباد سنڌ

20 - آڪٽوبر 1935ع

فقط -

”خادم“ لاڙڪاڻوي

آنجهاني ڄيٺمل پرسرام، ”مشرور جي موج“ بيان ڪندي لکي ٿو:

”ميان غلام علي مسرور“ شڪارپور جي شاعر جو نظم ۾ لکيل ڪتاب هير رانجهو مون نظر مان ڪڍيو آهي. شاعر جي، آکاڻي پنجاب جي اَمرڪوي شاهه وارث جي مشهور شعر هير رانجهو تان ورتي ٿي ڏسجي. پر بيتن جي بيهڪ سموري پنهنجي اٿس. ڪتاب پڙهڻ بعد اول ئي اول اثر منهنجي دل تي اهو ٿيو ته ”مسرور“ ڪو رواجي شاعر نه آهي. پر سنڌڙيءَ کي اصل کان عطا ٿيل ورثي جو حصو هن کي به حاصل آهي.

”مسرور“ جا ٻيا ڪيترا عمدا شعر به مون پڙهيا آهن، انهن ۾ رنگ عاشقي ۽ تصوفي واهه جو آهي. پر هن ڪتاب ۾ تصوفي اونهائي گهٽ آهي. جيتوڻيڪ ڪيترن هنڌن تي دل اٿاريندڙ ۽ نصيحت بخش ٽـُڪر آهن، پر ڇاڪاڻ ته هن هير رانجهي جي شعر ۾ فيلسوفي ڳت گهٽ آهي ۽ سنڌي ٻولي نهايت وڻندڙ سادي ۽ ٺيٺ آهي تنهنڪري پڻ ننڍي ٽهيءَ کي منجهانئس ٻوليءَ جي اڀياس ڪرڻ جو فائدو جڙندو.

منهنجو بخوبي رايو آهي ته هي ڪتاب جنهن ۾ 2500 سٽون آهن وڏن درجن لاءِ خاص ڪري ڪاليج ۾ درسي ڪتاب ڪري رکڻ لائق آهي. هن ڪتاب جي خاصيت ٻوليءَ جي رواني آهي. هڪ مثال ڏجي ٿو:-

هي مهاڻن جو سخن رانجهو سڻي بيوس ٿيو،
نا اميديءَ جي سبب کان ڪين ڪجهه واري چيو.

 

پوءِ ٽلڪندو وٺي ڀر جاءِ هڪ ڪنٺار تي،
دم گهڙي ويٺو مٿانهون سبزوئي گلزار تي.

 

قسمتي ڪم ڪار تي بعضي روئي بعضي کلي،
پڻ گهري دل ۾ دعا شل ساهه جو ساجن ملي.

 

ان طرح ڳڻتي ڪري ۽ آهه هڪ دل مان ڀري،
دل رهاڻيءَ لاءِ ويٺو ونجهلي هٿ ۾ ڪري.

 

قرب جو ڪلياڻ نٽ آ هـُن پهاڙي سـُر ڪيو،
روڳ دل جو جوڳ سهڻي ديس ۽ ديپڪ چيو.

 

 

”ڄيٺمل پرسرام“

 

جناب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم لکي ٿو:(1)

مون سرسري طور هي ڪتاب ”هير رانجهو“ مڪرمي ام ”ميان غلام علي مسرور“ جو پڙهي ڏٺو. هي هڪ سچي عشق جي جذبات ڀريل قصه جو منظوم ناول آهي. ڏسجي ٿو ته شاعر ”مرحوم هير رانجهي“ کي اڳيان رکي پنهنجي باطن کي ظاهر ڪيو آهي:

خوشتر آن باشد که سرِ دلبران،
گفته آيد در حديثِ ديگران.

 

درد دل جي اظهار ڪرڻ لاءِ ضرور ڪو بهانو ۽ ذريعو گهرجي. هن کان اڳ ٻين شاعرن سسئي پنهون - مومل مينڌرو - عمر مارئي ۽ ٻين اهڙن نامور عاشقن ۽ معشوقن جي بهاني سان پنهنجي عاشقانه جذبات کي ظاهر ڪيو آهي. پر ”ميان مسرور“ سنڌيءَ ۾ عشق ۽ حسن جي ٻن نَون هيرن، ”هير رانجهي“ کي هٿ ڪري پنهنجي باطني جذبات کي ظاهر ڪيو آهي.

سنڌي زبان ۾ هير رانجهو نظم جي صورت ۾ هي پهريون ئي دفعو ڏسجي ٿو. هن کان اڳ ٿورو حصو سرائڪي زبان ۾ موجود هو. آءٌ ”ميان غلام علي“ جي همت جو داد ڏيان ٿو. اميد ته هن کانپوءِ سنڌ جا شاعر هير رانجهي تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪري سنڌي ساهت ۾ معقول اضافو ڪندا.

 

                                                    السلام

 

ڪراچي سنڌ

12 - جولاءِ - 1936ع.

 حڪيم فتح محمد سيوهاڻي


جناب شير محمد چغدو مرحوم لکي ٿو:

منهنجي وطني دوست ”ميان غلام علي مسرور“ پنهنجو تيار ڪيل ڪتاب هير رانجهو مون کي نظر ثانيءَ لاءِ ڏنو. مون سارو ڪتاب پڙهي ڏٺو. ڪتاب جي پڙهڻ سان اهڙو شوق پيدا ٿئي ٿو جو پڙهندڙ سموري ڪتاب پڙهي پوري ڪرڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ هن جهڙا ڪتاب سسئي پنهون - مومل راڻو - عمر مارئي وغيره عام اڳيان خوب پسنديده آهن، مگر هي ڪتاب عام جي پسنديءَ کانپوءِ وري خاص اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وڌيڪ ڪارائتو ٿيندو. محاورا. تمثيل ۽ تشبيهه کان هن مصنف بيشڪ مبارڪ لهڻيون.

 

 

شڪار پور -

1 - آڪٽوبر 1937ع بروز جمع

شير محمد - محمد صالح چغدو

رٽائر اسٽنٽ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر

محمدن ايڊيوڪيشن.

 

 

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه مرحوم لکيو آهي:

گونا گون مشغولين ڪري ايترو وقت نه ملي سگهيو اٿم جو هن مثنوي کي اول کان آخر تائين پڙهان. تنهن هوندي به ڪي فقرا سرسري نظر سان وڏي ساءَ مان مطالع ڪيا اٿم ۽ جراِّت سان چوان ٿو ته شاعر ڪمال ڪيو آهي.

سندس ڪلام سليس، سريلو ۽ وڻندڙ آهي ۽ منجهس سنڌي ٻوليءَ جون نزاڪتون چڱي انداز ۾ سمايل آهن. معنيٰ ۽ لفظ متناسب آهن ۽ بلڪل جوڙ رکيو بيٺا آهن. اميد ته هي سندس تخيل جو نتيجو ڪتابي لباس پهري جلديءَ سنڌي ساهت جو سينگار بڻبو ۽ شاعر جي شناخت ۽ قدر دانيءَ جو ڪارڻ ٿيندو. 

10 - اپريل - 1939ع

عمر بن محمد دائود پوٽه

ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن اِن سنڌ.


(1) تنقيه = تنقيح، اصلاح.

(1) تعريظ = تعريف، ساراهه،

(2) مستطات  = اعليٰ، تمام سٺو.

(1) مرحوم فتح محمد سيوهاڻي ”حڪيم“ جو هي خط سندس هٿ اکرن ۾ موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org