آزاد نظم
اسدالله شاهه ’بيخود‘
دوست کي التجا ٿو ڪريان، من ٻڌي!
ماهرُو، مهه لقا، ماهوش، ماهه سا!
دلربا، باوفا! ڪارِ جودو عطا ڪر، هليا، التجا ٻڌ،
مٺا مهربان!
ٿو ڪريان مان بيان دل سندو داستان،
غور ڪر، ڪر نظر! ور، اي رشڪِ قمر، سيم بر،
فيضور، بابصر!
ساهه سر، بيخطر، پَلَ ۾ توتان، مِٺا،
مان، خدا جو قسم، گهوري گهوري ڇڏيان!
تنهنجي هجر و فراق والم، سوز و غم، دمبدم
ڪيا مٿم، اي صنم! سو ستم؛
سڀ سَٺم، باسون باسيم، چيم:
من وري دلبري مون سان رشڪِ پري هڪڙو
ڀيرو ڪري،
پِرتؤن پيرا ڀري، وهلو مون ڏي وري؛
دل جون ڳالهيون ڪريان، ڪجهه چوان، ڪجهه
ٻڌان---
پِرت جون، سوز جون، ساز جون، راز جون،
ناز جون، نياز جون،
باتيون پُرفسون:
دل جون دل ۾ رهيون، تون نه آئين، مٺا!
- هاڻي بهرِ خدا، غور ڪر، ڪر نظر، وَرُ!
جانِ من، سيم تن، ضوفگن، گلبدن، اي چمن،
در چمن!
ڏس چمن ۾ سمن، نسترن، ياسمن،
تازه تن، غم فگن، عيد ڪن، خوش ٿين؛
آبِ جُو موجزن، گُل به ڦاڙيو ڪفن؛
ڏس ته ڪارا ڪڪر پِيل تن، ٿا گڙن، ۽ گجن
۽ وسن -
سبز دشت و دمن!
هي چيهن، بلبلن، قمرين جي صدا،
سڀڪو ماڻي مزا.
بيوفا باوفا گڏ ٿيا، وچ مان ويڇا ويا،
ڪي مِليا، ڪي کِليا:
مان رڳو دل-ڀڳو هوس، ساٿي نه ڪو هو، سڏي
جو ويهاري ڪري ڳالهيون؛
لڙڪ هاري لَکين، توکي ڳولي ٿڪس، پاڻ
رولي ڇڏيم؛
دل جون دل ۾ رهيون، تون نه آئين، مٺا!
-- هاڻي بهرِ خدا، غور ڪر، ڪر نظر، وَرُ!
ياد ڪر، اي پرين! محفلون مجلسون، راڳ
جون، رنگ جون
جت نه ’تون‘ هئي، نه ’مون‘:
تو چيو، مون ٻڌو؛ تو ٻڌو، مون چيو؛
هڪ نئون هو جهان، جنهن ۾ هر هر نوان قرب
جا داستان،
تو اڳيان مون ڪيا ٿي بيان؛
سڀئي ويڇا ڇڏي، من کي، ساجن! سڏي، گوڏو
گوڏي گڏي،
ڪجهه ڪنن ۾ چيئه، ياد ڪر!
تو رقيبن، عزيزن، قريبن جي وچ ۾ ويهي،
مون کي پنهنجو ڪيو، مون کي پنهنجو سڏيو،
تو کِليو، مون کِليو:
اوچتو تون جدا، مان جدا ٿي وياسون، مٺا!
-هاڻي بهرِ خدا غور ڪر، ڪر نظر، وَرُ!
نعيم دريشاڻي
ملاقات
هاءِ، تنهنجي جسم جون بيتاب ليڪون،
ڪيئن پل پل پيون وراڪا ٿيون ڏين!
ڪيئن تنهنجا وار، نج سونا سڳا،
چنڊ جي ماٺيڻي چانڊوڪيءَ ۾ جرڪا پيا ڏين!
هاءِ، تنهنجا نيڻ، امرت جا تلاءَ،
زندگيءَ ۾ زندگي اوتن پيا!
هيءَ سانتيڪي خموشي،
هيءُ ٿڌو بيخود سُڪون،
ڪيئن هڪٻئي ۾ ڳري،
دائمي راحت جا ڌَنَ پيا ٿا لٽائن!
آه، ڪنهن ڇيڙي اها درديلي تان،
آه، ڪنهن پنهنجي ڏکن جي ڳالهه سان
بنسريءَ جي بيزبان ڌُن کي به ڪوڪاري ڇڏيو!
هاءِ، ڇو رڳ رڳ ۾ سِرڪي ٿِي پئِي
آرزو، --توکي کڻي دل ۾ رکان!
هاءِ، ڇو تنهنجن چپن جي نرم خُمڙن ۾ ٽڙن ٿا،
اِن خوشيءَ، اڻلڀ خوشيءَ جا سرخ ڦول!
هاءِ، ڇو تنهنجي ڳچيءَ جي اِن گداز
لاهيءَ تي ترڪن پيون ٿيون سونهن جون معصوم
ديويون!
نيٺ، ڇو اڄ رات مان
ايترو مخمور آهيان،
ايترو مسرور آهيان!
قمر شهباز
اوچري
او چَفي!
او بانوري!
اوري ته آ، او سانوري!
ڪنهن لئه ڀِڳا هي نيڻ تو؟
ڪنهن لئه سَٺا هي ويڻ تو؟
چئه، چئه – مُٺي، چئه ڀي کڻي!
ڏَسُ، ڪير ٿَئي دل جو ڌڻي؟
او چري!
اوبانوري!
اوري ته آ، او سانوري!
خاموش هي چپڙا ته ڏس،
ليڙون لٽا، ڪپڙا ته ڏس،
آنسو ته اُگهه، مُکڙو ته ڌو،
دل ٿي ڏري، ايڏو نه رو!
او چري!
او بانوري!
اوري ته آ، او سانوري!
ڪنهن لئه رُئين، ڪنهن لئه رڙين،
سيني ئي سيني ۾ سڙين:
ويران دل، آليون اکيون،
اڻڀيون چڳون، خاموش تون!
او چري!
او بانوري!
اوري ته آ، او سانوري!
غمگين ڇو آهين، پَري،
يا پيار ۾ ٿي آن چري؟
لاشڪ ويو توکي ڇڏي،
ڪو بيوفا غم ۾ گڏي:
او چري!
او بانوري!
اوري ته آ، او سانوري!
نيون طرزون
سِيرُو ’سياهه‘
]
ترائيل[
عرش جي گود ۾
گود ۾ عرش جي بنجڻ ڪو ستارو ٿو گهران،
آهه ٿيو فرش کان اڄ عرش اُڏامڻ منهنجو!
فاني دنيا کان پري ديپَ اَمرَ جيان پيو جلان،
گود ۾ عرش جي بنجڻ ڪو ستارو ٿو گهران!
روشني پنهنجي مان بارش ۾ به ڏيندو ٿو رهان،
آهه فانوس جيان راهه ۾ چمڪڻ منهنجو:
گود ۾ عرش جي بنجڻ ڪو ستارو ٿو گهران،
آهه ٿيو فرش کان اڄ عرش اُڏامڻ منهنجو!
’همدرد‘
]
ترائيل[
طبيعت
تنهنجي نصيحت، ناصحا، ڪجهه سمجهه ۾ ويهي نٿي!
مان ڇا ڪريان، ڪنهن نازنين تي جي طبيعت ٿي وئي؟
جيئن ئي جواني آئي آ، دل حسن تي هرکي پئي:
تنهنجي نصيحت، ناصحا، ڪجهه سمجهه ۾ ويهي نٿي!
ڏس ڪئن نه پياسا ڀونئر ڀي گلشن ۾ پچن ٿا اچي،
جئن ئي بهارن ۾ ڪَليون ٿيو ڦُٽن سهڻا ڦُول ٿي!
تنهنجي نصيحت، ناصحا، ڪجهه سمجهه ۾ ويهي نٿي:
مان ڇا ڪريان، ڪنهن نازنين تي جي طبيعت ٿي وئي!
’الطاف‘ عباسي
]
سانيٽ[
لافاني محبت
مون کي، محبوب، ملي جيڪا محبت توکان،
تا قيامت اها هرگز نه فنا ٿي سگهندي:
ها، مگر ويس مَٽائي، ٿي سگهي ٿي نفرت،
ڪنهن به صورت ۾ بهرحال سلامت رهندي.
بيوفا ناهين تون، مون کي ته ڏني تو الفت،
تو ته انصاف ڪيو پيار جي بدلي ڏئِي پيار:
پر جي هرجائي ٿيندي، تنهنجي محبت ٿيندي،
تنهنجو ان ۾ نه قصور آهه، جي گل ٿي پئي خار.
تنهنجي الفت به نباهيندي ٿي نفرت مون سان،
جيڪڏهين ساٿ ڇڏي منهنجو هلي ويندي هوءَ:
هڪ نه ٻيءَ دل ۾ سلامت ته تڏهين ڀي رهندي،
پو ڀلا ڪيئن چوان مان ته فنا ٿيندي هوءَ؟
ٿي سگهي ڪيئن فنا، چيز ڀلا لافاني،
پيار ايئن آهه، جئين آهه خدا لافاني!
غزل
ا. ح. جئسنگهاڻي، ’سام‘
=
اگر گل ۾ خار آهه، منجهس انتظار آهه،
لڪل دل ۾ منهنجي يار کي مون لاءِ پيار آهه.
ڪو ٿو ڪئن چوي ڪو ڪيئن،مگر ڳالهه آهه هيئن،
وڙهي يار ٿو تڏهن، جو هو خود بيقرار آهه.
ڀُلائي سگهي نه شمع ٿي پرواني جو پريم،
ڀلي يار باسي ڪين، سندس مون تي آر آهه.
سڌي جوت ڪئن ٻري ٿي، اُڀي انتظار ۾،
سا پرواني جئن لڇي نٿي، هڪ جان نثار آهه.
اي بلبل، نه فڪر ڪر ته صنم سنگدل اٿم،
سندس نيڻ ۾ نشو، ۽ ڪو دل ۾ خمار آهه.
رُئين زار زار تون، هو مري ماٺ ۾ مدام،
هي سينگار، ’سام‘، گل جي سڪڻ جوئي سار آهه.
’فيض‘ بخشاپوري
=
عذابِ آتشِ دوزخ، سزاي مردم آزاري،
جزاي خدمتِ خلقِ خدا، جنت جي سرداري!
شبِ تهذيب کي روشن ڪيم ماهِ تدبر سان،
ضميرِ مهر پرور جي ڏسو، يارو، ضياباري!
دلِ دهقان ۾ آهي جذبهء ذوقِ عمل، يا رب،
عيان هر خوشهء گندم ۾ آهي محنتِ هاري.
ڪئي صنعتگرن تقليد آ نقاشِ فطرت جي،
مقامِ احترام آهي، هنرمندي و فنڪاري.
ڪري سرسبز هُو دشت و بيابانِ تمدن کي،
اچي جو موج ۾، اي همنشين، درياي بيداري.
عيان هر شاخِ گل ۾ قطره خۡونِ رگِ گلچين،
ٿئي ٿي جانفشانيءَ سان بيابانن ۾ گلزاري.
نه شيخانِ حرم ۾ آ، نه پيِرانِ ڪليسا ۾ ،
’ضميرِ بنده حر‘ ۾ نهان آ جذبِ خودداري.
گرفتِ پنجہ حرصِ جهان کان رک پري هن کي،
دلِ عشرت طلب جي لحظه لحظه ڪر نگهداري.
رموزِ صوفي و مُلا، فريب و طرزِ طاغوتي،
بظاهر حق پرستي ٿا ڪرن، در پرده عياري.
رسومِ خانقاهي، پِيريت، رهبانيت، توبهه!
قباي بزرگي ۾ ڪار فرما آهه مڪاري!
اڳي پرزا ڪري جولانيء قلب و نظر، همدمَ،
اگر ڪوئي ڪرڻ چاهي جهان بيني، جهان داري.
فلڪ روپوش، تن آسان فرشتن کي خدا بخشي،
نه آهي فطرتِ انسان ۾ بيذوقي و بيڪاري!
دلِ بيدار، محشرت ۾، ٿئي مون تي نه فريادي،
غضب آ، خوابِ غفلت ۾ گذاريم زندگي ساري!
نه درياي محبت ۾ ڪئي هن صاف دل، ڌوئي،
ڦري ٿو بيوضو، احرام ۾، ڪعبي جي چوڌاري
ميسر بازوي حيدر، نه آ عزمِ حسينت،
ڪري ڇا رزم آرائي يزيديت سان احراري!
جلالِ بادشاهي کان بلند آ حالِ درويشي،
شهنشاهيءَ فقيريءَ جي ڪئي آ ناز برادري.
ڪوئي سمجهي،نه سمجهي،معنيء اشعار،اي همدم،
ڇڏي طرزِ بيان پنهنجي، نه چوندس شعر بازاري.
نه وڃ ڪعبي،نه ڏي سجدو،نه ٻَڌ احرام،- رندي ڪر!
نه ڪر، اي ’فيض‘، تون هرگز گناهِ مردم آزاري. |