قطعا
شبير ’هاتف‘
(1)
تيخ و خنجر جي ڪا ضرورت ناهه،
مون کي ماڻن سان ماريو، سهڻا!
سر ڏيڻ ۾ ته دير ئي ڪانهي،
رڳو مُرڪي نهاريو، سهڻا!
(2)
تنهنجي هر نازشِ بيجا جو قسم،
مون کي تو سان ڪا شڪايت ڪانهي؛
بيرخيءَ کي به تعلق چئبو،
ڇا، اها تنهنجي عنايت ڪانهي؟
بزمِ جانان ۾ حال دل اوريم،
واءِ، منهنجو ڪمال بي ادبي،
سنگدل سان شڪايت و شڪوه؟
ايڏي حجت ڪڏهن به ڪانه ڪبي!
منهنجي دل جا مڪين اکين کان پري،
ايترو قرب، ايتري دوري!
شيوه حسن آهه جورو جفا،
هاءِ، تنهنجي ڪرم جي مجبوري!
’سليم‘ ڳاڙهوي
ڪنهن حسين هٿ ۾ نه ڪا من کي خوشي،
تاج شاهيءَ ۾ نه منهنجي بهتري؛
هڪ مجاهد جي قدم هيٺان اچان،
آرزو منهنجي اها، ۽ زندگي!
عبدالله ’خواب‘
(1)
باعثِ صد فخر، اي دورِ بهار، خوش آمديد،
راحت روحِ وطن، صبر و قرار، خوش آمديد.
دورِ حاضر ۾ اسيرانِ قفس آزاد ٿيا،
اي فضاي خوشگوار، آيد بڪار، خوش آمديد!
(2)
سمنڊ جي هن پار جنهن کي بخت نيو، تنهن کي خبر،
جو لڙهيو قسمت جي لهرن ۾، انهيءَ کان ويو وڳر؛
جن مٺا پيتا ڪڙا، تن کي پياري ڪير ويو؟
تن کان پڇ، جن کان جدا ٿيو راهه ويندي همسفر.
(3)
نا اميدي جڏهن وڪوڙيندي،
وير رحمت جي جوش ۾ ايندي؛
نيٺ مايوسين جو ٿيندو بلو،
ٻڏي ٻيڙي به پار ٿي ويندي.
(4)
گلن سان نه ڪر، دل، ستارن سان رانديون،
ٺهن ٿيون سندءِ تاجدارن سان رانديون،
گلن جي حسين رنگ تي مرڻ وارا،
تون ڪر خونِ دل جي بهارن سان رانديون!
’ذوالفقار‘ راشدي
(1)
هاءِ، تنهنجي پيار سان پرڏيهه ۾،
مون ڪئي آ خوب خيالن جي ورونهن؛
وقت سر پئي ڳائجي ۽ پائجي،
شاعريءَ جي ٿانوَ مان سرهاڻ، سونهن.
(2)
رات وَڙَ ويچار جا ويهي ونڊيم،
سڀ وڃي پنهنجا پتيون پاسا کڻن،
مان ته پنهنجي ڳنڍ جُداري آ ٻڌي،
مون کي تنهنجا دڙ دلاسا ٿا وڻن.
(3)
تنهنجي نيڻن ۾ ڇلايان جام جم،
پاڻ سنئون توکي پيارڻ ٿو گهران؛
او چڪوري! تنهنجي جهوليءَ ۾ جهُلي،
چنڊ وانگي نُور هارڻ ٿو گهران.
(4)
جرڪڻيون، اوچلڪڻيون، او مرڪڻيون!
مون اوهان لئه دل جو در کولي ڇڏيو:
يا ته جرڪايوم جيءَ جي درسني،
يا ته ڪاريءَ رات ۾ رولي ڇڏيو.
(5)
ڪير چانڊوڪين ۾ آيو چلولو؟
چنڊ پڻ جنهن ’چنڊ‘ جي چانڊاڻ آ؛
ڪير آ جنهن هِير کي سُرهو ڪيو؟
واءُ ۾ ڪنهن ساهه جي سرهاڻ آ.
(6)
آءُ، پنهنجي ڪائناتن جا ڌڻي!
آءُ، پالڻهار منهنجي پيار جا!
آ ته مان ٻانهون ٻڌي ٻانهپ ڏيان،
شال گهوريان ڏينهن هي تڪرار جا!
(7)
تنهنجي منهن تي سونهن جون باکون ڦٽيون،
منهنجي اکڙين تان ويا اولا لهي؛
پيار پائي، سيج ماڻي، مرڪڻي،
مون ائين ڀانيو، سجائي ٿي وَهي.
(8)
اڄ رات زندگيءَ جي ڪناري جي ويجهڙو،
ڪوئي پري جمال اٿاري وٺي ويو؛
مون ڀي خزان جي خوف کان ميلو نٿي گهريو،
ليڪن بهار مون کي ڌتاري وٺي ويو.
(9)
يار، تنهنجي خيال سان ڪريان ورونهن،
تنهنجي پاڇولي پٺيان رلندو وتان؛
تنهنجي مٺڙين ماڻڪين ۾ مرڪندو،
ڪا حسين تصوير ٿي ترندو وتان.
(10)
شعر و شباب، رنگ وبو جي آ هڪائنات،
آهي ڪو، جنهن جي سونهن جي عزت نه ڪئي اسان!
ڪوئي پري جمال نه مون سجهي هتي،
جنهن جي ديارِ ناز ۾ نوڙت نه ڪئي اسان.
’امداد‘ حسيني
(1)
هر جفا کي ڪبو نظر انداز،
هر ستم کي وساربو، سائين!
تنهنجي خاطر هي لڙڪ پي وڃبا،
آرزوئن کي ماربو، سائين!
(2)
تنهنجون اکيون، شراب جا پيالا،
منهنجون اکيون، سڄڻ، غضب جون پياڪ،
تنهنجا رخسار ڄڻ گلاب جا گل،
منهنجا چپ ڄڻ ته بلبل، بيباڪ.
(3)
ڏينهن جيئن تيئن ڪري گذاريوسين،
رات ڪاٽي نٿي ٿئي، اي دوست!
واءِ بيتابيءَ مريضِ عشق،
صبح تائين به شل جئي، اي دوست!
(4)
ڪيترو تنهنجو اعتبار ڪجي؟
ڪيترو دل کي بيقرار ڪجي؟
رات گذري وئي، ۽ باک ڦٽي،
ڇا اڃا تنهنجو انتظار ڪجي؟
(5)
ڳالهه نڪتي خدا جي قدرت جي،
مون کي تنهنجو جمال ياد آيو:
شاعريءَ جي جڏهن به ڳالهه آئي،
مون کي پنهنجو ڪمال ياد آيو.
(6)
دل کي ڪنهن جي نظر لڳي آهي،
هر مسرت کي غم پئي سمجهي!
طنز سمجهي ٿي هر ڪا همدردي،
هر ڪرم کي ستم پئي سمجهي!
نياز علي شاهه ’محسن‘
(1)
جسم مسرور، روح اشڪ افشان،
مون ته اڪثر ائين ڏٺو آهي؛
جسم زنده، ۽ روح پڙ مرده،
يعني انسانُ آهه، پر ناهي!
(2)
ڪنهن جو به غم، اي دوست، نٿو مان سهي سگهان،
اي ڪاش، سنگدل ٿي جهان ۾ رهي سگهان!
ٿوري ئي ڳالهه تي ٿيون اکيون ڀرجيو اچن،
اشڪن جو ڀيد ڪهڙيءَ طرح سان لهي سگهان!
عبدالعزيز ’بيدل‘
(1)
هٺ نه ڪر هوند تي، جو هوند نه هوندءِ هردم،
ماٺ ڪر، ماٺ، جو مٽيءَ ۾ ملڻ وارو آن؛
ڏس حقارت جي نظر سان نه غريبن کي اِئين،
جو انهن ساڻ ئي محشر ۾ اٿڻ وارو آن.
(2)
پاڻ انسان ٿي انسان ستائين ٿو تون،
ڇا اهي تنهنجي ئي الله جا بندا ناهن؟
تنهنجي مذموم اَمارت، ٿو پڏين جنهن تي تون،
اُن اَمارت جا هي انسان ئي رازا ناهن؟
(3)
رات تاريڪ ئي سهي، ليڪن،
ڪي پهر آهي، ختم ٿي ويندي؛
زندگي هڪ عذاب آهي، دوست،
ها، مگر ڇا هي، ختم ٿي ويندي.
محمد حسن ’ساز‘
نغمئه ساز
(1)
مون هلڻ کان ڪئي نه آهي بس،
مون کي ڪو همسفر ملي ته هلان:
وقت سان گڏ هلڻ نٿو چاهيان،
وقت مون ساڻ جي هلي ته هلان!
(2)
پنهنجي تنهائي کان ڊڄي اڪثر،
ڪنهن کي روئي پڪارڻو ٿو پوي؛
مون کان منهنجي پڇو نه مجبوري،
بيوفا سان گذارڻو ٿو پوي.
(3)
جي خوشيءَ ۾ تون کلين ٿو، کل ڀلي،
پر ڪڏهن ڪوشش ڪري غم سان به مِل:
غم جي پردي ۾ لڪل آهي خوشي،
جي خوشي چاهين ته غم سان لاءِ دل.
(4)
وقت آهي چڱائي ڪر، ڇو جو،
ڪنهن کي مُهلت ٿو ڏي خدا ٿوري؛
ظلم تي ناز جي ڪرين ٿو ڪر،
ظلم جي آهي پر بقا ٿوري.
رباعيون
ڊاڪٽر سدارنگاڻي ’خادم‘
(1)
سُک ۾ ته ضرور، پر جي ڪو اهنج رسي،
بندي کي کپي، ربّ جو شڪرانو مڃي؛
ڏوهن جي سزا سهڻ جي طاقت نه ڏسي،
ٿورو ٿو ڏئي ڏک، گرچه گهڻو ڏيئِي سگهي.
(2)
سج جان، رب آهه نُور جو سرچشمو،
هر فردُ انهيءَ شمس سندو تڇ ڪِرڻو؛
سج جو، ۽ ٿي سج کان، نه ٿي ڪِرڻو ٿو سج،
ڇا پاڪ لڳي ۽ ڇا خاڪي ذرڙو!
(3)
پئسي نه هئڻ سبب نه ٿي ويڳاڻو،
نادانَ، ڀري آهون، ٿِين ڇو ساڻو؟
خالق جي نظر ۾ ڏِس زر جي قيمت،
ڪهڙن نااهلن کي ڏنو اٿس ناڻو!
(4)
گوهر کي ٻوڙي ٿو لک، پاڻ تري؛
پَٽ سيرَ کي آڻي، پاءُ سر اُوچو ڌري؛
دنيا ۾ خسيسَ جي ٿي ساري سر،
هلڪو ٿو کٽي، ڳورو بيموت مري.
حافظ محمد احسن
(1)
ڇڏ پست خيالي ۽ اٿي ڪر پرواز،
تون عالم اقوام ۾ آهين ممتاز؛
ڏس غور ڪري تون ته ڇا هستي آهين،
دنيا کي سدا توتي رهيو فخر و ناز.
(2)
ٿي پاڻ کان پاسي ته ڪرين تون ديدار،
اندر ۾ لِيئو پاءِ، نه ووڙج وڻڪار؛
پردو جي کڻي ’پاڻ‘ جو وچ تان جنهن دم،
ڪثرت مان ٿئي وحدت، نه وِٿي هڪڙو وار.
(3)
جي عيش ۽ عشرت ۾ گذارن هردم،
ڏسندا سي پڇاڙيءَ ۾ مصيبت ۽ غم؛
ڏک پهرين ۽ سک پوءِ، ائين بهتر آهه،
سک پهرين ۽ ڏک پوءِ، اهو مشڪل ڪم.
(4)
هر رنج ۾ ڪا شڪل طرب پيدا ڪر،
هر ڳالهه جو حڪمت سان سبب پيدا ڪر؛
چاهين جي تون مشڪل ٿئي تنهنجي آسان.
انسان! ذرا دل ۾ طلب پيدا ڪر.
شبير ’هاتف‘
دل ۾ ٿا ڪئين داغ ڪَلين جئن مرڪَن،
اکڙين ۾ سدا ڪوثر و تسنيم وهن؛
آهُن جي ٿڌي هِير، سلاسل جون سرون،
هن عشق جي دنيا تان فدا خلدِ عدن.
امداد حسيني
(1)
راتين جو ڪڏهن ٿيندو سحر، ڇا معلوم؟
آهُن جو ڪڏهن ٿيندو اثر، ڇا معلوم؟
ساقيءَ جي هٿان جام ملي يا نه ملي،
کُلندو ڪڏهن ميخاني جو در، ڇا معلوم؟
(2)
چاڪِ دلِ صد چاڪ سبڻ ٿو چاهيان،
جام طرب و عيش پيئڻ ٿو چاهيان؛
اي گردشِ افلاڪ، ڏي مهلت مون کي،
ڪجهه ڏينهن اڃا آءٌ جيئڻ ٿو چاهيان.
(3)
اکڙين جي پيالن مان پيئڻ ٿو چاهيان،
زلفن ۾ گرفتار ٿيڻ ٿو چاهيان؛
الله ڪري منهنجي تمنا پوري،
دنياي دل آباد ڪرڻ ٿو چاهيان.
(4)
اکين کي ڪري بند، ڏسان ٿو توکي،
الله جو سنهن روز ملان ٿو توکي!
دنياي خيالات شل آباد رهي،
ڪيڏو نه قريب آءٌ رهان ٿو توکي! |