سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :24

  

’معصوميءَ‘ ۾ ڏنل سنڌ جون حدون هن طرح آهن:

”از شرق تا حد ڪشمير و قونوج، و از جانب غرب تا مڪران و ڪنار درياي محيط ڪہ بندر ديبل باشد، و از طرف جنواب تا حد سورت بندر و بندر ديو، و از سمت شمال تا حدود قنڌار و حد سيستان و ڪوه سليمان و ڪردان و ڪيڪانان بود“. (3)

انهن ئي حدن کي شاهه ڀٽائي رحه جي بيتن سان ڀيٽي ڏسو، ڪو تر جيترو به تفاوت نظر ڪو نه ايندو. اسان جو ادب بروهين کي سنڌي ملت جي قوم ڏيکاري، اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. سيستان ڪڏهن سنڌ جي راءِ گهراڻي جي راجائن ماتحت رهيو، ڪڏهن ايران جي ساساني فرمانروائن جي ماتحت رهيو. (1)

نسب، وطن ۽ قبيلا.

بروهين جي نسب متعلق، عيسوي ويهين صديءَ جي شروعات ۾، 1901ع جي پهرينءَ آدمشماريءَ جي رپورٽ مان دنيا کي خبر پيئي. بلوچستان جي مٿين رپورٽ انگريزن خان خداداد جي صلاح ۽ مشوري سان تيار ڪئي هئي، جڏهن خان صاحب ’بوري‘ ۾ نظر بند هو. هاڻوڪيءَ سنڌي ملت ۾ جهڙيءَ طرح عرب، پٺاڻ، مغل، ايراني ۽ هندي، سماٽ قومون شامل آهن، تهڙيءَ طرح ’بروهي ڪنفيڊريسي‘ به مختلف نسلن جي قومن جو مجموعو آهي. بروهي آفيشل رڪارڊ ۾ ”بروهي“  نالو ’براده‘ يا ’بروده‘ جو مخفف آهي. براده ندي ليبنان جبل مان نڪري، عتيبه جي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. دمشق جو ميداني علائقو، خاص طور ’غوطه‘ جو سرسبز حصو، هن نديءَ وسيلي سيراب ٿئي ٿو.(2) مشهور جاگيرافيدان ياقوت حمويءَ ڄاڻايو آهي ته جڏهن عبدالملڪ بن مروان، سليمان کي فلسطين جو گورنر مقرر ڪيو هو، تڏهن سليمان برده نديءَ مان هڪڙي شاخ ڪڍرائي ’رمله‘ کي تختگاهه مقرر ڪيو هو (1). فلسطين جي نقشي ۾ برده ندي ڏيکاريل آهي. بروهي پنهنجين روايتن موجب پاڻ کي حضرت ابراهيم عليه السلام جي نسل مان ڇڪين ٿا، جو ”براهو“ ڄاڻايل  آهي.

آدمشماريءَ جي رپورٽ ۾ احمدزئي شاهي خاندان جا پنج پاڙا خالص بروهي ڏيکاريل آهن، جن جو وطن حلب (Aleppo) هو. مٿيان پنج پاڙا هي آهن: 1. التازئي، 2. ميرواڙي، 3. گرگناڙي، 4. سمعالاڙي، ۽ 5. قلندراني. هي پاڻ کي عرب سڏائين ٿا.

بنگلزئي، لانگوه ۽ لهڙي ٻروچ آهن، پر بروهي تمن ۾ شامل رهڻ ڪري بروهي سڏجن ٿا.

رئيساڻي ۽ شاهواڻي توڙي سَر پَره پٺاڻ آهن. هيوز صاحب سرپره قبيلي کي ’سٿين‘ ڄاڻايو آهي.

ڪرد ۽ محمد حسني ايران کان آيل آهن. ڪرد وڏي قوم آهي، جنهن تاريخ ۾ بابل ۽ آشور جهڙيون شهنشاهتون قائم ڪيون هيون. سلطان صلاح الدين ايوبي، زنگي سلاطين جو مشهور سپهه سالار، جنهن صليبي حمله آورن کي شڪستون ڏيئي شام ۽ مصر تي حڪومت ڪئي هئي، سو به ڪرد هو. ڪردن پنهنجيءَ جنگجو طبع ڪري تاريخ ۾ گهڻو پارٽ ادا ڪيو آهي، جنهن جو بيان سنڌ جي تاريخ ۾ به ڏنل آهي. بروهين جي هن آڳاٽيءَ قوم چچ بن سيلائج سان به هٿ ڳنڍيا هئا، چنانچه سڀني نديءَ تي رهندڙ ڪردن تي - جن جو گذران ڍوڍي ۽ پنير تي هو - چچ هڪ سو جابلو گهوڙا ۽ لک درهم سالياني ڍل  مقرر ڪئي هئي. (1). سراوان جو اتانهون جبل، جو هينئر بروهي جبل ڪوٺجي ٿو، ”چچنامي“ ۾ ’ڪوه ڪردان‘ ڄاڻايل آهي.

مينگل، بيزنجو، ساجدي ۽ زهري، سماٽ (جَدگال) ۽ جاٽ قبيلا آهن. بروهي ڪنفيڊريسيءَ جي جدگال قبيلن مان ”مينگل“ نالو ٻن لفظن جو مرڪب آهي: ’مين‘ ۽ ’گَل‘، يعني ’مين‘ قوم جي جماعت. ”بيگلارنامي“ ۾ بينا (مينا)، تاڪ، بنوميا، سنڌ جي قديم قومن جانالا ڏنل آهن. ”تحفته الڪرام“ ۾ بنيا، ٽانڪ، مومد ۽ مهمير، چئن قديم قومن جا نالا ڏنل آهن. ليفٽيننٽ پوسٽنس ’رايل ايشياٽڪ سوسائٽي‘، بنگال، جي جرنل ۾ نوبيته، تاڪ ۽ مومد نالا، 1841ع جي شماري ۾ ڄاڻايا آهن. ساڳئي رسالي جي 1845ع جي شماري ۾ بنوجا، جڪ ۽ موميد نالا شايع ٿيا هئا. ’وشنو پران‘ ۾ فقط تاڪ قوم جو نالو ڏنل آهي. ايلئٽ جي تحقيقات موجب، مين (مينا) قوم، اِراولي جبل جي مٿانهين پٽ ماننڪري، مهراڻ جي ڊيلٽا تي ’مينا ننگر‘ شهر تعمير ڪرايو هو. جنرل ڪننگهام، مينا ننگر کي هاڻوڪي ٺٽي جي ڀر ۾ تسليم ڪري ٿو. ڊي. ائنولي غلطيءَ سان منصوره کي مينا ننگر ڄاڻائي ٿو. يوناني جاگرافيدانن مان بطليموس ۽ ايرين، مينا ننگر جو بيان ڏنو آهي. ڪن تاريخن ۾ هي شهر شاهبندر جي ڀر ۾ هو. موميد قوم کي عربن ’ميد‘ نالو ڏنو. ڪرنل جيمس ٽاڊ جي بيان ۾ تاڪ، سٿين (تڪشڪ) ۽ ناگاونسي ناگ جو اولاد، راجپوت هئا. فيروز شاهه تغلق جي ڏينهن ۾ وجيه ملڪ، جنهن دين اسلام اختيار ڪري گجرات ۾ مظفريه گهراڻي جي راڄ جو پايو ڌو هو، سو هن قوم مان هو. مينا ننگر نالي ٻه شهر هئا: هڪڙو نريدانديءَ تي، جو هينئر مانڌو ڳڙهه سڏجي ٿو، سنڌ جي سما حڪومت جو آڳاٽو تختگاهه هو؛ ۽ ٻيو مينا ننگر مهراڻ جي الهندي ڪپ تي هو، جو راجا سامبس جي ڏينهن ۾ سماننگر سڏجڻ لڳو. تاڪ يا تڪا قوم پهرين تڪا ديش ۾ بيٺڪ وڌي هئي، جو سنڌونديءَ ۾ جهلم نديءَ جي دوآبي جي اُترئين حصي ۾ هو. تڪشاسلا (ٽئڪسلا) جو سهر به هن قوم تعمير ڪرايو هو. (1) عرب جاگرافيدانن غلطيءَ سان مينا ننگر ۽ منجا باري ساڳيا شهر ڏيکاريا آهن. اليگزينڊر برنس سماننگر (ساموئي) کي مينا ننگر تسليم ڪري ٿو (2). منجاباري، يا منها باري، ٺٽي کان اسي ميل الهندي ۾ هو، جتان ارمائيل (لس ٻيلو) چئن ڏينهن جي پنڌ تي هو؛ ابن حوقل جي نقشي ۾ ڏيکاريل آهي (1)؛ منگهي پير واري هند تي هو؛ ديبل، سون مياڻي ۽ مڪران ڏانهن ويندڙ رستو هتان لنگهندو هو. ”طبقات ناصري“ ۾ جسوڌن اُگرو مين ننگر (ڀنڀراوا) ضلعي جو راڻو، ۽ چنيسر ديبل جو راڻو ڏيکاريل آهي. (2). عيسوي 13 صدي جي چوٿائي، ناصر الدين قباچه (1228- 1210) جي سنڌ تائين مينا ننگر جو ڏس ملي ٿو.

محمد شهي ۽ نيچاري، بلوچستان جون قديم قومون آهن.

مٿين بروهي قومن جو ورهاڱو ٻن بروهي ضلعن ۾ هن طرح آهي:

ضلعو سراوان: بنگلزئي، ڪرد، لهڙي، لانگوه، محمد شهي، رئيساڻي، رستم زئي، سَرپَره، ساتڪزئي، شاهواڻي، ذگرمينگل. اهي قومون سراواني ڪوٺجن ٿيون.

ضلعو جهالاوان: بيزنجو، هاروني، محمد حسني، مينگل، نيچاري، پندراڙي، ساجدي، زهري، نغاري، ريڪي زئي، اهي قومون جهالاواني ڪوٺجن ٿيون.

بلوچستان کان علاوه سنڌ جي جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، نواب شاهه، حيدرآباد ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن ۾ بروهي رهن ٿا. مغربي پاڪستان ۾ سندن تعداد پندرهن لکن کان به مٿي آهي. هر هڪ بروهي قوم جون بيشمار شاخون (پاڙا) آهن. هن صحبت ۾ فقط شاهواڻي قوم جي شاخن جا نالا نموني طور پيش ڪجن ٿا، ۽مختصر طور ٻين قومن جون شاخون به پيش ڪريون ٿا، جيئن بروهي قومن جي وسعت جو پتو پئجي سگهي.

1. شاهواني:

حاجي زئي: حاجي زئي، راوت خان زئي، شادين زئي، چنروزئي، حاصل خان زئي، ميروزئي، شيرزئي، خواجو زئي، شاهو زئي، حسني، ڪَلو زئي، عمراني، تنگي زئي، سهر زئي، مياهي زئي، ڪشاني، غل.

سهرزئي: ڏاهي زئي، علي خان زئي، فيروزئي، عيسيٰ زئي، بوجا زئي، حڪيم زئي، ڪنززئي،

عمراني: هوتي زئي، جهل زئي، يار علي زئي، پنڊوخ زئي، زهروزئي، غذارزئي، جوڳي زئي.

2. رئيساڻي:

ميان علي زئي، راءُ حسين زئي، رستم زئي، سراج زئي، ٻيون ننڍيون شاخون به آهن، جن کي طوالت ڪري نظر انداز ڪريون ٿا.

3. بنگلزئي:

سيد زئي، گهرام زئي، دينار زئي، گِراني، شوران زئي، بدوزئي، مندواڻي، پڙ، بجارزئي، مغنڊوزئي، ڦُگ، باران زئي، شاهوزئي.

4. محمد شهي:

مدوزئي، ڪرموزئي، شدن زئي، مسوداني، گرگين زئي، شادي زئي. محمد زئي، پهلان زئي، زردارزئي، سوروزئي، صفوزئي، سامڪ زئي، جڪوزئي.

5. لهڙي:

ابراهيم زئي، حيدرزئي، زوبيراني، شادياني، خلچاني، شنگراني، وغيره.

6. مينگل:

 شاهي زئي، پهلوان زئي، ابابگي. جهالوان ۽ نوشڪي تائين پکڙيل آهن.

7. زهري:

زرڪ زئي، خدراني، جَتڪ، موسياني، باجوئي.

8. قنبراڻي:

صوڀازئي، ميران زئي، باران زئي، مستنگ، خاران، جهالاوان ۽ قلات تائين پکڙيل آهن.

9. دِهوار:

خواجه خيل، هوتي زئي، سارنگ زئي، داري زئي، قاضي خيل، شيخ، گوارا زئي، نجارزئي، زرخيل، منگوزئي، اناري زئي، ڍاڍرزئي، هولائي، ابڙه، الجازئي، ڊونب، سياه پاد- انهن مان ارخيل پٺاڻ، ۽ سياه پاد رند آهن. دهوار ايراني نسل مان آهن، ۽ سندن ٻولي بگڙيل پارسي آهي؛ مستنگ ۾ سڪونت پذير آهن.

10. شاهوزئي:

رهزن زئي، ابراهيم زئي، تمارزئي، ريحان زئي، فرار زئي، جنگي زئي، گاجي خان زئي، مراد خان زئي، سيد خان زئي، مصرزئي، گرُّزئي، مستان زئي.

11. ميرواڙي:

احمد زئي، حڪمران قوم جو اهو پاڙو آهي، جنهن جو ڏاڏو مير ميروخان هو، جنهن جي نالي ڪري ميرواڙي سڏجن ٿا. انهن ميرواڙين، مير بجار بن مير عمر بن ميرو جي سرڪردگيءَ ۾، عيوسي پندرهين صديءَ ڌاري، لس ٻيلي جي جدگالن (سماٽن) کي شڪست ڏيئي، جهالاوان جي مشڪي ماٿريءَ ۽ نندرو ۾ بروهي ڪنفيڊريسيءَ جو پهرئين دفعي بنياد رکيو هو.

جلوه ڪاروانِ ما نيست بہ نالہ جرس،

عشق تو راه مي برد، شوق تو زاد مي دهد.

 

بروهي زبان.

شاهه سائين مادر وطن سنڌ جي پلئه جو پاند هاڙهي ڌڻيءَ سان اهڙو مضبوط ٻڌي ويو آهي جو اسين ڪنهن به صورت ۾ بروهي ٻوليءَ کي وساري نٿا سگهون - توڙي جو هيءَ زبان غير آريائي ٻولي آهي، جا ’ڪرگالي‘ به سڏجڻ ۾ اچي ٿي؛ ۽ اها هڪ يقيني ۽ تاريخي حقيقت آهي ته پاڪستان جي سڀني ٻولين کان جهوني آهي، ڇالاءِ ته علم اللسان جا ماهران کي دراوڙي ٻولين جي صف ۾ شمار ڪن ٿا. اسين هيءَ به دعوا ڪريون ٿا ته بروهي اوائلي سنڌي ٻولي آهي، جا پنج هزار ورهيه قبل مسيح سنڌ جي جهوني سڀيتا - موئن جي دڙي - جو زنده مثال آهي. جيئن زندگي هر دم جوان آهي، تيئن سنڌي مادري ٻولي به هر زمان ۽ مڪان  ۾ زنده رهندي اچي ٿي. بروهي ٻولي، جا بنيادي آهي، سنڌي ٻوليءَ کي عروس نوبهار وانگي سينگاريندي اچي ٿي، بشرطيڪ قلم مشاط گريءَ جي هنر کان واقف هجي. اسانجن اديبن سنسڪرت، فارسيءَ ۽ ٻين ٻولين تي گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي، پڻ ڇنڊ ڇاڻ به ڪئي آهي، پر بروهي ٻولي، جنهن جو سنڌي ٻوليءَ سان چولي ۽ دامن جهڙو واسطو آهي، تنهن کي پٽيءَ وساري ڇڏيو اٿن. دراوڙي ٻولين جي صف ۾ هوندي به، بروهي ٻوليءَ جي آريائي ٻولين سان مائٽي آهي، ۽ اهڙي ناتي ڪري زنده رهندي اچي ٿي. وڏو تعلق جدگاليءَ (سنڌي) سان رکي ٿي. شاهه سائين پهريون سنڌ جو عظيم شاعر آهي، جنهن ’ڪرگالي‘ ٻوليءَ جي اڙانگن لفظن کي سنڌي بيتن ۾ سموئي جس کٽيو آهي. ملاحظه فرمايو:

داسا، داڪا، داڙي، هَنڊاڙي هئام،

هُرداسا هِن حال جي، هتي هوت ڏٺام،

پذيري ايندام، پائي پيچ پريت جو.(1)

هن بيت جي پهرينءَ سٽ جا اڳياڙيءَ وارا چار لفظ، ۽ٻيءَ سٽ جو پهريون لفظ، بروهي ٻوليءَ جا لفظ آهن. بروهي ٻوليءَ ۾ سنڌي زبان وانگي لچڪ آهي، توڙي جو اها حقيقت آهي ته هيءَ ٻولي دکن جي دراوڙي ٻولين مان جڙيل آهي. – حالانڪ بروهين جو وطن، برصغير ۾ اُترينءَ سرحد تي آهي، ۽ دکن ۽ اتر برصغير ۾ هزارن ميلن جو فاصلو آهي. هن مان صاف ظاهر آهي ته سنسڪرت زبان جا آرين جي بنيادي زبان آهي، ان جي وجود کان هزارها ورهيه اڳ مهراڻ جي ماٿريءَ توڙي بلوچستان ۾ دراوڙي ٻوليون رائج هيون(1).بروهي ٻوليءَ ۾ لفظ ’گَل‘ لفظ بروهي ٻوليءَ کان وڌيڪ بلوچيءَ ۾ رائج آهي. جهڙوڪ ’دُزگَل‘، چورن جو ٽولو؛ ’بُزگَل‘، ٻڪرين جو ڌڻ؛  ’مينگَل‘، مين قوم جي جماعت؛ وغيره. بروهي ’س‘ ۽ ’ڪ‘ (sk) گونڊي زبان ۾ رائج آهي. بروهي ’نا‘ لفظ تامل ٻوليءَ ۾ عام ڳالهائڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ طرح، بروهي ’اِي‘ (معنيٰ آءٌ)  به تامل ٻوليءَ جو ’ei‘ لفظ آهي. بروهي ’اِسڪا‘ معنيٰ ’هو‘، تامل ۾ ساڳيو آهي، ۽ تولو ٻوليءَ ۾ به رائج آهي. بروهي لفظ ’تُد‘ (معنيٰ ’ساڻ‘)، تيلوگو ۾ ’تودُو‘ ڪتب آندل آهي. بروهي زبان جي ڳڻپ جا پهريان ٽي لفظ – آست يا آس (هڪ)، اِرٽَ يا اِرَ (ٻه)، ۽ مُسِٽ يا مُسِ (ٽي) - خالص دراوڙي لفظ آهن. بروهي ’مُہ‘ (اڳ) ۽ ’مون‘ (منهن)، دراوڙيءَ ۾ ’مُو‘ ۽ ’مُون‘ رائج آهن. بروهي لفظ ’نِي‘ (تون) ۽ ’نُم‘ (توهين)، ڪانيريءَ (Kanarese) ۾ ’نِيم‘ ۽ ’نُم‘ رائج آهن. ڊاڪٽر ڪالڊويل (Caldwell) بروهي لفظن ’نِي‘ (تون)، ’نُم‘ (توهين) ۽ ’نَن‘ (اسين) کي دراوڙي ڄاڻائي ٿو. انهيءَ طرح، بروهي لفظن جي جيڪڏهن وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسون ته مضمون وڌي ويندو. هتي مثال طور چند لفظن جي دراوڙي ٻولين سان ڀيٽا ڪئي ويئي آهي، جيئن پڙهندڙ معلوم ڪري سگهن ته بروهي زبان تيلوگو، تولو، تامل، ملايلم، گونڊي ۽ ڪانيي، دراوڙي زبانن سان لساني طور تعلق رکي ٿي؛ ۽ هن وقت منجهس سنڌي، انڊو-يوروپين ۽ انگريزي زبانن، ۽ عربي ۽ پارسي زبانن جا لفظ شامل آهن.

 

گرامر.

اوڻهين صديءَ ۾ مغربي متشرقين هندستاني ٻولين جا گرامر تيار ڪيا. بشپ ڪالڊويل ڊراوڙي زبانن جو گرامر تيار ڪيو، جو 1875ع ۾ شايع ٿيو. وهٽنيءَ (whltney) سنسڪرت گرامر تيار ڪيو، جو 1879ع ۾ شايع ٿيو. بيم (Beame)  هاڻوڪين آرين زبانن جو گرامر ٽن جلدن ۾ تيار ڪيو، جي 1879-1872ع ۾ شايع ٿيا. گريئرسن، بهاري ٻولين جي ڊڪشنري تيار ڪئي، جا 1858ع ۾ شايع ٿي. ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي زبان جو گرامر تيار ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ ’رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ‘  جي جرنل ۾ مختلف ٻولين تي تبصرا شايع ٿيندا رهيا. اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري ميجر ماڪلر بلوچستان جي ٻولين مان فقط مڪراني ٻوليءَ جي گرامر متعلق سمجهاڻي شايع ڪرائي؛ ليڪن 1839ع ۾ پهرينءَ افغان ويڙهه وقت جڏهن انگريزي لشڪر کي بولان لڪ مان لنگهڻو پيو، تڏهن مغربي عالم بروهي (ڪرگالي) ٻوليءَ جي تحقيقات ڪرڻ ڏانهن رجوع ٿيا. ايشيا ۾ بروهي حڪومت موجود هئي، پر گمناميءَ جي پردي پٺيان هئي. پهريون دفعو الهندي هندستان جي ٻولين متعلق جرمن محقق ليسن (Lassen)، جلد 5 ۾، بروهي ٻوليءَ متعلق روشني وڌي، جو 1844ع ۾ جرمنيءَ مان شايع ٿيو. ’اٽالين بوليٽينو جاگرافيڪل سوسائٽيءَ‘ جي هڪڙي ميمبر، فنزي (Finzi)، بروهي ٻوليءَ متعلق لاطيني زبان ۾ ڪتاب تيار ڪيو، جو 1850ع ۾ شايع ٿيو. مسٽر الله بخش جو ننڍڙو ڪتابچو 1877ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ بروهي گرامر 1880ع ۾ ميونچ مان شايع ڪرايو. پادري ٽي. ميئر (T.J.L.Mayer) 1906ع ۾، هڪڙو بروهي ريڊر لڌياني مان شايع ڪرايو. راءِ صاحب ديوان جميعت راءِ جو ڪتاب بروهي ٻوليءَ تي 1907ع ۾ ڪوئيٽا مان شايع ٿيو.

عيسوي ويهين صديءَ جي شروعات تائين گهڻو ئي مواد بروهي ٻوليءَ متعلق شايع ٿيو ليڪن مٿيان ڪتاب ايترو ڪارائتا ثابت ڪونه ٿيا، جن مان بروهي ٻوليءَ جي ماهيت کي برٽش فوجي عملدار سمجهي سگهن، جن لاءِ هن سرحدي صوبي جي ٻوليءَ سکڻ لاءِ سرڪاري حڪم هو. مٿيون زباني مسئلو 1909ع ۾ حل ٿي ويو، جڏهن مسٽر ڊينز بري (Danys Bray)  جو ڪتاب ” بروهي ٻولي“ جلد پهريون (The Braui Language, Part I)، گورنمينٽ پريس ڪلڪتي مان شايع ٿيو. مسٽر ڊينز بري (آءِ. سي. ايس.) برٽش بلوچستان جي روينيو کاتي ۾ ملازم هو، ۽ مختلف زبانن مان واقف هو. 1901ع ۾ بلوچستان جي آدمشماريءَ جو ڪم سندس سپرد ڪيو ويو. هن صاحبَ ماتحت مرزا شير محمد زهريءَ جهڙو لائق انگريزيدان مقرر ڪيو ويو، جنهن کان هن بروهي زبان سکي، ۽ ڪرگالي زبان جي خط و خال کان پوريءَ طرح واقفيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، اٺن سالن جي محنت بعد، حڪومت کي پنهنجو ڪتاب پيش ڪيائين. هيءُ ڪتاب بروهي ٻوليءَ جو مڪمل گرامر آهي، جنهن کي پڙهڻ سان بروهي ٻوليءَ جي ماهيت کي معلوم ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب جو جيڪڏهن ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائجي ته بيحد مفيد ثابت ٿيندو، ڇا لاءِ ته ’ڪرگاليءَ‘ جي معنيٰ آهي بگڙيل زبان، جنهن جا اُچار بلڪل ڏکيا آهن. اهڙي منجهيل مسئلي کي حل ڪرڻ جو سهرو مسٽر ڊينز بري جي مٿي تي آهي. مسٽر ڊينز بري کي برٽش حڪومت ترقي ڏيئي، 1934ع ۾، هند جو پرڏيهي وزير مقرر ڪري، ’سر‘ جي معزز خطاب سان نوازيو. ملازمت جي آخري لمحي تائين کيس بروهي ٻوليءَ ۽ بروهيت سان دلچسپي رهندي آئي. 1934ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب، ”بروهي پِرابلم“، جلد ٻيو (The Barui Problem, Part II)، نئين دهليءَ مان شايع ٿيو. ڪتاب بروهي ٻوليءَ جو مڪمل گرامر آهي، جنهن جي ان وقت جي هندستان مان شايع ٿيندڙ انگريزي اخبارن تعريف ڪئي هئي، ۽ دنيا کي تسليم ڪرڻو پيو ته بروهي ٻولي داراوڙي ٻولين مان نڪتل، قديم ٻولي آهي.

رسم الخط.

قلات جي بروهي نوابن مان مير حسن دهليءَ جي مغل شهنشاهن کان آزادي حاصل ڪئي هئي. مير احمد خان - جنهن جي نالي تي قلات جا نواب ’احمدزئي‘ سڏبا هئا - 1661ع ۾، شاهجهان جي ڏينهن ۾ خود مختاري حاصل ڪئي هئي. 1854ع ۾ مير نصير خان ثانيءَ ’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ‘ جي قيادت تسليم ڪئي، ۽ 1947ع ۾، پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ، هيءَ رياست پاڪستان ۾ مدغم ٿي ويئي؛ ليڪن مٿئين عرصي ۾ بروهي ٻوليءَ ڪا ترقي ڪا نه ڪئي، ڇا لاءِ ته سابق قلات سرڪار جي دفتري زبان پارسي هئي، جيئن پارسي ٻولي سنڌ ۾ ٽالپري دور تائين سرڪاري زبان هئي. سنڌي ٻوليءَ وانگر، بروهي به گهرو زبان جي حيثيت ۾ رهندي آئي، ۽ بلوچستان جا شاعر به پارسيءَ ۾ سخن سنجي ڪندا رهيا. انگريزي دور م به اسڪولن ۾ اردو تعليم جو ذريعو بنجي ويئي؛ جنهنڪري بروهي زبان ڪا به نمايان ترقي ڪانه ڪئي. وري جن بروهين بلوچستان کان نڪري سنڌ ۽ ٻين صوبن کي وطن جوڙيو، انهن انگريزي پڙهڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ کي وساري ڇڏيائون. آزاديءَ  کان پوءِ جڏهن صوبائي ٻولين جو وارو آيو، تڏهن مس مس 1960ع ڌاري، رئيساڻي سردار ميجر غوث بخش خان جي ڪوشش سان، مستونگ مان پهريون دفعو عربي اردو خط ۾ پندرهن روزه ”ايلم“ اخبار بروهيءَ ۽ اردوءَ ۾ شايع ٿي رهي آهي. ليڪن بروهي خانه بدوش قوم آهي، تعليم نه هئڻ ڪري خريدار اٽي ۾ لوڻ جيترا مس آهن. نه وري بروهي زبان ۾ اڄ تائين ڪو اهڙو ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن جي ذريعي غير بروهي هن زبان مان واقفيت حاصل ڪن- البت سابق خان قلات جي ڏينهن ۾ هڪڙي مولوي سربازيءَ قرآن پاڪ جو بروهيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. نه وري ريڊيو پاڪستان بروهي ٻوليءَ کي اهميت ڏني آهي.  فقط ڪوئيٽا ريڊيو تان پنج منٽ بروهي غزل جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ جي هر هڪ ضلعي ۾ بروهي رهن ٿا، انهن لاءِ مادري زبان ٻڌڻ جو انتظام ڪونهي. قيام پاڪستان کان پوءِ بلوچستان ۾ ’براهوئي رائٽرس گلڊ‘ قائم ٿي آهي؛ مگر اسڪولن  ۾ اڃا بروهي زبان رائج ڪو نه ٿي آهي. بروهي زبان وقت جي ٻولين ۾ گهڻو پٺتي پيل آهي. نشر ۽ اشاعت جو پورو انتظام، قوم جي نااتفاتيءَ ۽ سرمايي  نه هئڻ ڪري، ڪو نه ٿيو آهي. انهن سببن ڪري پاڪستاني عوام کي بروهين جي تايخ ۽ ادب کان ايتري واقفيت پهچي ڪا نه سگهي آهي، حالانڪ بروهي قوم ۽ سندن قديم زبان زنده آهن.

تازو لاهور ۾ منعقد ٿيل پاڪستان جي علاقائي زبانن جي ڪانفرنس ۾، سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي وفدن سان گڏ، بروهي وفد به شرڪت ڪئي، ۽ پنهنجي ادب ۽ ثقافت تي مقالا ۽ اشعار پڙهي، ثابت ڪيو ته بروهي زبان به هڪ زنده ۽ علمي زبان آهي، جنهن ۾ ادب جو عظيم ذخيرو موجود آهي.


(3)  يعني ته آڳاٽيءَ سنڌ جون حدون اڄڪلهه جي مغربي پاڪستان کان گهڻو وسيع هيون. سيستان ايران جي ماتحت آهي، ۽ سوراشٽر گجرات تي ڀارت جو قبضو آهي. شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽو:”تاريخ معصومي“ ص 8-9، مطبع قيمه، بمبئي، 1938ع.

(1)   سيستان سنسڪرت نالو آهي، يعني سرد ملڪ. سنڌ جي تاريخ ۾ نيمروز ڄاڻايل آهي. ايرانين مٿس زابلستان نالو رکيو هو. عربن مٿس سجستان نالو رکيو هو. ان جو تختگاهه زرنج آهي، جو زيره ڍنڍ تي واقع آهي، جنهن ۾ هيلمند ندي ڇوڙ ڪري ٿي.

(2)  L. DudleyStamps: “Asia-an Economic and Regional Geography”, Ch: `Arab Asia~, pp. 125-126, London, 1930.

(1)  ياقوت حموي: ”معجم البلدان“، ج 4، ص 287. قلات جي آفيشل رڪارڊ لاءِ ڏسو ڪتاب ”تاجپوشيءَ قلات“، لفظ براهوئي، فيروز پرٽنگ پريس لاهور، 1434ع.

(1)  ”چچنامو“، ص 68 سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، 1954ع.

(1)  J. TadL”Annals and Antiqueties of Rajasthan”, Vol. I, pp. 53-92: Vol.II, pp. 225-227

(2)  A. BurnesL “Travels into Bokhara”. Vol III, p 79.

(1)   Eliot H.: “History of India”, Voil. I. `Early Arab Geographers~, p.77

M. R. HaigL “The Indus Delta Country”, p. 68.

(2)  H. G. RavertyL “The Mihran and its terriotories”, p. 202.

(1)   سر ديسي، فصل ستون، ص 270، بمبئي ڇاپو.

(1)  مغربي محققن جي لکت موجب، آريائي قبيلائي 1400 ق.م. مهراڻ جي ماٿريءَ ۾ وارد ٿيا هئا. سنڌ ۾ موئن جي دڙي واري تهذيب پنجاب، افغانستان، بلوچستان ۽ ايراني مٿانهين پٽ تائين رائج آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com