سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :2

 

عظيم فنڪارن ۽ دانشورن جون ورسيون:

ميڪسم گورڪي. تازو دنياوي ادب جي بين الاقوامي افسانه نگار، ميڪسم گورڪيءَ جي ورسي سڄيءَ دنيا جي متمدن ملڪن ۾ ملهائي ويئي. گورڪي روسي انقلاب جو پيشرو ۽ نقيب هو. سندس فڪر انگيز ۽ انقلاب پسند تحريرن نه فقط روس جي عوام ۽ اهل فڪر ماڻهن کي متاثر ڪيو، پر دنيا جي وڏن وڏن اديبن ۽ مفڪرن کي به متوجهه ڪيو. سندس تحريرن متعلق لينن جو چوڻ آهي ته ’گورڪي عظيم فنڪار آهي، جنهن جي فن ۽ تحرير اسان جي انقلابي نظريي لاءِ زمين هموار ڪئي.‘ گورڪيءَ جي تحريرن ۾ سماج ۽ ان جي عمراني تشڪيل متعلق نهايت عميق ۽ دوربين تنقيد موجود آهي: خاص طرح جاگيردارانه سماج جي خط و خال، ۽ انهن جي عوام ڪُش حيلن وسيلن، ۽ ادب، تاريخ، آرٽ ۽ مذهب جي آڙ ۾ سرمائيدارانه نظام جي تائيد ۾ پيدا ڪيل مقدس نظرين متعلق نهايت  معقول ۽ تعميري تنقيد موجود آهي. گورڪي صحيح معنيٰ ۾ مشاهده نگار ۽ معاشري جو پارکو هو. سندس فن ۽ شخصيت متعلق پوريءَ دنيا جي اديبن ۽ عالمن خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته گورڪي پوريءَ انسانيت جو فنڪار، نقاد ۽ زبان هو. سندس چوڻ آهي:

”اڄ تائين دنيا ۾ ڀلا ٿيو ڇا آهي؟ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن لاءِ ته سربفلڪ محلات تعمير ڪيا ويا آهن، باقي ڪروڙها ماڻهن لاءِ ڪارخانا ۽ ڪليسائون! روحن کي ڪليسائن ۾ ڪچليو  وڃي ٿو، ۽ جسمن کي ڪارخانن ۾-- ان لاءِ ته ’محل‘ سلامت رهن‘“

بيشڪ، سڀاڳا آهن اهي مرد، جن جي زنده جاويد تحريرن کي ’جام ِ جهان نما‘ چئي سگهجي ٿو.

ٽئگور. هن سال رابيندرناٿ ٽئگور جي صد ساله ورسي سڄيءَ دنيا جي وڏن ملڪن ۾ ملهائي ويئي آهي. ٽئگور پنهنجي فن ۽ شخصيت جي لحاظ سان زنده جاويد ۽ امر آهي. سندس ’گيتانجلي‘ ادب جي عالمي ۽ آفاقي نوادرات ۾ هڪ مثالي چيز آهي، جنهن تي کيس ’نوبل پرائيز‘ به مليو. ٽئگور ۾ حيرت انگيز جامعيت هئي. سندس فن ۾ مشرق ۽ مغرب جو حسن و جمال سمايل هو. ٽئگور شاعر هو، اديب هو، مصور هو، صوفي هو، رقاص هو، انشاپرداز هو، افسانه نگار هو، ليڊر هو، رفارمر هو: مڪمل طرح هڪ آدرشي انسان هو. سندس ”شانتي نڪيتن“  دل ۽ دماغ، جسم ۽ روح جي زندگيءَ ۽ تربيت جو جڳ مشهور مثالي ادارو آهي، ۽ سندس تحريرون انساني وحدت ۽ عرفانءِ خوديءَ جون اهي سدا حيات نهرون آهن، جي اڄ به روان آهن، ۽ اڃايل روحن کي سيراب ڪري رهيون آهن.

ٽئگور فطرت جي حسن و جمال جو عاشق، ڪائنات جي مترنم ۽ نغمه ريز ڪَلا جو نقاش، حسن ۽ حق جو متلاشي، عالمگير محبت جو مبلغ، ۽ سونهن ۽ ورونهن جو پريمي هو.

ٽئگور جو روح، مولانا روميءَ جي روح وانگر، ’فراق‘ جو پيغامبر هو. سندس روح ۾ ڪا ازلي اُڃ هئي. سندس روح هن شر ۽ فساد جي پيچ درپيچ ۽محدود دائرن ۾ ائين پَرَ هڻي رهيو هو، جيئن پرندو ڪنهن رنگين ۽ حسين پڃري ۾ ڦاسي، وسيع ۽ آزاد دنيا لاءِ پيو واجهائي ۽ پَرَ ڦڙڪائي.

ٽئگور پنهنجيءَ وجدآور ۽ قربائتيءَ شخصيت سان پوريءَ دنيا کي موهي وڌو. مغرب سندس سنگيت ۽ مصوريءَ ۾ پنهنجي فن جو ڪمال ڏٺو؛ مشرق سندس حسن آفرين ۽ نغمه ريز انشا ۽ تحريرن ۾ الهام جو رنگ مطالع ڪيو.

ٽئگور اسلام ۽ ان جي صوفيانه نقطه نظر، خاص طور وحدت الوجود جي فلاسافيءَ کي گهڻو ساراهيو آهي، ۽ ان کي انساني وحدت لاءِ هڪ بهترين وسيلو قرار ڏنو اٿس؛ هندو ويدانت، خاص طور اُپنشد فلاسافيءَ جو شائق هو.

ٽئگور سنڌ ۾ به آيو. حيدرآباد ۾ به پير پاتائين ۽ هت تقريرون به ڪيائين. گدو بندر تي سج اڀرڻ جو نظارو ڏسي چيائين: ”سج جي اڀرڻ جو ههڙو نظارو ٻيو ڪٿي به ڪين نظر آيو اٿم!“ سنڌ ۽ سنڌي قوم، سنڌي سنگيت ۽ شاعريءَ جو دل کولي داد ڏنو اٿس.

مولانا عبيدالله سنڌي. هلندڙ سال جي آگسٽ مهيني جي اٺينءَ تاريخ، برصغير هند-پاڪ جي مشهور انقلابي رهنما ۽ دنياوي اسلام جي عظيم انقلابي مفڪر، امام الانقلاب، مولانا سنڌيءَ  جي ورسي پاڪستان جي مرڪزي شهرن ۾ ملهائي ويئي. مولانا سنڌي هن دور ۾ اسلام جي فڪري ۽ جديد رجحان جو وڏو مفسر ۽ عالم آهي. مولانا سنڌي رجعت ۽ قدامت جو مخالف هو. سندس نقطه نظر اهو آهي ته اسلام کي موجوده جديد نظريات ۽ شاهه ولي الله جي فلسفهء عمرانيات جي روشنيءَ ۾ مطالع ڪيو وڃي؛ هن دور جي جديد مقتضيات آهر، جديد فلسفهء ڪلام، فلسفهء اخلاق ۽ اصول فقہ جي تدوين ۽ ترتيب جو ڪم ڪيو وڃي؛ قرآن جو تفسير ۽ حديث جو مطالعو هن دور جي جديد فلسفي جي  روشنيءَ ۾ ڪيو وڃي؛ اهي پراڻا خيالات، جي قديم دور، قديم معاشري ۽ جاگيردارانه  سماج جي پيداوار آهن، ۽ جن جي بنيادي عناصر ۾ روايت ۽ تقليد جامد جو رنگ غالب آهي، انهن کي جديد فڪر آهر دوباره پرکيو ۽ جانچيو وڃي، ۽ انهن جي صحتمند مسئلن کي قبول ڪري، باقي مواد کي سهيڙيو وڃي: الغرض، تفسير، حديث، اصول حديث، تاريخ، فلسفي، فقہ ۽ اصول فقہ کي هن دور جي تقاضائن آهر نئين سر تيار ڪيو وڃي.

مولانا سنڌيءَ جو ارشاد آهي:

”آءٌ اوهان کي ايندڙ انقلاب جي خبر ڏيان ٿو. مان يورپ ۾ هڪ وڏي انقلاب کي ڏسي آيو آهيان. ان انقلاب جي غالب گروهه جنهن بيدرديءَ سان پنهنجي حڪمران طبقي کي ماريو آهي، مان ان جي اسباب کان واقف آهيان. ياد رکو، اهو انقلاب ڪنهن هڪ-اڌ ملڪ تائين محدود نه رهندو، اهو عالمگير انقلاب آهي -  اهو ساريءَ انسانيت تائين پهچي ويندو. اوهين ان انقلاب جي قوت، وسعت، شدت ۽ جابرانه غلبي جو هن پنهنجي بي مقصد زندگيءَ ۾ تصور به ڪري نٿا سگهو. ان انقلاب کي کي قيامت کان گهٽ نه سمجهو. اهو انقلاب، خداي ذوالجلال جي طرفان، نئين ’نشر‘ جو سامان هوندو.“

انقلاب ڇو اچڻ گهرجي؟ مولانا فرمائي ٿو:

” اڄ تائين هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿيندو آيو آهي، جو انسانيت جي وڏي حصي کي تباهه ڪندو آيو آهي. قوت ۽ اقبال هڪ گروهه جي هٿ ۾ رهيو آهي، ۽ انسانيت جي وڏي تعداد- ڪڙمين ۽ مزدورن- جي ڪمائيءَ کي کائيندو رهيو آهي. اڳتي هلي، اِهو کائُو طبقو دولت ۽ اقتدار جي نشي ۾ انساني اخلاق جون حدون به اورانگهي ويو. ان دور ۾ جيڪي علم، تهذيب ۽ مذهب جا معيار ٺهيا، سي به ان هڪ مختصر گروهه جي خوشنوديءَ لاءِ ٺهيا. تمدن ۽ تهذيب جون برڪتون به انهن اقتدار وارن جي محلاتن تائين محدود رهيون. آخر الله تعاليٰ جي غيرت جوش ۾ آئي، ۽ اول ’مشيني انقلاب‘ آيو. جڏهن اهي به ظالمن جي هٿ ۾ آيون، تڏهن کانئن اهي به کسيون ويون. اهو انقلاب هڪ وڏو انساني انقلاب آهي.“

انقلاب جي للڪار ڇا آهي؟ ان جي ترجماني مولانا سنڌي هن طرح ڪري ٿو:

”انقلاب انسانيت جي پوئتي پيل طبقن کي للڪاري چوي ٿو ته اُٿو، غاصبن کان پنهنجو حق کسيو: جي ظلم تي زنده رهن ٿا، انهن کي نيست نابود ڪريو! اي مزدورو، اي هاريو، اي محنت ڪشو! مستقبل اوهان جو آهي؛ هي سربفلڪ عمارتون، رزق جا اسباب، آرام ۽ عيش جا ذريعا، دولت ۽ ملڪيت، جن کان اوهين محروم آهيو، اهو سڀڪجهه اصل ۾ اوهان جو آهي. اُٿو، وڌو، منظم ٿيو: جو ڪجهه اوهان جو حق آهي، ان تي قبضو ڪريو: جو شخص اوهان کي روڪي، ان کي مٽائي ڇڏيو! جو علم، ڪلچر، مذهب ۽ اخلاق اوهان جي راهه کي روڪي، ان کان انڪار ڪريو: اهو علم اعتبار جوڳو نه آهي، اهو ڪلچر بيڪار آهي، اهو مذهب غلط آهي، ۽ اهو اخلاقي نظام بي معنيٰ آهي.“

موجوده اهل اسلام کي تنبيهه ڪندي، مولانا فرمائي ٿو:

”اوهان جو فڪري نظام، جاگيردارانه دور جو آهي. اوهان جي تاريخ ڇا آهي؟ - اقتدار وارن جا باهمي جنگي خونچڪان داستان! اوهان جي تهذيب آهي- پراڻي، بيزور وڻ جي شاخ تي ڪکائون آکيرو، جو هڪ سَٽَ سان ٽُٽي پوندو. اوهان جو فقہ آهي- عالمن جا اختلافي رايا. اوهان جا تفسير آهن- محض روايتون اوهان جو سماج آهي- نوابن ۽ جاگيردارن جي عيش پرستين جو ڄار! اوهين جلدي بدلجو، ۽ ايندڙ انقلاب سان هم آهنگ ٿي، زنده رهڻ لاءِ هاڻي ئي تيار ٿيو!“

 مولانا سنڌيءَ جي افڪار تي، افسوس آهي، اسان جي سنڌي زبان ۾ ڪو به جامع ۽ مڪمل تبصرو موجود ڪونه آهي. مولانا سنڌيءَ جي خيالات ۽ افڪار کي سمجهڻ ۽ ان کي عملي طور ميدان تي آڻڻ لاءِ صالح ۽ صحتمند نوجوانن جي جدوجهد ۽ جهاد جي ضرورت آهي. مولانا سنڌيءَ جي انهن خيالن کي ڏسي ۽ ٻُڌي، رجعت پسند طبقن مٿس ڪفر جون فتوائون به لڳايون، پر پاڻ چوندو رهيو ته

”مسلم تاريخ جي هر دور ۾ انقلابي ۽ صاحبِ فڪر ماڻهو جاگيردارانه سماج جي ٺيڪيدارن وٽان فتوائون به حاصل ڪري چڪا آهن، ۽ قتل به ڪيا ويا آهن“

’سُوري آ سينگار، اصل عاشقن جو!‘

مولانا سنڌيءَ جي سنڌ سان بي انتها محبت هئي. هو چوندو هو ته ايندڙ دور ۾ سنڌ جا نوجوان هن ملڪ جي تهذيب ۽ تاريخ ۾ وڏو انقلابي ڪم ڪندا.

شال، مولانا سنڌيءَ جا خيالات اسان ۾ نئون روح پيدا ڪن!

پاڪستان جي علاقائي زبانن جي ڪانفرنس:

گذريل اپريل ۾، لاهور ۾، پاڪستان جي علاقائي زبانن جي ڪانفرنس نهايت خوشگوار ماحول ۾ ٿي گذري. ان ڪانفرنس ۾ سنڌي، پنجابي، بروهي، بلوچي ۽ پشتو زبانن جا دانشمند، وفد ٺاهي، شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس جو اهم ۽ بنيادي مقصد هو- علاقائي زبانن ۽ انهن جي ادب جي حفاظت ۽ اشاعت. ان سلسلي ۾ سڀني علائقن جي هڪ تنظيم به بنائي ويئي، ۽ ان تنظيم جو منشور ۽ مقاصد به ظاهر ڪيا ويا، ۽ علاقائي شاخن جا عهديدار به چونڊيا ويا.

ڪانفرنس جا مختلف اجلاس، علمي ۽ ثقافتي حيثيت سان، هر علائقي جي ادب ۽ ثقافت لاءِ مخصوص رهيا. تقريرون به ٿيون، مشاعرا به ٿيا، ۽ راڳ رنگ جون محفلون به ٿيون. هن اجلاس ۾ اها چيز صاف صاف نظر آئي ته ادب ۽ ان جو تعميري ۽ تنقيدي معيار، زبانن جي فرق کان سواءِ، خيالات ۽ احساسات جي لحاظ سان هڪ نظريهء حيات سان وابسته آهي. اخلاقي هجي يا ادب، علم هجي يا فن، حسن و جمال جي ترجماني هجي يا زندگيءَ جي ڏک سک جي عڪاسي-  ان ڏس ۾ پنجابي، بلوچي، سنڌي، پشتو ۽ بروهي اديب، فنڪار، دانشمند ۽ دانشور، سڀ هڪ سرچشمهء خيال سان وابسته نظر آيا. فڪر و نظر جو اهو اشتراڪ، اسان جي علاقائي ادب جي زندگيءَ ۽ پائندگيءَ جو دليل آهي، ۽ انسانيتِ عظميٰ جي عالمگير ۽ همه گير وحدت جو ثبوت آهي.

اسان جو وطن عزيز جن مختلف جاگرافيائي، قومي ۽ تهذيبي عناصر تي مشتمل آهي، اهي عناصر هزارن سالن کان ترقي ڪندي پيدا ٿيا آهن. انهن جا شعوري ۽ ذهني، سماجي ۽ عمراني اسباب سڀ ترقي پذير، قومي ضمير جي روشن قدرن مان پيدا ٿيا آهن. انهن جو تاريخي ۽ عمراني پس منظر به هڪ آهي؛ مقصد به هڪ، ته ذريعهء اظهار به هڪ. ادب ۽ فن، مصوري ۽ بتگري، ناول نگاري ۽ افسانه نويسي، تنقيد ۽ ڊرامو، اخلاقيات ۽ دينيات- سڀني جي فروغي حيثيت هڪ وحدت تي مجتمع ٿئي ٿي. انهيءَ وحدت کي علاقائي ادب ۾ مرڪزيت جي حيثيت حاصل آهي، ۽ اها مرڪزيت شڪست و ريخت کان بالا آهي. زبانون انهيءَ وحدت ۽ مرڪزيت جون ترجمان آهن، ۽ افهام و تفيهم لاءِ فطري ذريعو ئي چئي سگهجن ٿيون. زبانن جي ان ظاهري اختلاف کي قرآن ’آيات‘سان تعبير ڪري ٿو، ۽ انهن کي ’مزاج فطرت‘ جو ترجمان قرآن ڏئي ٿو.

هن علاقائي تنظيم کي، موجوده لساني ۽ تهذيبي دور ۾، پاڪستان جي فڪري اتحاد جي هڪ وڏي تحريڪ چئي سگهجي ٿو، جنهن جو مقصد نه فقط علاقائي لسانيات ۽ ادب جو تحفظ آهي، پر ان سان گڏ علاقائي ادب جي مشترڪه تهذيبي ۽ فڪري قدرن کي تنقيدي حيثيت سان پرکي، سهيڙي ۽ سنواري، عظيم ادب پڻ پيدا ڪرڻو آهي. اسان وٽ شاهه لطيف، سچل، خواجه غلام فريد، وارث شاهه، ميان محمد، سلطان باهو ۽ بلا شاهه، اسان جي عظيم ثقافت جا نمايان مظهر آهن. ان کان سواءِ سنڌي، ملتاني، پنجابي، بروهي ۽ پشتو زبانن جا لساني رابطا ۽ تهذيبي قدر اهڙا ته فني ۽ قريبي آهن، جن جو تقابلي مطالعو اسان جي لساني ۽ اجتماعي شعور لاءِ مشعل راهه بنجي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ مولوي عبدالقادر، ڊاڪٽر باقر ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون تقريرون بصيرت افروز آهن.

علاقائي زبانون. تقسيم کان پوءِ، لساني طور، اردو ۽ علاقائي زبانن ۾ جا فني ۽ فڪري ڪشمڪش پيدا ٿي آهي، ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾، اردوءَ جي فروغ جي راهه ۾ علاقائي زبانن کي سدراه تصور ڪيو وڃي ٿو- حتاڪ علاقائي زبانن جي ادبي معيار، لساني قدرن، ۽ تهذيبي ۽ ثقافتي حيثيت کي ئي نظر انداز ڪيو ويو آهي. اهڙي يڪطرفي، غلط ۽ جانبدارانه نظريي متعلق ڊاڪٽر بلوچ صاحب چيو:

”پاڪستاني علاقائي زبانون ملڪ جي لساني سرمائي جو هڪ لازمي جزو آهن، ۽ ڪيترين ڳالهين ۾، لساني اعتبار کان، سندن انفرادي خصوصيتون پاڻ ۾ اهڙو ته مشترڪه آهن، جن جو مثال سڄي برصغير ۾ ملي نٿو سگهي.“

مادري زبان. هن سلسلي ۾ اسان ”مهراڻ“ جي گذريل پرچن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ڊاڪٽر موصوف ان لاءِ فرمايو ته ”پاڪستان ۾ ڪافي عرصي تائين عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانون سرڪاري زبانون ٿي رهيون آهن، پر اها به حقيقت آهي ته ان عرصي ۾ سڀني علائقن جون مادري زبانون مقامي مقتضيات آهر زنده به رهنديون آهن، ۽ علم و فن جي خدمت ۾ به سرگرم رهيون آهن.“

اردو. اردوءَ جي  تاريخي ۽ سماجي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، دهليءَ ۽ لکنؤ جي اردو اهل زبان عالمن جي ڪشمڪش تي تبصري کان پوءِ، ’درباري اردو‘ ۽ ’اردوي معليٰ‘ جي جاءِ تي ’عوامي اردوءَ‘ جي پيدائش تي زور ڏيندي، ڊاڪٽر صاحب چيو:

”اردوءَ ۽ علاقائي زبانن جي هڪٻئي سان تعلقات کان پوءِ، ’پنجابي اردو‘، ’سنڌي اردو‘ ۽ ’پشتو اردوءَ‘ جي تخليق ٿيندي: ’اُردوي معليٰ‘ جو تڪلف وارو رنگ ختم ٿي ويندو، ۽ ’عوامي اُردو‘ پيدا ٿيندي، جنهن کي پاڪستان جي عمومي زبان چئي سگهنداسون.“

ڊاڪٽر صاحب، هڪ لساني محقق ۽ ماهر جي حيثيت سان، پاڪستان جي عوامي زبان ۽ سرڪاري زبان جي وحدت متعلق جو ڪجهه فرمايو آهي، اهو قدر جي لائق آهي. اردوءَ جي موجوده تخليق ۾ ’اردوي معليٰ‘ جو تعلي آميز تقاخر ۽ تنفر موجود آهي. اهو ظاهر آهي ته ان هڪ زبان جي ترويج ۽ اشاعت لاءِ باقي علاقائي زبانن کي ختم ڪري ڇڏڻ به هڪ خبط ئي چئي سگهبو. اردوءَ تي علاقائي اثرن جو پيدا ٿيڻ لازمي آهي. ابتدائي دور ۾ هر نئين زبان علاقائي لب لهجي، مخارج ۽ صوتي اثرات کان نه فقط متاثر ٿئي ٿي، پر مستفيد به ٿئي ٿي. ’تاثر ۽ استفادي‘ جو اهو ’عمل ۽ رد عمل‘ اسان جي ملڪ ۾ اردوءَ جا مختلف ’لهجا ۽ صوتي انداز‘ پيدا ڪندو. اردوءَ کي بنگالي ۽ پنجابي، سنڌي ۽ بروهي، پٺاڻ ۽ ملتاني، پنهنجي مخارج ۽ صوتي اثرات سان ئي لکي ۽ ڳالهائي سگهندو. ان مان ظاهر آهي ته اردوءَ جا ’علاقائي لهجا‘ پيدا ٿيندا. هن وقت تائين دکني، لکنوي، دهلوي، ۽ لاهوري اردوءَ جا جدا جدا لهجا ۽ اسلوب موجود آهن، جن جي آڙ ۾ هر هڪ مڪتب فڪر جا قادر الڪلام استاد ” همچو ما ديگري نيست“  جو نعرو هڻي رهيا آهن. اهو اختلاف اڄ تائين دائم قائم آهي. ان جو مٽجڻ ممڪن ۽ محال امر آهي. ان جي بي صورت، جا ڊاڪٽر صاحب جي بيان ڪيل آهي، هڪ حيثيت سان مستقل قدر رکي ٿي. اردوءَ جي زندگيءَ لاءِ اها ئي آخري تدبير ٿي سگهي ٿي ته ان کي هر علاقائي زبان جو اثر قبول ڪرڻ گهرجي، ۽ ٻين علاقائي زبانن سان حاڪمانه طور نه، پر مساويانه طور هلڻ گهرجي. اردوءَ کي سرڪاري زبان جي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي، پر ان حيثيت کي پيدا ڪرڻ وارن ڪنهن به سنجيده، علمي ۽ لساني صلح سازيءَ کان ڪم نه ورتو آهي. انهن جي هر قدم ۽ عمل ۾ نه فقط غلو آهي، پر حاڪمانه انداز به. سرڪاري زبان جو مطلب اهو ئي سمجهيو ويو آهي ته ملڪ جي سڀني علاقائي زبانن کي هميشه لاءِ دفن ڪري، تعليم ۽ تربيت، ادب ۽ علم، فن ۽ ڪلام تائين فقط اردوءَ کي قبول ڪيو وڃي. دراصل اها غير علمي راءِ آهي، جنهن جي مضرات کان بچڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جيڪو منطقي حل پيش ڪيو آهي، اهو ئي آخري حل ٿي سگهي ٿو.

ان سلسلي ۾ هڪ اها پيچيدگي به پيدا ٿيندي جو اڳتي هلي اردوءَ جا استاد ۽ قادر الڪلام ماڻهو علاقائي اردوءَ جي مختلف لهجن  تي موشگافيون ڪندا، چچيون ماريندا، ۽ تنقيد ۽ استادانه مهارت جي آڙ ۾ دل آزاريون شروع ڪندا. نتيجو اهو نڪرندو ته سرڪاري زبان جي فروغ کي ڌڪ لڳندو، ۽ علاقائي ادب جو نفرت انگيز رد عمل يقيناً ’سرڪاري زبان‘ کي اوکو پوندو. اميد اها آهي ته اسان جا اردودان حلقا هن لازمي پيدا ٿيندڙ لساني انقلاب کي خوش آيند انقلاب سمجهندا، ۽ ان کي قبول ڪرڻ جي سلسلي ۾ نڪو دريخ ڪندا، ۽ نڪو احتياط ۽ اعتدال جو دامن ڇڏيندا. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو انتباهه نهايت دانشمندانه ۽ برمحل چئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب صاف طور فرمايو آهي:

”افسوس اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙو بااثر گروهه موجود آهي، جيڪو اردوءَ کي اڃا به سندس امتيازي درجي تي سلامت ڏسڻ جو متمني آهي. سندس خيال آهي ته اردوءَ جي ترقيءَ ۽ زندگيءَ جو سوال علاقائي زبانن کي مفتوح ۽ ماتحت ڪرڻ سان وابسته آهي- حالانڪه اهو هڪ انتهائي غلط خيال آهي، جنهن کي اڳتي هلي ڪا به تائيد حاصل ڪانه ٿيندي.“

ادب جو ماضيءَ سان تعلق:

اسان جو ادب زندگيءَ جو تنقيدي مطالعو آهي؛ ۽ اهو ظاهر آهي ته زندگيءَ جو ’حال‘، زماني جي خيال کان، ’ماضيءَ‘  مان جنم وٺي ٿو. حال جو روشن ۽ تابناڪ دور، دراصل، ماضيءَ جي اُف تان اُڀري ٿو؛ ٻين لفظن ۾ کڻي چئجي ته ماضيءَ جي شاخ ۾ ئي حال جو شگفته ۽ ديده زيب گل پيدا ٿئي ٿو. تنهنڪري، ’حال-حال‘ پڪاري، ماضيءَ کي ڪٿي ڇڏڻ، نڪا دانشمندي آهي ۽ نڪا معقوليت. البت ماضيءَ جي مُئل ۽ زندگيءَ کان پري، ميوي جي کلن وانگر اڇلايل روايتن کي چنبڙي نه پوڻ گهرجي. زندگي ارتقا پذير آهي. هڪ داڻو، ڦُٽڻ ۽ ڦاٽڻ کان پوءِ، سنگ تائين پهچندي، ڪيئي رنگ ٿو ڏيکاري، ڪيئي روپ ٿو ڌاري؛ ڪيئي چيزون ناس ٿيون ٿين، جن جي جاءِ تي ٻيون ٿيون اڀرن: ائين، هلندي هلندي، ڪا حقيقت ٿي نمودار ٿئي. ان طرح، ادب ۾ به جدت ۽ جزالت، ندرت ۽ ترقيءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي، ۽ اها جدت پسندي به ڪنهن اصلاحي انقلاب لاءِ ئي پسند ڪئي وڃي ٿي. پر اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي  ته سماجي اصلاح ۽ اصلاحي انقلاب جا اسباب ۽ وسيلا، گهڻي ڀاڱي، اناني شعور جي انهن مبهم ۽ اڌ وساريل نقوش ۽ اثرات مان ئي ملن ٿا، جن کي ڪي روشن ضمير ماڻهو طنزيه طور ’ماضي‘ سڏين ٿا؛ ۽ جي پنهنجي جلد باز ۽ جذباتي فيصلن جي ڪري، حال پسنديءَ جو مظاهرو ڪندي، نئين سج نوان روپ ڌارين ٿا- نيون انجمنون، نيون محفلون، نوان مقصد ۽ نوان قاعدا قانون. مزو اهو آهي ته هر نئين انجمن، جنم وٺندي، ’حال پسند ۽ حال پرست‘ هجڻ جي دعوا ڪندي، پاڻ کان نوَ مهينا اڳ واري پُوري ادب کي فرسوده، بيروح ۽ بي مقصد سڏي ٿي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو نڪو کين ادب جا صحيح ماخذات ٿا ملن، ۽ نڪو تنقيد لاءِ مواد؛  سندن تخليق ۾ نڪو عمل نه پيغام، نه مسرت نه ولولو، نه سوز نه ساز، نه همه گيري نه اونهائي. لهذا انهن جي ’جدت‘ جي عمر فقط چار ڏينهن ٿي رهي؛ ڇالاءِ ته دائمي قدرن جي انتخاب ۽ استعمال کان اهي بي بهرا رهجي ٿا وڃن؛ ڇا لاءِ ته انهن نومولود انجمنن جي فن جو رشتو ان آب حيات سان وابسته نه آهي، جنهن کي ’ماضي‘ سڏجي ٿو. آخر ماضيءَ جي لڙاٽيل پاڻيءَ مان ئي ته صاف ۽ شفاف پاڻي حاصل ٿئي ٿو!

عرض اهو ڪرڻو آهي ته اسان کي بيشڪ عالمي شعور سان گڏجي هلندڙ ادب پيدا ڪرڻو آهي، پر ان کان اول پنهنجي ماضيءَ، پنهنجيءَ زبان، پنهنجي علائقي، ۽ پنهنجن تهذيبي قدرن جي تنظيم ڪرڻي آهي. هن ملڪ ۾، بقول وقار عظيم، ”اسان جو آئنده ادب، لطيف، مير، غالب،بلا شاهه، خواجه فريد، خوشحال خان خٽڪ، رحمان بابا، وارث شاهه، ۽ اقبال مان ئي فن ۽ روايت جو مجموعي احساس ۽ مواد حاصل ڪري، ترقي ڪري سگهي ٿو.“ اسين وقار صاحب جي ان راءِ سان متفق آهيون. بيشڪ، اسان کي غم ۽ الم، هجر ۽ فراق، اميد ۽ آرزو، حسن ۽ جمال، طلب ۽ خيال، مقصد ۽ منزل جا جيڪي نوان ڪردار تخليق ڪرڻا آهن، ان ۾ محبت، يگانگت ۽ تهذيبي اشتراڪ جو هجڻ ضروري آهي. پر اهو اشتراڪ ڪن حدن ۽ شرطن اندر هئن گهرجي؛ ائين نه ته جوئر، ٻاجهر، ڪڻڪ ۽ جوَ- سڀ هڪ چڪيءَ ۾ پيهي، سڀني جنسن جي انفراديت مٽائي، ڪو روٽ پچائي، ان تي جدت ۽ ترقيءَ، يگانگت ۽ يڪجهتيءَ جي مهر هڻڻي آهي. اسان وٽ پنجابي، ملتاني، پشتو، بلوچي، بروهي، اردو ۽ سنڌي زبانن جو ادب پنهنجيءَ انفراديت سان موجود آهي:  هر هڪ جي نشو و نما ٿيڻ گهرجي، هر هڪ کي زنده رهڻ گهرجي، ۽ پوءِ گڏجي هن قوم جي ذهني تشڪيل ڪرڻ گهرجي. اميد ته اسان جا اديب، ۽ خاص طور اردوءَ جا اديب، ان بنيادي مقصد کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪندا.

جاهليت ۽ ادب:

’اديب‘ ۽ ’جاهليت‘- اِهي ٻه متضاد چيزون آهن. ادب زندگيءَ جو  معمار ۽ سنواريندڙ آهي، ۽ ’جاهليت‘ علم ۽ دانش، فڪر ۽ ارتقا جي دشمن. جاهليت جا ترڪيبي عناصر آهن- لاعلمي، انتهاپسندي، بدظني، تنگ نظري، خودپنداري، بي راهروي، بي اعتدالي، ۽ بي احتياطي. زندگيءَ جي انهن چند فسادانگيز عناصر جي گڏجڻ سان ’جاهليت‘ جنم وٺي ٿي.

’انسان‘ تاريخي ۽ تهذيبي حيثيت سان جيترو پراڻو آهي، دانش ۽ جهل به اوترا پراڻا آهن. پيغمبر، عالم، فيلسوف ۽ سائنسدان، هر دور ۾ علم ۽ دانش جا مبلغ ٿيندا آيا آهن. انهن انساني زندگيءَ جا روشن ۽ تاريڪ پهلو وقت بوقت پئي نمايان ڪيا آهن. انهن جي مقابلي ۾، جاهليت، پنهنجن منطقي دليلن، ابن ڏاڏن جي رسمن، ۽ پنهنجن بيروح ۽ لغو رواجن جو سهارو وٺي، پئي مقابلو ڪيو آهي. ’دانش‘ ۽ ’جهل‘ جي اها فڪر انگيز ڪشمڪش، انساني تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. ان تاريخي اصول جي ماتحت، اهل فڪر ۽ دانشمند طبقي ۾ ابراهيم ۽ نمرود، موسيٰ ۽ فرعون، عيسيٰ ۽ رومي اسبتداد، محمد صلي الله عليہ وسلم ۽ ابوجهل جي باهمي آويزش، انساني تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. هڪ طرف صاحب فڪر، صالح ۽ ارتقاپسند پيغمبر آهن، ته ٻئي طرف نمرود ۽ فرعون، ابوجهل ۽ رومي اسبتداد جا رجعت پسند ۽ ظالماڻا نظام آهن، جن هميشه مذهبي پيشوائيت، سرمائيداريءَ ۽ شهنشاهت جا ٽي هٿيار کڻي پئي حق سان لڙائي ڪئي آهي. مثلاً، موسيٰ جي مقابلي ۾، فرعون ظالم ۽ مطلق العنان ’بادشاهه‘ آهي، هامان مذهبي پيشوائيت جو رجعت پرست نمائندو آهي، ۽ قارون سرمائيدار طبقي جو چونڊيل ڇاڙتو آهي: انهن ٽنهي جي صلح ۽ گڏجڻ تي ’جاهليت‘ جنم وٺي، بني اسرائيل قوم کي فڪري ۽ علمي، عملي ۽ معاشي طور تي برباد ڪري ڇڏيو. موسيٰ آزاديءَ جو پيغمبر ٿي آيو: سندس مقابلي ۾ ڪئين مذهبي، طلسماتي، سرمائيدارانه ۽ سحر انگيز مظاهرا ڪيا ويا، پر ’حق‘ آخر غالب آيو. ان طرح ابراهيم، عيسيٰ ۽ محمد (صلعم) جي دعوت انقلاب کي ڏسو: انهن جي مقالي ۾ به اها ئي مطلق العنان جاهليت، سرمائيدارانه خود پرستي، ۽ مذهبي پيشوائيت نظر ايندي. نمرود، ’رومي بادشاهه‘ ۽ ابوجهل، اهڙيءَ جاهليت جا نمائندا آهن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۾ فتح آخر حق جي ٿئي ٿي، اڄ ابراهيم، موسيٰ، عيسيٰ ۽ محمد ڪريم، انساني تاريخ جا عالمتاب هيرا مڃيا وڃن ٿا؛ ۽ نمرود، فرعون، ابوجهل ۽ ’رومي بادشاهه‘ جا رڳو نالا وڃي بچيا آهن، بلڪ مٿن لعنت ملامت ڪئي وڃي ٿي. بهرحال، ’ارتقا‘ قابل تعريف آهي، ۽’رجعت‘ ملامت جي قابل.

يونان جي فڪري ۽ جاهلانه ڪشمڪش ۾ سقراط زهر جو پيالو پيتو، پر رجعت پسند گروهه جي اڳيان سر نه جهڪايائين. اڳتي هلي، گليلو چوندو رهيو ته زمين حرڪت ۾ آهي، پر ساڪن ڪري نه مڃيائين. ڪاپرنيڪس، نظام شمسيءَ متعلق پراڻين مذهبي قياس آرائين جي ترديد ڪندو رهيو،  ۽ ٻڌائيندو رهيو ته سج به ڦرندڙ گولو آهي، ۽ ڌرتي ۽ چنڊ به، ۽ آسمان هڪ خلا آهي  حالانڪ سندس مقابلي ۾ چيو ويو ته آسمان ڇت وانگر آهي، تارا ان ۾ جَڙيل آهن، ۽ سج ۽ چنڊ کي زنجيرن ۾ جڪڙي گهليو وڃي ٿو. نيوٽن، ’ڪشش ثقل‘ جو نظريو پيش ڪري، پراڻي فڪر جا بنياد اکوڙي ڇڏيا، توڙي جو مٿس ڪفر جي فتوا به آئي، رؤسو، پنهنجي آتش بار قلم سان، شهنشاهت ۽ سرمائيدارانه  نظام جي بنيادن جون ڌڄيون اُڏائي ڇڏيون، توڙي جو کيس ’ڪافر‘ سڏيو ويو، واجب القتل به سڏيو ويو، سندس شهره آفاق ڪتاب ’ايمليءَ‘ کي ساڙيو به ويو، ۽ کيس روپوش رهڻ تي مجبور به ڪيو ويو. مسلم تاريخ ۾ امام حسين جي انقلابي شخصيت، ۽ ان کان پوءِ ابو حنيفه ۽ غزاليءَ، ابن رشد ۽ ابن تيميه، شيخ ابن العربي ۽ رومي، امام رباني ۽ شاهه ولي الله جي واقعات ۽ دعوتِ انقلاب کي مطالع ڪرڻ سان ڇا واضح ٿئي ٿو؟ ڇا، انهن کي پنهنجي پنهنجي دور ۾ باغي ۽ واجب القتل نه سڏيو ويو؟ غزالي ۽ ابن العربيءَ جي ڪتابن کي سر بازار جلائي، کين ملحد ۽ زنديق نه سڏيو ويو؟ ڇا، ابن تيميه کي جيل نه اماڻيو ويو؟ ابن رشد کي قرطبه ۽ اشبيليه جي گهٽين ۾، ڪارو منهن ڪري، ٿڪون نه هنيون وييون؟ امام ربانيءَ کي جهانگير جي حڪم سان گواليار ۾ نظر بند نه ڪيو ويو؟ شاهه ولي الله جي تشريحي ۽ تفسيري خدمتن تي، جامع مسجد دهليءَ ۾، مٿس قاتلانه حملي ڪرائيندڙ ڪير هئا؟ شاهه احمد شهيد ۽ اسماعيل شهيد کي ڪفر ۽ ارتداد جي فتوائن سان ڪنهن نوازيو؟  جديد دور ۾، جمال الدين افغانيءَ ۽ سر سيد احمد تي جدت پسنديءَ جي تهمت رکي، ڪنهن وار ڪيا؟ ڪمال پاشا ۽ زغلول پاشا تي دهريت جا الزام ڪنهن آندا؟ تازي زماني ۾، امام الانقلاب، عبيدالله سنڌيءَ کي ڪافر ۽ ملحد ۽ دهريو ڪنهن سڏيو؟ امام الهند، ابوالڪلام آزاد کي ’اسلام جو دشمن‘ ڪنهن ڪوٺيو؟ حتاڪ شاعر مشرق، علامه اقبال کي به دشمن ملت ۽ دشمن اسلام سڏيو ويو! اها ئي جاهليت آهي، جا قديم الايام کان اڄ تائين پنهنجيءَ جاهلانه ۽ رجعت پسندانه روش هيٺ، هر مصلح، هر محقق ۽ هر دانشمند جو استقبال ’ڪفر جي تلوار‘ ۽ ’الحاد جي لٺ‘ سان ڪندي آئي آهي. پر حقيقت ۽ ارتقا جو قافلو هلندو آيو آهي، ۽ جاهليت جا پُراڻا بُت پنهنجي ڪٽيل ڏند ائين ئي ڪرٽيندا آيا آهن! بقول اقبال،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com