ناٽڪ
ٽئگور
سنڌيڪار: الاهي بخش بلوچ، دوداپوري
ٽپال گهر
ڪم ڪندڙ
ماڌو؛ امل، هڪ ڪمسن ڇوڪرو جنهن کي ماڌوءَ گود ورتو آهي؛ سُڌا،
گل وڪڻندڙ ننڍڙي نينگري؛ ويد؛ ڏهيءَ وارو؛
چوڪيدار؛ ظفر؛ ڳوٺ جو مکي، شرير ۽ بدمزاج؛ بادشاهه
جو نقيب؛ شاهي طبيب
پردو پهريون
ماڌوءَ جو گهر
ماڌو. - الائي مون کي ڇا ٿي ويو آهي! جيستائين هن ڇوڪر کي گود
نه ورتو هوم، مون کي ڪنهن به ڳالهه جي ڳڻتي نه
هئي؛ ڪيترو نه آزاد ۽ بيفڪر هوس؛ پر سندس هتي اچڻ
کان پوءِ هي منهنجي دل جي ذري ذري ۾ گهر ڪري ويو
آهي. اهو نه هوندو، ته هن گهر جو چپو چپو مون کي
کائڻ ايندو. ويد صاحب، ڪجهه ٻڌاءِ! ڇا، هن جو بچڻ-
ويد. - جيڪڏهن هن جي قسمت ۾ زندگي هوندي ته ضرور بچي پوندو.
مگر ويدن جي جهونن ڪتابن ۾ جو ڪجهه لکيل آهي، ان
مان پتو ٿو پوي ته –
ماڌو. - ڇا؟ ڇا لکيل آهي؟ ڪجهه ته ڪڇ!
ويد. - انهن ۾ لکيل آهي ته سنڌن جو سور، فالج، نزلو، زڪام، سڀني
جو سبب ساڳيو ٿيندو آهي-
ماڌو. - ڀڳوان جي نالي، انهن پستڪن جي ڳالهه نه ڪر، صاف صاف
ٻڌاءِ ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
ويد. - (ناس جي چپٽي ڏيندي) بيمار جي چڱيءَ ريت سنڀال رکڻ
گهرجي.
ماڌو. - مگر ڪهڙيءَ ريت سنڀال ڪريون؟ڪجهه ته ٻڌاءِ.
ويد. - آءٌ پهرين ئي اوهان کي چئي چڪو آهيان ته ڪنهن به حالت ۾
ڇوڪري کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏيو.
ماڌو. - هن کي سڄو ڏينهن گهر اندر واڙڻ ڏاڍو ڪٺن ٿو لڳي.
ويد. - انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي! هيءَ سرءُ جي
ڏُپَ ۽ گهم ڀريل هوا، ٻيئي هن ننڍڙي ٻار جا ويري
آهن، ڇاڪاڻ ته شاسترن ۾ لکيل آهي ته -
ماڌو. بند ڪر شاسترن جا قصا! ڇا، سڄو ڏينهن گهر ۾ پورڻ کان
سواءِ ٻيو ڪو علاج ڪونهي؟
ويد. - نه، ڇاڪاڻ ته تيز هوا ۽ اس ۾ -
ماڌو. - هوا ۾، اُس ۾،.... تنهنجي هِن ۾ ۽ هُن ۾ ته مون کي
ماري رکيو آهي. انهن ٽڪسالن کي ڇڏي، تون سنئين سڌي
ڪم جي ڳالهه ڇو نٿو ڪرين؟ هيءُ ٻڌاءِ ته ڪرڻ ڇا
گهرجي؟ تنهنجي علاج جو طريقو ته هن ڇوڪر واسطي
مشڪل آهي. هو هن بيماريءَ ۽ تڪليف ۾ به ڪيئن نه
ماٺ ميٺ ۾ ويٺو آهي. جڏهن هو تنهنجي زهر جهڙي دوا
پيئندي منهن ڪڙو ڪندو آهي ته منهنجي اندر ۾ وڍ
پوندا آهن.
ويد. - جيترو وڌيڪ منهن ڪڙو ڪندو، اوترو ئي وڌيڪ دوا هن تي اثر
ڪندي! تڏهن ئي ته گرو چيبان چيو آهي ته ’دوا ۽
نصيحت جيتريقدر ڪڙي هوندي، اوتريقدر وڌيڪ اثر
ڪندي.‘ خير، ڪافي دير ٿي ويئي آهي، هينئر مون کي
وڃڻ گهرجي. (وڃي ٿو.)
(جعفر اندر اچي ٿو.)
ماڌو. - توبهه! هينئر هيءُ شيطان جعفر وري ڪٿان اچي نڪتو.
جعفر. - ڇو آءٌ توسان چَڪين ته نه پوندس؟
ماڌو. - مگر تون ننڍڙن ٻارن جو دماغ کائي ٿو ڇڏين، تون شيطان
آهين!
جعفر. - مگر تون ته ڇوڪر نه آهين؛ ان کان سواءِ تنهنجي گهر ۾ به
ته ٻار ڪونهي، پوءِ ڇو اجايو پجايو تَنگَ ٿو
ڇنائين؟
ماڌو. - اوهو، توکي خبر ناهي، مون پاڻ وٽ هڪ ٻار آندو آهي!
جعفر. - ڏاڍوسٺو. مگر ڪيئن؟
ماڌو. - توکي ياد هوندو ته منهنجي زال جو هڪڙي ٻار کي گود وٺڻ
لاءِ دم پئي نڪتو.
جعفر. - هائو؛ مگر اها ته پراڻي ڪٿا آهي. تو کي ته هن جو اهو
خيال آئڙيوئي نٿي.
ماڌو. - بابا، توکي ته خبر آهي ته ڪهڙن نه جهدن سان پئسو ٿو
جڙي. مون کي انهيءَ خيال سان تڪليف ٿيندي هئي ته
ڪنهن ٻئي جو ٻار منهنجو تڪليفن سان ڪمايل پئسو عيش
۾ اڏائي ڇڏي؛ مگر هن ڇوڪر منهنجيءَ دل کي اهي ته
عجيب نموني موهيو آهي. -
جعفر. - چڱو! ته اهو حال آهي؛ ۽ هاڻي تون وڏيءَ خوشيءَ سان هن
لاءِ پئسا ڪٺا ڪري رهيو آهين.
ماڌو. - مون کي پهرين پئسن ڪمائڻ جي ڌُن هئي، سواءِ ڪمائڻ جي
چين نه ايندو هوم؛ هينئر به آءٌ دولت ٺاهيان ٿو،
پر جڏهن اهو احساس ٿيندو اٿم ته اهو سڀ هن مٺڙي
ڇوڪر واسطي آهي ته ڏاڍي سرهائي ٿيندي اٿم.
جعفر . - پر هن ڇوڪر کي آندو ڪٿان اٿئي؟
ماڌو. - هي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو پٽ آهي، جو رشتي جي لحاظ سان
منهنجيءَ زال جو ڀاءُ ٿي لڳو. هن جي ماءُ هن جي
ڄمڻ وقت ئي مري ويئي هئي، ۽ ڪجهه ڏينهن ٿيا جو هن
جو پيءُ به سرڳواسي ٿي ويو.
جعفر . - ويچارو!هن کي ته هينئر منهنجي وڌيڪ ضرورت آهي.
ماڌو. - ويد چوي ٿو ته هن جي جسم جو ڪو به حصو هڪٻئي سان ٺهڪي
نٿو. هن جي زنده رهڻ جي بلڪل گهٽ اميد آهي. علاج
جو هڪ ئي رستو آهي ته هن کي سرءُ جي ڌُپَ ۽ تيز
هوا کان بچايو وڃي. مگر تون ته اڻٽر مصيبت آهين!
الائي ٻارن کي گهر مان ٻاهر وٺي وڃڻ ۾ توکي ڪهڙو
مزو ايندو آهي.
جعفر. - ڄڻ ته مان سرءُ جي ڌُپ ۽ تيز هوا کان به زياده خطرناڪ
آهيان، ائين نه؟ مگر، يار، مون کي اها اٽڪل به
ايندي آهي، جنهن سان ٻارن کي گهر ۾ ويهاري سگهجي
ٿو. ڏينهن جو ڪم ختم ٿئي ته مان تنهنجي ڇوڪر وٽ
ايندس ۽ هن سان ڳالهيون ڪندس. (وڃي ٿو.)
(امل اچي ٿو)
امل. - چاچا! او چاچا!
ماڌو. - اوهو، تون آهين، امل!
امل. - ڇا، مان ٿورو حاطي جي ٻاهران ٿي اچان؟
ماڌو. - نه، پٽ، نه.
امل. - هو ڏس، جنهن هنڌ چاچي دال پيهي رهي آهي، اتي نوريئڙو پڇ
مٿي ڪريو ويٺو آهي، ۽ پنهنجن ننڍڙن هٿن سان دال جا
داڻا کڻي ڪُتري رهيو آهي: ڇا، مان ان هنڌ تائين
ڊوڙ پائي وڃان؟
ماڌو. - نه، پٽ، نه.
امل. - جيڪڏهين مان نوريئڙو هجان ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها! چاچا،
آخر تون مون کي گهمڻ ڦرڻ ڇو نٿو ڇڏين؟
ماڌو. - ويد چوي ٿو ته تنهنجي لاءِ ٻاهر ڦرڻ نقصانڪار آهي.
امل. - ويد کي انهيءَ جو پتو ڪيئن پيو؟
ماڌو. - ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين؛ ويد هيترا وڏا وڏا ڪتاب ٿو
پڙهي، ان کي پتو نه پوندو!
امل . - ڇا، ڪتابن پڙهڻ سان ماڻهوءَ کي سڀني ڳالهين جو پتو پوي
ٿو؟
ماڌو. - بيشڪ توکي ايترو به پتو ڪونهي!
امل. - (ٿڌو ساهه کڻي) مان ڪيترو نه ڄٽ آهيان، مان ڪتاب نٿو
پڙهان.
ماڌو. - ٿورو خيال ڪر، وڏن وڏن پڙهيل لکيل پنڊتن جي حالت به تو
وانگر آهي، هو به ڪڏهن گهر کان ٻاهر نه نڪرندا
آهن.
امل . - سچ!
ماڌو . - هو ڪيئن ٻاهر وڃي سگهندا؛ صبح شام، هر وقت غور سان
ڪتابن کي پڙهندا آهن، ۽ ڪتابن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن
به شي جو اونو نه ڪندا آهن. پٽ، وڏو ٿي تو کي به
پنڊت ٿيڻو پوندو، ۽ تو کي به گهر ۾ ويهي وڏا وڏا
ڪتاب پڙهڻا پوندا. ماڻهو توکي ڏسي چوندا ته هي
ڪيترو نه قابل ماڻهو آهي.
امل . - نه نه، چاچا! مان توکي پيرين ٿو پوان، مان پڙهيل لکيل
ٿيڻ نٿو گهران، مان ڪڏهن به ڪجهه به نه پڙهندس.
ماڌو. - بيوقوف نه ٿيءُ، جيڪڏهن مان پڙهيل لکيل هجان ها ته اڄ
دنيا ۾ منهنجو هر هنڌ مان هجي ها.
امل. - مگر، چاچا، مان لکڻ پڙهڻ بجاءِ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ٿو
چاهيان، ۽ دنيا جي سمورين چيزن کي ڌيان سان ڏسڻ ٿو
گهران.
ماڌو. - ’ڏسڻ ٿو گهران‘! آخر تون ڇا ڏسندين، ۽ هتي ڏسڻ جهڙي
ڪهڙي چيز آهي؟
امل . - ڏس، اسان جي دريءَ مان دُور هڪ پهاڙ نظر ٿو اچي:
منهنجي دل ۾ گهڻو ڪري هيءَ خواهش پيدا ٿيندي آهي
ته مان پهاڙ جي هُن پار، دور، بلڪل دور هليو وڃان!
ماڌو. - ڪهڙيون ٻاراڻيون ٻوليون پيو ڪرين، ڄڻ ته انهيءَ پهاڙ
جي چوٽيءَ تي چڙهڻ ۽ هُن پار هلئي وڃڻ کان سواءِ
دنيا ۾ ٻيو ڪم ئي ڪونهي! تون عقلمنديءَ جون
ڳالهيون نٿو ڪرين. ٻڌ، جيئن ته پهاڙ تمام ڊگهو ۽
اوچو آهي، تنهنڪري تون هن پار نٿو وڃي سگهين.
جيڪڏهن اها ڳالهه نه هجي ها ته ايڏن وڏن وڏن پٿرن
جي انبار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ٿورو سوچ ته!
امل . - چاچا، تنهنجو خيال آهي ته هيءَ پهاڙ اسان کي هُن پار
وڃڻ کان روڪڻ واسطي آهي؟ مان ته ائين ٿو سمجهان ته
زمين ڳالهائي نٿي سگهي، انهيءَ ڪري پنهنجا هٿ
آسمان ڏانهن ڊگها ڪري اسان کي اچڻ جا اشارا ٿي
ڏئي: ۽ اُهي، جيڪي پري جا رهاڪو آهن ۽ پنهنجين
درين ۾ اڪيلا ويٺا آهن، سي انهيءَ اشاري کي سمجهي
سگهن ٿا مگر، منهنجو خيال آهي ته پڙهيل لکيل
ماڻهو. -
ماڌو. - نه، پڙهيل لکيل ماڻهن کي اهڙين اجاين ڳالهين لاءِ وقت
نه هوندو آهي. هو تو وانگر مٿي ڦريل نه هوندا آهن.
امل . - چاچا، توکي پتو ناهي، ڪلهه مون کي هڪڙو ماڻهو مليو هو
جو مون وانگر ئي مٿي ڦريو هو.
امل . - هن جي ڪلهي تي ٽاريءَ جي لٺ هئي، جنهن جي اڳيان هڪڙي
ڳنڍ لڙڪي رهي هئي. هن جي کٻي هٿ ۾ پتل جو لوٽو هو.
هن کي پراڻي، ڦاٽل جتي پيل هئي. هو ٻنين جو پيچرو
ڏيو، پهاڙ ڏانهن پئي ويو. مون هن کي رڙ ڪري چيو،
’تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟‘ جواب ڏنائي، ’مون کي خبر
نه آهي.‘ مون وري پڇيومانس، ’ڇو ٿو وڃين؟‘ هن جواب
ڏنو، ’مان ڪم جي ڳولا ۾ ٿو وڃان.‘ ڇا، چاچا، تو کي
به ڪم ڳولڻو پوندو آهي؟
ماڌو. - ها، ڪيترائي ماڻهو ڪم جي ڳولا ۾ ڦرندا رهن ٿا.
امل . - ڏاڍو چڱو؛ مان به انهن وانگر ڪم جي ڳولا ۾ هيڏانهن
هوڏانهن گهمندو ڦرندو رهندس.
ماڌو . - پر ڳولا کان پوءِ به ڪم نه مليئي ته؟
امل . - ته پوءِ آءٌ اڃا به اڳتي هليو ويندس. مون هن ماڻهوءَ
کي ڦاٽل جتيءَ سان آهستي آهستي ويندي ڏٺو آهي.
جڏهن هو ان هنڌ پهتو، جتي پاڻي انجيرن جي وڻن
هيٺان وهي ٿو، تڏهن هو بيهي رهيو، ۽ پنهنجا پير
آبشار مان ڌوئي، پنهنجيءَ هڙ مان سُتو ڪڍي ۽ انهن
۾ پاڻي ملائي کائڻ لڳو. ان کان پوءِ، پنهنجي هڙ
ٻڌي پنهنجي ڪلهي تي رکيائين، ۽ پنهنجا ور کنجي،
آبشا جي پار هليو ويو. مون چاچيءَ کي ٻڌائي ڇڏيو
آهي ته مان به انهيءَ هنڌ، ساڳيءَ ريت ويهي ستو
کائيندس.
ماڌو . - پوءِ تنهنجي چاچيءَ ڪهڙو جواب ڏنو؟
امل. - چاچيءَ چيو، ’پٽ، تون جلدي خوش ٿيءُ ته مان تو کي پاڻ
سان گڏ انهيءَ هنڌ وٺي هلنديس.‘ چاچا، مان ڪيترن
ڏينهن ۾ چاڪ ٿي ويندس؟
(ماڌو. - بلڪل جلد، منهنجا پٽ!)
امل. - سچ!ته پوءِ مان چاڪ ٿيندي ئي روانوٿي ويندس.
ماڌو. - پر تون ويندين ڪيڏانهن؟
امل . - مان نديوننالا پار ڪندو، هڪ ئي طرف هلندو رهندس: ٽاڪ
منجهند جو ماڻهو پنهنجا دروازا بند ڪري ستا پيا
هوندا، ۽ مان ڪم جي ڳولا ۾ اڳتي هلندو رهندس....
دور، بلڪل دور!
ماڌو. - ڳالهه ته ٺيڪ آهي، مگر پهرين تون چاڪ ته ٿيءُ، پوءِ.
امل . - چاچا، مگر تون مون کي لکڻ پڙهڻ تي مجبور ته نه ڪندين؟
ماڌو. - ته تون ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ڪم ڪندين؟
امل. - مان هينئر ته ڪجهه به سوچي نٿو سگهان، پر پوءِ ڪڏهن توکي
ٻڌائيندس.
ماڌو. - چڱو، پر هن ڳالهه جو آئيندي خيال رکجانءِ ته ڪڏهن به
اجنبي ماڻهن کي سڏي انهن سان ڳالهيون نه ڪجانءِ.
امل. - پر مون کي ته انهن سان ڳالهين ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي.
ماڌو. - جيڪڏهن هو توکي کڻي ڀڄي وڃن ته؟
امل . - تڏهن ته پاڻ وڌيڪ مزو ايندو! پر مون کي ته ڪوبه ڀڄائي
کڻي نٿو وڃي، سڀ مون کي هتي رهڻ تي مجبور ٿا ڪن.
ماڌو. - چڱو، آءٌ هينئر پنهنجي ڪم تي ٿو وڃان؛ پر پٽ ڪيڏانهن
به ٻاهر نه نڪرجانءِ، ٺيڪ آهي نه؟
امل . - ٺيڪ آهي، مان ٻاهر نه نڪرندس.... پر، چاچا، تون مون
کي هن سڙڪ واري ڪمري ۾ ويهڻ جي موڪل ڏي.
ماڌو وڃي ٿو. ڏهيءَ وارو اندر اچي ٿو.
ڏهيءَ وارو. - ڏهي وٺو!.... ڏهي وٺو!.... ڏهي، تازي ڏهي!
امل . - ڏهيءَ وارا، او ڏهيءَ وارا!
ڏهيءَ وارو . - آيو! ڇا، ڏهي وٺندين؟
امل . - آءٌ ڪيئن وٺندس؛ مون وٽ پئسا ڪٿي آهن.
ڏهيءَ وارو. - ڪهڙو نه لچو ڇوڪر آهي؛ اجايو ڇو سڏيائين، ناحق
وقت برباد ڪيائين!
امل. - مون ۾ سگهه هجي ها ته مان تو سان گڏجي هلان ها.
ڏهيءَ وارو . - مون سان؟
امل . - ها؛ جڏهن پري سڙڪ تان تنهنجو آواز ٻڌندو آهيان، تڏهن
الائي ڇو مون کي پنهنجو گهر ياد اچي ويندو آهي!
ڏهيءَ وارو. - (چاڏي ڪلهي تان لاهي، هيٺ رکندي) پر، ننڍڙا
نينگر، آخر توکي ٿيو ڇاهي؟
امل. - ويد چوي ٿو ته مون کي ٻاهر نه نڪرڻ کپي؛ انهيءَ ڪري مان
سڄو ڏينهن هتي ويٺو هوندو آهيان.
ڏهيءَ وارو. - توکي ڪهڙو مرض آهي، پٽڙا!
امل. - خبر ناهي، مان پڙهيل لکيل ته آهيان ڪونه جو ٻڌائي سگهان
ته مون کي ڪهڙو مرض آهي، چڱو، ڏهيءَ وارا، اهو ته
ٻڌاءِ ته تون ڪٿان ٿو اچين؟
ڏهيءَ وارو. - پنهنجي ڳوٺان.
امل. - پنهنجي ڳوٺان؟ ڇا اهو گهڻو پري آهي؟
ڏهيءَ وارو. - اسان جو ڳوٺ، ’شاملي‘ درياءَ جي ڪناري تي، ’پنج
مورا‘ پهاڙ جي واديءَ ۾ آهي.
امل . - پنج مورا پهاڙ! شاملي درياءُ! ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي.
شايد مون تنهنجو ڳوٺ ڏٺو آهي؛ ياد نٿو اچي ته
ڪڏهن.
ڏهيءَ وارو. - ڇا تون اسان جو ڳوٺ ڏسي آيو آهين؟ انهن پهاڙن جو
سير ڪري آيو آهين؟
امل. - نه، مان اوڏانهن ڪونه ويو آهيان، پر خيال ٿو اچيم ته
مون انهن کي ڪڏهن ڏٺو آهي. تنهن ڳوٺ بلڪل ڳاڙهيءَ
سڙڪ جي ڀڪ سان وڏن وڏن پپر جي وڻن هيٺان آهي نه؟
ڏهيءَ وارو . - ٺيڪ آهي.
امل . - ۽ پهاڙجي لاهن تي چوپايو مال چرندو آهي نه؟
ڏهيءَ وارو. - ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي، اسان جي ڳوٺ جي چوپائي
مال جو چرڻ؟....ها، ها، بلڪل ٺيڪ آهي.
امل. - ۽ تنهنجي ڳوٺ جون عورتون ڳاڙهيون ڳاڙهيون ساڙهيون ٻڌي،
درياهه مان پنهنجون گهاگهريون ڀري، پنهنجن مٿن تي
کڻي وينديون آهن نه؟
ڏهيءَ وارو. - بلڪل ٺيڪ؛ سچ پچ اسان جي ڳوٺ جون عورتون
گهاگهريون کڻي درياهه تي اينديون آهن، ۽ پاڻي ڀري
وينديون آهن؛ پر انهن مان هر ڪنهن کي ڳاڙهي ساڙهي
ڪانه هوندي آهي. مگر، ڇوڪر، تون ضرور ڪڏهن گهمندي
ڦرندي اوڏانهن ويو هوندين.
امل. - نه، ڏهيءَ وارا، آءُ سچ ٿو چوان، مان اوڏانهن ڪڏهن به نه
ويو آهيان؛ مگر جنهن ڏينهن ويد مون کي ٻاهر نڪرڻ
جي موڪل ڏيندو، تون مون کي پنهنجي ڳوٺ وٺي
هلجانءِ.
ڏهيءَ وارو. - هائو، پٽ، آءٌ توکي وڏي خوشيءَ سان وٺي هلندس.
امل . - ۽ تون مون کي مٿي تي چاڏي رکي، ’ڏهي وٺو، ڏهي وٺو‘ جو
هوڪو ڏيڻ سيکارجانءِ.
ڏهيءَ وارو. - واه! تون ڇو ڏهي وڪڻين؟ تون ته وڏا وڏا ڪتاب
پڙهندين ۽ پنڊت ٿيندين!
امل. - نه نه، مان پنڊت ٿيڻ نٿو چاهيان؛ مان تو وانگر ٿيندس، ۽
ڳاڙهيءَ سڙڪ جي ڀڪ واري ڳوٺ ۾، جو پپرن جي پراڻن
وڻن هيٺان آهي، ڏهي کڻي ايندس، ۽ گهر گهر وڪڻندس.
واه واه، ڪهڙو نه سٺو هوڪو ٿو ڏين - ’ڏهي وٺو! ڏهي
وٺو! تازي ڏهي!‘ مون کي اهڙيءَ طرح چوڻ سيکار،
سيکاريندين نه؟
ڏهيءَ وارو. - توکي اهڙيءَ طرح هوڪو ڏيڻ سيکاريان؟ ڪهڙو نه
عجيب خيال آهي!
امل. - ها، سيکار، مون کي اهو ڏاڍو پسند آهي. مان چئي نٿو
سگهان ته هن سڙڪ وٽان، وڻن جي قطار مان، جڏهن
تنهنجو آواز منهنجن ڪنن تي پوندو آهي ته منهنجي دل
۾ ڪهڙيون عجيب ڇوليون اڀرنديون آهن. جڏهن آسمان تي
اُڏامندڙ سرڻن جو آواز ٻڌندو آهيان، تڏهن به
منهنجي اهڙي حالت ٿي ويندي آهي.
ڏهيءَ وارو. - پيارا نينگر، ڇا تو کي ٿوري ڏهي گهرجي؟ ٿوري ته
وٺ! |