مولوي اعجاز الحق قدوسي
ٺٽي جا لڙڪ
هيءُ علمي خط جناب پير حسام الدين راشديءَ جي نالي لکيل آهي.
مڪتوب نگار ٺٽي جي سير کان پوءِ جيڪي علمي، تمدني
۽ ثقافتي تاثرات محسوس ڪيا آهن، سي نهايت شسته ۽
دلنشين پيرايي ۾ قلمبند ڪيا آهن- ادارو
ڪرم گسترو اعجاز نواز،
اوهان جي بدولت آءٌ ۽ مسٽر جويو، 17- جنوري 1954ع جو، سنڌ جي ان
پُر عظمت تاريخي شهر، ٺٽي ۾ داخل ٿياسون، جو عشق ۽
محبت، تاريخ ۽ سياست، علم ۽ فضل، شعر ۽ ادب، عرفان
۽ تصور، زهد ۽ تقوا جي هزارن افسانن جو امانتدار
آهي. ان جي ويرانن جي سناٽن مان گذرندي، مون کي
خبر نه آهي ته مسٽر جويي تي ڇا گذريو، ليڪن منهنجي
ته عجيب حالت هئي. آءٌ عبرت جي اکين سان ان جي هر
ذري کي ڏسي رهيو هوس، ۽ حال جي آئيني ۾ ان جي
ماضيءَ جا پُر شڪوه نقش تلاش ڪري رهيو هوس. مگر،
حالَ ماضيءَ جي عظمت کي اهڙيءَ طرح ڪچليو آهي جو
سواءِ ويرانن جي هينئر اتي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
منهنجي چشم عبرت اڃا انهن ويرانن تي پوريءَ طرح
اشڪ افشاني به نه ڪئي هئي ته اوچتو منهنجي تصور
اکيون کوليون: هينئر مون ڏٺو ته اهي ويرانا هڪ
خوبصورت شهر ۾ تبديل ٿي رهيا هئا، ۽ مون کي ائين
معلوم ٿيو ته ان شهر جو اوج وري موٽي آيو آهي. شهر
جي هڪ عاليشان محل تي مون کي ترخانن جو پرچم
لهرائيندو ڏسڻ ۾ آيو. ان شهر جي آرائستگي ۽
پيرائستگي به منهنجي تصور ۾ نهايت صاف ۽ واضح
ڏيکاي ڏيئي رهي هئي.
بازارين جي رونق، شهر جي آرائستگي ۽ پيرائستگيءَ کي ڏسي، مون هڪ
شخص کان پڇيو ته ’ميان، هتي جو حاڪم ڪهڙو آهي؟‘ هو
منهنجي طرف حيرت سان ڏسي چوڻ لڳو ته ’جلالت الملڪ
مرزا جاني بيگ جو نالو نه ٻڌو اٿئي، جنهن ظل
الاهيءَ جي سايهء عاطفت ۾ سنڌ جي دنيا نهايت
اطمينان ۽ سڪونت جي زندگي گذاري رهي آهي!‘ اڃا آءٌ
ان سان ڳالهائي رهيو هوس ته هڪ شور بپا ٿيو ته ظل
الاهيءَ جي سواري گذري رهي آهي. مون ڏٺو ته هڪ
پنجيتاليهن سالن جو شخص، گهوڙي تي سوار،
ويهن-پنجويهن مصاحبن جي جلۡوَ ۽ جلوس ۾، شاهانه
سطوت سان وڃي رهيو هو. هو جتان گذري رهيو هو،
ماڻهو سروقد ٿي ادب سان خراج عقيدت پيش ڪري رهيا
هئا. بادشاهه جي سواري گذري ويئي، ته مون هڪ دوڪان
تان ڪجهه خريد ڪرڻ گهريو. دڪاندار مون کي چيو ته
’تو وٽ ”ميريون“ آهن؟‘ مون ان کان پڇيو ته ’ميري
ڇا ٿيندي آهي؟‘ هو کلي چوڻ لڳو، ’شايد تون اسان جي
شهر ۾ پرديسي آهين. ميان، ميري اهو سِڪو آهي، جو
هينئر جلالت الملڪ جي وقت ۾ پلٽيو ويو آهي.‘
يڪايڪ ان تصور جا نقش ڌنڌلا ٿيڻ لڳا، ۽ ٿوريءَ دير لاءِ انڌيرو
ڇانئجي ويو. مون مشاهدي جي قوتن کي وري جمع ڪيو:
ڏٺم ته شهر جو سمورو انتظام درهم برهم هو، ۽ سڄي
شهر تي اداسيءَ جو سمو ڇانيل هو. مون ماڻهن کان ان
جو سبب پڇيو. هڪ شخص چيو، ’ڇا، توکي معلوم نه آهي
ته اڄ کان اسين مغلن جا غلام بنايا ويا آهيون!‘
آءٌ بيحد حيران ٿيس. ايتري ۾ مون ڏٺو ته هڪ نوجوان
شهر ۾ فاتحانه شوڪت ۽ نهايت ڪروفر سان داخل ٿيو؛
امارت و رياست جا آثار نمايان نظر اچي رهيا هئا.
ان جي جَلۡو ۾، فوج کان علاوه، امرا، علام ۽ فضلا،
شاعر ۽ اديب به هئا؛ ان کان ٻه قدم پٺتي مرزا جاني
بيگ، آهستي آهستي، اداس ۽ مغموم اچي رهيو هو. هو
مشڪندي مرزا جاني بيگ سان نهايت عزت سان ڪڏهن ڪڏهن
ڳالهائي رهيو هو. مون هڪ شخص کان پڇيو ته اهو
نوجوان ڪير آهي. ان شخص ٿڌو ساهه ڀريو چيو، ’هاءِ،
تون نٿو ڄاڻين، اهو اسان کي غلام بنائڻ وارو،
خانخانان عبدالرحيم، شهنشاهه اڪبر جو جرنيل آهي.
اڄ کان وٺي ترخانن جي سلطنت، رياست ۽ جاگيرداريءَ
۾ تبديل ٿي ويئي آهي. جلالت الملڪ مجبور ٿي ان سان
صلح ڪيو آهي.‘
آءٌ به ان مجمعي جي پوئتان روانو ٿيس. مون ڏٺو ته شاهي ايوان ۾
مرزا جاني بيگ، سنڌ جي فاتح جو استقبال هڪ مفتوح
وانگر ڪيو، ۽ شاهي مسند تي ان کي ويهاري، ٿورو
پٺتي هٽي ويهي رهيو. دولت خان لوڌيءَ هڪ هڪ چيز جو
جائزو ورتو، ۽ شاهي ايوان تي مغلن جو پرچم چاڙهيو
ويو. جڏهن اها رسم ختم ٿي، تڏهن خانخانان
عبدالرحيم، بيهي، مرزا جاني بيگ کي گلي لڳائي،
چيو، ’تون مطلق نه گهٻراءِ، آءٌ توکي ظل الاهيءَ
جي سامهون اهڙيءَ طرح پيش ڪندس جو بندگان همايوني
جي نگاهه ۾ تنهنجي توقير وڌي ويندي.‘
مون ڏٺو ته مرزا جاني بيگ، خانخانان عبدالرحيم سان دهليءَ وڃڻ
جي تيارين ۾ مصروف هو. مرزا جاني بيگ ويو، ته
منهنجي تصور جي دنيا کي به پاڻ سان وٺيو ويو.
منهنجي تصور جي ٻيڙي وري ڊانوا ڊول ٿيڻ لڳي. مون
مشاهدي جي قوتن کي وري جمع ڪيو، ۽ هڪ دفعو وري سر
بگريبان ٿي ويس. هينئر ڇا ڏسي رهيو هوس،-- اهو ئي
پر رونق شهر هو، اهو ئي شاهي تخت: شهر جي اردگرد
سوين چمن ۽ باغ هئا، هر طرف شادابي هئي، شهر جي
رونق اڳي کان گهڻي زياده هئي، ۽ هر طرف عيش عشرت
جون محفلون گرم هيون. آءٌ شاهي ايوان جي سامهون
گذريس. مون ڏٺو ته ان جي چمن جي وچ تي هڪ نهايت ئي
بانڪو نوجوان، شاهانه تمڪنت سان، سَوَن حسين ۽
جميل ڪنيزن جي وچ ۾، ميءَ ارغوانيءَ جي دور ۾ مست
هو، ۽ ’حافظ‘ جا هي به شعر جهونگاري رهيو هو:
مي دو سالہ و معشوق چارده سالہ،
همين بست است مرا صحبت صغير و ڪبير.
در اين زمانہ رفيقي ڪہ خالي از خلل است،
صراحيء مي ناب و سفينہ غزل است.
ان جي جهونگارڻ ۾ بلا جو گداز هو. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو
ته ان جي ان هلڪي ترنم ۾ به پوري موسيقيءَ جو روح
ڇڪجي آيو هو. شاهي ايوان جي هڪ ٻئي حصي ۾ موڳن کي
اميرن امرائن کان سواءِ ڪجهه شاعر ۽ عالم به نظر
آيا. ’طالب آمليءَ‘ کي مون ڏٺو ته هو پنهنجا شعر
آهستي آهستي پنهنجي هڪ ٻئي ساٿيءَ کي ٻڌائي رهيو
هو. مون ان مجمعي ۾ ملا مرشد بروجرديءَ کي به ڏٺو،
جو عالمانه وقار سان خاموش ويٺو هو. ايتري ۾
چوبدار آواز ڏنو. ’ادب سان نگاهه سامهون رکو! ظل
همايوني مرزا غازي بيگ بهادر اچي رهيو آهي!‘ سمورو
انبوهه ادب سان اٿي بيٺو. ايتري ۾ آهستي آهستي اهو
نوجوان آيو‘ ۽ هڪ شاندار ۽ زرنگار ڪرسيءَ تي متانت
سان ويهي رهيو. ساري مجمعي شاهي آداب بجا آندا.
غازي بيگ سڀ کان پهرين ملا مرشد بروجرديءَ کي
تخاطب جو شرف بخشيو، ۽ مزاج پڇيو. ملا مرشد عرض
ڪيو ته ’ظل سبحاني جي سايه عاطفت ۾، خدا جي فضل
سان، هڪ مان ئي ڇا، سارو شهر نهايت اطمينان ۽ سڪون
سان زندگي گذاري رهيو آهي. فدويءَ کي ته ساري شهر
۾ مسرت جي فضا ڏسي، ائين محسوس ٿي رهيو آهي:
”يڪ چراغيست درين دهر ڪہ پرتوِ آن،
هر ڪجا مي نگرم انجمن ساخته اند“!‘
غازي بيگ، ملا مرشد بروجرديءَ کي ٻيهر مشڪندي چيو، ’مولانا، اهو
سڀ ڪجهه حضرت ظل سبحاني، شهنشاهه اڪبر جي طفيل آهي
جو اسين سڀ اطمينان ۽ سڪون سان زندگي بسر ڪري رهيا
آهيون.‘ ملا فوراً ئي برجسته عرض ڪيو، ’ان ۾ ڪهڙو
شڪ آهي؛ مگر حضرت ظل سبحاني جي فيض ۽ ڪرم جو مظهر
ته اسان وابستگانِ دولت لاءِ حضور جي ذاتِ همايوني
آهي: حضور جي تعريف دراصل حضرت ظل سبحانيءَ جي
تعريف آهي.‘
مون ڏٺو ته هڪ مصاحب آهستگيءَ سان غازي بيگ کي ڪجهه ڪن ۾ چيو.
غازي بيگ پڇيو، ’ڇا‘ ”وقاري“ درٻار ۾ حاضر
آهي؟‘مصاحب هينئر ذرا بلند آواز سان چيو. ’حضور،
حاضر آهي.‘ غازي بيگ شاهاڻي وقار سان چيو، ’ان کي
منهنجي سامهون پيش ڪريو.‘ مون ڏٺو ته مجمعي مان هڪ
شخص اٿي، شاهي آداب بجاءِ آڻي، عرض ڪيو ته ’فدويءَ
جو تخلص ”وقار“ آهي.‘ غازي بيگ ان کي چيو ته ’آءٌ
تنهنجو تخلص خريد ڪرڻ گهران ٿو.‘ ان شخص نهايت ئي
ادب سان عرض ڪيو ته ’جيڪڏهن حضور کي اهو تخلص پسند
آهي ته فدويءَ کي ڪهڙو عذر ٿي سگهي ٿو.‘ غازي بيگ
انهيءَ وقت چوبدار کي حڪم ڏنو ته ’هن کي فوراً هڪ
هزار رپيا ڏنا وڃن، ۽ اعلان ڪيو وڃي ته آئيندي اهو
تخلص مابدولت جو هوندو.‘ مون ڏٺو ته جنهن وقت ان
شخص کي رپين جي ٿيلهي هٿ ۾ ڏني ويئي، خوشيءَ ۽
حيرت کان جا هٿ ڏڪي رهيا هئا.
شاهي ايوان مان نڪري، مون شهر جو رخ ڪيو. هڪ ڪشاديءَ سڙڪ تان
گذرندي مون هڪ خوبصورت حويلي ڏٺي، جنهن جي هڪ وڏي
پرتڪلف هال ۾ هڪ سرخ ريش بزرگ ويٺو هو، جنهن جي
گرد سوين طالبعلمن جو مجموعو هو. آءٌ به ان حلقهء
درس ۾ شريڪ ٿي ويس. درس جي ختم ٿيڻ تي مون هڪ
طالبعلم کان نهايت آهستگيءَ سان پڇيو ته ’ميان
هيءُ ڪير بزرگ آهي؟‘ ان تي هو نهايت حيرت سان مون
کي تڪڻ لڳو. هن چيو، ’شايد تون هن شهر ۾ اجنبي
آهين. جناب، هي ملا محمد آهي. هن وقت ٺٽي جا تمام
شرعي محڪما ۽ عدالتون هن جي تحت يا هن جي ڀائرن جي
تحت آهن، جن جي علم ۽ فضل جي شهرت سان سارو ملڪ
گونجي رهيو آهي. تعجب آهي ته تون هن جو واقف نه
آهين!‘ مون ان سان معذرت ڪئي، ۽ آهستي ان مجمعي
مان نڪري اڳتي وڌي ويس. ڪافي دير تائين آءٌ شهر جي
پر رونق بازارين ۾ گهمندو ڦرندو رهيس.
يڪايڪ، منهنجي تصور جي ٻيڙي وري لوڏا کائڻ لڳي، مون پنهنجن
خيالن کان وري هڪ مرڪز تي جمع ڪيو. هينئر منهنجي
سامهون مغل عهد جا گورنر گذري رهيا هئا. مون
خانخانان لوڌيءَ ۽ مهابت خان کي ڏٺو ته هو ان شهر
۾ وڏي تزڪ ۽ احتشام سان داخل ٿيا. مون ڪلهوڙن ۽
ٽالپرن جي عهد ۾ به ان شهر کي ڏٺو - ان جي رونق ۾
ڪجهه فرق ضرور ٿيو، پر اهو بلڪل نامعلوم فرق هو.
اهي زمانا فلم جهڙيءَ تيزيءَ جيان منهنجين اکين جي
سامهون گذرندا رهيا ٿي. يڪا يڪ مون انگريز سرڪار
جو پرچم ڏٺو. مون ڏٺو ته اهو شهر آهستي آهستي
ويرانين ۾ تبديل ٿي رهيو هو؛ ان جون شوڪتون ۽
عظمتون هري هري رخصت ٿي رهيون هيون. مون کي ائين
محسوس ٿي رهيو هو ته هو روئي رهيو هو. آءٌ ان جي
روئڻ جو تاب نه جهلي سگهيس. اچانڪ تصور جو سلسلو
ٽُٽي ويو. مشاهدي جي قوت تي انڌيرو ڇانئجي ويو.
هينئر جو مون اک کڻي ڏٺو ته اهي ئي ويرانا ۽ اهي
ئي سناٽا، اهي ئي شڪسته در ۽ ديوارون هيون. مون
روئندي چيو، ’الوداع، اي ماضيءَ جا آئينه دار شهر،
الوداع! اي گذشته سطوت جا روشن منارا، الوداع!‘
ان ٻڍڙي شهر جي ويرانن مان آواز آيو: ’تون ڪير
آهين؟ تنهنجو آواز منهنجن ٻچن جهڙو نه آهي! مون کي
ٻڌاءِ، تون ڪير آهين؟‘ مون چيو ته ’ اي ماضيءَ جي
عظمت جا علمبردار، بيشڪ آءٌ هن سر زمين ۾ پيدا نه
ٿيو آهيان، مگر پاڪستان بنجي چڪو آهي، ۽ اڄ تنهنجن
فرزندن ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو به شامل آهن جي هن سر
زمين تي پيدا نه ٿيا هئا، ليڪن اهي توسان اهڙي ئي
محبت رکن ٿا جهڙي تو سان تنهنجن فرزندن کي آهي:
انهن مان آءٌ به هڪ آهيان.‘
ٻڍڙي شهر هڪ ٽهڪ ڏنو - اهڙو هيبتناڪ ٽهڪ، جو منهنجو روح لرزڻ
لڳو. هن وري مون کان پڇيو، ’ڇا چيئه؟ پاڪستان ٿي
ويو!هينئر سنڌ تي ڪنهن جو قبضو آهي؟‘ مون نهايت
ادب سان کيس عرض ڪيو ته ’هينئر سنڌ جي چپي چپي تي
تنهنجا فرزند قابض آهن.‘ ان ٻڍي شهر نهايت طنز
آميز لهجي ۾ چيو، ’مانهنجا فرزند؟ نه، بلڪل نه،
تون غلط ٿو چوين!‘ مون وري کيس عرض ڪيو، ’تون يقين
ڪر ته اڄ ستن سالن کان تنهنجا فرزند هن سر زمين تي
قابض آهن.‘ ان جواب تي ٻڍي شهر مرڪي ڏنو، ۽ چوڻ
لڳو، ’مون کي يقين نٿو اچي: جيڪڏهن منهنجا فرزند
هن سر زمين تي قابض هجن ها، ته هي ناممڪن هو ته هو
منهنجي گذشته شان ۽ شوڪت جي آثارن کي محفوظ نه ڪن.
تو منهنجن ويرانن ۾ ڪا به اهڙي علامت ڏٺي، جنهن
مان معلوم ٿئي ته منهنجي تاريخي عظمت جي آثارن کي
محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي؟ ڇا، تو هتي ڪنهن
هنڌ ڪو ڪتبو ڏٺو؟ ڇا، تو کي منهجين ناهموار سڙڪن
کي ڏسي منهجي زبون حاليءَ جو اندازو نٿو ٿئي؟ ڇا،
آءٌ اهڙو ئي هوس، جهڙو تون هينئر مون کي ڏسي رهيو
آهين؟ منهنجي چهري جي گهنجن کي ڏس: جيڪڏهن تون سچ
پچ ڏسي سگهين ٿو ته ڏس، منهنجي چهري تي ماضيءَ جي
عظمت جا هزارين نقش توکي ڏسڻ ۾ ايندا.!‘
مون کيس چيو ته ’اي منهنجي عقيدت ۽ محبت جا مرڪز، اها شڪايت
بجا آهي، مگر هينئر تنهنجا فرزند تنهنجي طرف نهايت
تيزيءَ سان متوجهه آهن. آءٌ تنهنجن فرزندن جو
سپاهي بنجي آيو آهيان، جي تنهنجيءَ عظمت جي تاريخي
دفتر جي هڪ هڪ ورق کي ڳولي رهيا آهن. انهيءَ ئي
تلاش ۾ آءٌ به تنهنجيءَ سر زمين تي سرگردان
آهيان.‘ ٻڍي شهر مون کي چيو ته ’قريب اچي، ڪن لائي
ٻڌ!‘ آءٌ ان جي بلڪل قريب ٿي ويس. هن نهايت
آهستگيءَ سان مون کي چيو: ’اي منهنجا فرزند،
منهنجيءَ عظمت جا تقريباً تمام ورق ضايع ٿي چڪا
آهن؛ جي ڪجهه باقي آهن ته اهي منهنجن اهڙن فرزندن
جي هٿن ۾ آهن، جي علم ۽ عقل کان ڪورا آهن. منهنجن
سڀني فرزندن کي منهنجي طرفان هيءُ پيغام ڏج ته
هينئر منهنجي عظمت جا تاريخي نقش مڪليءَ جي
قبرستان ۾ ڪافي ملي سگهن ٿا؛ منهنجي داستان جو
وڏو حصو ان قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي: جيڪڏهن مون کان
واقف ٿيڻ گهرو ٿا ته اتان جي لوح مزار جي هڪ هڪ
ڪتبي ۾ پڙهو، منهنجي افسانهء حيات جي جزن جو وڏو
حصو هينئر به اوهان کي اتان ملي سگهي ٿو: ڪوشش
ڪريو ته اهي ضايع ٿي نه وڃن!‘
سائين، ٺٽي ۾ جو ڪجهه مون ڏٺو، يا جو ڪجهه هن مون کي چيو، اهو
مون اوهان تائين پهچايو. ڏک ۽ دلگيريءَ ۾ هي خط
نهايت طويل ٿي ويو آهي، ممڪن آهي ته اوهين ٿڪجي
پيا هجو، ان ڪري هتي بند ڪريان ٿو - ورنه منهنجو
ته هي حال آهي:
آپ ڪو نيند آئي جاتي هي،
ختم اڀي دل ڪي واردات نهين. |