سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :42

 

ظفر ڪاظميءَ جي تصويرن جي نمائش

(سنڌ پراونشنل ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ هال، حيدرآباد: 14-16 مئي، 1961ع)

حيدرآباد جي ”انڊس آرٽ انسٽيٽيوٽ“ جي سهاري سان، گذريل 14 مئي کان 16 مئي 1961ع تائين، مقامي سنڌ پروانشل ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ هال ۾، سنڌ جي مشهور مصور مسٽر ظفر ڪاظميءَ جي تصويرن جي نمائش ڪئي ويئي، جنهن جو افتتاح جناب آءِ. آءِ. قاضيءَ ڪرڻ فرمايو.

ڪاظمي صاحب جون پينٽ ڪيل اٽڪل 25 چونڊ تصويرون نمائش  لاءِ رکيون وييون هيون، ۽ اٽڪل پنج- ڇهه سؤ ماڻهو انهن کي ڏسڻ آيا، جن ۾ مقامي ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ جا پروفيسر ۽ شاگرد، صحافي، ۽ آرٽ سان دلچسپي رکندڙ شهري هئا.

افتتاح جي رسم ادائيءَ کان اڳ، ’انڊس آرٽ انسٽيٽيوٽ‘ جي وائس پريزيڊنٽ، جناب فيروز نانا ( سيشن جج، حيدرآباد)  مسٽر ظفر ڪاظميءَ ۽ سندس فن جو جامع لفطن ۾ تعارف ڪرايو، ۽ پڻ ’آرٽ انسٽيٽيوٽ‘ جي متن مقصدن کان حاضرين کي واقف ڪيو.

انهيءَ موقعي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي، علامه صاحب عوام ۾ جمالياتي ذوق کي عام ڪرڻ جي ضرورت تي گهڻو زور ڏنو، ۽ فرمايو ته اڄڪلهه فن جو صحيح ذوق ماڻهن مان رفتي رفتي مفقود ٿي رهيو آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته ان ڏس ۾ ڪي اثرائتا قدم کينا وڃن، ۽ ذوق سليم پيدا ڪرڻ لاءِ فنڪارن کي جيتريقدر ٿي سگهي همتايو وڃي. علامه صاحب چيو ته خدا” احسن الخالقين“ آهي، ۽ فنڪار انسان هن زندگيءَ ۾ ’خالقَ‘ آهن، جي تخليق جو ڪم ڪن ٿا.

 مسٽر ڪاظمي سنڌ جي آرٽ سان دلچسپي رکندڙ حلقن ۾ گهڻو مشهور آهي، ۽ ڪيترين ئي نمائشن جي موقعن تي سندس تصويرون  پاڪستان جي وڏين شخصيتن کان تحسين جو خراج حاصل ڪري چڪيون آهن- بلڪ اهي انگلنڊ، آمريڪا، جرمني، فنلئنڊ، وغيره ملڪن جي نامور هستين جي ڊرائنگ رومن جون زينت بنيل آهن. سندس تصويرن جي پهرين وڏي نمائش، 1958ع ۾، ڀٽشاهه جي ميلي  جي موقعي تي ٿي، جنهن جو افتتاح پاڪستان جي تڏهوڪي صدر، مسٽر اسڪندر مرزا، ڪيو. ساڳئي سال کيس پوسٽرن جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ سڄي اولهه پاڪستان ۾ پهريون انعام، گورنمينٽ پاران، غلام محمد براج جي پوسٽر ٺاهڻ تي مليو. 1959ع ۾ ، ڀٽشاهه جي ميلي جي موقعي تي، پاڪستان جي هاڻوڪي صدر مملڪت، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، سندس تصويرن جي نمائش جو افتتاح ڪيو، ۽ چيائين: ”معلوم ٿئي ٿو ته هي ٻيو چغتائي پيدا ٿيو آهي!“  گذريل سال جيڪا حيدرآباد ۾ سڄي سنڌ جي تعليمي ڪانفرنس ٿي گذري، تنهن ۾ ٻنهي ڊويزنن جي استاد فنڪارن جون تصويرون پڻ نمائش  لاءِ رکيون وييون هيون: ظفر ڪاظمي ان ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. سنڌ جو هيءُ پهريون نوجوان مصور آهي، جنهن تمام ننڍي ڄمار ۾ ڪافي شهرت ۽ عزت حاصل ڪئي آهي، ۽ جنهن کي سنڌ کان ٻاهريان حلقا پڻ اوترو ئي سڃاڻن ٿا.

ظفر ڪاظمي سنڌ جو پختو ۽ اصليت پسند فنڪار آهي، جنهن جي تصويرن جو جذباتي پس منظر سڌيءَ طرح سنڌو ديس سان وابسته آهي. سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين، لوڪ ناچن، ۽ ’شاهه‘ جي ڪردارن جون ڪيتريون ئي عمديون تصويرون هن چٽيون آهن، ۽ پڻ موجوده سنڌي معاشري جي اڪيچار عوامي ڪردارن کي هن پنهنجي فنڪاريءَ سان محفوظ بنايو آهي، جا ڳالهه فني اهميت جي لحاظ کان قدر ڪرڻ لائق آهي: معاشري جي جمالياتي ذوق ۽ تهذيبي روايتن جي عڪاسي ڪرڻ،   وقت جي وڏي تقاضا آهي.

وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌ جي هنرن ۽ فنون لطيفه کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ ”انڊس آرٽ انسٽيٽيوٽ“ جو پايو پيو آهي. اداري کي باقاعدي رجسٽر ڪرايو ويو آهي گهرو هنرن ۽ تصويرن جون نمائشون، علاقائي موسيقيءَ جا ميلا، لوڪ ناچ ۽ لوڪ گيتن جون ڪچهريون، اسٽيج ناٽڪ ۽ شعر شاعريءَ جون محفلون ۽ ٻيا ثقافتي پروگرام، هن اداري جي مقصدن ۾ شامل آهن. اڳتي هلي، انسٽيٽيوٽ پاران ’آرٽ سينٽر‘ ۽ ’آرٽ گئلري‘ قائم ڪرڻ جو پروگرام پڻ آهي، جن چيزن جي هن علائقي کي تمام گهڻي ضرورت آهي. اميد آهي ته فنون لطيفه جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ قائم ڪيل هيءُ ادارو سنڌ کي گهڻو ئي فيض ڏيندو.

سنڌي موسيقي جي مجلس

(ڪراچي: 5- جولاءِ، 61ع)

 5- جولاءِ 1961ع، اربع ڏينهن، شام جي ڇهين بجي، ” پاڪ- جرمن فورم“ جي اهتمام سان، ڪراچي ۾ ’سنڌي شام‘ ملهائي ويئي، جنهن ۾ سنڌي راڳ ۽ موسيقيءَ جي مشهور طرزن ۽ وڄتن کي غير ملڪي معززن ۾ متعارف ڪرايو ويو. انهيءَ مجلس ۾ ڪراچي جي سنڌي ڪامورن، اديبن ۽ شاعرن، اخبارن جي ايڊيٽرن، ۽ موسيقيءَ سان دلچسپي رکندڙ اردودان توڙي بلوچي شخصيتن کان سواءِ، جرمن سفارتخاني جي آفيسرن ۽ ٻين يورپي ماڻهن گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

شروع ۾ ’پاڪستان پلئننگ بورڊ‘ جي نائب چيئرمن، جناب ممتاز حسن، مجلس جي مقصد کان حاضرين کي واقف ڪيو، جنهن بعد شاهه لطيف جي ڪلام سان موسيقيءَ جي پروگرام جو آغاز ٿو. ” وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار“- اهو بيت جناب شاهنواز ’عارف المولا‘ ترنم سان پڙهيو، جنهن جو جرمني ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو، محترمه ايلسا قاضي جو ڪيل، اڳ ئي ڇپيل صورت ۾ جرمن زبان ڄاڻندڙن ۾ ورهايو ويو هو. موسم ۽ موقعي جي لحاظ کان، انهيءَ ڪلام ڪافي اثر ڪيو، ۽ حاضرين ۾ وڌيڪ ٻڌڻ جو اتساهه پيدا ٿيو.

ان بعد مٺي خان ۽ شاڪر خان، پهرين جدا جدا ۽ پوءِ گڏجي، دلي جي وڄت پيش ڪئي. ان کان پوءِ فقير امير بخش يڪتاري تي ڀيروي مان ڪافي پيش ڪئي، ۽ محمد فقير ۽ ملهار جي سنگت طرفان ناد وڄايو ويو. ناد جي مختلف وڄتن جي انگريزي ۾ سمجهاڻي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏني، جو صاحب مجلس جي ڪارروائي هلائي رهيو هو. انهي موقعي تي حسن فقير، سانوڻ فقير جا ٻه بيت نڙ تي پيش ڪيا، جنهن بعد اسحاق ۽ محمد فقير جي سنگت بين ۽ چنگ جي وڄت پيش ڪئي.  ان کان پوءِ وري منگهي ۽ آدم جي سنگت پاران ناد جي وڄت پيش ٿي، ۽ لونگ فقير سُرندي جي پرسوز تنوار سان مجلس کي محفوظ ڪيو. ان بعد فقير علي محمد بنسريءَ وڄائي ۽ فقير مير محمد ناد وڄايو، جنهن کان پوءِ فقير امير بخش سُر سارنگ مان شاهه جي ڪافي، ”اکڙيون مينگهه ملهار“ پيش ڪيو. آخر ۾ خميسي خان الغوزي تي پنهنجي  فن جو مظاهرو ڪيو، ۽ جناب ممتاز حسن طرفان حاضرين ۽ فنڪارن جي شڪريه ادائيءَ سان مجلس ختم ٿي.

سنڌي موسيقي جي هيءَ مجلس پنهنجي مقصد ۽ نوعيت جي لحاظ کان غالباً پهرين مجلس هئي، جنهن ۾ سنڌي، اڙدو ۽ بلوچي حلقن جي نمايان شخصيتن کان علاوه ڪيترن ئي غير ملڪي معززن  پڻ شرڪت ڪئي، ۽ سنڌ جي سٺن فنڪارن ان ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سنڌي راڳ ۽ ساز کي ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن يڪسوئي سان ٻُڌو، سمجهيو،  ۽ محسوس ڪيو:  انهيءَ ڳالهه کي نه صرف هن مجلس جي بهترين ڪاميابي سڏي سگهجي ٿو، بلڪ ان کي وقت جي هڪ آئنده ضرورت جو بنياد ڀانئجي ته بجا آهي. سنڌي سماج هن وقت مختلف اثرن هيٺ اچي رهيو آهي، تنهنڪري ان جي ثقافتي سرمايي کي مختلف ميدانن ۾ نه صرف زنده رکڻ، بلڪ ان جي صحتمند قدرن سان قريبي ماحول کي روشناس ڪرائڻ، وقت جي وڏي تقاضا آهي. دنيا جي قديم تهذيبن ۽ زبانن جي تاريخي کوجنائن جي سلسلي ۾، سنڌي تهذيب ۽ زبان سان ٻاهرين ملڪن ۾ اڳي کان زياده دلچسپي پيدا ٿي رهي آهي - خصوصاً شاهه لطيف جي مطالعي جو ذوق ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، ۽ انهيءَ ذريعي پڻ اڪثر ملڪن جا اڪابر سنڌي زبان ۽ تهذيب کان ڪافي متاثر ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف، خود سنڌ ۾، ادب ۽ زبان ۽ ثقافت جا اسرندڙ باهمي تعلقات، رفتي رفتي، پنهنجي رفتار وڃائيندي معلوم ٿي رهيا آهن، ۽ درجي بدرجي انهن جي عوامي رشتن ۾ انتشار جا امڪان گهر ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ دوطرفيءَ صورتحال ۾، پنهنجيءَ توجهه کي ٻنهي پاسن ڏانهن برابر بيهارڻ جي ضرورت آهي- يعني هڪ طرف ته اسان کي پنهنجيءَ ثقافت جي مقامي رشتن کي استوار رکڻو آهي، ۽ ٻئي طرف ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي زبان ۽ تهذيب لاءِ وڌندڙ ذوق ۽ شوق کي منظم ڪرڻو آهي. انهيءَ لحاظ  کان، ’پاڪ-جرمن فورم‘ جي هن ثقافتي ڪچهريءَ کي وڏي اهميت آهي، ۽ اهڙا بامقصد پروگرام وقت بوقت ضرور دهرائڻ کپن.

 

مصري شاهه جي ورسي

(نصرپور،سنڌ: خميس، 20-جولاءِ، 1961ع)

سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي مشهور ڪافي گو شاعر، مرحوم مصري شاهه نصرپورءِ جي پنجونجاهين ورسيءَ جي موقعي تي، نصرپور ۾، ”مصري شاهه ميموريل ڪو آپريٽو ڪائونسل“ جي سهاري هيٺ، پهريون ڀيرو هڪ ادبي ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌي ادب جي مشهور اديبن، شاعرن، ڳائڻن ۽ اهل ذوق ماڻهن شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس جي پهرينءَ نشست جي صدارت محترم عرفان احمد امتيازيءَ، حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر، ڪئي. افتتاح ڪندي چيائين:

”شاهه لطيف جي سر زمين ۾ مصري شاهه جهڙي صوفيءَ ۽ شاعر جي هيءَ ڪانفرنس، اسان جي ادبي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت جو بهترين ذريعو آهي. دراصل اسان جي قلب جي زندگيءَ جو مدار اهڙن صوفين جي انسانيت نواز ڪلام سان وابسته آهي. اسان کي گهرجي ته اسين رڳو انهن جي زيارت تي اڪتفا نه ڪريون، پر انهن جي ڪلام ۽ فيض مان به ڪجهه حاصل ڪريون. منهنجي راءِ آهي ته مصري شاهه جي ڪلام کي پاڪستان جي علاقائي زبانن ۾ ترجمو ڪيو وڃي.“

ڳائڻن جي دور کان پوءِ محترم عبدالله ’خواب‘، محترم مظفر حسين ’جوش‘، ۽ محترم سعدالله ’سپاهيءَ‘ ، موقعي جي مناسبت سان پنهنجا نظم پڙهيا. کانئن پوءِ محترم منظور نقويءَ ”مصري شاهه، ڪافي گوشاعر“ جي عنوان سان مضمون پڙهيو، جنهن ۾ شاهه لطيف کان وٺي مصري شاهه تائين ڪافيءَ جي فني ارتقا تي بحث ڪندي، مثالن سان ٻڌايائين ته مصري شاهه ان فن ۾ ملڪ الشراءَ هو. ان بعد محترم محمد خان ’غنيءَ‘ پنهنجو نظم پڙهيو، ۽ آخري تقرير، راڳ جي دور کان پوءِ، گرامي صاحب ڪئي. چيائين:

”شاهه کان پوءِ، ڪافيءَ جو ٻيو دور مصري شاهه تي ختم ٿيو. مصري شاهه جو ڪلام نهايت رقت آميز ۽ پرسوز آهي. سندس ڪلام ۾ جماليات جو جلوو آهي. سندس ڪافيون فني لحاظ سان نهايت چست، مترنم، سُريليون ۽ پختيون آهن. حسن و عشق جي لازوال ڪشمڪش ۽ هجر و وصال جو پُرڪشش رنگ، مصري شاهه جي ڪلام ۾ ڪمال تي پهتل آهي.

”دل ۽ دماغ جي طراوت ۽ روح جي راحت لاءِ هي پرسوز تارون ۽ ستارون، ساز ۽ انداز، صاحب حال بزرگن جا ايجاد ٿيل آهن: اها ئي ڳالهه آهي جو اڄ رڳو ’سُر ۽ تال‘ وڃ رهيو آهي، باقي حال ڪين آهي. اسان وٽ چشتي ۽ سهروردي طريقن ۾ سرود ۽ سماع جائز آهي، ۽ ان جا ڪي شرط مقرر آهن. هندستان ۾ اسلام جي تبليغ جي سلسلي ۾ روحاني راڳ وڏو ڪم ڪيو آهي. اهل تصوف بزرگن راڳ کي پنهنجي جذبات ۽ پيغام جي ترجمانيءَ لاءِ چونڊيو. اهو ئي سبب آهي جو اهل تصوف بزرگن جي ڪلام ۾ آفاقيت ۽ انسانيت نواز وسعت آهي. هنن رنگ، نسل، ملت، مذهب ۽ قوميت جي حدن کان گهڻو مٿي ڪلام چيو آهي.“

مصري شاهه جي ڪلام کي پيش ڪندي، سندس هڪ مشهور ڪافيءَ جو ٿلهه پڙهي، گرامي صاحب ٻڌايو ته سنڌي ادب ۾ هن قسم جو ڪو به ڪمالياتي ٿلهه ملي ڪونه سگهيو آهي:

کنيائون کِلي نيڻ گهرا گلبي،

ڀري ٻاجهه نرگس، عجب نيم خوابي!

گرامي صاحب عالمن کي عرض ڪيو ته هو هن جديد دور جي حالتن ۽ تقاضائن آهر سوچڻ سکن؛ پاڻ ۾ فڪر جي وسعت پيدا ڪن؛  مذهب ۽ ان جي حقيقي ۽ معنوي روح، يعني عالمگير محبت کي پيدا ڪن: ” رڳو خشڪ ۽ بيروح مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ عمر کپائڻ سان نڪو زندگيءَ جو عظيم مقصد حاصل ٿيندو، ۽ نڪو علم ۽ دين جو حق ادا ٿيندو.“

تصوف جي مقصد متعلق ٻڌايائين ته

”تصوف جو مقصد آهي دل ۽ دماغ، نظر ۽ فڪر جي تشڪيل ۽ تطهير. ان جو تعلق ’صالح علم‘ سان آهي، ۽ بقول رومي،

علمِ اهلِ دل نه از مڪتب بود،

علمِ اهلِ دل ز خاصه رب بود.

”اهو علم، قلب تي واردات ۽ وهب جي حيثيت سان اچي ٿو؛ ’ڪسب‘ جو ان ۾ دخل نه آهي. اهل تصوف ان علم کي حقيقي علم سڏين ٿا؛ باقي پنجن ظاهري حواسن واريءَ ’ڄاڻ پڇاڻ‘ کي ’وهم ۽ گمان‘ سڏين ٿا. حقيقي علم، پاڪ بينيءَ ۽ پرهيزگاريءَ مان پيدا ٿئي ٿو؛ ان جو ورق گردانيءَ سان ڪو واسطي ڪونه آهي. افسوس اهو آهي جو اڄڪلهه ان حقيقي علم ڏانهن توجهه نه رهيو آهي. اڄ مدرسا ۽ خانقاهون سڀ ويران ۽ حيران آهن:

اُٺا مين مدرسه و خانقاه سي غمناڪ،

نه زندگي نه محبت، نه معرفت نه نگاه!“

آخر ۾ -- جڏهن خوش اتفاقيءَ سان برسات پئجي رهي هئي- گرامي صاحب مصري شاهه جا هيٺيان بيت پڙهيا، جن ۾ سنڌ کي دعا ڪيل آهي:

واحدَ سائينس، آهون عالم جون سُڻي،

موڪل ٿئي مينهن کي، تل م ترسائينس،

وَسائي واٽن تي، اوڀر اُڀائينس،

صاحبَ ساريءَ سنڌ تي، بادل برسائينس،

پکا پکن سامهان، اوري اڏائينس،

هونِ سدائين هِتهين، ربَ تون رهائينس،

’مصري‘ ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾!

ساڳئي ڏينهن شام جو، جناب مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘  جي صدرت هيٺ، ڪانفرنس جي ٻي نشست ٿي. اها نشست فقط سماع ۽ سرود لاءِ مخصوص هئي. سنڌ جي مشهور ڳائڻن ۽ سازيندڙن مصري شاهه جو ڪلام انهن جهونين ۽ ڪلاسيڪل طرزن ۾ ڳائي ٻڌايو، جي طرزون خود مصري شاهه جون پسند ڪيل هيون، ۽ اڄ تائين سينه بسينه متواتر هلنديون ٿيون اچن.

مشهور ڳائڻن ۾ منظور علي خان، قاسم علي شاهه، محمد جمن (ريڊيو سنگر)، فقير عبدالغفور، فقير عثمان نصرپوري، آغا قربان، امير علي، غلام علي، نُور ڀٽي، نياز حسين، علي نواز جاڙيجو، گل بانو، خوشحالي، ۽ مس شميم آرا جا نالا قابل ذڪر آهن. ساز وڄائڻ وارن ۾ بلاول بيلجم، عبدالرحمان، عبداللطيف، ضمير، فياض، لونگ ۽ مڍي خان پنهنجي فن جو وجد انگيز مظاهرو ڪيو. حيدرآباد جي ’ٿِري اِسٽار‘ اسٽيج – ڪلب جي فنڪار، ڪرشنا نسيم، اسٽيج تي هڪ رنگين رقص پيش ڪيو.

رات جي اڍائي بجي تائين هيءَ محفل جاري رهي. صدر صاحب جي اختتامي تقرير کان پوءِ، محفل جي سيڪريٽري، مقبول احمد ڀٽيءَ، ڪانفرنس ۾ آيل عالمن، اديبن، سامعين ۽ راڳيندڙن جو شڪريو ادا ڪيو، ۽ مصري شاهه تي لکيل پنهنجو ڪتاب پيش ڪيو، جو گهڻو پسند ڪيو ويو.

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ورسي

(ڪراچي: 22- آگسٽ، 61ع)

22- آگسٽ 1961ع تي، دنيا ي اسلام جي وڏي عالم ۽ مجاهد، امام الانقلاب، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ورسي، ڪراچيءَ جي عالمن، اديبن، صحافين ۽ قومي ڪارڪنن ملهائي.

هيءَ تقريب، وفائي پرنٽنگ پريس ۾، جناب سيد حاجي علي اڪبر شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذري.

مولانا سنڌيءَ جي عزيز شاگرد، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي چيو:

”جيڪڏهن آءٌ مولانا سنڌيءَ کي نه ڏسان ها ته پوءِ منهنجو دين تي قائم رهڻ ناممڪن هو؛ ڇا لاءِ ته پراڻي قسم جي نصاب ۽ نظام تعليم، ۽ هن جديد علمي دور ۾ ’دين‘ جو فهم پيدا ڪرڻ مشڪل ڪم هو. مولانا جي عظيم جدوجهد، دين جي پراڻن خيالن کان ڪڍي، نئين دور جو آغاز ڪيو.“

مولانا قاسميءَ ٻڌايو ته ”مولانا سنڌي فرمائيندو هو ته ماڻهو هڪ عقيدو رکي، ان کي عملي دنيا ۾ مادي شڪل ڏيڻ لاءِ جهاد ڪندو رهي: ان سلسلي ۾ سندس قوم ته ڇا، پر سڄي دنيا جيڪڏهن مخالفت ڪري، ته به پاڻ جدوجهد ڪندو رهي.“

محترم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ فرمايو:

”روولٽ ڪاميٽي ريشمي خطن واريءَ انقلابي تحريڪ بابت لکيو آهي ته ’مولانا سنڌي انقلاب ۽ حڪومت جي نظام متعلق جيڪي قانون ۽ اصول ٿو ٺاهي، تن مان ائين ٿو ظاهر ٿئي، ڄڻ ته ڪو حڪومت جو اعليٰ سربراهه يا پارليامينٽري دماغ آهي، جو ڪم ڪري رهيو آهي‘!“

آخر ۾ صدر صاحب تقرير ڪئي، ۽ ٻڌايو ته مولانا جو مقصد پوريءَ انسانذات جي انقلاب ۽ اصلاح سان هو، ۽ نه رڳو مسلمانن لاءِ.

سچ پچ، هن دور جي اهم ضرورت آهي ته مولانا سنڌيءَ جي خيالات ۽ افڪار تي، ورسين سان گڏ، تاليفات جو سلسلو به جاري ڪيو وڃي. مولانا سنڌيءَ جهڙو عظيم مفڪر ڪو صدين کان پوءِ پيدا ٿئي ٿو. هن بزرگ جي فڪر جو مطالعو هن دور جي اهم تقاضا آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com