غلام رباني
وڏن
کان ٻڌل ڳالهه
محمد موچيءَ جو حج
ڳالهه ڪندا آهن ته گهڻا گهڻا سال اڳي، شام ملڪ جي دمشق نالي شهر
۾، محمد نالي هڪ موچي هو، جو پنهنجي سٺي ڀاءَ ۽
مهمان نوازيءَ سببان سڄي شهر ۾ مشهور هو. انهيءَ
موچيءَ جي پاڙي ۾ هڪڙو شاهوڪار رهندو هو، جو وري
پنهنجي ڌن دولت ۽ بخيليءَ سببان شهر ۾ مشهور هو.
هڪڙي ڏينهن انهيءَ شاهوڪار شخص محمد موچيءَ کان پڇيو ته ’ميان،
گهڻا ڏوڪڙ گڏ ڪيا اٿيئي؟‘ تنهن تي غريب موچيءَ
چيس ته ’سائين، ڏوڪڙ وري مون مسڪين وٽ ڪهڙا گڏ
ٿيندا؛ پر چوندا آهن ته اهو ڪي ڪجي جو مينهن
وسندي ڪم اچي، سو ايتري ميڙي چونڊي اٿم جو هيڪر،
خدا نه ڪري، جي بيروزگار ٿي پيس، يا اگهو ٿي پيس،
ته حالي بک ڪونه مرندس.‘ اهو ٻڌي، شاهوڪار شخص
چيس ته ’هاڻي هيئن ڪر، جو اها رقم کڻ ته هلي حج
ڪري اچون! مان به ڳچ وقت کان پيو سنبران، پر دل
وٽان سنگتي ملي ئي ڪو نه ٿو، جنهن سان گڏ سفر تي
نڪرجي. ڌڻيءَ جو ڏنو سڀڪي آهي، سو چوان ٿو ته اهو
فرض ادا ڪري، پاڻ تان بار لاهجي ته بهتر. سو، جي
تون به همت ڪرين ته مان به سفر جي سنبت ڪريان.‘
محمد موچي اها ڳالهه ٻڌي، وڏي ويچار ۾ پئجي ويو.
نيٺ، اڳ پوءِ جاچي، ڳالهه کي ڳڻتي ڳوتي، ’هائو‘
ڪيائين ٻنهي ڄڻن سنبت ڪئي. شاهوڪار شخص ته ظاهر
آهي ججهي رقم ساڻ کنئي، پر موچي غريب پنهنجي
سرنديءَ سارو سفر جو ثمر ساڻ کنيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن
ٻيئي ڄڻا گڏجي سفر تي نڪتا.
تن ڏينهين سفر اٺ تي ٿيندو هو. مسافرن جي آرام لاءِ رستي تي
مهمانسرايو ٺهيل هونديون هيون. هڪڙيءَ رات هي ٻيئي
ڄڻا اچي هڪڙيءَ سراءِ ۾ ٽڪيا، جنهن ۾ هڪڙو شخص اڳي
ئي ٽڪيل هو، اهو به حج جي سانگي سان سفر تي نڪتو
هو، پر رستي ۾ بيمار ٿي پوڻ سبب اتي ئي رهي پيو
هو. هو غريب، سو پوري ساري رقم جا سفر جي خرچ لاءِ
ساڻ کنئي هئائين، سا ستت دوا درمل ۾ کپي ويئي هيس.
ويچارو عذابن ۾ هو: هڪڙو پرديس، ٻي بيماري، ۽ مٿان
وري پيسي ڏوڪڙ جي تنگي؛ آقي باقي جو سراءِ جي مالڪ
چتاءُ ڏنو هوس ته ’ميان، ڪو خرچ جو بندوبست ڪر جو
بنا پئسي ته مان توکي ٽڪائي ڪو نه سگهندس‘، سو
همراهه کي ڳڻتين جا ڪوٽ چڙهي ويا هئا. رات جو رڙهي
آيو محمد موچيءَ وٽ، اچي حال ڪيائينس. محمد موچي
سندس سورن جو داستان ٻڌي وڏي ويچار ۾ پئجي ويو، پر
پوءِ همراهه کي دلداري ڏنائين، ۽ چيائينس ته ’رک
ڌڻيءَ تي، سڀ سولي ڪندو.‘ ماني کائي، محمد موچيءَ
پنهنجي شاهوڪار سنگتيءَ سان بيمار شخص جو ذڪر ڪيو،
۽ چيائينس ته ’تو وٽ رقم آهي ججهي، هن غريب جي ڪا
مدد ڪرين ته ڏاڍو چڱو‘ تنهن تي شاهوڪار شخص چيس ته
’ميان، تون ته ڪو بنهه ڀورڙو شخص آهين‘ عقل کان ڪم
وٺ، سفر ۾ پئسي کان سواءِ پاڻ کي ڪهڙي شي ڪم
ايندي. پنهنجي هڙ ڪريون ٻين جي حوالي ته پوءِ
پنهنجا حال ڪهڙا ٿيندا، سو تون پاڻ سمجهي سگهين
ٿو. اهڙو مورکپائيءَ جو ڪم هرگز نه ڪبو.‘ محمد
موچيءَ کي پنهنجي سنگتيءَ ۾ وڏي اميد هئي، تنهن
جو ههڙو سُڪو جواب ڏنس، سو مڙس اصل وسامي ويو.
گهڙي رکي هر ڪو وڃي آرامي ٿيو، پر موچي غريب ڪو
وقت انهيءَ ڳالهه تي سوچيندو رهيو. خير جو صبح
ٿيو. سفر جو سعيو ڪري، شاهوڪار شخص محمد موچيءَ کي
چيو ته ’ميان، اٿ ته اڳتي رڙهون.‘ تنهن تي محمد
موچيءَ چيس ته ’سائين ڀانيان ٿو ته هيل حج منهنجي
نصيب ۾ لکيل ڪونهي - بيواهي بيمار شخص کي ههڙيءَ
حالت ۾ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چوي؛ پر جي هوندو نصيب، ۽
مولا مهر ڪئي ۽ مديني واري جو به سڏ ٿيو ته هلي حج
ڀيٽي اچبو.‘ شاهوڪار شخص هيءَ ماجرا ٻڌي وائڙو ٿي
ويو. گهڻيئي مٿا مونا هنيائين ته من محمد موچي
پنهنجيءَ ڳالهه تان لهي، پر محمد موچيءَ نه ٻڌي
هڪ، نه ٻه. اهو حال ڏسي، شاهوڪار شخص اڳتي روانو
ٿيو، ۽ محمد موچي هن بيمار شخص جي ٽهل ٽڪور ۾ لڳي
ويو. جڏهن بيمار شخص ڪجهه چڱو ڀلو ٿيو ته محمد
موچي ٿورڙو راهه خرچ ساڻ کڻي، باقي رقم ان شخص جي
حوالي ڪري، ڳوٺ موٽيو. ٿورين گهڻين ڏينهين اچي
واپس پنهنجي شهر ۾ پهتو، ۽ پنهنجي مٽن مائٽن ۽
يارن دوستن کي سربستو احوال ٻڌائي، وري پنهنجي
پورهئي سان لڳي ويو.
ڳچ ڏهاڙا گذري ويا. هڪڙي ڏينهن محمد موچيءَ جي پاڙي ۾ هل ٿيو ته
شاهوڪار شخص حج ڪري موٽيو آهي، ۽ اچي شهر کي سڻائو
پيو آهي. اهو ٻڌي، هر ڪو حاجي سڳوري جي آجيان ڪرڻ
لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري وڃي رستي تي بيٺو. محمد
موچي به ٻين سنئون، پنهنجو ڌنڌو ڇڏي، اچي گس تي
بيٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ شاهوڪار شخص جو اُٺ اچي
شهر پهتو. جڏهن شاهوڪار شخص اُٺ تان لٿو ته سندس
مٽ مائٽ ۽ يار دوستار وڏيءَ سڪ سان کيس ڀاڪر پائڻ
لاءِ اڳتي وڌيا، پر حاجيءَ سڳوري انهن مان ڪنهن
سان به هٿ ملائڻ کان اڳ، پاسي کان ڦري، اچي محمد
موچيءَ کي اول ته ڏاڍو ڀاڪر پاتو، ۽ پوءِ تعظيم
وچان سندس هٿن کي چمي ڏنائين، ۽ چيائينس ته ’ادا،
تون منهنجي حق ۾ دعا گهر ته ڌڻي منهنجو حج قبول
ڪري!‘ اهو لقاءُ ڏسي هر ڪو وائڙو ٿي ويو، خود محمد
موچي به عجب ۾ پئجي ويو. تڏهن شاهوڪار شخص ماڻهن
ڏانهن منهن ڪري چيو ته ’سچو ته حاجي هيءُ ئي آهي!
اوهان کي گهرجي ته سندس تعظيم ڪريو‘ تنهن تي سڀني
کلي چيس ته ’ميان، عقل ته جاءِ اٿيئي، هيءُ ته اڌ
واٽ تان موٽي آيو آهي!‘ اهو ٻڌي شاهوڪار شخص چيو
ته ’مون کي بشارت ٿي آهي.‘ چيائونس ته ڀلا ڳالهه
ڪر؛ تڏهن اهو شاهوڪار شخص چوڻ لڳو ته ’مان حج ڪري
مديني مبارڪ ۾ رسول الله جي روضي پاڪ جي زيارت
لاءِ ويس. رات جو مسجد نبويءَ ۾ نماز پڙهي، پاسي
سان ٿي ويٺس ته اک لڳي وئيم. ڇا ٿو ڏسان ته الاهي
حاجي سڳورا آهن، جن سان گڏ بيٺو ڪعبته الله جو
طواف ڪريان. ايتري ۾ پري کان ڪا شي پاڻ ڏانهن
اُڏامندي ايندي نظر آيم. ستت ئي اها شي اسان جي
ويجهو اچي پهتي. ڏٺم ته چار نوراني شخص هئا، جن کي
مور جهڙا کنڀ هئا، جن تي ابرق وانگر چمڪندڙ اکرن ۾
آيتون لکيل هيون: انهن شخصن جي ڪلهن تي هڪ تخت هو،
جنهن تي محمد موچي ويٺل هو! اهي نوراني شخص محمد
موچيءَ کي ڪعبي شريف جو طواف ڪرائي، پوءِ تخت تي
ويهاري، وري واپس تخت اڏائي کڻي ويا، ۽ ستت ئي
منهنجين نظرن کان گم ٿي ويا. جڏهن هو هليا ويا ته
اول بسنت بهار جي هوا جهڙو هڪڙو جهوٽو آيو، جنهن
کان پوءِ پورب پار کان ڪارا ڪڪر آيا، ۽ تنهن پڄاڻا
مينهن. پر عجب ڪهڙو جو انهن ڪڪرن ۽ مينهن ۾ نه
گجگوڙ هئي ۽ نه کنوڻ! انهن ڪڪرن ۽ مينهن مان سوز
ڀرئي آواز ۾ ڪوئي ڳائي رهيو هو:
”محمد موچي، دمشق وارا!
تنهنجو حج قبول!“
پوءِ ته، منهنجا پيارا دوستو، مون پاڻ پنهنجن ڪنن سان ٻڌو ته هن
جهان جي هر ڪا شي هوا جون لهرون ۽ پاڻيءَ جون
ڇوليون، پکي پکڻ ۽ گاهه گلزاريون، هيءَ ڌرتي ۽ هو
آسمان، سڀيئي گڏجي، ساهه سيبائيندڙ آواز ۾ ڳائي
رهيا هئا:
”محمد موچي، دمشق وارا!
تنهنجو حج قبول!“
شاهوڪار شخص جڏهن اها ڳالهه ڪري پوري ڪئي، تڏهن سڀني ماڻهن وڌي
وڃي محمد موچيءَ کي ڀاڪر پاتو ۽ تعظيم وچان سندس
هٿ چميا؛ ۽ پوءِ هو سڀيئي گڏجي مٺڙي ٻاجهه ڀرئي
آواز ۾ ڳائڻ لڳا:
”محمد موچي، دمشق وارا!
تنهنجو حج قبول!“
محمد موچيءَ جي حج جي هيءَ ڳالهه ستت ئي هنڌين ماڳين مشهور ٿي
ويئي. چون ٿا ته جڏهن شاعرن جي شاهه مولانا جلال
الدين روميءَ محمد موچيءَ جي حج جي هيءَ ڳالهه ٻڌي
ته هن هڪڙو شعر چيو، جو دنيا جي بادشاهن ٻڌي،
چانديءَ جي تختيءَ تي سونن اکرن ۾ لکرائي، پنهنجن
محلاتن جي ڀتين تي سينگار لاءِ ٽنگي ڇڏيو؛ ۽ ڏاهن
ٻڌي، پنهنجي دل جي ڦرهيءَ تي نقش ڪري ڇڏيو، ته
جيئن محمد موچيءَ جي حج جي هيءَ ڳالهه دائم ۽ قائم
رهي. اهو شعر جيڪڏهن اوهان کي ياد هجي ته به عجب
ڪونهي. شعر هيءُ آهي:
’دل بدست آور ڪہ حج اڪبر است،
از هزاران ڪعبہ يڪ دل بهتر است:
ڪعبہ بنگاه خليل آذر است،
دل گذرگاه جليل اڪبر است!‘ |