سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :7

 

نظم

لطف الله بدوي

قافلو هلندو رهيو

راهه ۾ طوفان آيو، هو غضب جو شور گوڙ،

وڻ ڪري پَٽِ ٿي پيا، واءَ پيدا ڪيو وڳوڙ،

عزمِ صادق سماڻ بيپروا  ويو ٿي ڪاروان:

قافلو هلندو رهيو.

کوڻين چمڪي اُٿاريو، رعد جي آواز کي،

ٿي ڊنو هرهڪ ڏسي، هيئن ابرِ برق انداز کي،

پر طلب وارا ويا ٿي راهه پنهنجيءَ تي روان:

قافلو هلندو رهيو.

راهه ۾ ڪنڊا وڇايا حاسدن آڻي هزار،

ڍير ڍنگرن جا رکيائون، روڪ لئه، ٺاهي قطار،

پر ويا آزاد گذري عشق وارا ڪامران:

قافلو هلندو رهيو.

راهه ۾ وحشي لٽيرا ٿي ٻُڌا هر ڪُنڊ کان،

حرڪتن کان جن جي حيران ٿي ڏٺا پيروجوان،

سي ٻُڌم بيراهه ٿي، بڻجي ويا سڀ بي نشان:

قافلو هلندو رهيو.

ملڪ هو بي ساڃهن جو،ڪُور جت اخلاق کان،

عمار هو جن ک صحيفهء حق جي اوراق کان،

تن جڏهن کي روشني ڏيندو ويو تارن سمان:

قافلو هلندو رهيو.

بغض کان بڻجي وڃي انسان بدتر از بلا،

ڪاميابي آ خدا جِي بخش، جنهن کي ٿي عطا،

رشڪ کان شيرين دهن، افسوس، بڻيا بد زبان:

قافلو هلندو رهيو.

 

هري درياني ’دلگير‘

محبوبا جي لاش تي

مون کي ڪَلَ ڪهڙي، ٻُڌائڻ کان سواءِ ويندينءَ هلي،

اوچتو هيئن موڪلائڻ کان سواءِ ويندينءَ هلي!

آهه ڌاڳي کان به ڪچڙو پيار، مون ڄاتو نٿي،

تون نه پاڙيندينءَ ڪيل اقرار، مون ڄاتو نٿي:

هيئن چوڻ، چائڻ، چِتائڻ کان سواءِ ويندينءَ هلي،

مون کي ڪَلَ ڪهڙي، ٻُڌائڻ کان سواءِ ويندينءَ هلي!

مُند تي گل ڦل ٽِڙن، ۽ مُند تي ڪومائجن،

مند تي بادل به برسن، مند تي وٽڙي وڃن:

مُند تي ڪل موسمون، بي مند پر آهي اجل،

وقت هِي آهي يا ناهي، ڪين ساڃاهي اجل؛

ڪئن وئينءَ بيوقت تون؟ ٿا پيار جا سُڏڪا پُڇن:

مُند تي گل ڦل ٽڙن، ۽ مُند تي ڪومائجن!

ڪئن مڃان،زنده تون ناهين، اڄ به ڄڻ مرڪين پئي،

جسم خوشبو ۾ لپيٽيل،اڄ به تون مهڪين پئي:

تنهنجا ڪارا وار اُڏري هيِر ۾ ٿا راند ڪن،

۽ ڳلن ڳاڙهن کي تنهنجي مست ٿِي سي ٿا چُمن؛

هن شفق جي رنگ ۾ تون اڄ به ڄڻ ٻهڪين پئي:

ڪئن مڃان،زنده تون ناهين، اڄ به ڄڻ مرڪين پئي!

ڇڏ نه هِت پنهنجيون نشانيون، آءٌ ٿيندس بيقرار،

ڪُوڪ ڪوئل جي سڻائيندي سندءِ سُر بار بار:

چشم آهُو ۾ سندءِ نيڻن جو هوندو ناز ڪجهه،

مور جي چاليءَ ۾ تنهنجي چال جو انداز ڪجهه،

ڦول ۾ پسندس مان تنهنجي مرڪ جوڀن جو خمار:

ڇڏ نه هِت پنهنجيون نشانيون، آءٌ ٿيندس بيقرار!

آهه هِي ٻوٽو گلن جو، جنهن سان تنهنجو پيار هو،

پنهنجي هٿ سان جنهن کي تو پاڻي ڏنو سؤ بار هو:

جنهن جي گُلڙن ٿي ڪئي توکي ڪشش اوريان پريان،

لاش تنهنجي تي انهن جا گل ڀلا مان  ڪئن ڌريان؟

اصل کان توکي، مِٺي، اهڙو ئي ڇا ويچار هو؟

آهه هي ٻوٽو گلن جو، جنهن سان توکي پيار هو!

هڪ گهڙي تنهنجي جدائيءَ جي هئي مشڪل، مِٺي،

ڏنءُ حياتيءَ جو سهي سگهندي نه منهنجي دل، مِٺي!

پرت جا پيالا ڀري، پل پل پياريندي هئينءَ،

سونهن جون سُرڪيون ڏئي، مون کي جياريندي هئينءَ؛

هن وڇوڙي لئه مون کي سمجهيو تو ڪئن قابل، مِٺي؟

هڪ گهڙي تنهنجي جدائيءَ جي هئي مشڪل، مِٺي!

آگ جي سختي سهي سگهندينءَ ڀلا ڪئن، گلبدن!

ياد آ، خود گل به توکي سيج تي پيا تنگ ڪن!

اهڙي ڪومل جسم کي ڪئن آگ لائي مان سگهان،

پنهنجي ئي هٿ ساڻ ڪئن توکي جلائي مان سگهان!

ڪَلَ اٿم، ڇا ڇا ڪري ٿا باهه جا ڀنڀٽ سگهن:

آگ جي سختي سهي سگهندينءَ ڀلا ڪئن، گلبدن!

ڪهڙو شاعر هو، چيو جنهن سونهن آ ابدي خوشي،

ڪئن خوشي ابدي ٿئي، جو ناهه ابدي زندگي؟

حسن جو انجام آخر خاڪ آ، بس خاڪ آهه،

جا محبت آهه، سا آخر خس و خاشاڪ آهه:

سونهن تنهنجي، پيارَ منهنجي، ڪيتري سختي سَٺي!

ڪهڙو شاعر هو، چيو جنهن سونهن آ ابدي خوشي؟

] ڪاليداس جي هڪ ناٽڪ تان نظارو[

 

ا. ح. جئسنگهاڻي سام

عشق جي هڪڙي پچار

سُر گهڻا سڪ جا سُڻان ٿو، هڪ انهن ۾ آهه سار،

ڪو ٻُڌي، ڪو ڪين ٿو وڄندي ٻُڌي، دل جي ستار؛

مان ٻڌان ٿو روز شب باغن ۾ بلبل جي تنوار،

انب جي ٽاريءَ تي ويهي ٿي ڪري ڪوئل پڪار:

عشق جي آ بات ساڳي، گر اٿس ريتيون هزار،

مان سندس ٻوليون ٻڌان ٿو، هر جڳهه آ هڪ پچار.

وڻ به ڪن ٿا واد ساڳي، آس ۾ لامون لُڏن،

هيڄ مان ڇا لئه ڀلا ٿيون تيز هي هيِرون هلن؟

پن نه خالي پياس کان ٿو مان پسان منجهه هن چمن،

ماٺ ۾ ٿا غم منجهان سڪ جو ڪڏهن اظهار ڪن:

عشق جا آهن طريقا نت نوان ۽ بيشمار،

مان سندس ٻوليون ٻڌان ٿو، هر جڳهه آ هڪ پچار.

ٿو وهي گلڙن جي اکين مان ڪڏهن لڙڪن ۾ آب،

ڪا خوشي يا غم لڳل، يا ڪو اٿن دل جو عذاب،

ماٺ ۾ شايد برهه جو ڪو پڙهيو تن آهه باب،

ورنه گل سهڻا لڳن ڇو؟- ڪو ته ڏي هن جو جواب!

غمَ خوشيءَ ۾ ٿي وڄي ساندهه سِڪڻ جي هڪ ئي تار،

مان سندس ٻوليون ٻڌان ٿو، هر جڳهه آ هڪ پچار،

لاڏ سان پوپٽ گهُمي، سو ڀي سلي ٿو ڪو ته راز،

ڀونئر ’ڀون-ڀون‘ سان چوي ٿو، مون ڏٺو آ ڪوئي ناز؛

ڏس ته ڳيرو ڪيئن نه ڇيڙي دل سندو سڪ مان ٿو ساز،

زوُم مان زوڪٽ ڪري ٿو، ڪالَ جيئن اُڏري هي باز:

زندگيءَ جا هي نمونا ڪين آهن ڌار ڌار،

مان سندس ٻوليون ٻڌان ٿو، هر جڳهه آ هڪ پچار.

ڪجهه ته شبنم ٿي چوي،۽ ڪجهه چوي ٿو سبز گاهه،

سمجهه چئجي سُرت هڪ،يا ٿو سُري هڪ تن ۾ ساهه؛

سونهن ۾ ٿَن همسري، پر پاڻ ۾ ٿَن ڪوئي ٺاهه،

هڪ ڪِري ٿو، ڄڻڪ ٻئي جو خود وڌائي چست چاهه:

جنهن امن خوبيءَ ۽ خوشيءَ جو ٿو وڌي جڳ ۾ خُمار،

مان سندس ٻوليون ٻڌان ٿو، هر جڳهه آ هڪ پچار،

آب کي آهي اوڇل، يا سِڪ سندي ٿَس ڪائي ساهه،

دل جي دريا مان وهن نت روپ جون نهريون ۽ واهه،

تات تن کي هيڪڙي، ۽ هڪ طرف پڻ آهي ڪاهه،

جنس ساڳيءَ جو ڦڙو، ۽ آهه خود ساگر اٿاهه:

هڪ ئي آهي ذات تن جي، هڪ ئي اصلي آهه ڌار،

مان سندس ٻوليون ٻڌان ٿو، هر جڳهه آ هڪ پچار.

هڪ سمايل طرز آ، هر شي ۾ پڻ آ هڪ ئي جان،

روح هرجا هڪ وسي ٿو، هي سندس آهن نشان:

ڪي اُڏامن، ڪي چُرن، ۽ ڪي رهن هاڪ آسٿان،

فرق ناهي ڪو مگر، آهن سڀئي هڪ ئي سمان:

’سام‘، آهن عشق جون رمزون گهڻيون، ريتيون آپار،

مان سندس ٻوليون ٻڌان ٿو، هر جڳهه آ هڪ پچار،

 

 

’نياز‘ همايون

يلغار

اُٿو، اُٿو، جو زمانو ٿو جنگ جنگ ڪري،

هي ظلم، جبر ٿو روحن کي تنگ تنگ  ڪري،

وڄايو دهل بغاوت جو ڍنگ ڍنگ ڪري،

وڌو اڳي، ۽ رهو ان کي دنگ دنگ ڪري:

مصيبتن سان لڙو، اجتناب مرده باد!

لڳايو نعرو، چئو انقلاب زنده باد!

غريب لاءِ غريبي ۽ تنگدستي ڇو؟

امير لاءِ اميري ۽ خود پرستي ڇو؟

برابريءَ جي عوض هيءَ اُچائي پستي ڇو؟

مٽيو نظام اهو، ان کي آهه هستي ڇو؟

مساويانه عدالت حساب زنده باد!

هوس ۽ ظلم جو خانو خراب، مرده باد!

زماني ۾ نه ڪو ظالم ٿي ڪردگار رهي،

زمين تي نه ڪو انسان دلفگار رهي،

سماج ۾ نه ڪوئي فرد بيوقار رهي،

هي ڪم ٿئي هاڻ، نه اڳتي جو انتظار رهي:

کپي بهشت ٿو اڄ، اڄ جو باب زنده باد!

فريبِ جنتِ فردا جو خواب مرده باد!

نئون نظام اَڏيو، هي جهان بدلايو،

غريب امير جو سُود ۽ زيان بدلايو،

فساد زر جو، شقاوت جو شان بدلايو،

دغا دروغ جو هر داستان بدلايو:

جو عزم آهي، اُهو ڪامياب، زنده باد!

هي سامراج، سندس رعب تاب مرده باد!

اچو اچو ته بغاوت ڪريون، اي مظلومو!

وڌو وڌو ته حڪومت ڪريون، اي محڪومو!

ملو ملو ته محبت ڪريون، اي معصومو!

کلو کلو ته مسرّت ڪريون، اي مغمومو!

خوديءَ کي زنده رکو، التهاب مرده باد!

لڳايو نعرو، چئو انقلاب زنده باد!

 

’تنوير‘ عباسي

منهنجا گيت سريلا

مان رولاڪ، رلي ۽ ڀلجي، ڀٽڪي، تشنه ڪام،

ڳولڻ آيو آهيان تنهنجي پهلوءَ ۾ آرام؛

ڊڄندي ڊڄندي، لڪندي لڪندي، چپ تي آندم جام،

من ۾ اُڻتڻ، چپ تي ڀڻ ڀڻ، ورتم تنهنجو نام؛

منهنجي ساز ۾ سوز هئو، پر سُر هئا اڪيلا، هاءِ،

ڳائڻ مهل هئي هن دل ۾ آترويلا، هاءِ!

ڳاتم گيت سريلا، پر هو منهنجو من بيچين،

ڄڻ ڪنهن سواليءَ خالي گهر جي آڏو هنئي ٿي سئن؛

يڪتاري جي تنها تار جيان مون، ڏڪندي ڏڪندي،

پنهنجي ليکي جهونگاريو ٿي ساٿيءَ ڪارڻ سڪندي؛

منهنجا گيت، اڪيلي اڇي  ڪبوتر جيان اداس،

پيار ڀريا، سهڻا ۽ سٻاجها، هئا تڏهين به نراس؛

چپ تي مرڪ هئي، پر من ۾ هر دم هو مانڌاڻ،

منهنجا گيت سريلا، ٻول مٺا، پر ڪنهن جي ڪاڻ؟

-- تون منهنجي آڏو آئين، ۽ مون کي ٿيو گمان،

منهنجي گيتن هستي ورتي، ڄڻ ٿي پيا انسان!

 

’خواب‘ حيدرآبادي

مرثيه غم

سازِ دل تي ٿو ڇيڙيان فڪرِ سخن،

دل جي ڌڙڪڻ کي ڏئِي رڳن جو دهن؛

روح پرور، حسين تخيل سان،

وسعتِ فڪر جو ٿو واس ڏيان؛

هر روش کي ڏجي نئون انداز،

وقت جي گهرج سان ڪجي ممتاز؛

وقتَ پنهنجو اصول بدلايو،

پنهنجي ماحول ۾ فرق نا آيو؛

پنهنجي تدبير پاڻ کي روليو،

بخت پنهنجي اڃا نه منهن کوليو؛

جو نه آيو، سو ذهن ۾ ٿو اچي،

ياد آيو، اهو نٿو اُڄهي؛

مون تان گذري، گذارڻي پيئي،

ياد هوندي، وسارڻي پيئي؛

پنهنجي سڏڪن سان حال ٿو اوريان،

لڙڪ کي مرڪ سان ٿو پرڀايان؛

دل جي ڌڙڪڻ مان لوڪ ڌُن ٿي ٺهي،

نفس جي سوز سان ٿو ساهه کڄي؛

جيئن جوانيءَ جو جام ٿو اُڀري،

تيئن ٿي پيري خمار جي اُسري؛

شعر لکندي شعور ٿو جاڳي،

مرده ذهنن کي زندگي ٿي ملي؛

شمع گل ٿي، ۽ انجمن ٿي اداس،

مون تدبر جي جوت سان ڪِي راس.

فرق پائڻ ۽ آهه ڄاڻڻ جو،

جنهن نه ڄاتو، انهيءَ کي حاصل ٿيو؛

اڻ ڏٺي کي ڏسي سگهي جيڪو،

سو حقيقت شناس ئي سڏبو؛

جنهن کي جوهر چون توانائي،

قلبِ روشن جي آهي گهرائي؛

بزمِ انسانيت جا بانيڪار،

ابنِ آدم لئه ڪي بنيا آزار؛

ملڪ و دولت جي ڪيا هوَس انڌا،

کنئيون انسانذات جا کندا؛

جن جي لغرش سبب هي دورِ حيات،

ٿو ڏسان ڪائنات کي خطرات؛

ذهن گندو شفاف ڪر سارو،

پنهنجي تاريخ کي نه ڪر ڪارو:

مشڪ و عنبر کان دل ڇڏيئه ڦيري،

هانءُ هنڱ تي ئي تو ڇڏيو هيري؛

هيرا موتي وڃائي ويٺين هٿان،

ڪُڏين ڪوڏين تي ٿو اڃا، نادان!

پنهنجي هڏ گڏ کي هير همت ڏي،

ٻئي تي ڀاڙي،نه ڪنهن کي زحمت ڏي؛

هل ته نظمِ ڪهن کي بدلايون،

رات کي ڏينهن سان گلي لايون:

ظلمتن کي سحر جو بخشيون نور،

گردشون فڪر سان ڪريون مسحور!

پيش مون کي ڪڏهن پيو اهڙو سفر،

زندگي ڄڻ ٿي حادثن مان گذر،

شام جنهن جي ڪڏهن،ته ڪڏهن سحر،

راس آيو نه ڪنهن کي اهڙو سفر؛

سمو سورن جو اهڙو ساماڻو،

ڄڻ خوشين ڪيو جهان مان لاڏاڻو؛

ڪاروان ماڳ تي جڏهن پهتو،

بخت جاڳيو، ته ويو اچي جهوٽو؛

عزم نو جي ڪا مون فضا نه ڏٺي،

زندگانيءَ جي مدعا نه ڏٺي؛

رات پوئين ٿي، ويو وسامي ڏيو،

ڪنهن مسافر هلڻ جو سعيو ڪيو؛

الف-ليليٰ جي ڪائنات ڏٺم،

زندگيءَ جا عجائبات ڏٺم:

’خواب‘ ڪنهن ٻئي جو قدر مان ٿو لهان،

پنهنجا تعبير ٿو ٻين کي ڏسيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com