سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :41

 

آئين

نالو.

(1) اداري جو نالو” دي پاڪستان ريجنل لئنگويجز ائسوسئيشن“ هوندو.

متا ۽ مقصد.

(2) ’ائسوسئيشن‘ جا متا ۽ مقصد هي آهن: پاڪستان جي علاقائي زبانن، ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي اڀياس ۽ سکيا کي همتائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ.

(3) انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺيان اُپاءَ ورتا ويندا: وقت بوقت ڪانفرنسون ڪوٺائڻ؛ مواد حاصل ڪرڻ؛ تصنيفن جي ترتيب، ترجمي ۽ اشاعت جو انتظام ڪرڻ؛ تحقيقي ڪمن، خاص طرح لسانيات ۽ لغات جي ڪمن کي زور وٺائڻ؛ تحقيقي سهولتن مهيا ڪرڻ لاءِ مرڪزي ۽ علاقائي لئبرريون قائم ڪرڻ؛ علاقائي ٻولين جي مطالعي کي همٿائڻ لاءِ رسالو شايع ڪرڻ؛ هر علائقي ۾، جتي ٻين علائقن جي ٻولين کي اتي جي يونيورسٽين ۽ بورڊن جي نصاب ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، تن جي سکيا ۽ اڀياس لاءِ ادارا قائم ڪرڻ.

ميمبري.

(4) هيٺين قسمن جا ميمبر هوندا: .سرپرست؛2. معاون ميمبر؛ 3. لائيف ميمبر؛4.رواجي ميمبر؛5.اعزازي ميمبر؛6.شاگرد ميمبر.

(5) ڪوبه شخص، جنهن جي مادري زبان ڪا به هڪ علاقائي زبان آهي، ۽ سوسائٽيون، انجمنون ۽ ادارا، جيڪي ’ائسوسئيشن‘ جي متن مقصدن سان متفق هوندا، ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي منظوريءَ سان، ميمبر ٿي سگهندا.

(6) اعزازي ميمبري انهن عالمن کي بخشي ويندي، جن علمي ميدان ۾ چڱو درجو حاصل ڪيو هوندو. انهن کي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي چونڊيندي.

چندو.

(7) هيٺيان چندا اڳواٽ ادا ڪرڻا پوندا: 1. سپرست- 500 رپيا، حياتي لاءِ وڌيڪ؛ 2. معاون ميمبر - 250 رپيا، حياتيءَ لاءِ وڌيڪ؛ 3. لائيف ميمبر - 100 رپيا، سڄي حياتيءَ لاءِ؛ 4. رواجي ميمبر - 10 رپيا، سال لاءِ؛ 5. شاگرد ميمبر - 2 رپيا، سال لاءِ.

(8) باني ادارا هيٺيان ساليانا چندا ادا ڪندا: 1.’سنڌي ادبي بورڊ‘، 500 رپيا؛ 2. ’پشتو اڪيڊمي‘، 500 رپيا؛ 3. ’پنجابي اڪيڊمي‘، 300 رپيا؛ 4. ’بلوچي اڪيڊمي‘، 100 رپيا؛ 5. ’بروهي ادبي بورڊ‘، 100 رپيا.

(9) شاگرد ميمبر ’ائسوسئيشن‘ يا ان جي ڪاميٽين جي ڪنهن به ميٽنگ ۾ ووٽ نه ڏيئي سگهندا.

(10)’ائسوسئيشن‘ حڪومت کان گرانٽ حاصل ڪندي، ۽ چندا وصول ڪري سگهندي.

عهديدار.

(11) ’ائسوسئيشن‘ جا هيٺيان عهديدار هوندا: 1.پريزيڊنٽ، هڪ؛ 2. وائيس پريزيڊنٽ، پنج؛ 3. سيڪريٽري، هڪ؛4. جائنٽ سيڪريٽري، پنج؛ 5. خزانچي، هڪ.

(12) صدر هڪ سال لاءِ عهدي تي رهندو، ۽ هر هڪ باني اداري طرفان، الف-ب-وار، واري سان نامزد ڪيو ويندو. ترتيب هن ريت هوندي: 1. بلوچي اڪيڊمي، 2. بروهي ادبي بورڊ، 3. پنجابي اڪيڊمي، 4. پشتو اڪيڊمي، 5. سنڌي ادبي بورڊ.

(13) سيڪريٽريءَ کي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي سالياني جنرل ميٽنگ کان پوءِ- جا سالياني ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيندي- پنهنجي پهرينءَ ميٽنگ ۾، پنهنجن ميمبرن مان چونڊيندي. سيڪريٽري ٽن سالن لاءِ عهدي تي هوندو.

(14) باني ميمبر هڪ-هڪ وائيس پريزيڊنٽ ۽ جائنٽ سيڪريٽري نامزد ڪندا، ۽ اُهي هڪ سال عهدي تي قائم رهندا.

(15) خزانچي، پريزيڊنٽ طرفان، ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبرن مان ٿاڦيو ويندو.

(16) پريزيڊنٽ، ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي سڀني ميٽنگن جي صدارت ڪندو. سندس غير حاضريءَ ۾ وائس پريزيڊنٽ، يا ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ڪو ميمبر، ميٽنگ هلائڻ لاءِ چيئرمين چونڊيو ويندو.

(17)سيڪريٽري’ائسوسئيشن‘ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي ميٽنگن جون ڪارروايون رکندو؛ ۽ ’ائسوسئيشن‘ جي لکپڙهه ۽ رڪارڊ تي سندس عمومي قبضو هوندو.

(18) جائنٽ سيڪريٽري، سيڪريٽريءَ سان سندس فرض ادائيءَ ۾ شامل رهندا؛ ۽ انهن مان هڪ، جنهن کي پريزيڊنٽ نامزد ڪندو، سيڪريٽريءَ جي غير حاضريءَ ۾ ڪم هلائيندو.

(19) خزانچي ’ائسوسئيشن‘ جي پئسي لاءِ ذميوار رهندو؛  ۽ ان جي حساب ڪتاب رکڻ، ۽ ان جي سالياني حساب ڪتاب پيش ڪرڻ لاءِ جوابدار رهندو.

ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي.

(20) ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي 25 ميمبرن جي هوندي، جن ۾ عهديدار، ۽ هيٺين باني ادارن جا پنج- پنج عيوضي شامل هوندا: 1. سنڌي ادبي بورڊ، 2. پشتو اڪيڊمي. 3. پنجابي ادبي اڪيڊمي، 4. بروهي ادبي بورڊ، 5. بلوچي اڪيڊمي.

(21) هرهڪ باني ادارو ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ تي پنهنجن ميمبرن مان ٽي، ۽ ٻه ٻاهريان ماڻهو نامزد ڪندو.

(22) ٻيا ادارا جيڪي پوءِ ’ائسوسئيشن‘ ۾ شامل ٿيندا، تن کي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ تي اهڙيءَ ريت نمائندگي ڏني ويندي، جيئن جنرل ميٽنگ فيصلو ڪندي.

(23) ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جا هيٺيان فرض هوندا: 1.’ائسوسئيشن‘ جي ميمبرن جي چونڊ ڪرڻ؛2. سيڪريٽريءَ جي چونڊ ڪرڻ؛3. پاليسي مقرر ڪرڻ ۽ ساليانو پروگرام رٿڻ؛4. آفيس ۽ پئسي تي عمومي ضابطو رکڻ؛5. اعزازي ميمبر چونڊڻ؛6. ٻيو ڪو به ڪم، جيڪو ’ائسوسئيشن‘ پاران سالياني جنرل ميٽنگ ۾ کيس سونپيو وڃي.

(24) ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميٽنگ جو ڪورم، جنهن لاءِ سيڪريٽريءَ طرفان گهٽ ۾ گهٽ پندرهن ڏينهن جو اطلاع ڏنو ويندو، ستن ميمبرن تي مشتمل هوندو.

(25) سڀني معاملن جو، حاضر ميمبرن جي اڪثريت جي ووٽن جي بنياد تي فيصلو ڪيوويندو، سواءِ اهڙي ڪنهن معاملي جي، جنهن جو ڪنهن ٻوليءَ تي خراب اثر پوندو هجي. ٻن مخالف ڌرين جي برابر ووٽن واريءَ حالت ۾، پريزيڊنٽ ڪاسٽنگ ووٽ ڏيئي سگهندو.

ميٽنگون.

(26) ميٽنگون ٽن قسمن جون هونديون: (الف) رواجي ميٽنگون، جن لاءِ سيڪريٽري پندرهن ڏينهن جو اطلاع ڏيندو؛ (ب) غير معمولي ميٽنگون، جيڪي پريزيڊنٽ جي منظوريءَ سان سيڪريٽريءَ طرفان مختصر اطلاع تي ڪوٺائي سگهبيون؛ (ت) سالياني جنرل ميٽنگ، جنهن لاءِ مهيني جو اطلاع ضروري هوندو.

(27) سالياني جنرل ميٽنگ هيٺين مقصدن لاءِ هوندي: (الف) حساب ڪتاب جو ساليانو تفصيل ۽ ايندڙ سال لاءِ تخمينا منظور ڪرڻ؛ (ب) ’ائسوسئيشن‘ جي ڪنهن به قاعدي قانون ۾ سڌارو يا واڌارو ڪرڻ؛ (ت) ٻيو ڪو ڪم، جنهن جي ضرورت هجي.

(28) سالياني جنرل ميٽنگ جو ڪورم 31 ميمبر، يا جملي ميمبرن جو پنجون حصو هوندو، پوءِ جيڪو به گهٽ هجي.

(29) سالياني جنرل ميٽنگ ۽ سالياني ڪانفرنس، مختلف علائقن ۾، الف- ب- وار ڪوٺايون وينديون. سواءِ انهيءَ جي ته انهيءَ علائقي جا ميمبر اها ذميداري کڻڻ کان انڪار ڪن.

(30) ’ائسوسئيشن‘ جي قائدن ۽ قانونن ۾ تبديليءَ لاءِ سڀئي تجويزون، سالياني جنرل ميٽنگ جي تاريخ کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا اڳ سيڪريٽري کي پهچڻ گهرجن. نوٽيس پهچڻ کان پوءِ، سيڪريٽري، ميٽنگ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو اڳ، ميمبرن کي انهيءَ کان آگاهه ڪندو. ڪا به تبديلي تيستائين نه ڪئي ويندي، جيستائين سالياني جنرل ميٽنگ، جنهن ۾ ’ائسوسئيشن‘ جا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ميمبر هجن، ٻه ڀاڱي ٽي ميمبرن ان کي پاس نه ڪيو آهي.

(31) ’ائسوسئيشن‘ جو سال پهرين جولاءِ کان ٽيهين جون تائين هوندو.

’ائسوسئيشن‘ جو آئين جيتوڻيڪ تمام مختصر بنايو يو آهي، پر تمام جامع ۽عملي نوعيت جو آهي، ۽ ان ۾ سڀني زبانن جي حقن ۽ تقاضائن جو هڪجهڙو خيال رکيو ويو آهي. آئين ۾ هڪڙو اهم فقرو هيءُ به شامل آهي ته ’ائسوسئيشن‘ جي هر ميمبر جي مادري زبان پاڪستان جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي جي زبان ضرور هوندي: ان طرح ڪنهن به نامطلوب ماڻهوءَ جي داخلا جو امڪان نٿو رهي. ’ائسوسئيشن‘ جي لکپڙهه انگريزيءَ ۾ هلائي ويندي؛ ’ائسوسئيشن‘ جي جنرل پريزيڊنٽ جي چونڊ، هر هڪ زبان جي باني اداري طرفان هر سال واري سان ڪئي ويندي؛ ۽ زبانن جي باري ۾ ’ائسوسئيشن‘ جي ڪنهن به اهڙي فيصلي خلاف ويٽو استعمال ڪرڻ جي گنجائش پڻ رکي ويئي آهي، جيڪو فيصلو ڪنهن زبان وارا پنهنجي حق ۾ نقصانڪار سمجهندا.

ٺهراءَ

(1) انهن سڀني قوتن جي مذمت جو ٺهراءٌ پاس ڪجي ٿو، جيڪي نسلي امتياز پکيڙين ۽ وڌائين ٿيون، ۽ انهيءَ خطرناڪ مسئلي کي پنهنجن ذاتي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ کڙو ڪن ٿيون.

(2) پاڪستان سرڪار ۽ اولهه پاڪستان سرڪار کي درخواست ڪجي ٿي ته ’بروهي ادبي بورڊ‘ ڪوئيٽا، ۽ ’بلوچي اڪيڊمي‘ ڪراچيءَ کي امدادي گرانٽون ڏنيون وڃن،  جهڙيءَ طرح انهيءَ قسم جي ٻين ادارن کي ڏنيون وڃن ٿيون.

(3) حڪومت کي گذارش ڪجي ٿي ته مخير حضرات طرفان هيٺين ادبي ادارن کي جيڪي رقمون امداد طور ڏنيون وڃن ٿيون، تن تان انڪم ٽئڪس معاف ڪيو وڃي: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد-ڪراچي؛ پشتو اڪيڊمي، پشاور؛ پنجابي اڪيڊمي، لاهور؛ بلوچي اڪيڊمي، ڪراچي؛ ۽ بروهي ادبي بورڊ، ڪوئيٽا.

(4) ٺهراءُ ڪجي ٿو ته بالغن جي تعليم علاقائي زبانن ۾ ڏني وڃي.

(5) حڪومت کي گذارش ٿي ڪجي ته سينئر سرڪاري آفيسرن کي همٿايو وڃي ته اهي انهيءَ علائقي ۾ اتي جي علاقائي زبان ۾ امتحان پاس ڪن، جنهن ۾ کين مقرر ڪيو ويو آهي، ته جيئن اهي پنهنجا ڪاروباري فرض خوش اسلوبيءَ سان پورا ڪري سگهن.

(6) هيءَ ڪانفرنس هن خيال جي آهي ته پاڪستان جي تعليمي، ثقافتي ۽ ادبي ترقيءَ جو دارو مدار گهڻو ڪري علاقائي ٻولين تي آهي، ۽ اهو مقصد تيستائين حاصل ڪرڻ مشڪل ٿيندو، جيستائين علاقائي ٻولين کي تعليمي ميدان ۾ جائز درجو ۽ مقام نه ڏنو ويو آهي. هيءَ ڪانفرنس، تنهنڪري، حڪومت پاڪستان کي سفارش ڪري ٿي ته سڀني علائقن ۾ پرائمري تعليم علاقائي زبانن يا ٻارن جي مادري زبانن ۾ ڏني وڃي.

هيءُ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان حڪومت کي سفارش ڪجي ته سنڌ علائقي جي حالت ۾ ذريعه تعليم جي موجوده صورتحال کي بدستور قائم رکيو وڃي.

(7) حڪومت کي گذارش ڪجي ٿي ته ’پاڪستان جي علاقائي زبانن جي ائسوسئيشن‘ لاءِ گرانٽ منظور ۽ جاري ڪئي وڃي.

(8) حڪومت کي درخواست ڪجي ٿي ته علاقائي زبانن جي اڪيڊمين ۽ بورڊن کي گرانٽون وقت سر ڏنيون وڃن، ۽ تنهن کان سواءِ بجيٽ ۾ داخل ڪيل اصلي ساليانيون گرانٽون به بورڊن ۽ اڪيڊمين کي وقت سر ڏنيون وڃن.

(9) حڪومت کي درخواست ڪجي ٿي ته پاڪستان جي علاقائي زبانن جي پهرينءَ ڪانفرنس ۾ جيڪي ادبي ۽ تحقيقي مقالا پڙهيا ويا آهن، تن کي شايع ڪرائڻ ۾ هو ’پاڪستان جي علاقائي زبانن جي ائسوسئيشن‘ جي مدد ڪري. سمورو خرچ ڏهن هزارن رپين جي لڳ ڀڳ ٿيندو، ۽ حڪومت کي درخواست ڪجي ٿي ته هوءَ انهيءَ جو ڪجهه حصو امداد طور مهيا ڪري.

(10) حڪومت کي درخواست ڪجي ٿي ته سابق بلوچستان ۾ آثار قديمه جي يادگارن جي سروي ۽ سنڀال جو انتطام ڪيو وڃي.

(11) بورڊ آف سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، لاهور، کي درخواست ڪجي ٿي ته هو بروهي ۽ بلوچي زبانن ۾ ’اديب‘، ’عالم‘ ۽ ’فاضل‘ جي امتحانن وٺڻ جو انتظام ڪري.

(12) حڪومت پاڪستان کي درخواست ڪجي ٿي ته ڪوئيٽا جي ميوزم ۾ نمائش لاءِ رکيل جيڪو سامان 1935ع واري زلزلي کان پوءِ عارضي طرح دهليءَ جي ميوزم ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، سو وري حاصل ڪيو وڃي؛ ڇو ته اهي چيزون اولهه پاڪستان جي ماڻهن جي ملڪيت آهن، ۽ ڀارت سرڪار کي اهي واپس ڪرڻ کپن.

(13) هيءَ ڪانفرنس حڪومت کي سفارش ٿي ڪري ته علاقائي زبانن ذريعي، وڏي پيماني تي تعليم ڦهلائڻ لاءِ، مسجدن- خاص ڪري اوقاف کاتي طرفان قبضي ۾ ڪيل مسجدن-- ۾ مڪتبن جو سرشتو وري جاري ڪيو وڃي.

(14) هيءَ ڪانفرنس حڪومت کي سفارش ٿي ڪري ته بنيادي جمهوريتن جو رڪارڊ، اردو سان گڏ، علاقائي زبانن ۾ به رکيو وڃي.

(15) حڪومت کي درخواست ٿي ڪجي ته بلوچي ۽ بروهي زبانن کي ٻن علاقائي زبانن جو درجو ڏنو وڃي.

(16) حڪومت کي سفارس ڪجي ٿي ته چترالي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ مدد ڪري.

 

***

ٺهرائن جي بحاليءَ کان پوءِ عام اجلاس جي ڪارروائي رات تائين مڪمل ڪئي ويئي. اهو سڄو ڏينهن ڪانفرنس جا نمائندا تمام مصروف رهيا. ٻپهرن ۽ رات جي مانيءَ جو انتظام به عجائب گهر ۾ ئي ڪيو ويو هو، جتي ڪانفرنس جون ميٽنگون ٿي رهيون هيون. رات جي مانيءَ کان پوءِ، اٺين بجي، عام اجلاس جي مڪمل ڪيل ڪارروائي وري شروع ڪئي ويئي. اهو ڪانفرنس جو آخري ڪاروباري اسم هو، جنهن ۾ ’ائسوسيئيشن‘ لاءِ عهديدارن جي عارضي چونڊ ڪئي ويئي.  پشتو وفد جي اڳواڻ، مولانا عبدالقادر، کي هڪ سال لاءِ ’ائسوسئيشن‘ جو پهريون جنرل پريزيڊنٽ چونڊيو ويو؛ ۽ ڊاڪٽر محمد باقر کي پهرين ٽن سالن لاءِ ’ائسوسيئيشن‘ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. آئين مطابق، هر هڪ علائقي مان هڪ وائيس پريزيڊنٽ ۽ هڪ جائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو، جن جا نالا هيٺينءَ ريت آهن:

سنڌي: وائس پريزيڊنٽ، آغا عبدالنبي

جائنٽ سيڪريٽري، سيد سردار علي شاهه

بلوچي: وائيس پريزيڊنٽ، مير شير محمد مري

جائنٽ سيڪريٽري، محمد اڪبر بارڪزئي

بروهي : وائس پريزيڊنٽ، سردار غوث بخش خان رئيساڻي

جائنٽ سيڪريٽري، نور محمد ’پروانو‘

پنجابي: وائس پريزيڊنٽ، ڊاڪٽر فقير محمد

جائنٽ سيڪريٽري، ملڪ شمس الدين

پشتو: وائس پريزيڊنٽ، ڊاڪٽر سيد انوار الحق

جائنٽ سيڪريٽري، ظفرالله خان

رات جي نوين بجي، جناح باغ جي ’اوپن ايئر ٿئيٽر‘ ۾، ثقافتي محل منعقد ٿي، ٿئيٽر جي ڪشادي اسٽيج تي، علاقائي زبانن جي ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام، ۽ ڪجهه لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ جا اسم پيش ڪيا ويا، جن ۾ لاهور جي عورت ۽ مرد ريڊيو فنڪارن، ۽ ڪاليجي ۽ اسڪولي شاگردن جي ٽولين بهرو ورتو. راڳ رنگ جي انهيءَ محلف ۾ پنجابي، سرائڪي ۽ ملتاني زبانن ۾ خواجه فريد، بلا شاهه ۽ سلطان باهوءَ جا روح پرور ڪلام ڳايا ويا؛ لاهور جي پٺاڻ ڪاليجي شاگردن خٽڪ ناچ پيش ڪيو؛ ۽ پنجاب جي ڪاليجي شاگردن هاريءَ جو ’لاباري جو گيت‘ پيش ڪيو: خصوصاً لاهور ريڊيو جي مسٽر عبدالشڪور جو ڳايل سلطان باهوءَ جو ڪلام، لاهور ريڊيو جي مس شاهجهان بيگم جا پنجابي لوڪ گيت، اسڪولي شاگردن جي ڳايل بلا شاهه جي ڪافي- ”نَڪ نال ڪڍ نه لڪيران“ استاد غلام حسين جي قوالي، ۽ لال حسين شاهه جو ڳايل خواجه فريد جو ڪلام ۽ مرزان صاحبان جي داستان مان ڪي ٽڪرا، بيحد پسندي جوڳيون چيزون هيون. انهيءَ موقعي تي هي اوڻائي وڏي شدت سان محسوس ڪئي ويئي جو سنڌي ڪلاسيڪي ڪلام، لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ وغيره اتي پيش نه ٿي سگهيا، جنهن جو انتظام هتان ڪري هلڻ کپندو هو. عين روانگي جي موقعي تي محترم آغا عبدالنبي جو توجهه ان ڳالهه ڏانهن ڇڪايو ويو هو، ۽ هن صاحب پنهنجي خرچ تي هڪ اڌ فنڪارن کي وٺي هلڻ جو گهڻو شوق ڏيکاريو، پر ڪو به فنڪار ايتري مختصر مهلت ۾ تيار نه ٿي سگهيو. ڏاڍو چڱو ٿئي ها، جيڪڏهن ڪا سنڌي فنڪارن جي ٽولي پڻ اتي پهچائجي ها.

ادبي اجلاسن، ڪتابي نمائش ۽ مشاعري جي مقابلي ۾، ثقافتي محفل ۾ لاهور جي پبلڪ تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اٽڪل پنج ڇهه سؤ مرد ۽ عورتون انهيءَ محفل ۾ حاضر هئا. ثقافتي محفل جو هيءُ رنگا رنگ پروگرام اڌ رات ڌاري هلي پورو ٿيو.۽ اهڙيءَ ريت ”پاڪستان جي علاقائي زبانن جي ڪانفرنس“  خيريت سان ختم ٿي.

مجموعي طرح، پاڪستان جي علاقائي زبانن جي هيءَ ڪانفرنس تمام ڪامياب ٿي،۽ ان جون سموريون ڪارروايون نهايت ئي خوشگوار ماحول ۾ ٿي گذريون. سڀني زبانن جي سڄاڻ نمائندن جيڪي خيال آرائيون ۽ تجويزون هڪٻئي جي اڳيان ظاهر ڪيون، انهن سڀني جو مفاد ۽ مقصد بلڪل ساڳيو هو. جڏهن مخلف طبقا، قومون يا ملڪ، وقت جي ڪنهن هڪ ئي قسم جي اٿل هيٺ اچي رهيا هجن، تڏهن انهن لاءِ حالتن جي پيدا ڪيل تقاضائن ۽ انهن جي شعور، حفاظتي تدبيرن جي نوعيت ۽ انهن جي عملي قدرن جو ملي مشترڪ ٿيڻ بلڪل سڀاويڪ آهي. سڀني جي متفق گهُر هئي ته سندن زبانن کي، جيڪي پنهنجن علائقن جون مادري  زبانون آهن، تعليم جو ذريعو بنايو وڃي. سواءِ سنڌي زبان جي، جيڪا اڳي ئي پنهنجي علائقي ۾ مدت  کان تعليم جي اعليٰ سطح تائين استعال ٿيندڙ آهي. انهيءَ لاءِ، ’قومي تعليمي ڪميشن‘ جي سفارشن خلاف، گڏيل مطالبو ڪيو ويو ته سنڌي جي تعليمي حيثيت کي ساڳيءَ ريت بحال رکيو وڃي. سڀني اهو خيال ظاهر ڪيو ته مختلف علائقائي  زبانن کي هڪٻئي جي قريب آڻڻ ۽ انهن جي علم ادب ۽ سرگرمين کان هڪٻئي کي واقف بنائڻ لاءِ، سڀني زبانن جون گڏيل ڊڪشنريون تيار ڪجن، انهن جون مستند تاريخون مرتب ڪجن، ۽ انهن جي علمي، ادبي ۽ تاريخي تصنيفن کي هڪٻئي جي ٻولين ۾ ترجمو ڪجي، وغيره. انهن ڪمن کي عملي جامي پهرائڻ جو ابتدائي طريقو پڻ هڪ ئي صورت ۾ سوچيو ويو هو: ” قومي ڪميشن“ قائم ڪرڻ جو خيال اڪثر مقالن ۾ ظاهر ڪيو يو، جيڪا ڪميشن انهن مسئلن جا حيلا وسيلا تلاش ڪندي. اظهار خيال جي اها يگانگت ئي پنهنجي جاءِ تي هن ڪانفرنس جي اصل ڪاميابي آهي، ۽ اها ئي همخيالي هڪ خوش آيند منزل جو تعين پڻ ڪري ٿي.

جڏهن ڪن مختلف گروهن جا مفاد پاڻ ۾ ڪنهن مرڪز تي اچي ملن ٿا، تڏهن انهن جي وچ ۾ همخياليءَ جي حالت پيدا ٿئي ٿي، ۽ پوءِ جڏهن اها پنهنجي مستقل حيثيت اختيار ڪريو وڄي، تڏهن ڪنهن به وڏي مقصد يا تحريڪ جي ڪاميابيءَ جا امڪان جنم وٺندا آهن: مقصد جي حاصلات  تي متفق ٿيڻ، ان ڪري، خود به هڪ مقصد آهي، جنهن کي قائم رکڻ سڀ کان پهرين ضروري آهي. علاقائي زبانن جا مفاد بلڪل تاريخي نوعيت جا آهن،  جيڪي گهڻي وقت کان پنهنجن دائرن ۾ پلجي رهيا هئا، ۽ جيڪي گهڻي وقت تائين پنهنجيءَ ترقي پذير تي اچي ويا آهن، ۽ هاڻي ”ائسوسيئيشن“ کي مستقل بنائڻ ئي سڀ کان پهريون مقصد آهي. ’ائسوسئيشن‘ جو آئين ۽ عهديدارن جو انتخاب طي ٿي چڪو، جنهن تحت هاڻي هر علائقي ۾ ان جي عام ميمبرشپ شروع ڪرڻي آهي، جنهن ذريعي ان جي جنرل باڊي وجود ۾ ايندي. ڪانفرنس کان پوءِ ڀريا چار مهينا گذري ويا آهن، پر ’ائسوسئيشن‘ جي انهيءَ ابتدائي مرحلي جو اڃا ڪو آغاز ٿيندو نظر نه آيو آهي. علاقائي علم ادب، تاريخ ۽ لغات جا مڙئي تحقيقي پروگرام جيئن ته ’ائسوسئيشن‘ جي دوران ئي هلائڻا آهن، تنهنڪري ان جي تنظيم کي مڪمل ۽ مضبوط بنائڻ ئي هن وقت اولين مقصد آهي. علاقائي زبانن جي هن تنظيم جي پس منظر ۾ سڄي ملڪ جا بهترين مفاد موجود آهن، تنهنڪري ان جي زندگيءَ ۽ ترقيءَ سان پاڪستان جي سموري عوام جون خواهشون وابسته آهن-- ۽ انهن کي سندن حال تي ڇڏي ڏيڻ بجاءِ، کين سهارو ڏيئي کسي وٺڻ، مايوسيءَ کي ويتر وڌائي ٿو، جا ڳالهه وڏو قومي گناهه آهي. ’ائسوسيئيشن‘ جا باني ادارا يقيناً انهيءَ چيز کان غير واقف نه آهن، ۽ اميد ته هو ان ڏس ۾ پنهنجين ڪوششن جي انتها ڪندا.

ڪانفرنس جي باري ۾ هڪڙي چيز ٻي به گهڻو ڌيان لهڻي. نمائندن جي مختلف وفدن جي رهائش جو بندوبست، ڪنهن هاسٽل يا هوٽل ۾، الڳ الڳ ڪيو ويو هو؛ ۽ ڪي نمائندا وري پنهنجي ليکي وڃي هوٽلن تي ترسيا هئا. ڪانفرنس جي موقعي لاءِ ٽرانسپورٽ وارن کان هڪ خلاصي بس حاصل ڪئي ويئي هئي، جيڪا نمائندن کي سندن رهائشگاهن کان ميٽنگن تي، ۽ وري ميٽنگن کان واپس کڻي رهائشگاهن تي پهچائي ٿي ويئي، جدا جدا وفدن جي ميمبرن کي هڪٻئي سان واقفيت پيدا ڪرڻ جو اهڙيءَ حالت  ۾ ڪو به موقعو ڪونه مليو، جا ڳالهه انتهائي ضروري هئي. سڀني علاقائي زبانن جون شاعر، اديب ۽ عالم شخصيتون جڏهن پري پري کان اچي گڏ ٿيون هيون، تڏهن هيءُ بلڪل لازمي هو ته هو هڪٻئي سان پنهنجا ذهني، اخلاقي ۽ روحاني رشتا استوار ڪري موٽن ها، جنهن کان بدقسمتيءَ سان خني کي محروم رهڻو پيو. انهيءَ ڳالهه جي اهميتهر ڪو ڄاڻي ٿو، ۽ منتظمين به ان کان غير واقف نه هوندا. پر سڀني نمائندن کي هڪ ئي هنڌ تي رهائڻ به ڪا مشڪل ڳالهه قطعاً ڪانه هئي! اميد ته آئندي اهڙي ڪوشش ڪئي ويندي، جيئن مختلف زبانن جي شخصيتن کي هڪٻئي سان ميل جول وڌائڻ جا مناسب موقعا مهيا ٿي سگهن.

پاڪستان جي علاقائي زبانن جي ٻي سالياني ڪانفرنس، آئيندي سال، حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيڻي آهي. ڪانفرنس جي آخري عام اجلاس ۾ جڏهن انهيءَ باري ۾ سوچيو ويو، تڏهن سنڌي وفد اها دعوت پيش ڪئي. سنڌ جي ماڻهن کي دلي خوشي ٿيندي، جڏهن پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ بروهي اهل زبان هتي سندن مهمان بنجي ايندا.” الله اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com