سنڌي نثر مان مثالي ٽُڪرا
--”سج ڪني ڪڍي آهي؛ سندس ڪرڻا زمين ڏانهن ڊوڙندا ٿا اچن. هڪڙو
نوجوان، جنهن جي پيشانيءَ ۾ همت ۽ صبر جا نشان
ظاهر آهن، سفر تي روانو ٿئي ٿو. اڳيانئس هڪ
اُتانهون جبل آهي، جنهن جي چوٽي آسمان سان پيئي
لڳي، ۽ مٿانئس ڪا شي پيئي چمڪي. ڀانيائين ته اها
ڪا پاڪ جاءِ آهي، جتي انسان کي زندگيءَ جي معنيٰ
معلوم ٿئي ٿي ۽ حقيقي علم حاصل ٿئي ٿو. جبل
جيتوڻيڪ ويجهو ڏسڻ ۾ ٿي آيو، پر رستو تمام ڏکيو هو
۽ وچ ۾ ڪيترا درياءَ لتاڙڻا هئس. هيءُ نوجوان، جو
صبر ۽ استقلال جو ڄڻ پتلو هو، سو خدا تي توڪل
رکي،چمڪدار شي ڏانهن نهاريندو، روانو ٿيو.
”واٽ تي ڪيترا عجيب دلفريب نظارا ڏٺائين. پکين مٺي لات پئي
لنئي، صبح جي هير شاخن کي پئي لوڏيو ۽ گلن ڦلن کي
پئي چوريو، پر هن جوان جي دل ڇڪي ڪير؟ بيپرواهيءَ
سان، انهن سڀني نظارن کي ڦٽو ڪندو، اڳتي وڌندو
ويو. رستي تي ڪيترا ڳوٺ ۽ واهڻ مليس، جتي ڪنهن هنڌ
عيش ۽ خوشيءَ جي بازار گرم هئي، ۽ ڪٿي ماتمداريءَ
۽ واويلا جو زور ۽ يتيمن جي روئڻ جو شور هو، پر هن
نوجوان کي روڪي ڪير؟ نه خوشيءَ جا نقارا، نه آواز
درد وارا، سندس دل تي اثر ڪن.’اڳتي وڌ!‘ اڳتي وڌ!‘
جا لفظ سندس دل مان اُڌمو ڏيئي ڏئي نڪتا.
”اتي ڏٺائين ته هڪ ضعيف ٻڍي ڪاٺين جي ڀري ٻڌي رکي آهي، پر
هيڻائيءَ جي ڪري ٿڪجي پيو آهي، ۽ پيشانيءَ مان
پگهر ريلا ڪري پيو وهيس. جڏهن جوان کي ڏٺائين،
تڏهن جهُڪي، سلام ڪري، چيائينس ته ’سائين، مهرباني
ڪري هيءَ ڀري منهنجي ڪلي تي رکو.‘ پر نوجوان هن
کان وڌيڪ ڏک ڀريا احوال رستي تي ڏٺا هئا، سو سندس
عرض تي لاغرضي ڏيکاري، جبل تي چڙهڻ لڳو.
”چوڌاري گول ۽ لسن پٿرن جا ڍڳ لڳا پيا هئا، جتان لهڻ چڙهڻ ڄڻڪ
جان تان لاڳاپو لاهڻ هو؛ پر نوجوان جي همت ۽ ڪوشش
اڳيان سڀ آسان ٿي پيو. پيٽ ڀر رڙهندو، گيسريون
پائيندو، نيٺ وڃي چوٽيءَ تي پهتو. ڇا ڏسي ته هڪ
ڪشادو ميدان آهي، جتي نه ڪا پاڪ جاءِ آهي، نه ڪنهن
درويش جو مڪان آهي؛ هڪ ڦٽل اوتارو بيٺل آهي، جنهن
۾ اوندهه کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين ٿو ڏسڻ ۾ اچي.
ويچارو نااميد ۽ نراس ٿي، چوڌاري نهارڻ لڳو.
ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ نوراني شخص، اوتاري مان
نڪري، نوجوان کي چوڻ لڳو، ’اي ناندان، تون هن خيال
سان آيو آهين ته هتي ڪا پاڪ جاءِ يا خانقاهه آهي،
جتي زندگيءَ جي پروڙ پوي ٿي، ۽ حقيقت جو حال معلوم
ٿئي ٿو: اهڙيون پاڪ جايون تون جبل جي هيٺ ڇڏي آيو
آهين!‘
”نوجوان کي سندس ڳالهه تي وشواس ڪونه آيو، سو هي سوال پڇيائينس
ته ’زندگيءَ جي معنيٰ ڇا آهي؟‘
”بزرگ چيو، ’زندگيءَ جي معنيٰ زندگانيءَ ۾ ئي آهي: خدا جي مخلوق
جي خدمت ۽ ڀلائي ڪر، ۽ انهيءَ وچ ۾ جي ڏاکڙا ۽
ڪشالا سهين، تن تي صبر ڪر ته توکي زندگيءَ جو مطلب
حاصل ٿئي.‘
”’۽ خدا؟‘ نوجوان پڇيو.
”’هو به ماڻهن ۾ ملي ويندءِ. خود مطلبيءَ کي تياڳ ڏيئي، سچائي ۽
قرباني اختيار ڪر. تون اڃا جوان آهين، وڃي ڪا خلق
جي ڀلائي ڪر.
’اي ڳهيلا، ڇو ڀُڻين ٿو دربدر؟
آستانو آهي تو ۾، ڌيان ڌر!
روز شب ڪر خير خواهي خلق جي،
پيار الفت ڌر تون پنهجي ملڪ جي.
ناتوانن، عاجزن جي ڪر سنڀال،
ملڪ تان ڪر ساهه صدقو، جان مال،
ڪڍ تون دل مان بغض، تعصب ۽ نفاق،
آهي خوبي ملڪ جي منجهه اتفاق.‘
”بزرگ جي لفظن ٻڌندي ئي، نوجوان هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پٺيان پير
ڪيائين. جڏهن جبل تان لٿو، تڏهن ڏٺائين ته ساڳيو
ٻڍو، ڪاٺين جي ڀري مٿي تي کڻيو، پيرُ پيرَ ۾ ڏيو
پئي ويو. ٻڍي کيس سلام ڪيو؛ نوجوان مشڪي سلام جو
جواب ڏنس، ۽ چيائينس، ’هاڻ آءٌ تنهنجي واهر ڪندس!
اها ڀري آءٌ پنهنجي مٿي تي رکان ٿو، ۽ تون آرام
سان پنڌ ڪر.‘
”ڀري مٿي تي رکندي ئي، دل تان نفاق جا پردا کڄي ويس، ۽ حق جو
علم حاصل ٿيس.‘
]مرحوم
محمد صديق ميمڻ جو لکيل مضمون،”حق جي ڳولا“،
پروفيسر لالسنگ اجواڻيءَ جي ڪتاب ” ويچار“ تان
ورتل؛ چونڊيندڙ امجد علي جعفري، حيدرآباد سنڌ.[
-- ”جڏهنڪا قوم بگڙي پوندي آهي ته پنهنجي حياتيءَ جو مقصد، عزت
جو احساس ۽ آزاديءَ جو اُمنگ صفا وسري ويندو اٿس،
۽ سندس پنگتي، سياسي ۽ مالي حالتون تمام خراب ٿي
وينديون آهن. پراڌينتا (محتاجي)، بک، بيماري ۽
بيڪاري گهر ڪري وينديون آهن. ڌرم، نيڪي ۽ مريادا
ماڻهن مان موڪلائي وينديون آهن. ادب ۽ حياءَ
جهڙين املهه چيزن کي وساري ڇڏيندا آهن. ٻُڌي ڀرشٽ
ٿي ويندي آهي، ۽ منملين. ٻين جي تمدن جا قائل ٿي،
پنهنجي پراچين سڀيتا وساري ويهندا آهن.ڊنڀ ۽ پاکنڊ
جي بازار گرم ٿيندي آهي. سنئين راهه ڇڏي، ڪُراهه
اختيار ڪندا آهن. بزدلن جيان، هٿ هٿ تي رکي ويٺا
رهندا آهن. ساهه هوندي به بي همت ٿي ويندا آهن، ۽
ٻل هوندي به نرٻل. اکين جي ديد هوندي اکين جا
سُڃا، ۽ رڳن ۾ گرم خون هوندي به ٿڌا ٺڪر. مطلب ته
هر طرح نيست ۽ پامال ٿي ويندا آهن. تڏهن، انهن ۾
ڪا نه ڪا اهڙي هستي پيدا ٿئي ٿي، جا پنهنجيءَ قوم
جي خرابين ۽ اوڻاين کي محسوس ڪري، ان جي بُري حال
تي رت جا لڙڪ ڳاڙي ٿي. هن جي دل ۾ سچو احساس زور
وٺي ٿو، قوم جي محبت جي آڳ سندس دل کي جلائي ٿي، ۽
هو انهيءَ محبت جي جذبي کان بيقرار ٿي پنهنجيءَ
قوم کي اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي پٺيءَ لڳڻ لاءِ درد ناڪ
آواز ۾ سڏي ٿو....
” دنيا ۾ انسانن جو هڪجهڙو مذاق ڪونهي. هونئن به، سچ کي آڏو اچڻ
وارا گهڻيئي خود غرض پيا آهن. هيءُ اهو خاردار
رستو آهي، جنهن ۾ حڪومت دشمن ٿئي ٿي، قوم دشمن ٿئي
ٿي، دنيا دشمن ٿئي، جيلن جون سختيون ڊيڄارين ٿيون،
ڏنڊا ۽ ٻيڙيون بدن کي پيڙيو ڇڏين ٿا، ڪانجهي ڪاڪڙو
ساڙي ٿي، پر هو ۽ هن جا ساٿي پوئلڳ مڙني مصيبتن کي
مٺو ڪري سهيو وڃن. جيل جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ قوم جي
محبت جي شمع روشنائي ڪري ٿي، ته سندن اکين آڏو
ڪاميابيءَ جي اميد جو سچو نور جلوا وجهي ٿو.
انهيءَ حب ۾، ڦاسيءَ جي تختي کي سچيءَ راحت جو تخت
ڄاڻي، خوشيءَ سان پنهنجو سر لٽڪائي ڇڏين ٿا، ۽ مال
۽ جان جي ڪا پرواهه نٿا ڪن. آخر هنن جي سچائي اثر
ڏيکاري ٿي، هنن جون آسون پڄن ٿيون، سڄي قوم سندن
لاءِ اکين ۾ آسڻ وڇائي ٿي ۽ جيءَ ۾ جايون جوڙي ٿي.
”... پر ڪڏهن اسان پاڻ کان پڇيو آهي ته اسان ڇا ڪيو آهي؟--
اهڙي جي پيروي ڪئي اٿئون يا نه؟-- ڪجهه ڪريون پيا،
يا ڪجهه به نه؟-- ايندڙ نسل، اسان کي ساراهي، اسان
جن ڪارنامن تي ڪاربند ٿيندو؟-- اسين سچائيءَ ۽
پيار سان هڪٻئي جا حامي آهيون؟-- اسان دين ۽ ڌرم
جي صحيح ۽ سچي معنيٰ سمجهي، ان تي عمل ڪيو آهي؟--
اسان قومي فائدن تي ذاتيات کي قربان ڪيو آهي؟ جي
ها، ته پوءِ هي ڏک جا ڪڪر ڇو نه ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن،
۽ ڇو فضا اڃا صاف نه ٿي آهي؟“
]ليکراج
ڪشچند ’عزيز‘ جي مضمون، ”قوم جون بزرگ هستون“ تان
اقتباس؛ چونڊيندڙ محمد خان بلوچ، ٽنڊو محمد خان.[
-- ”عوام ڪير آهن؟ عوام اهي آهن، جو جيڪڏهن جاهل هوندا آهن ته
ڊڄندا آهن، ۽ جڏهن ڊڄندا آهن ته جهُڪي پوندا آهن:
پر جي علمي ميوو کائي، جهل جي بُک وڃائيندا آهن ته
چوڻ جي طاقت رکندا آهن، ۽ جي چوندا آهن ته ڪري
ڏيکاريندا آهن.
”عوام، ظالم جي غذا ۽ سندس بازو هوندا آهن. ظالم انهن جي ئي
طاقت تي ڪڏندو آهي، ۽ وري انهن مٿان ئي ظلم جا
پهاڙ ٽوڙيندو آهي. عوام ڪڏهن ته ايتريقدر پست ذهن
ٿي ويندا آهن جو جيڪڏهن ظالم کين قيد ڪندو آهي ته
سندس عدل ۽ انصاف جا گيت ڳائيندا آهن؛ جيڪڏهن کين
پاڻ ۾ ويڙهائيندو آهي ته سندس تدبير ۽ سياست جي
تعريف ڪندا آهن؛ جيڪڏهن سندس ڌن ۽ دولت لُٽائيندو
آهي ته کيس حاتم ۽ سخيءَ جو لقب ڏيندا آهن؛ جيڪڏهن
هزارين بيگناهه خون ڪري، فقط لاشن جي عزت ڪندو آهي
ته کيس نرمدل ۽ رحيم چوندا آهن؛ جيڪڏهن کين موت
جي ڪوٺ ڏيندو آهي ته سزا جي خوف کان ڊوڙِندا ايندا
آهن؛ ۽ جيڪڏهن ڪو سمجهدار، غيرتمند، ظلم جي بدلي
چُڪائڻ واسطي ڪمرڪشي تيار ٿيندو آهي ته کيس باغي،
غدار ۽ فسادي چئي، گوليءَ جو نشانو بنائيندو آهي.
”مطلب ته اٻوجهه رعيت پنهنجن ئي وهمي زنجيرن سان پنهنجا گلا
گهُٽيندي آهي، ۽ پنهنجن ئي ڪهاڙن سان پنهنجا پير
وڍيندي آهي. وهم ۽ خوف رڳو بيعقليءَ جو برو نتيجو
آهي. پر جي انهن جي دل ۽ دماغ ۾ صحيح علم جو آفتاب
چمڪي، ۽ سندن اکين تان جهل جو پردو هٽي، ته سڀ جا
سڀ بيخوف، بهادر ۽ شير دل ٿي وڃن: گهڙيءَ جو
گهڙيءَ ۾ ظالم جي نظام حڪومت کي درهم برهم ڪري
ڇڏين؛ اکڇنڀ ۾ بيرحم جو سلطنتي تخت اُلٽ پلٽ ڪري
ڇڏين؛ ۽ ظالم کي بيحجاب ٿي چون ته ’اي ستم جي شمع
جا پروانا! اي ظلم جي باغ جا بيدرد مالهي! قوم جو
اهڙو امين ۽ وڪيل بنجي وڃ، جو باز پرس کان ڊڄي؛
اهڙو عادل ۽ انصاف پسند بنجي وڃ، جو بدلي وٺڻ کان
خوف کائي؛ ۽ اهڙي شفيق پيءُ وانگر بنجي وڃ، جو
پنهنجي اولاد سان پيار ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪري!‘
جنهن وقت رعيت ۽ قوم انهيءَ منزل تائين پهچندي
آهي، تڏهن جهل جي اوندهه بجاءِ علم جي روشني سندس
رهبري ڪرڻ لڳندي آهي، ۽ کيس هر طرح جو آرام، ترقي،
عزت، ۽ سعادت جي زندگي حاصل ٿيندي آهي.“
]”ڪتاب
الاستبداد“ جي سنڌي ترجمي،”بيداد نگريءَ“ تان ورتل
اقتباس؛ چونڊيندڙ ناصر مورائي، حيدرآباد، سنڌ[ |