ڪافيون
مرحوم صالح شاهه
*
وڇڙي گهڻين وَرهان ديان،
دم دم دُکڙي کانونديان.
پاڙي واليان ڪرن پچاران،
جيڏيان سرتيان ڏيوَن مياران،
ڪيئن مين رانجهن يار وساريان،
نوڪر جنهيندي نانو ديان.
پُکي پيڙس عشق اويڙي،
کيڙي ڀيڙي لاون جهيڙي،
يار پَرانهين، دشمن ويڙهي،
رو رو نير وهاونديان.
ٻاٻل آوي چا دڙڪاوي،
امڙي آوي ويڻ الاوي،
رانجهن آوي، چاڳل لاوي،
ٿيان خاڪ پيران ديان.
’صالح شاهه‘ ڪيتئه ياد نه ماهي،
عمر گذاريئه سڀ اجائي،
مڃ منٿايان ڇوڙ ڏاڍائي،
پاند ڳچي ڳل پاونديان.
مرحوم صاحبڏنو شاهه
*
نازنينان دي نال،
موهيندي دل مشتاقان دي.
خوني چشمان خون ڪرينديان،
پيا سهڻ يار سنڀال.
من موهن من موهه ڳڌوئي،
پيا ڪر ڪر قيل مقال.
گلي گلي وچ ڦيرا پاوان،
پيا تيڏا ملڻ محال.
’صاحبڏنا شاهه‘ ساڏا مذهب ملت،
پيا ڪيتا قرب ڪمال.
مرحوم محمد حافظ شاهه
*
ڏس، ڏاڍا ٿيا ڏير، مون سان ڪيڏي ڪري ويا-
جيڏيون، زوراور ذات جتن جي،
اديون، اڙانگي ذات جتن جي!
ستيس ساجن ساڻ سهاڳڻ، ڏير ڪري ويا ڏکيءَ کي ڏهاڳڻ:
ڪيچي ڪپت جا پير، ڀينر، مان سان ڀري ويا.
ظلم ضعيف سان هي ڪيو هوتن،ڪهل نه ڪيڙي ٻاجهه ٻاروچن:
هيڏي ڪري تان ڪير، دل ۾ درد ڌري ويا.
’حافظ شاهه‘هاڻي هوت هٿان ويو،ڪٿي ٿيو ڪوهيارل،ڪيچ ڪٿي ٿيو:
ايڏو ڪيائون انڌير، وٺي پنهل پري ويا.
مرحوم رمضان واڍو
*
حسن يار جي ديدار، تنهن دلدار موهيوسون.
چندن چُوءِ، ڪئي بُوءِ، مٿي مُوءِ سياهي،
زلف وار، جي ڪنار، تنهين تار موهيوسون.
حسن گل، تي بلبل، ڏئي بُلَّ ڏيهاڙيون،
تنهن رخسار،نئين نيزار،منهن موچار موهيوسون.
چشم ناز، ڪري ساز، بحري باز اڏايا،
چمڪار، جي جهلڪار، ڪجل ڪار موهيوسون.
ديوان، گــهُري دان، هي ’رمضان‘ ويچارو،
کلڻ يار، جي گفتار، لب نگار موهيوسون.
مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘
*
سهڻا، ڪر ڪا سنڀال،
سال ٿيا اٿم سڪندي سڪندي!
ورهيه ٿيا جو وِرهه وڪوڙيو،
نينهن اچي آهي نيزو کوڙيو،
جاني پساءِ جمال،
عمر گذاريم لڪندي لڪندي.
رک ڪو محبت وارو مرهم،
حاڪم سائين، ٿي تون همدم،
هيڻا ٿي ويا حال،
ڦٽ فراق جا چڪندي چڪندي.
تو وٽ پهتس، سهڻا سائين،
مهر ڪري من مون کي گهرائين،
سؤ سؤ ڪيم سوال،
واٽن تي يَرَ ٽڪندي ٽڪندي.
دردن تنهنجن دونهان لايا،
سوز فراق ۽ سُور سوايا،
’طالب المولا‘، لالَ،
تو وٽ آيو ڍڪندي ڍڪندي.
ميران محمد شاهه ’مير‘
*
بند ۾ آهيون اسين باندي بيوس،
اوهين اڙانگا ڇو نه اوس!
سنگدل ســهڻــا دائــم نه رهــنديـــن،
ناز ۽ نخرا نيٺ نه نيندين،
ڪوري ڪڍي ڇڏ ڪينو ۽ ڪس.
’ڪــل نـــفسِ ذائــقــتــه الــمـــوت‘،
سڀڪو ويندو فاني ٿي فوت،
باري رهندو باقي، ۽ بس.
نازاهو ڪم ڪينڪي ايندءِ،
اجل اڻانگو آڏو ٿيندءِ.
آب اکين مان ويندءِ عبث.
عاشق آهيان حسن تنهنجي جو،
مهتر مالهي باغ تنهنجي جو،
پوءِ ڇو نه ماڻي مُکڙيون مگس.
’ميران شاهه‘ جون، مولا! مرادون،
سهسين آسون، تو ۾ اميدون.
رانجهن جو ٿِئي مون سان رس.
مخدوم امين ’فهيم‘
*
چئج صبا سڄڻ کي ڪا هاڻي ته لهجو سار!
روح کي هر دم آهي اوهان جي،
تات طلب ۽ تار...
ڪهڙو قرار انهن کي هوندو،
جن کان جدا ٿيا يار...
ڪين سونهي ٿو ڪو به،
عجيبا! ڌڻ ڌناران ڌار...
سنجهه صبح بس آهي ’امين‘ کي،
پيارا، اوهان جي پچار...
حافظ محمد احسن
*
تو سان نينهن نه لالنَ لايان ها،
روئي حال پنهنجا ڇو وڃايان ها!
ڏئي دل کي دلبر درد و الم،
سهڻا سائين، ڪرين ٿو سخت ستم،
مون سان محبت ڪرين ها جي قرب ڪرم،
تنهنجون ڳالهيون ڳُڻ سڀ ڳايان ها.
هاڻي ڪيئن ڪريان، ڪنهن کي دانهن ڏيان،
ويٺي سور سڄڻ تنهنجا سر تي سهان،
ڪنهن سان حال ونڊيان، ڪنهن سان سور سليان،
توکي حال هجر جو سڻايان ها.
توکان ڌار رهڻ ڏاڍو مشڪل آهه،
توريءَ جڳ ۾ جئڻ ڏاڍو مشڪل آهه،
سختيون سور سهڻ ڏاڍو مشڪل آهه،
پهرين پيچ پُڇي پوءِ پايان ها.
تنهنجي يار وڃڻ جي ڪل ڪانه پئي،
وئين داغ جدائيءَ جا دل کي ڏئي،
هٿئون هاج منهنجي هَي هاءِ وئي،
پائي پاند ڳچيءَ ۾ پرچايان ها.
هاڻي ’احسن‘ جا ڏسي عيب اپر،
ڪري يار وئين ڏاڍو ڏرت ڌمر،
تنهنجي يار وڃڻ جي پوي ها خبر،
توکي روئي روئي رهايان ها.
علي بخش ’رضا‘
*
هوت ٻاروچي جي ڪاڻ، آهيان آءُ حيران،
نينهن نبيرو نه ڪري ڪري.
لکئي لوح قلم جي، قهري وهايم ڪان،
پرين ملي، دل ٺري ٺري.
پڳ نه ڇڏينديس پِرَ جو، جيسين اٿم جندجان،
پرت پرين سان شل پري پري.
من مولا مون کي ڪري، محبن وٽ مهمان،
هوت پنهون شل وري وري.
’رضا‘ سر صدقو ڪيان، جن آئي لٿا ارمان،
سڄڻ بنا نٿي سري سري.
حسين بخش ’خادم‘
*
ڪاملَ تنهنجي ڪاڻ، رويو راهون روز نهاريان!
چارا چلڻ جا چُڪيءَ چُڪي ويا، سور ٿيا سرواڻ،
هيڻي هاڻ پئي هنجڙيون هاريان
کيڻ خوشي ۽ هلڻ هڄي ويا،وئي سڀ روح رهاڻ،
جانبَ جيءَ کي ڪيئن جياريان.
خيال جون ماڙيون ڪل ئي ڪري پيون،ڀينگ ڏسان ٿي ڀاڻ،
پل پل پر ۾ پئي مان پڪاريان.
ڪيئن ڀلا هيءَ ڪاملَ لهندي، منهنجي منهن ميراڻ،
تون ئي ڌئندين، ڪنهن کان ڌئاريان.
’خادم‘ تي ڪا خاص نظر ڪر، پنهنجو سڃاڻي پاڻ،
تار مان توريءَ، ڪيئن مان تاريان.
سليم ڳاڙهوي
*
ڀيڄ ڀنيءَ هو آيو يار، ساهه سڌيريو، نيڻ ٺري پيا!
ويل وڇوڙو وچ مان ويڙو، دوست مليو دلدار-
چاڪ ڇٽا، انگور وري پيا!
ميل ملڻ جي موسم آئي، واه بسنت بهار-
دل جي ٿر تي ڦوڳ ڦري پيا!
پرت مان آيو پير ڀري اڄ، مانجهي هو منٺار-
ترها تک مان ترت تري پيا!
وايون
نياز علي شاهه ’محسن‘
سُرو سَهيو پئي سهه، سهه ڙي سهه، پنهنجي هوت پنهل لئه!
آڏو آريءَ ڄام جي، راتيان ڏينهان وَهه،-- پنهنجي هوت پنهل لئه.
اُٿ ۽ ويهه ادب سان، گوڏا پنهنجا گهَه، -- پنهنجي هوت پنهل لئه.
دل ۾ پنهنجي دوست ريءَ، ٻيو نه پچائج پهه، -- پنهنجي هوت پنهل لئه.
اوکيءَ سوکيءَ تي سدا، راضي ۽ خوش رهه، -- پنهنجي هوت پنهل لئه.
’محسن‘، آريءَ ڄام کي، ڳولي ڦولي لهه،-- پنهنجي هوت پنهل لئه.
احمد خان ’آصف‘
موهيو من منٺار، جڙ لڳي ٿم جان ۾.
ويٺي – نُور نچوئيان، برهه ڪيو بيدار.....
جڳمڳ لاتي لوڪ ۾، جانب جي جنسار.....
پسي پنهنجي پِرَ کي، آيم قلبَ قرار.....
ڪونهي ٻهڳڻ ريءَ ٻيو، اڙين جو آڌار.....
’آصف‘ تي آهي ڪيا، لالڻ لطف هزار.....
عبدالجبار ’شام‘
راڻا، رويو راتڙي، گهايلڦ گذاري،
گهايل گذاري، الا، سوڍل کي ساري.
محبت تنهنجي، مينڌرا، مومل کي ماري......
مچ ٻريس من ۾، ويهه ڪيئن وساري......
جانب هاڻي، جيڏيون، ڏاتر ڏيکاري......
مومل آهي ماٺ ۾، نينهن ٿو نهاري......
ان جو ’عبدالجبار‘ چئي، واحد ور واري......
شعبان ’بخت‘
ايندو منهنجو يار، آهي آس اکين کي!
ويندا دور ٿي دکڙا، وٺندو روح قرار.........
ورندو واءُ وصال جو، ايندي برهه بهار.........
ڪري اون اڪير جي، لهندو پاڻ سنڀار.........
قرب ڪسارو نه ٿئي، ڪڪر منجهه ڪپار.........
جئن ويڇو تان وترو، عشق عجب اسرار.........
ايندو نيٺ نباهه کي، لاهڻ غم غمخوار.........
’بختُ‘ واريان پانهنجو، ڇيڙي تن جي تار........ |