1
بيت:
مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘؛ مخدوم امين ’فهيم‘؛ محمد خان
’غني‘؛ حافظ محمد احسن؛ قمر شهباز؛ سليم ڳاڙهوي؛
عبدالجبار’شام‘.
دوها: ’تنوير‘ عباسي؛ ذوالفقار راشدي؛ نعيم دريشاڻي.
ڪافيون:
مرحوم صالح شاهه؛ مرحوم صاحبڏنو شاهه؛ مرحوم محمد حافظ شاهه؛
مرحوم رمضان اوڍو؛ مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘؛
ميران محمد شاهه ’مير‘؛ مخدوم امين ’فهيم‘؛ حافظ
محمد احسن؛ علي بخش ’رضا‘؛ حسين بخش ’خادم‘؛ سليم
ڳاڙهوي.
وايون: نياز علي شاهه ’محسن‘؛ احمد خان ’آصف‘؛ عبدالجبار ’شام‘؛
شعبان ’بخت‘.
گيت:
سروپچندر ’شاد‘؛ گوورڌن محبوباڻي؛ بشير مورياڻي؛ ڪرشن ’ساٿي‘؛
خواجا سليم؛ ڪمل ’پياسي‘؛ احمد خان ’آصف‘؛ احمد
خان ’اختر‘.
نظم:
لطف
الله
بدوي؛
هري
’دلگير‘؛
’سام‘ جئسنگهاڻي؛ ’نياز‘ همايوني؛ ’تنوير‘ عباسي؛
’خواب‘ حيدرآبادي؛ ذوالفقار راشدي؛ نثار بزمي؛
غلام احمد ’بيدم‘؛ سليم ڳاڙهوي؛ ’تاج‘ بلوچ؛
عبدالغفور ’عابد عبدالعزيز ’بيدل‘.
قصيدو:
سليم ڳاڙهوي
آزاد نظم:
اسدالله ’بيخود‘؛ نعيم دريشاڻي؛ قمر شهباز
نيون طرزون:
سيروُ ’سياهه‘؛ سترام ’همدرد‘؛ الطاف عباسي.
غزل:
’سام‘ جئسنگهاڻي؛ فيض بخشاپوري؛ عبدالحليم ’جوش‘؛ تنويرعباسي؛
مخدوم امين ’فهيم‘؛ شبير ’هاتف‘؛ ’تاج‘ بلوچ سليم
ڳاڙهوي؛ محمد خان ’غني‘؛ نياز علي شاهه ’محسن‘؛
حافظ محمد احسن؛ ’محبوب‘ سروري؛ بشير مورياڻي؛
رشيد ’ارشد‘؛ عبدالعزيز ’بيدل‘؛ غلام علي ’سوز‘؛
امداد حسيني؛ علي بخش ’رضا‘؛ ’سوز‘ ٽکڙائي؛ غلام
محمد ’گرامي‘.
قطعا:
شبير ’هاتف‘؛ سليم ڳاڙهوي؛ عبدالله ’خواب‘؛ ذوالفقار راشدي؛
امداد حسيني؛ نياز علي شاهه ’محسن‘؛ عبدالعزيز
’بيدل‘؛ محمد حسن ’ساز‘.
رباعيون:
ڊاڪٽر سدا رنگاڻي، ’خادم‘؛ حافظ محمد احسن؛ شبير ’هاتف‘؛ امداد
حسيني.
ادب لطيف:
جهامنداس ڀاٽيا.
جتي من ۾ ڊپ ناهي، ۽ ڳاٽَ اُوچا رهن ٿا،
جتي علم کي آزادي آهي،
جتي دنيا کي تنگ نظرين سان ورهائي ٽڪرا ٽڪرا نٿو ڪيو وڃي،
جتي لفظَ سچ جي اونهائين مان اُڀرن ٿا،
جتي اڻٿڪ محنت پنهنجون ٻانهون ڪمال ڏانهن ٿي ڦهلائي،
جتي عقل جي شفاف نهر، قنوطيت جي وارياسي رڻ پَٽَ ۾ ڀٽڪي،
پنهنجي راههَ نٿي وڃائي،
جتي مَنُ سدا اُسرندڙ فڪر ۽ عمل سان توڏانهن ئي وک وڌائي ٿو،
-- او سائين، شال منهنجو وطن آزاديءَ جي انهيءَ جنت ۾ اکيون
کولي!
]
مها ڪَوي ٽئگور جي هڪ نظم جو ترجمو[
بيت
مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘
ڪڏهن ويهن نه ويجهڙو، ڪڏهن قرب ڪمال،
ڪڏهن نظرون مهر جون،ڪڏهن موهِن ساڻ مقال،
ڪڏهن هلن هجر ڏي، ڪڏهن واهه وصال،
جنساري جمال، ’طالب مولا‘ تن جو.
ڇوڙي ڇڏيائون ڇوهه مان، ڪلهن تي ڪاڪل،
ديدون ديدن ۾ جهلي، واري وڌائين وَل،
ڪري قابو ڇڏيو، محبت ساڻ مٺل،
وٺي دل قبضو ڪري، ڪانه ڪيائين ڪَل،
مارڻ جي محبوب ڪئي، عجب هيءَ اٽڪل،
ڪانه ڏنائين قرب جي، وري ڪائي ڪَل،
’طالب‘ کي تڪرار سان، عشق مليو اڻجهل،
جڏهن خوشين ڪا خلل، تڏهن سور اچي ساٿي ٿيا.
پهرين پس پرين جو، جلوو ۽ جمال،
پوءِ عاشق عجيبن جي، ڪر قرب ۾ ڪمال،
شريعت ۾ شير ٿي، وٺ حقيقت جو حال،
طريقت ۾ ترقي ڪري، ميڙ معرفت وارو مال،
پوءِ ووڙي لهه وصال، ’طالب مولا‘، مرد ٿي.
محبن جڏهن مُڪيون، سورن واريون سوکڙيون،
سُکن واريون سيگهه ۾، چاليون سڀ چُڪيون،
لالڻ لغارون لائيون، لنوَ لنوَ منجهه لِڪيون،
’طالب مولا‘ کي مليون، ٻهڳڻ وٽان ٻُڪيون،
چُڪن تي چڪيون، پياريائين پريم جون.
ڪانگل قريبن کي پجان، نيئي نياپو،
مٽيو متان، منهنجا پرين، هو لالڻ لاڳاپو،
تنهنجي ئي تصوير جو، آهي ڇاتيءَ تي ڇاپو،
جانبَ جياپو، ’طالب‘ سندو تون آهين.
پَيندُ وجهي پنهنجو ڪيو، ’طالب مولا‘ تن،
قرب جي ڪُڻن، ڪيو حوالي حبيب جي.
هنيو حسن حبيب جي، دلڙيءَ جو ڌاڙو،
پهچايائين پري وڃي، جتي وِرهه جو واڙو،
دم دم درد فراق ۾، ٻيو پورن جو پاڙو،
سڪ جو ساهه پساهه سان، سورن جو ساڙو،
ڏنائين عشق انعام ۾، رئڻ ۽ راڙو،
اصلؤن اهو عجيب هو، لالڻ جو لاڙو،
’طالب مولا‘ تيئن لنوي، جيئن طلب ۾ تاڙو،
ڪندو ڪڄاڙو، کر کرايون ڪري.
پرينءَ جي پريت ۾، روئڻ راند ڪيوم،
سمهان ته سمهڻ نه اچي، ويهڻ وِهه ٿيوم،
ڏيئي وٽ ورونهن جي، نينهن نهوڙي نيوم،
’طالب مولا‘ تن مان، جڏهن وهم ويوم،
تهان پوءِ پيوم، پتو پريتڻي جو.
نظرن واري ناز، چوري چِت چريو ڪيو،
اٺ ئي پهر عجيب آه، غرق منجهه غماز،
’طالب مولا‘ کي جهٽيو، اِن برهه واري باز،
صورت واري ساز، موهي من مستان ڪيو.
مخدوم
امين
’فهيم‘
صبا، چئج سڄڻ کي، سنيها ساري،
پيارا، ڪو پرديس ۾، تولئه تنواري،
پرين تنهنجي پور ۾، پلپل پڪاري،
نرملَ، تنهنجي نانءَ کي، عاشق اُچاري،
تنهنجي تات اندر ۾، ٻارڻ پئي ٻاري،
سدا ساهه ’فهيم‘ جو، ساريو ٿو ساري،
نرملَ نانءَ الله جي، عجيبَ اوتاري،
واڳڙيون واري، اچو مون مهجور ڏي.
صبا، چئج سڄڻ کي، تنهنجي لڳي تار،
لالڻَ، ڏينهن لڙيو وڃي، پچائيندي پار،
واجهائي واٽن تي، نيڻ وهائن نار،
وساري نه ويهه تون، ساجن لهه ڪا سار،
جيءَ ۾ آهي ’امين‘جي،پرين تنهنجي پچار،
سڄڻ، سونهي ڪونه ٿو، ڌڻ ڌناران ڌار،
قرب ڪري ڪو،يار،واڳون وار وصال جون.
محمد خان ’غني‘
صبح ساڻ سنگهار ٿي، ڪري سانگين سڏ،
قيدن منجهه ڪنبي هِنيون، هيڻا منهنجا هڏ،
لاهي ويهو نه لڏ،ڪِي ڪاهي اچو ڪوٽ تي.
ڪاهي اچو ڪوٽ تي، بيوس جِت باندي،
ڏسي اهک عمر جا، ٿئي هيبت هيڪاندي،
مري جا ماندي، سا ڪڍو اچي ڪوٽ مان.
ڪڍو اچي ڪوٽ مان، جا ماڙين منجهه مري،
جيڪا ننگُ نيات جي، سا ڪيهون روز ڪري،
من ڪو وِير وري، جو ڪاٽي ڪڙا ڪوٽ جا!
ڪاٽي ڪڙا ڪوٽ جا، اهڙو ڪو آهي،
جو سيني کي ساهي، آڏو ٿئي عمر کي.
مارئيءَ منهن ملير ڏي، بيٺي ڏسي واٽ،
اڃا اُوءِ نه آئيا، جن جي عين اُساٽ،
ٽُٽن جي ٽڪساٽ، ته ٿاڻا ٿين ٿرن ۾.
ڪري مهاڙ ملير ڏي، رات چيئين روئي،
چولو چيلهاڙون ٿيو، ليڙون ٿي لوئي،
پر اکر اهو ئي، ته وڃان وري ويڙهه ۾.
ڪٿي آهيو، ماروئا! ٿي سڏي سڏڪن ساڻ،
ڪڍو اچي قيد مان، نه ته پٿون ڪندي پاڻ،
انهيءَ هڪ اهڃاڻ، سانگي، ڪِي سرتيا ٿيو.
حافظ محمد احسن
(هنر، ذوقافيه)
مون کي محب ميهار جي، آهي تن من ۾ تار،
ڪهڙو قاصد موڪليان، ڪهڙي ڪريان تار،
پاڻي ڀانيان پنيءَ جيڏو، توڙي هجي تار،
تار منجهان تون تار، سهڻيءَ کي هن سِير مان.
مون کي ڇڏ م ڇپرين، مان لَڙهه لڳيس تولام،
منهنجو جيءُ جڙيو توسان، جيئن جڙيل الف لام،
تنهنجا سور سوين آلام،ڪنهن کي سڻايان سپرين.
حسن پنهنجي تي هوت پرين،تون هڻ نه هيڏو دم،
هيڻو حال ٻڌي منهنجو، هاڻ اچج هڪدم،
هوندو ڪين هميشه هتي، اصل هي آدم،
دير نه ڪرڪا دم، متان ملڻ ريءَ مري وڃان.
توريءَ ڪنديس ڪونه ڪو، وارث ٻيو ور،
ڏاڍا، ڏاڍايون ڇو ڪرين، مون ۾ ناهي ور،
وهلو واهر ور، دير نه ڪر تون دم جي.
دير نه ڪر تون دم جي، اچي دوست پساءِ ديدار،
ساعت توريءَ ڪين سري، اي دوست پرين دلدار،
جانبَ منهنجو جڳ ۾، آهي توتي دارو مدار،
دائم سارو دار، ڪنهن سان نيبهه ڪينڪي.
ساٿي، وڃي سڄڻن کي، ڏج سنيها ساري،
سگهو موٽج سپرين، ساهه توکي ساري،
اٿي آڌيءَ رات جو، ٿو عاشق اوساري،
وارثَ هن ولهيءَ کي، تون ويهه نه وساري،
محب مڙيئي ميساري، من تان ميٽج غمڙا.
من تان ميٽج غمڙا، تون هوتَ اچي هڪوار،
جانبَ اچي جنهن ڏينهن ۾، سو سڌورو ٿئي وار،
پنبڻيون پيرن هيٺ رکان، ۽ واري وڇايان وار،
واڳ وصل جي وار، دير نه ڪر ڪا دم جي.
توکي ساري سپرين، ٿو روئان زارو زار،
عشق اوهان جي لائيو، آهي اندر ۾ آزار،
تنهنجي درد فراق ۾، منهنجو حال ويو ٿي زار،
حيلا ڪريان هزار، محب مٺا تنهنجي ملڻ لئه.
دوستَ تنهنجو دل تي، آهي وهم وڏو ويچار،
ميڙ توڏي مون موڪليا، چوکا چڱا چار،
ته به تو نه ڪيو ڪو دل جو، آقا، ڪڏهن آچار،
محبت تنهنجي محبت جو،ڪيم پرت منجهان پرچار،
مون کي لالنَ ڪري لاچار،دور رهين وڃي ديس ۾.
وارثَ ڪيئه جي وعدا، سي پرت منجهان تون پار،
وهلو وندر ۾ ووڙيان، تنهنجا پتا پار،
معاف مدايون مون ڪري،پرين نه ڏس منهنجا پار،
پرين تنهنجي پار، مان نهاريان نيڻ کڻي.
محبت مٺا ملڻ ۾، تون گهَڙي نه وجهه گهاري،
مون عمر سڄي گهاري، تنهنجي محبَ مجاز ۾.
قمر شهباز
توڙي ڪاري ٻاٽَ، توڙي اَوکو ماڳ،
ٻارينداسين، ساٿيو، آنڌيءَ ۾ ڀي لاٽَ،
ملي ويندي واٽَ، متان يَرَ ماندا ٿيو.
جڳ مڳ جليا ديپَ، جرڪيو آهه جهان،
جاڳيو آ انسان، سهسين ٿيندا سوجهرا!
باغي ڙي باغي! باغي ٿيو ڀنڀور،
ڪيسين ڪو ڪمزور، قيدي رهندو ڪوٽ ۾؟
منهنجا مٺڙا ڏيهه! سانگي تنهنجا سادڙا،
کٿوريءَ جان کيهه، سانڍِن تنهنجي ساهه سان.
سليم ڳاڙهوي
ايترا آهين، سُور پرين جا ساهه ۾،
ڪاٿو تن جو ناهه ڪو، تن من تڙڦائين،
هر هر هينئڙي کي ڏيئي، گهاوَ گهڻا گهائين،
ڏاڍو ڏکائين، ڦَٽڙن کي ڦارون ڪري.
عبدالجبار ’شام‘
اِئين ويهڻ ماٺ ۾، جئن ڪا اپسرا،
منهنجي من جي ڪا، سار لهج سپرين.
ڪي سيڻن منجهه سونهنِ،ڪن جو ساٿي ڪونه ڪو.
وِرهه واڪا ڪن، گڏيا ڪين گــُرَ سين.
جاني منهنجي جيءَ ۾، سُور ٿي سماءِ،
منهنجي من جي باهه، اُجڪهي ڪين اُلا ڪڍي.
اکڙين منجهه خمار، آهي عجيبن کي،
پرينءَ سندو پيار، روڳ لڳائڻ روح کي.
نازڪ تنهنجو نينهن،ساڙي منهنجي ساهه کي،
نيڻن نُور نچوئيو، مُور نه جهلي مينهن،
ڏکيو گذري ڏينهن، روئي رات وهائيان.
تون چئه آئي عيد، جوڳين ڪاڻ جهان ۾،
ڪيا شوق شهيد، جوڳين جيءُ ڪَڙو ڪيو.
آگي آريءَ ڄام کي، گهڻو ڏيهه ڏنو،
ڳنڍي ڇڏيئين ڳُڻن سين، جڏ ڇپر ٿي ڇِنو،
پنهل جِت پُنو، تت ناهه جاءِ جَتن جي.
ڪلهه جو گذريو ڏينهن، اڄ سو ناهي، سانورا!
ڇڄي پوندو نينهن، ڪڏهن ڪچي ڌاڳي جئن.
عشق سندا انعام، حاصل هڪ-دل ڪو ڪري،
آيو جنهن آرام، سو عاشق سڏبو ڪينڪي.
آيل ڙي ايندي، ڪا مون سين جانب جت ڏي،
حب هاڙهو وچ تي، ڇپر ڇڏيندي،
نينهن کڻي نيندي، ٻيا سڀ ڀاڻ ڀنڀور ۾.
دوها
تنوير عباسي
ساهه نپوڙڻ خاطر اوندهه اُڀري آئي اٿاهه،
جرڪي جرڪي جيئرا ٿي پيا تارن جا ارواح.
ٽڙي پيا ٽانڊا گلڙن جان، مڙي ويا سڀ مچ،
چڻنگون مُکڙين وانگر مهڪيون،ساڻ هئوسين سچ.
پريت نڀائي، گيت ٻڌائي، هليو ويس هُن پار،
رهيو نه هي ارمار ته پنهنجي عمر ڪيم بيڪار.
مان شاعر هان، مون وٽ آهي هر ماڻهوءَ جو مان،
منهنجو مان مگر ڄاڻن ٿا ڪي ٿورا انسان.
بَن بَن روح رليو هو منهنجو، در در ڀٽڪيو ڌيان،
تنهنجي مٺڙي مرڪ ملِي، ڄڻ گوتم پاتو گيان.
ذوالفقار راشدي
ڪير اسان جو نانءُ وٺِي، ٿو من ۾ نينهن نپائي؟
اندر جي اونهاين ۾ ٿو چندن-بوءِ رچائي!
عنبر، عود جلايم، جاني، ٻاريان ٿو لوبان،
بوءِ پکيڙي، لاٽون لائي، اُڏرن ٿا ارمان.
هوريان هوريان،هلڪيون هلڪيون،من ۾
چهنڊيون پائي.
دل نگريءَ ۾ ڌيري ڌيري ڪوئي پير گهمائي
جُڳ جُڳ جيوو،لَک لَک ٿيوو،آءٌ اوهان
تان گهوري
مَنُ اِئين مستان اوهان تي،چنڊ تي جيئن چڪري.
انگل ۽ ارڏايون اکين تي وٿيون، قرب ڪنارا،
سائين، اوهان جي سڪ،سنيها،سور، سڀيئي پيارا.
منهنجن نيڻن ڳوڙها ڳاڙيا، ڦُڙ-
ڦُڙ پئي برسات،
ڳوڙهن سان پئي ڀڄندي،جهرندي،ڳرندي،ڪاري رات.
هساءِ، بسنتي بوندون ۽ هي ٿڌڙو ٿڌڙو واءُ،
چئني پاسن پکڙيل آهي مٺڙو مشڪَ هڳاءُ.
سَتُ ڇڏي ويو، ساهه هليو ويو، سکڻو آهي بت،
هاءِ، اسان جو چورايو ويسو چووائي تي چِت.
چانڊوڪين کي چاهيندا ۽ چمندا ويٺا رند،
هاءِ،ايئن ئي گذري ويندي پيار جي مٺڙي مند.
هار نه سائين، هار نه جاني، ٿانءُ نه منهنجو هار،
ٿيءُ اسان سان پيالي ڀائي، پيءُ اسان جو پيار.
رات اسان جي جنگل ۾ ڀي منگل هو، سرڪار!
رات اسان تي آيو هو ڪنهن هڪجيڏيءَ کي پيار.
هاءِ جواني، هاءِ اوهان جا مينديءَ رتڙا لڱ،
پيارا ڏيک اوهان جا ڏسندي، نيڻ ٺري ٿيا ڳڱ.
]
هيٺيان دوها مير چاڪر جي تاريخي ’سبي‘
قلعي جي ڀريل ڀتين تي ويهي لکيا ويا.[
هوءِ پهاڙڻ، اوه ڌنارڻ، آءُ هلي، او ’حاني‘!
آءُ،ڏيان مان توکي پنهنجي نينهن جي نيڪ نشاني،
’حاني‘، اچ مان بخشيان توکي سسئيءَ وارا سور،
تون به ڏئي ڇڏ موٽ ۾ مون کي ’شاهه مريد‘
جا پور.
رات اسان ’ڪوهلوءَ‘ ۾ ڪاٽِي، پيءُ پياري کيرُ،
مست،هجي شل تنهنجي’سموءَ‘جي خيمن ڏي
سڀ خير!
مست،رکي آ تنهنجي پٺيءَ تي ڪنهن’سموءَ‘
جي چڳ،
تنهنجا گيت ٿي ڳائي جنهن جي جواڻيءَ جي
رڳ رڳ،
منهنجي’سمُو‘پڻ تنهنجي’سموءَ‘جيان ڇني
ڇڏي تقدير،
شال انهيءَ تقدير سڙيءَ کي تون ئي پڄندين، پير!
نعيم دريشاڻي
چپن تي آهن هر دم ڪي اُداس اُداس گيت،
ڪيا هزارين ديوانا تنهنجي ظالم پريت.
مرڪ اوهان جي، لڙڪ اسان جا، ڏاڍا اَٿئي انمول،
روڪ انهن کي،روڪ،متان جڳ ٿئي نه ڊانواڊول.
سُور اوهان جا، پُور اوهان جا، سڀڪجهه آهه قبول،
بخشيندؤ جي قرب وچان، ڪنڊا ڀي آهن ڦول.
تنهنجا ڪنئرا ڪنئرا چپ، جئين نرم ڀنل گلاب،
ڇهاءُ سندن، او منهنجا سائين، پنهنجو پاڻ جواب. |