بروهي خط جو نمونو
غزل
]از
مولانا نور احمد لاڙڪاڻوي: اخبار ”ايلم“، 1 اپريل
1961ع، تان ورتل[
پِني تِينا ’اِيلم‘ بُڙزرا دَرَڪَ:
تعاون ڪَرَڪَ، نِي تعاون ڪَرَڪَ.
هُرڪَ قومتي ايلونِي غيرت ڪَرَڪَ.
تعاون ڪَرَڪَ، نِي تعاون ڪَرَڪَ. |
نالو پنهنجو، ڀاءُ! مٿي پڄاءِ:
تعاون ڪر تون، تعاون ڪر.
ڏس ٻين قومن کي تون،غيرت ڪر:
تعاون ڪر تون، تعاون ڪر. |
هُرڪَ اِنگلِش،اردواوسندهي ئي،
اوفتا ڪاميابي ئي او ترقئي،
ترقي ڪ ’ايلم‘ نا مُستي بَرڪ:
تعاون ڪَرَڪَ، نِي تعاون ڪَرَڪَ |
ڏس انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ کي
اُنهن جي ڪاميابيءَ ۽ ترقيءَ کي
’ايلم‘ جي ترقيءَ لاءِ اڳتي وڌ:
تعاون ڪر تون، تعاون ڪر. |
هُرَڪ اوفتا ريڊيو، سِڪولات نِي
او اخبار، دولت، نشريات نِي،
اوفتا ترقي ئي هُرنِي غيور مَرڪ:
تعاون ڪَرَڪَ، نِي تعاون ڪَرَڪَ: |
ڏس سندن ريڊيا،اسڪول تون،
۽اخبارون،دولت، نشريات تون،
سندن ترقي ڏسي تون غيور بڻج:
تعاون ڪر تون، تعاون ڪر. |
علم،هنر،تينا زبان تو، ادا،
نشريات، اخبار توني سدا،
بروهي ئي ترقي نا ڪَسرا درڪ:
تعاون ڪَرَڪَ، نِي تعاون ڪَرَڪَ: |
علم،هنر،پنهنجيءَ زبان سان، ادا،
نشريات، اخبار سان تون سدا،
بروهي کي ترقيءَ جي رستي تي آڻ:
تعاون ڪر تون، تعاون ڪر. |
’تراب‘ و ’شيدائي‘ ڪ هار آرير،
’پروانه‘،’غوث بخش‘سينگار آرير
الله،اوفته عمرس نِ بَهلّو تِرڪ!
تعاون ڪَرَڪَ، نِي تعاون ڪَرَڪَ: |
’تراب‘ ۽ ’شيدائي‘، جي هار آهن،
’پروانو‘،’غوث بخش‘سينگار آهن
خدايا، تون انهن کي وڏي عمر ڏي
تعاون ڪر تون، تعاون ڪر. |
’ايلم‘ قوم ڪي نور تاجس آري،
براهوئي تا خَنتي او روشن ڪري،
الله، اونا هردم معاون مَرڪ
تعاون ڪَرَڪَ، نِي تعاون ڪَرَڪَ: |
’ايلم‘ قوم لاءِ نوراني تاج آهي،
بروهين جي اکين کي روشن ڪيو
خا، اُن جو هر دم معاون ٿي!
تعاون ڪر تون، تعاون ڪر. |
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون
بنو اميه، طرفان سنڌ جا گورنر.
سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل سوا سؤ ورهيه هيءُ ملڪ دمشق، ۽
پوءِ بغداد جي حڪومت جي ماتحت رهيو. سنڌ تي حملي
جي مهم عراق جي واليءَ جي سرڪردگيءَ ۾ پوري ٿي
هئي، انهيءَ ڪري سنڌ جي حڪومت عراق جي واليءَ جي
ئي ماتحت رهي، ۽ اتان ئي، خليفته المسلمين جي رسمي
منظوريءَ سان، وقت بوقت گورنر نامزد ٿي ايندا
رهيا.
محمد بن قاسم جي قتل کان ٻه سال پوءِ، سنڌ جا ماڻهو بغاوت ڪري
بيفرمانا ٿي ويا؛ انهيءَ ڪري فقط ديبالپور جي سرحد
کان وٺي سمنڊ تائين (يعني هيٺيون لاڙ وارو حصو)
ملڪ خليفن جي گورنر جي تصرف ۾ رهندو آيو
(1).
بنو اميه جي زماني ۾ جيڪي سنڌ جا گورنر ٿي رهيا،
انهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
1. يزيد بن ابي ڪبشہ سڪسڪي، سليمان بن عبدالملڪ (96-99هه) جي
ڏينهن ۾، ارڙهن ڏينهن گورنر ٿي رهيو
(1).
2. حبيب بن المهلب بن ابي صفره، سليمان بن
عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو. هن جي
ڏينهن ۾ سنڌ جي داخلي امن امان کي ڪجهه نقصان
پهتو.(2)
3. حضرت عمر بن عبدالعزيز (99-101هه)، 99 هه ۾، مهلب کي معزول
ڪري، عمرو بن مسلم الباهليءَ کي سنڌ جو گورنر ڪري
موڪليو؛ ۽ سنڌ جي غير مسلمان رئيسن ڏانهن تبليغي
دعوتناما سڌا سنوان موڪليائين، جن کان متاثر ٿي
ڪيترن ماڻهن اسلام قبول ڪيو، جن مان راجا ڏاهر جو
پٽ جئسنگ به هو.
(1).
4. ڪجهه وقت کان پوءِ آل مهلب، خلافت کان بغاوت ڪري، سنڌ ۾ اثر
هجڻ جي ڪري، سنڌ کي پنهنجو مرڪز بنايو. وداع بن
حميد هتي سندن سرڪردو بنيو. مگر هلال بن احوذ
تميميءَ جي سرڪردگيءَ ۾ لشڪر آيو، جنهن آل مهلب جو
خاتمو ڪيو.
(2).
107هه ۾ جنيد بن عبدالرحمان الري، هشام بن
عبدالملڪ (105- 125هه) جي ڏينهن ۾ هتي جو گورنر
ڪري موڪليو ويو. راجا ڏاهر جو پٽ جئسنگ، مسلمان
ٿيڻ کان پوءِ، امان طلب ڪري، برهمڻ آباد ۾ حڪومت
ڪندو رهيو. جنيد سان سندس تعلقات ٺيڪ نه رهي
سگهيا. ٻنهي جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ جئسنگ
مارجي ويو.(3).
ان کان پوءِ هن پنهنجي فوتحات جو دائرو وسيع ڪيو،
۽ وڌي مارواڙ، گجرات ۽ ڪشمير جي سرحد تائين پهتو.
5. 111هه ۾ جنيد کي خراسان جو والي ڪري موڪليو ويو، ۽ هتي جي
حڪومت جي واڳ تميم بن زيد عتبيءَ جي هٿ ۾ آئي. هي
به هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ هو. عربيءَ جي
مشهور شاعر ’فرزوق‘، هن جي ئي نالي تي پنهنجو
مشهور قصيدو لکي موڪليو هو. تميم ڪامياب حڪمران ٿي
نه سگهيو
(1)،
۽ جلد ئي وفات ڪيائين؛ انهيءَ ڪري ملڪ ۾ عام ابتري
پيدا ٿي ويئي. انهن حالتن ڪري، سنڌ جي حڪومت جي
واڳ عارضي طرح وري جنيد جي هٿ ۾ ڏني ويئي. هو
خراسان ۾ رهي، هتي جي سنڀال ڪندو رهيو.
6. انهيءَ هوندي به حالتون سڌري نه سگهيون، جنهنڪري عراق جي
واليءَ طرفان حڪم بن عوانه ڪلبيءَ کي سنڌ جو گورنر
ڪري موڪليو ويو. هن هڪ قلعي بند شهر جو بنياد وڌو،
جنهن تي ’محفوظه‘ نالو رکي، پنهنجي گاديءَ جو هنڌ
بنائي، ان کي مسلمانن جو مرڪز ٺهرايو. ان کان پوءِ
امن امان قائم ڪرڻ لاءِ مهمون موڪليائن، ۽ ملڪ ۾
نئينءَ طرح امن امان قائم ڪيائين. ڪن تاريخن
ڄاڻايو آهي ته منصوره جو شهر به هن ٻڌايو، ۽ اتي
پنهنجي مستقل گادي مقرر ڪيائين؛ پر اهو بيان صحيح
نه آهي. مهلبيءَ جي روايت آهي ته عباسي خليفي
المنصور جي زماني ۾ عمر بن حفص هي شهر آباد ڪيو، ۽
ان کي خليفي جي نالي سان موسوم ڪيائين(2)
. ابو العباس احمد قلقشنديءَ، ”صبح الاعشي“ ۾ لکيو
آهي ته جڏهن اسلامي لشڪر هتي داخل ٿيو، تڏهن سپهه
سالار جي زبان مان ”نصرنا“ جو لفظ نڪتو، جنهن
’منصوره‘ جي صورت اختيار ڪئي.
(3)
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ڪو قديم ۽ تمام آڳاٽو
شهر هو. مولانا سيد سلمان ندويءَ ”عرب و هند ڪي
تعلقات“ ۾ ان تي ڪافي بحث ڪري، مٿي بيان ڪيل
روايتن کي غلط ٺهرائي، پنهنجو رايو ڏنو آهي ته ”
هي شهر بنو اميه جي زماني ۾ محمد بن قاسم جي پٽ
عمرو جي هٿان تعمير ٿي چڪو هو“
(1).
121 هه (738ع) يا 122 هه (739ع) ۾ حڪم هڪ لڙائيءَ
۾ مارجي ويو. هي به خليفي هشام جي ڏينهن ۾ ٿي
گذريو.
7. حڪم جي وفات وقت عراق جي حڪومت يوسف بن عمر ثقفيءَ جي هٿ ۾
هئي، انهيءَ ڪري سنڌ جي حڪومت جي واڳ محمد بن قاسم
جي پٽ عمروءَ جي هٿ ۾ ڏني ويئي، جو هتي پنهنجا
بهادرانه ڪارناما ڏيکاري رهيو هو. سندس شروعات
وارن ڏينهن ۾ بغاوتن زور ورتو، جن کي هن بهادريءَ
سان مقابلو ڪري بند ڪيو. انهيءَ وچ ۾ آل مهلب،
مروان بن يزيد بن مهلب جي سرڪردگيءَ ۾، وري بغاوت
ڪئي. مقابلي ۾ مروان مارجي ويو. ۽ هي فتنو به رفع
ٿي ويو. ائين ڪندي هشام وفات ڪئي، ۽ سندس جاءِ تي
وليد آيو. وليد، هشام جي ڏينهن وارن والين کي
معزول ڪيو، جنهنڪري عمرو کي به 145 هه (742ع) ۾
معزول ڪيو ويو.
8. وليد بن هشام (125-126هه) جي ڏينهن ۾ يزيد بن عرار، سنڌ جو
گورنر مقرر ٿي آيو.
9. بنو اميه جي پوئين خليفي، مروان الحمار (127 هه کان 132 هه)،
جي ڏينهن ۾ منصور بن جمهور ڪلبي، درالخلافه مان
فتنو برپا ڪندو، سنڌ ۾ آيو، ۽ 130 هه ۾، ابن عرار
سان مقابلو ڪري، ان کي قتل ڪري، آزاد حڪمران ٿيو
(1)
. هن حاڪم سان سنڌ جي اسلامي حڪومت جو ٻيو دورو
شروع ٿئي ٿو. منصور پنهنجي ڀاءُ منظور کي اولهه
سنڌ جي علائقي فتدابيل ۽ ديبل وغيره جو حاڪم
بنايو، ۽ پاڻ سنڌ جي ٻين ٽڪرن فتح ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
هن جي زماني ۾ عباسي خلافت جي طرفان ابو مسلم
خراساني مشرقي ملڪن جو انچارج هو. هن سنڌ جي ولايت
لاءِ ابو مسلم عبدالرحمان بن مسلم مفلس عبديءَ کي
مامور ڪيو. هو فوج وٺي ديبل پهتو. منظور ڪلبيءَ
سان سندس مقابلو ٿيو، جنهن ۾ منظور مارجي ويو.اهو
ٻڌي منصور پاڻ اڳتي وڌيو.، منصوره جي ويجهو ٻنهي
فوجن ۾ مقابلو ٿيو. مفلس عبديءَ کي شڪست آئي. هو،
گرفتار ٿي، 133هه ۾ قتل ڪيو ويو. ابو مسلم
خراسانيءَ، اهو ٻڌي، موسيٰ بن ڪعب تميميءَ کي
ٻارهن هزار فوج سان سنڌ جي حملي تي روانو ڪيو. هن
منصور کي شڪست ڏني، ۽ هو ڀڄي ويو. ڀڄندي، رڻ پٽ ۾
اڃ جي تڪليف کان دم ڏنائين. اهڙيءَ طرح، 134 هه ۾،
سنڌ جي حڪومت عباسي خلافت جي اقتدار ۾ آئي
(2).
بنو عباس طرفان سنڌ جا گورنر.
1. علامه دائود پوٽي صاحب، ”تعليقات معصومي“ (ص 267) ۾، عباسي
گورنر جي فهرست ۾ مفلس عبديءَ جو نالو به ڏنو آهي،
جو گورنر مقرر ٿي آيو هو، پر منصور هٿان حڪومت ڪرڻ
کان اڳ مارجي ويو.
2. عباسي خلافت طرفان، حقيقي پهريون گورنر، موسيٰ بن ڪعب
تميمي هو. منصور تي فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي
ٻين ٽڪرن جي فتحن ۾ لڳي ويو. ڪجهه وقت رهڻ کان
پوءِ پنهنجي پٽ عينيه کي قائم مقام مقرر ڪري، عراق
موٽي ويو. موسيٰ، عباسي خليفي ابو العباس سفاح
(132- 136هه) جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ رهيو.
3. عينيه ڪامياب حڪمران ثابت نه ٿيو. ملڪ جي مقيم عرب باشندن ۾
قبائلي جنگ هن جي ڏينهن ۾ شروع ٿي ويئي. ٻين ننڍين
لڙاين کان سواءِ، الور وٽ، يمني ۽ معزي (قيسي)
قبيلن جي وچ ۾ زبردست لڙائي لڳي
(1).
يمني ۽ معزي قبيلن جي اصل کان پاڻ ۾ اڻبڻت هئي،
ٿوريءَ چرچ تي وڙهي پوندا هئا. قحطاني ۽ نزاري
قبيلا عينيه جي برخلاف ٿي بيٺا، جنهنڪري هن انهن
کي قتل ڪرائي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ هن جي خلف وري
ٻيون سازشون ٿيون. آخر خليفي ابو جعفر منصور (
136- 158هه)، 142هه ۾، عمر بن حفص عتڪيءَ کي سنڌ
جو گورنر ڪري موڪليو. عينيه بغاوت تي آماده ٿيو.
عمر بن حفص ڪامياب پيشقدمي ڪئي. هن منصوره تي قبضو
ڪري، عينيه کي گرفتار ڪري، کيس دارالخلافه موڪليو؛
پر هو اتي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي واٽ تي قتل ڪيو ويو.
(1).
4. عمر بن حفص بن عثمان هزار مرد جو دور اهم آهي. سندس حڪومت جي
زماني ۾ شيعه ۾ خارجي فرقن جا مبلغ سنڌ ۾ آيا. 142
هه (759ع) ۾ خارجي فرقي جو مبلغ، حسام بن مجاهد
همداني سنڌ ۾ داخل ٿيو، پر عمر بن حفص سادات جو
طرفدار هو، جنهنڪري خارجين کي سندس حمايت حاصل ٿي
نه سگهي، انهيءَ ڪري هي مبلغ واپس موصل هليا ويا.
ٻئي طرف حضرت عبدالله بن محمد، معروف به الاشتر بن
محمد، سنڌ ۾ آيو. عمر بن حفص پنهنجي فطري رجحان جي
ڪري چشم پوشي ڪئي، ۽ اهڙيءَ طرح هو پاڻ سنڌ ۾ شيعت
جي تحريڪ کي فروغ ڏيڻ ۾ معاون ٿيو. حضرت عبدالله
کي هڪ راجا جي حڪومت ۾ ترسائي ڇڏيائين، جتي هو
پنهنجي تبليغي ڪم ۾ مصروف رهيو. اتفاق سان منصور
کي اها کڙڪ پئجي ويئي، جنهن ان جي گرفتاريءَ جو
حڪم موڪليو. حڪم جي تعميل ۾، هڪ ٻئي فدائيءَ کي
اشتر جو نالو ڏيئي دارالخلافه موڪليو ويو، جتي هو
قتل ڪيو ويو. انهي هوندي به خليفي منصور، عمر بن
حفص جي خلاف قدم کڻڻ چاهيو ٿي، پر سندس خلاف هڪ ته
ڏوهه جو ثبوت ڪو نه هوس، ٻيو ته هو سندس تدبر ۽
دانائيءَ جو قائل هو. آخر کيس سنڌ جي ولايت تان
هٽائي، آفريقا جي صوبي تي مقرر ڪيائين. عمر بن حفص
142 هه کان 151هه تائين سنڌ ۾ رهيو.
5. ان کان پوءِ سنڌ جو گورنر هشام بن عمرو تغلبي مقرر ڪيو ويو،
جنهن 151 هه ۾ سنڌ جي حڪومت جي واڳ ورتي. منصور،
هشام کي به عبدالله الاشتر جي گرفتاريءَ جو حڪم
موڪليو، پر ڳجهيءَ طرح هي به سادات جو طرفدار هو،
تنهن گرفتاريءَ کان پاسو ڪيو؛ حضرت عبدالله کي
قتل ڪري وڌو. هشام، حضرت عبدالله جي اهل عيال ۽
محمد بن عبدالله، معروف به ان اشتر، کي منصور
ڏانهن موڪلي ڇڏيو، جنهن ان ڇوڪري کي مديني منور جي
عمال جي سپرد ڪيو. جيتوڻيڪ حضرت عبدالله سنڌ ۾
شهادت جو جام نوش ڪيو، تڏهن به شيعت جا اثر فنا
نه ٿي سگهيا، ۽ اڳتي هلي مستحڪم حڪومت سنڌ ۾ قائم
ٿي
(1).
ان کان پوءِ هشام ڀڙوُچ، ملتان ۽ گنڌار( قنڌار)
کي قبضي ۾ ڪيو. 157 هه ۾ رخصت وٺي وطن ويو. 159هه
۾ وفات ڪيائين.
6. سندس وڃڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ، بسطام بن عمرو، سنڌ جي حڪومت
هلائيندو رهيو.
7. ان کان پوءِ معبد بن خليل تميمي گورنر ٿي رهيو. خليفي منصور
جي ڏينهن جو هي پويون سنڌ جو حاڪم هو.
8. 159هه ۾ روح بن حاتم مهلبي، خليفي مهديءَ (158- 169 هه) جي
ڏينهن ۾ گورنر ٿي آيو. انهيءَ زماني ۾ هندستان جي
خلاف بحري مهم به جاري رهي. عربن جا جنگي ٻيڙا
گجرات جي ڪناري سان اچي لڳا، گجرات جي ڪناري تي هڪ
عربي ٻيڙو عرب واپارين جي جهيڙي جي ڪري آيو. ان
ٻيڙي ۾ حضرت ربيع بن صبيح سعدي تابعي
(1)
به هو. هندستان جي ٻيٽن مان هڪ، سندس ابدي
آرامگاهه بنيو. ساڳئي سال ، 159 هه ۾، روح بن حاتم
کي واپس گهرايو ويو، ۽ بسطام بن عمرو کي موڪليو
ويو. هو به 160هه يا 161هه ۾ واپس گهرايو ويو، ۽
روح بن حاتم کي وري ٻيهر موڪليو ويو.
9. ٿورن مهينن کان پوءِ روح بن حاتم جي ناڪامي آشڪار ٿي، ته
نصر بن محمد الاشعث والي ٿي آيو. ٿوري وقت کان
پوءِ نصر بن محمد کي به واپس گهرايو ويو.
10. ان کان پوءِ عبدالملڪ بن شهاب مسمعي کي والي ڪري موڪليو
ويو. ٿوري وقت کان پوءِ هن کي به واپس گهرايو ويو،
۽ ٻيهر نصر محمد بن الاشعث خزاعي کي والي ڪري
موڪليو ويو.
11.ڪجهه وقت کان پوءِ زبير بن العباس حاڪم ٿي آيو.
12. ان کان پوءِ مصبح بن عمر تغلبيءَ کي حاڪم ڪري موڪليو ويو.
هن جي ڏينهن ۾ به عربي قبيلا يمني ۽ معزي وڙهي
پيا، انهيءَ ڪري نصر بن محمد الاشعث کي ٽيون دفعو
هتان جو حڪمران ڪري موڪليو ويو، ۽ 161 هه کان 164
هه تائين حڪمراني ڪري وفات پاتائين.
(1)
13. ان کان پوءِ سطيح بن عمرو تغلبيءَ جي پاران خليفي مهديءَ
پنهنجو غلام، ليث بن طريف، والي ڪري موڪليو.
انهيءَ وچ ۾ سنڌ ۾ بدامني زور وٺي ويئي هئي. ليث
ان کي اڃا بند ئي مس ڪيو ته وري جاٽن منظم بغاوت
ڪئي. خليفي مهديءَ لشڪر موڪلي ليث جي مدد ڪئي.
165هه ۾ هيءَ بغاوت به ختم ٿي.
14. ان کان پوءِ خليفي هارون رشيد جو دور آيو. هن 170 هه ۾ سالم
يونسيءَ کي والي بنائي موڪليو(2).
هن چار سال حڪمراني ڪئي. هو اسماعيل بن عليءَ جو
آزاد ڪيل غلام هو.
15. ان کان پوءِ، 174 هه ۾، اسحاق بن سليمان بن علي هاشمي والي
ٿي آيو. هن انهيءَ ئي سال وفات ڪئي، جنهنڪري سندس
پٽ، يوسف بن اسحاق، سندس قائم مقام بنيو.
16. ان کان پوءِ خليفي هارون رشيد (170- 193 هه)، طيفوربن
عبدالله بن منصورحميريءَکي گورنرڪري موڪليو.
17. ملڪ ۾ وري قبائلي لڙائي شروع ٿي ويئي، انهيءَ ڪري ٿورن ئي
ڏينهن کان پوءِ جابر بن الاشعث طائي آيو.
18. جابر به ناڪام ويو، انهي ڪري سعيد بن مسلم بن قتيبه کي
مقرر ڪيو ويو، جنهن پنهنجي ڀاءُ ڪثير بن مسلم کي
پنهنجي پاران سنڌ جي حڪومت تي موڪليو. هن جي اچڻ
کان پوءِ بدامني اڃا به وڌي ويئي.
19. انهيءَ ڪري ٻئي گورنر، عيسيٰ بن جعفر بن منصور عباسيءَ کي
موڪليو ويو. هن وري محمد بن عدي ثعلبيءَ کي پنهنجي
پاران موڪليو، هن، سنڌ ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ، ملتان
جو رخ ڪيو. اُتي به ناڪام رهيو.
20. انهيءَ ڪري عبدالرحمان هتان جو والي بنائي موڪليو ويو. هو
به ناڪام ويو.
21. ان کان پوءِ ايوب بن جعفر بن سليمان کي والي مقرر ڪري
موڪليو ويو. هي به ڪامياب ٿي نه سگهيو.
22. اهي ناڪاميون ڏسي، هارون رشيد جي نظر آل مهلب تي پيئي. 184
هه (800ع) ۾ دائود بن يزيد بن حاتم مهلبيءَ کي
مقرر ڪيو ويو، جنهن پنهنجي ڀاءُ مغيره کي پنهنجي
پاران موڪليو. هن جي ڏينهن ۾ عربن جي قبائلي جنگ
سنڌ ۾ برپا هئي. مغيره، نزارين کي مطيع ڪرڻ ۾
ناڪام رهيو. واقعات جو اطلاع دائود ڏانهن
موڪليائين، جنهن پاڻ سنڌ ۾ اچي سختيءَ سان نزارين
جي طاقت جو خاتمو ڪيو. ويهن سالن تائين امن امان
سان حڪومت ڪندو رهيو.
23. 205 هه (820ع) ۾، دائود جي وفات کان پوءِ، سندس پٽ بشر کي
هتان جي حڪومت ڏني وئي، ۽ ڏهه لک درهم (اڍائي لک
رپيا) ساليانو خراچ مٿس مقرر ڪيو ويو. هو ڪجهه سال
حڪومت ڪندو رهيو، پر پوءِ خراج موڪلڻ بند ڪيائين
۽ اطاعات کان انحراف ڪيائين، انهيءِ ڪري مامون
(198 هه -218 هه)پهريائين سن 211 هه ( 826 ع) ۾
حاجب بن صالح کي موڪليو، جنهن کي بشر شڪست ڏني،
انهيءَ ڪري هن پوءِ 213 هه ( 827ع) ۾ غسان بن
عبدالله مهلبيءَ کي، ۽ ان جي ڀاءُ محمد بن عباد کي
سنڌ جي معاملات درست ڪرڻ لاءِ موڪليو. هنن اچي سنڌ
جو اقتدار پنهنجن هٿن ۾ ورتو. ان کان پوءِ، هتي جا
معاملات درست ڪري، هو بشر کي وٺي 216 هه (830ع) ۾
بغداد واپس هليا ويا.
24.ان کان پوءِ، مامون جي حڪم موجب، سنڌ جي حڪومت هارون رشيد جي
مشهور وزير خالد برمڪيءَ جي پوٽي، موسيٰ بن يحيٰ
برمڪيءَ جي حوالي ڪئي ويئي، هو حسن انتظام سان
خدمت ڪندو رهيو. 221 هه ( 835ع) ۾ وفات ڪيائين.
25. ان بعد سندس پٽ عمر بن موسيٰ کي هتي جي حڪومت ڏني ويئي
(1)
. ان وقت خليفو معتصم بالله( 218-227 هه) هو. هن
جاٽ ۽ ميد قوم جو خاتمو ڪيو. ڪن ٻين بغاوتن کي به
بند ڪري، ڪن نون شهرن تي به قبضو ڪيائين. سنڌ جي
مشهور شهر ’البيضاء‘ جي تعمير هن جي هٿان پوري
ٿي. سنڌ ۾ وري يمني ۽ نزاري قبيلن جو جهيڙو شروع
ٿيو، جنهنڪري عمر اوڏانهن ڌيان ڏنو. عمر بن
عبدالعزيز هاريءَ جو هرويان هوريان حجازين جو
سردار بنجي ويو هو، ۽ خاص طرح قريشين کي پنهنجي
چوڌاري گڏ ڪيو هئائين. عمر کي، 226هه (841ع) ۾ قتل
ڪري ڇڏيو.
|