مولائي، رحيمداد خان، شيدائي
بروهي
آئينہ ما روي ترا عڪس پذير ست،
گر تو نه نمائي گنہ از جانب ما نيست.
نالو.
’بروهي‘ نالو سنڌ ۾ رائج آهي؛ اصل لفظ ’براهوئي‘ آهي. اُن جي
معنيٰ نالي مان ظاهر آهي: ’با‘ ۽ ’روهي‘، يعني جبل
جا رهاڪو. جيڪي بروهي هيلمند نديءَ جي ڪپن تي رهن
ٿا، سي طبعي لحاظ ڪري پاڻ کي ’ناروهي‘، ميداني
سڏائين ٿا، يعني ’ميدان نشين‘
(1).
بروهي سنڌي آهن. سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ ’سنڌي‘ ڄاڻايل
آهن. اهڙي انڪشاف لاءِ اسان سنڌين وٽ سنڌ جي سدا
جيئري شاعر، ڀٽائيءَ جو رسالو سند آهي، جنهن کان
عارفانِ پاڪباز توڙي رندانِ خرافات انڪار ڪري ڪو
نه سگهندا. قدرت جي ڪرشمه سازين ۽ فياضين تي ٿورو
غور ڪريو: صبح جون نوراني گهڙيون، صبح خوان پکين
جون من موهيندڙ لاتيون، ناز ۽ نوڙت جي خلوتن جي
زمزمه سنجي، آفتات عالمتاب جي روشني، شفق جو
ارغواني لباس، تارن ڀري رات، بحرِ بازي گاهه تي
لهرن جو جوش، صحرا جا سراب انگيز ڏيک، چشمن ۽
آبشارن جي ترنم خيزي: مٿيون سموريون نعمتون
زندگيءَ جي هڪڙي ٿڪل مسافر کي نت نئين ڏينهن، نئين
زندگيءَ جو پيغام پهچائين ٿيون. قدرت جيڪو ’من و
سلويٰ‘ جو دستر خوان وسيع پيماني تي وڇايو آهي،
اهڙن لوازمن جي ڪري زندگي هر دم جوان آهي. حسن جي
مٿين تابناڪين کان علاوه، عشق جي انصاف گستريءَ جو
به ڪمال ڏسو، جو پِير ۽ جوان، ٻنهي کي متاثر ڪري
ٿو. ان باري ۾ مولانا حاليءَ جي به دانهن ٻڌ: چوي
ٿو، سڄي عمر پلاند کي سنڀاليندو رهيس، پر آخر
زندگيءَ جي پوئينءَ منزل تي ناز خراميءَ نهوڙي
ڇڏيو.
ملاحظه فرمايو:
اِڪ دسترس سي تيري باقي بچا ٿا’حالي،‘
اسڪو ڀي توني آخر چرڪا لگا ڪي ڇوڙا!
انهيءَ طرح، قومن جي زندگيءَ جو مدار سندن قومي زبان ۽ ادب جي
سلامتيءَ تي آهي. قومي ادب هر ڏکئي مسئلي کي حل
ڪري، رهنمائي ڪري ٿو. اسان جي سنڌي ادب کي سنڌ جي
حڪيم، شاهه ڀٽائي رحه، ’جامِ جام‘ بڻائي ڇڏيو آهي،
جنهن ۾ اسين ’سنڌي ملت‘ جي قومن کي سڃاڻي ۽ سمجهي
سگهون ٿا. مغرب جي شاطرن جيڪڏهن غلاميءَ ، قيد ۽
بند جي عرصي ۾ اسان جي بدن جي عضون کي شاطرانه
شعبده بازين سان وڍي، ٽڪر ٽڪر ڪري ڦٽو ڪيو ته فڪر
ڪونهي؛ اڄ ضرورت آهي ته ملت جي منتشر پرزن کي گڏ
ڪيو وڃي. اسين ڪامياب تڏهن ٿينداسون، جڏهن غلامانه
ذهنيت کي آزاديءَ جي وضوءَ سان ڌوئي پاڪ ڪنداسون.
ذهنيت جي پاڪائيءَ سان، فرنگين جو ايجاد ڪيل دامِ
تَزوير پاڻمرادو ٽُٽي پوندو، ۽ اسين پنهنجين غلطين
کي محسوس ڪري سگهنداسون. انگريزن ٻروچ ٽالپر
حڪمرانن خلاف هيءَ تحريڪ شروع ڪئي ته ٽالپرن جي
قوم غير سنڌي ۽ ڌاري قوم آهي، جا سنڌين تي ظلم ڪري
رهي آهي، ۽ بروهين خلاف سنڌين کي برغلائڻ لاءِ
هُلايائون ته بروهي به غير سنڌي، ’خراساني‘ آهن.
اهڙيءَ پروپئگنڊا ذريعي هو قلات ۽سنڌ تي قبضي ڪرڻ
۾ ڪامياب ٿيا - حالانڪه بلوچستان ۽ خراسان ٻيءَ
اقليمِ سنڌ جا صوبا آهن(1).
اڄڪلهه ڪي اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي بروهين
کي ’خراساني‘ سڏين ٿا، مزو ته اهو آهي ته ڪي بروهي
به پنهنجو وطن خراسان ڄاڻائين ٿا. اهڙن ڍنگن سان
فرنگي سنڌي ملت کي منتشر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. شاهه
سائينءَ بروهين جي مرڪز ۽ تختگاهه شهر ’قلات‘ کي
ڏاڍيءَ سڪ ۽ اڪير سان ياد فرمايو آهي. قلات وچ-
ايشيا ڏانهن ويندڙ شاهراهن کي ڳنڍيندڙ، ايشيا جو
مکيه قافله سراءِ هو. اڄ ريلن جي اچ وڃ ڪري سندس
اڳوڻي تجارتي اهميت گهٽجي ويئي آهي. فرمائي ٿو:
”پسيو آسمڻ اُن جا، ٻانهن وجهان واتَ،
هوجي ڪهيا ڏانهن قلاتَ، آءٌ نه جيندي ان ري.“(2)
بيان ڪيل بيت ويدانت مت جي زباني چيل آهي، ڇالاءِ ته قديم سنڌ ۾
هنگلاج کان پوءِ ٻيو وڏو ڪاليءَ جو مندر قلات ۾ اڄ
تائين موجود آهي، پورب جا ساڌو جنهن جي ياترا ڪرڻ
ويندا هئا. اسان جي جاگرافيدان شاعر، سُر سارنگ ۾،
پنهنجي وطن سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ جيڪو ايشيا،
يورپ ۽ آفريڪا جو نقشو دعا گهرندي پيش ڪيو آهي، ان
دعا واري نقشي ۾ قلات سنڌ جي دائري اندر ڏيکاري
ٿو.ملاحظه فرمايو:
”ڪي رمي وييون روم تي، ڪي ڪابل، ڪي قنڌار،
سانيمَ سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“(1)
شاهه سائينءَ کان علاوه، ٻين سنڌي شاعرن به قلات کي چاهه ۽ چوڄ
سان ياد فرمايو آهي:
”اُتران ٿي آئيو، تنهن ڪڪر لاٿم ڪَسُ،
وٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪيو جُوداني جَسُ،
’ڪيسر‘ چئي قلات ۾، رات تنهين کي رَسُ،
نيڻ ٽمندا پَسُ، وَسُ ته ورنِ سپرين.“(2)
ڪهڙا سپرين، ۽ اهي ڪير آهن، تنهن لاءِ هڪڙو ئي جواب آهي: يعني
’بروهي‘ - سراواني ۽ جهالاواني، جيڪي سانوڻ خراسان
۾ گذاري، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ’بولان‘ ۽ ’مولا‘ درن
کان سنڌ ۾ سيارو گذارڻ اچن ٿا، ۽ مارچ ڌاري لڏن
سميت قيقانا ۽ ڪوهيار ڏانهن موٽي وڃن ٿا-- ۽ اهڙي
لڏ پلاڻ اڄ سوڌي جاري آهي. جن جتن سسئيءَ کان پنهل
کي ڌار ڪيو هو، تن آريچن سان بُرفت ۽ بروهي به ساڻ
هئا. ملاحظه فرمايو:
”جبل جيڏوئي، جو آڏو آريچن کي،
وٺي وَرُ واٽ ٿيا، برفت بروهي،
رُڃن ۾ روئي، پسان شال پنهونءَ کي.“(1)
اڄ مهراڻ جي جنهن حصي کي سنڌ چون ٿا، اهو مهراڻ جو ڏاکڻو حصو
آهي؛ مگر جن ڏينهن ۾ سنڌ اقليم هئي، ان زماني جي
حدن ڏانهن غور ڪبو ته بروهي سنڌ جي حدن اندر نظر
ايندا. اهڙِي ثبوت لاءِ ’چچنامو‘ ۽ ’تاريخ معصومي‘
ڪافي آهن. ’چچنامو‘ حدون ڄاڻائي ٿو:
”حدود ممالڪ و مسالڪ او بجانب شرقي تا حد ڪشمير، و از حد غربي
تا حد مڪران (مڪران جو ڪنارو)، و از جنوبي تالب
درياي محيط ديبل (عربي سمنڊ)، شمالي تا ڪوه ڪردان
و از ڪيڪانان.“
(2)
|