عثمان علي انصاري
ململ جو چولو
”مون اها شادي پنهنجي پسنديءَ تي ته ڪانه
ڪئي هئي!“ انور پنهنجي شرمساري لڪائيندي منهن هيٺ
ڪري چيو. جنهن تي سندس ٻين دوستن جي ترجماني ڪندي
قاضيءَ چيو، ”بهتر ٿئي ها جو هن پوئينءَ بيمروتيءَ
کان شروعات ۾ شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏين ها. آخر
قبوليت ته تو کان ورتي هوندائون: انهيءَ وقت ڇو
ڪين ٿي چيئه ته هيءَ ڇوڪري منهنجي پسنديءَ جي نه
آهي، تنهنڪري آءٌ قبول نٿو ڪريان؟ ڪين انهيءَ
زماني ۾ ڇاڪاڻ ته پاڻ فقط پندرهن رپين ڪمائڻ وارو
هڪ ناڪارو شخص هئين، تنهنڪري زبيده سان شادي ڪندي
تو پاڻ کي ڪس نٿي سمجهي، ۽ هينئر جڏهن وڏا امتحان
ڏيئي آفيسري هٿ ڪئي اٿيئي ته سمجهين ٿو ته زبيده
تنهنجي شان وٽان نه آهي!“
”اوهين کڻي ڇا به سمجهو،“ انور بيزاري ڏيکاريندي چيو ” پر سچ پچ
ته زبيده مون کي پهرئين ڏينهن کان پسند ڪين آئي
هئي. قاضي صاحب کي ته ياد هوندو ته شاديءَ جي رات
گذاري صبح جو آءُ سندس جاءِ تي اچي ڪيترو وقت ويٺي
رنس. رهيو سوال انڪار ڪرڻ جو، سو آءٌ قبولدار
آهيان ته والد صاحب کي انڪار ڪرڻ جي همت به مون کي
ڪا نه هئي، ۽ جي هجي به ها ته به جيڪر اهڙو ناخلف
ڪين ٿيان ها جو والدين جي ڏنل لفظ کي هيٺ ڪري
پنهنجي منايان ها.“
اتي قاضي صاحب جوش ۾ اچي اٿي بيٺو ۽ چيائين، ”قربانيءَ جا سڌڙيا
ته سڀ آهن، پر ڪري نباهڻ به ڪن جو ڪم آهي! انور
دوست، انهيءَ وقت ته پيءُ-ماءُ جو ڪنڌ هيٺ ڪرڻ تو
نٿي گهريو، پر هينئر پنهنجيءَ زال کي گهر مان
نيڪالي ڏيئي، سندس پيءَ جي گهر ويهاري ته شايد ستن
پيڙهين کي به داغ ڏيڻ کان نٿو گسين!“
”منهنجين ستن پيڙهين تي داغ اچڻ جي ڪري ڪنهن ٻئي جي پڳ ته ڪانه
لهي پوندي؟ هر ڪو پاڻ کي ڏسي.“ انور ائين چوندو،
محفل مان اٿيو هليو ويو.
(2)
زبيده کي نو ورهيه پنهنجي پيءُ جي گهر ويٺي ٿيا آهن. انهيءَ وچ
۾ جيتر سندس سهرو جيئرو هو، تيتر ڏهه رپيا درماهه
کيس خرچ لاءِ موڪليندو رهيو؛ سندس مرڻ کان پوءِ
اهو وظيفو هميشه لاءِ بند ٿي ويو. جيڏيون سرتيون
هن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسنديون هيون. شادي
مراديءَ ۾ سندس وڃڻ بند هو. پڻس جي مري وڃڻ ته
ويتر سندس حالت خراب ڪري ڇڏي. هڪ پرڻيل زال ڀائرن
جي در تي آخر ڪيستائين رهي سگهندي؟ ڌارين جا طعنا
مهاڻ سهي وڃڻ ته شايد زبيده جهڙيءَ شريف صابره
لاءِ ڪا مشڪل ڳالهه ڪانه هئي، البت ڀاڄاين جا
تُنڪا ۽ سهما سهي نه سگهي. لاچاري انسان کان ڇا
ڪين ڪرائيندي آهي؟ تنگ ٿي، زبيده به پنهنجي پورهئي
ڪرڻ جو ارادو ڪيو. انهيءَ وچ ۾ پنهنجي مڙس ڏانهن
به بي حساب نياپا موڪليائين ته ڌڻيءَ لڳ مون کي
پاڻ وٽ رکو، آءٌ اوهان جي گهر پورهيت ٿي رهنديس.
پر هيڏانهن انور ٻي شادي ڪئي هئي، ٻه ٻار به ڄايا
هئس، تنهن سندس نياپن جو جواب فقط خاموشيءَ جي
نفرت سان ڏنو. جيڪڏهن ڪنهن چڱي مڙس روبرو به اچي
ٿي چيس ته انهيءَ کي به ڇڙو هيءُ جواب ٿي مليو ته
’هينئر کيس گهرائي آءٌ پنهنجي لاءِ جيئري دوزخ
پيدا ڪرڻ نٿو چاهيان‘؛پئسن موڪلڻ جي سوال تي چوندو
هو ته ’مون کي پنهنجن ٻچن لاءِ به ته ڪجهه ڪرڻو
آهي يا نه!‘ مطلب ته انور هڪ يا ٻيو بهانو ڏيئي
سڀني کي ٽاريندو هو.
زبيده سبڻ پوئڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو، جنهن مان سندس گذر تمام
مسڪينيءَ نموني ۾ ٿيندو ٿي آيو. پر آخر سندس صبر
به ڏيوالو ڪڍيو، ۽ هن جي تندرستي خراب ٿيڻ لڳي.
پهرين ته معمولي بخار سمجهي خيال نه ڪيائين، پر
جڏهين ڏٺائين ته هر روز بخار ٿو ٿئي ته تشويش پيدا
ٿيس؛ تنهن هوندي به پنهنجي ناداريءَ جي حالت ڪري
علاج ڪين ڪرائي سگهي. مهيني کن جي اندر اهڙو حال
ٿي ويس جو بستري تان اٿي به مشڪل ٿي سگهي. هڪ
ڏينهن پنهنجي پورهئي مان بچايل پئسن مان ٽي وال
تمام عمديءَ ململ جا گهرائي هڪ چولو تيار ڪيائين،
گهڻي دير ويهي به ڪين ٿي سگهي، تنهنڪري بستري تي
سمهي، سيني تي ڪپڙو رکي، انهيءَ چولي جي ڳچيءَ تي
رشم جا گل ۽ وليون ڀريائين. جڏهن چولو بلڪل تيار
ٿي ويو، تڏهن هڪ پارسل ۾ انهيءَ کي بند ڪري پنهنجي
مرس ڏانهن موڪليائين، ساڳئي ڏينهن کيس هيٺيون خط
به موڪليائين:
’منهنجا سرتاج، خدمت ۾ پويون دفعو حاضر ٿيڻ جي معافيءَ بعد، عرض
آهي ته اڄ هڪ چولو پنهنجن بيمار هٿن سان سبي تيار
ڪري اوهان ڏانهن موڪليو اٿم. مون کي سلهه جو عارضو
لڳو آهي، جنهن مان ڇٽڻ جي اميد بلڪل ڪانه آهي.
منهنجي ڪمائيءَ مان ڪفن- دفن جي خرچن کان پوءِ
جيڪي ڪجهه بچيو ٿي، تنهن جا وارث ڇاڪاڻ ته اوهين
آهيو، تنهنڪري اُهي پئسا هن چولي تي خرچ ڪري اوهان
ڏانهن موڪليان ٿي. منهنجي آخرين التجا هيءَ آهي ته
مهرباني ڪري اهو چولو اوهين پاڻ پائجو، ڇو ته جي
اوهين پائيندا ته منهنجي روح کي راحت ايندي. مان
سمجهان ٿي ته هن خط پهچڻ کان اول منهنجو خاتمو ٿي
ويو هوندو. مون اوهان کي سڀڪجهه بخشيو، اميد ته
اوهين به مون کي چيو آکيو بخشيندا- اوهان جي ڪنيز،
زبيده.‘
خط ملڻ جي ڏينهن انور کي چولي وارو پارسل به مليو. پر هيڏانهن
خط ۽ پارسل آيا، هوڏانهن سندس زال اچي فساد مچايو.
ٻارن تي بيگناهه پادر وسي ويا. روڄ شروع ٿي ويو.
ڪنهن جي ماني، ڪنهن جي ٽِڪي- واويلا مچي ويئي.
انور کي ڪهڙا خيال دل ۾ ٿي آيا، تنهن بابت ڪجهه به
چئي نٿو سگهجي، ڇو ته پاڻ خاموش ويٺو هو؛ البت
ٻارن جي مار کائڻ تي ايترو چيائين ٿي ته ” هنن
معصومن جو ڪهڙو ڏوهه؟“ سندس زال جڏهن ڏٺو ته منهجي
ڪروڌ جو خاطريءَ جهڙو نتيجو نه نڪتو ته زور زور
سان روئي چوڻ لڳي ته ”پاڻ ته سلهه جو شڪار آهي،
هاڻي منهنجي مڙس ۽ ٻارن کي به سلهه ڏيڻ ٿي گهري،
تنهنڪري ته هي چولو سبي موڪليو اٿس! هاڻي يا ته
گهر ۾ آءٌ رهنديس يا هي چولو.“ اتي انور چيو، ”آءٌ
باهه ڏيندو آهيان اهڙي چولي کي، جو منهنجي گهر ۾
ڦيٽو وجهائي!“ ائين چئي، اهو چولو، جو ڏاڍيءَ سڪ
۽ سچيءَ محبت سان هن ڏانهن موڪليو ويو هو، سو وڃي
چُلهه ۾ وڌائين. چولو هو سنهي ڪپڙي جو، سو هوا جي
ڪري باهه ۾ ڪين ڪريو ۽ چلهه جي ڀرسان وڃي پيو؛
انور پنهنجن پيرن سان انهيءَ کي سوري باهه ۾ساڙي
ڇڏيو. جڏهن چولو باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي ويو، تڏهن وڃي
سندس گهر ۾ ٺاپر ٿيو. انهيءَ ڏينهن شام جو کيس تار
پهتي ته زبيده مري ويئي.
(3)
زبيده کي مئي پنج ورهيه گذري ويا آهن. اپر سنڌ ۾ اونهاري جي
شروعات ڏاڍي زور سان ٿيندي آهي، ۽ جون جو مهينو
چڱو گرم ٿيندو آهي. هڪ ڏينهن انور شام جو پنهنجيءَ
آفيس کان موٽيو ته پيرن سڙڻ جي شڪايت ڪيائين. سندس
زال چيو ته ” شايد گرميءَ جي ڪري اوهان کي ائين ٿو
معلوم ٿئي، ٿڌي پاڻيءَ سان وهجندؤ ته بس“. حمام ۾
وڃي تڙ به ڪيائين، پر پيرن جي جلن وڌي ويئي، اڌ
رات ڌاري کيس اهڙي ته تڪليف ٿيڻ لڳي جو هڪ پل به
آرام نٿي آيس. انهيءَ وقت ماڻهو موڪلي ڊاڪٽر کي
گهرايو ويو. ڊاڪٽر صاحب آيو، چڱيءَ طرح پيرن کي
چڪاسيائين. حيران ٿي چوڻ لڳو ته ” مون کي ته
تنهنجن پيرن ۾ ڪا به خرابي نٿي ڏيکارجي. کَل به
اهڙي آهي، جهڙي هڪ تندرست انسان جي پيرن جي ٿيڻ
کپي. اندر خون جو دورو به پورو آهي، رڳون ۽نسون به
برابر پئيون ڪم ڪن. ايتريءَ تڪليف جي ڪري ڪم از ڪم
ٻاهران ٿوري گهڻي سوڄ يا ڳاڙهاڻ ته ضرور هئڻ کپي،
سا به ڪا نه آهي. آءٌ دوا ڪريان ته ڇا جي ڪريان؟“
انور جي حالت انهيءَ وقت اهڙي هئي جو ڏسڻ وارا
سندس بيچيني ڏسي نٿي سگهيا. سندس زال زار زار روئي
رهي هئي، ۽ ڊاڪٽر کي ليلائي ٿي چيائين ته ڪجهه ته
ڪريو. آخر ڊاڪٽر انور کان پڇيو ته ” ڪنهن خاص جاءِ
تي جلن ٿئي ٿي يا سارن پيرن ۾؟“ جنهن تي انور سور
جي شدت کان ڦوڪارا ڀريندي چيو ته ” پيرن جون تريون
ٿيون سڙن، ائين ٿو سمجهان ته باهه ۾ پير پيا آهن!
ڊاڪٽر صاحب، مهرباني ڪري منهنجا پير ڪپي ڪڍو! مون
کي پيرن ڪپجڻ جو ايذاءُ قبول آهي، هيءُ ساڙو نٿو
سهي سگهان.“
لاچار ٿي ڊاڪٽر کيس ٻه سيون هنيون، جن جي درد جي سبب يا اثر جي
ڪري انور چيو ته ”جلن گهٽ آهي.“ ڊاڪٽر صاحب ته
پنهنجي في وٺي ويندو رهيو، پر مريض ڪجهه وقت کان
پوءِ ڪراهڻ شروع ڪيو. صبح جو جڏهن ڊاڪٽر صاحب کي
وري گهرايو ويو ته چيائين ته ”مون کي مرض جي خبر
نٿي پوي، اوهين ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي گهرايو.“ ڊاڪٽر
جي اهڙي نااميديءَ جي جواب ملڻ کان پوءِ انور جي
زال پنهنجن ڏيرن سان صلاح ڪئي، جن چيس ته انور کي
ڪوئيٽا وٺي وڃو، ڇاڪاڻ ته اتي وڏا وڏا فوجي ڊاڪٽر
آهن، شايد انهن کي مرض سمجهه ۾ اچي وڃي.
(4)
ڪوئٽيا جي بابو محلي ۾ هڪ جاءِ جي باغ ۾ ڊاڪٽر ڪپتان نصير احمد،
چروٽ وات ۾ وجهيو، پسار ڪري رهيو هو. ائين ٿي
معلوم ٿيو، ڄڻ ڪنهن تمام مشڪل مسئلي تي غور ڪري
رهيو آهي. ڪنهن ڪنهن وقت منهن ڦيري باغ جي دروازي
ڏانهن ٿي نهاريائين، ڄڻ ته ڪنهن جو انتظار اٿس.
اٽڪل ڏهن منٽن کان پوءِ هڪ وڏي موٽر اچي باغ جي
دروازي وٽ بيٺي، جنهن مان ڊاڪٽر ولميسن لٿو. ڊاڪٽر
نصير احمد اڳتي وڌي وڃي ساڻس مليو، ۽ وٺي اچي کيس
هڪ ڪمري ۾ ويهاريائين. ميجر پڇيس ته ” هاڻي مريض
جي ڪهڙي حالت آهي؟“
”سندس حالت ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي،“ نصير احمد چروٽ جي رک ڇنڊي
چيو، ”ڏينهون ڏينهن سندس قوت وڃي ٿي هاربي. پهرين
منهنجو خيال هو ته کيس فقط دماغ جي خرابيءَ ڪري
اهو خيال اچي دل ۾ ويٺو آهي ته منهنجا پير ٿا جلن،
پر ڪالهه کان وٺي ڏسان ٿو ته ٻنهي پيرن تي سوڄ
شروع ٿي ويئي آهي.“ اڃا ڊاڪٽر نصير احمد پنهنجو
جملو پورو ڪيو ته هڪ نوڪرياڻي اندر آئي، جنهن اچي
چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب، اوهين هاڻي اندر اچي سگهو
ٿا.“
ٻئي ڊاڪٽر اندر زناني ۾ آيا. ورانڊي ۾ انور هڪ پلنگ تي ڪمبل
ڍڪيو سمهيو پيو هو، پر حالت اهڙي ٿي ويئي هيس جو
سڃاڻپ کان نڪري ويو هو. ٻنهي ڊاڪٽر اچڻ شرط سندس
پيرن جو معائنو ڪيو. نبض ڏٺائون، کاڌي وغيره جو
احوال پڇيائون، جو انور جي زال، جا سندس پلنگ جي
ڀرسان چادر ويڙهيو مغموم حالت ۾ ويٺي هئي، تنهن
ٻڌايو. ڊاڪٽرن جي اٿڻ مهل انور آهستي آهستي چيو ته
” ڊاڪٽر صاحب، منهنجيءَ زال کي ته مهرباني ڪري چئو
ته مون کي ڳوٺ وٺي هلي. منهنجي بچڻ جو هينئر آسرو
ڪونه رهيو آهي. ڪم از ڪم مٽي ته پنهنجن سان وڃي
گڏجي!“
چوڏهين آگسٽ تي انور کي ڳوٺ کڻائي آيا، جتي اوڻيهين تاريخ مري
ويو. چيو وڃي ٿو ته پنج ورهيه، اڳ، اوڻهين آگسٽ
تي، انور زبيده وارو موڪليل چولو پيرن سان باهه ۾
وڌو هو.
|