”منهنجن دوستن انڪار ڪيو، ۽ اهو سٺو نه آهي، جڏهن
هند جي ۽ هند جي تير جي مقابلي ۾ ان جي تعريف ڪئي
وڃي.
”پنهنجيءَ جان جو قسم، هيءَ اها سر زمين آهي جو هتي پاڻي وسندو
آهي، تڏهن کير جهڙا موتي ۽ ياقوت ان ۾ اڀرندا
آهن.- انهن لاءِ، جي آرائش کان خالي آهن.
”سندس خاص شين مشڪ، ڪافور، عنبر، عود، ۽ قسم قسم جون خوشبويون
آهن انهن لاءِ، جي ميرا آهن.
” ۽ قسم قسم جا عطر، گلاب، سنبل، هاٿيءَ جا ڏند، ساڳ جي ڪاٺي، ۽
خوشبودار صندل:
”۽ هتي پکين ۾ ڪلنگ، طوطو، مور ۽ ڪبوتر آهن، ۽ وڻن ۾ هتي ناريل،
انب، آبنوس ۽ ڪارن مرچن جا وڻ آهن:
” ۽ هٿيارن ۾ تلوارون آهن، جن کي ڪڏهن به ڪٽ نه چڙهندو آهي؛ ۽
اهڙا نيزا آهن، جو جڏهن اهي لرزش ۾ اچن ته سڄي فوج
جي فوج لُڏي وڃي:
”۽ هن ۾ توتيا، سڀ کان وڏي پهاڙ وانگر آهي؛ ۽ هتي شينهن، ببر،
چيتا، هاٿي، ۽ هاٿيءَ جا ٻچا آهن:
” ڇا، بيوقوف کان سواءِ ڪو ٻيو به هندستان ۽ ان جي خوبين جو
انڪار ڪري سگهي ٿو؟“
سندس سٺ صفحن جو هڪ ڪتاب ابن نديم (980ع) جي وقت تائين موجود
هو.(1)
5. ابوالعطا سنڌي. عربيءَ جو مشهور شاعر ابو عطا به نسلاً سنڌي
هو. پنهنجي پيءُ ’يسار‘ سان گڏ، سنڌ مان غلام ٿي
ويو. آخر عربي شاعريءَ ۾ ايڏو نالو ڪڍيائين، جو
غلاميءَ مان به آزاد ٿيو. عربي شاعريءَ ۾ وڏو ڪمال
حاصل ڪيائين. ابو تمام ” الحماسه“ ۾ سندس شعر کي
جاءِ ڏني آهي، جنهن ۾ هن خالص عربي شاعرن جو شعر
ڏنو آهي. بنو اميه جو مداح هو، جتان کيس وڏا انعام
اڪرام ملندا رهندا هئا. هڪ دفعي هڪ امير، سليمان
بن سالن، وٽان ’عطا‘ نالي هڪ غلام مليس، جو مٺي
آواز سان شعر پڙهندو هو؛ انهيءَ ڪري سندس نالو
’ابو عطا‘ پئجي ويو، نه ته سندس اصلي نالو ’الفح‘
هو. پڇاڙيءَ تائين سندس اُچار نه سڌريا، انهيءَ
ڪري عرب شاعر مٿس ٽوڪون ڪندا هئا، جنهن تي هي به
سڌيون ٻڌائيندو هون. هي عباسي خاندان جي شروعات
واري زماني تائين جيئرو هو. ڪيترن ئي عربي تذڪرن ۽
تاريخن ۾ سندس ذڪر آيو آهي، جن مان ”ڪتاب الاغاني“
(ج 6، ص 78) قابل ذڪر آهي.
6. منصور هندي.هي به هڪ سنڌي غلام هو، جنهن عرب دنيا ۾ نالو
ڪڍيو. عربيءَ جو چڱو شاعر هو. سندس شعر ۽ ادب تي
لکيل هڪ ڪتاب ابن نديم جي زماني ۾ به موجود هو.
7. اسحاق متوفي. هي به هڪ سنڌي عالم ۽ شاعر هو، جو 849ع ۾ عباسي
درٻار جو مشهور راڳي هو. سندس هڪ منشي سندي ابن
علي هو، جنهن راڳن جي باري ۾ ”ڪتاب الشرڪته“ نالي
ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ڏهه باب هئا. انهيءَ
منشيءَ،اسحاق جي مرڻ کان پوءِ، بغداد جي ’طاق
الزبل‘ پاڙي ۾ ڀاڄين جو دڪان کوليو، جنهن مان
پنهنجو قوت ڪندو رهيو.
سنڌ ۾ عربي شاعريءَ جي رواج جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو،
جو سنڌي ڪاريگر، پنهنجي عربي شاعريءَ مان فائدو
وٺي، سنڌ جي ٺهيل جتين تي، جي بغداد جون شوقين
عورتون نهايت پسند ڪنديون هيون(1)،
دلچسپ عربي شعر ڪنڍي دوز ڪندا هئا. هڪ سنڌي سليپر
تي هي اشعار لکيل هئا:
جَعۡلَت و خدي لہ ارضا،
فقال، ’لا‘؛ قلت، ’بليٰ، سيدي!
بناءِ پنهنجي ڳل کي فرش ان لاءِ
چيائين، ’نه‘؛ چيو مون، ’سائين ، ها ها،‘
فقلت،’طامن فوقها و ارضا‘؛
صبراً عليٰ الحب و ان مفيٰ
(1)
چيم، ’خوش ٿي قدم ر،ک، ڪر تون دلجاءِ‘؛
محبت جا نباهيو ڏينهن جي ويا.‘
سنڌ ۽ مرڪز جي انهيءَ تعلق کان سواءِ، عرب گورنر به ادبي ذوق کي
زور وٺايو.. انهن گورنرن جي معرفت ڪي مشهور عرب
شاعر- جهڙوڪ مطيع بن اياس ۽ الصمہ بن عبدالله تميم
بن عتبيءَ کي ڏني ويئي. عربيءَ جي مشهور شاعر ۽
اهلبيت جي حبدار، فرزدق، تميم جي نالي پنهنجو
مشهور قصيدو لکي ڏانهنس سنڌ ۾ موڪليو. جن ٿورن
سنڌي شاعرن جو احوال اسان کي مليو آهي، انهن جو
ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي؛ نه ته هونئن تعلقات ڏيکارين
ٿا ته ڪيترا ئي شاعر ٿيا هوندا، جن جو احوال اسان
تائين نه پهتو آهي.
سنڌي شاعري: نه فقط عربي شاعريءَ زور ورتو، پر ان سان گڏ سنڌي
شاعريءَ به زور ورتو. هڪ عالم جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو
آهي، جنهن هڪ راجا ڏانهن اسلامي تعليم سنڌي نظم ۾
منظوم ڪري موڪلي هئي. هڪ ٻئي سنڌي شاعر جو ذڪر ۽
سندس شعر عربي ڪتابن ۾ ملي ٿو. امام حافظ ابو حاتم
محمد بن حبان الشبي ( وفات 354هه) پنهنجي ڪتاب ”
روضته العقلا ونزهته الفضلا“ ۾ لکي ٿو:
”مون ابراهيم کان ٻڌو، جنهن کي ابن ابي القعطاع چيو ته مون سان
ابو هذيل ڳالهه ڪئي، ۽ چيائين ته آءٌ يحيٰ بن خالد
برمڪيءَ وٽ ويٺو هوس، ته هڪ هندي شخص، پنهنجي
مترجم سان گڏ، ڪچهريءَ ۾ آيو. مترجم يحيٰ کي چيو
ته هي شخص شاعر آهي، ۽ توهان جي مدح ڪئي اٿس. يحيٰ
چيو ته ڀلي ٻڌاءِ؛ انهيءَ تي هن شخص چيو:
’اَرَه اَصَرَه ڪڪرا، ڪي ڪِرَهِ مَندَره.‘
”يحيٰ مترجم کان پڇيو ته ’ڇا ٿو چوي؟‘چيائين ته چوي ٿو:
’اذالمڪارم في آفقنا ذڪرت،
فانّما بڪ فيها يضرب المثل.‘
(جڏهن اسان جي طرف چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو آهي، تڏهن
تنهنجو مثال ڏيندا آهن.)
” پوءِ يحيٰ ان کي هڪ هزار دينار انعام ڏيڻ لاءِ حڪم ڪيو.“(1)
مٿئين ڪتاب ۾ ان شاعر لاءِ ”رجل هندي“ آيو آهي، پر ”مجمل
التواريخ والقصص“ جي مصنف صاف طور ”سرزمين سنڌ جو
شاعر“ ڄاڻايو آهي. البت، پوئين مصنف جي قول موجب،
انهيءَ شاعر پنهنجو بيت يحيٰ جي پٽ فضل جي تعريف ۾
چيو. سندس بيان هن طرح آهي:
”سرزمين سنڌ جو هڪ شخص هن (افضل) جي آڏو آيو، ۽ پنهنجيءَ زبان ۾
هڪ بيت پڙهي ٻڌايائين:
’اره بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره.‘
” فضل چيو، ’ڇا ٿو چوي؟‘ ترجمان جواب ڏنو ته چوي ٿو:
’اذالمڪارم في آفاقنا ذڪرت،
فانّما بڪ فيها يضرب المثل.‘
”انهيءَ تي فضل خوش ٿيو، کيس هڪ هزار دينار، هڪ قيمتي وڳو، اُٺ
۽ ٻيون سوکڙيون ڏنائين؛ ترجمان کي 500 دينار
ڏنائين، ۽ چيائين ته ’اسان هن زبان ۾ اهڙو ڪونه
ڏٺو‘.“(1)
ٻارهين صديءَ جي جي هڪ مصنف، ابن نور الدين المڪي، 1133هه ڌاري،
پنهنجي ڪتاب ”نزهته الجليس“ ۾، اهو بيت حضرت بلال
ڏانهن منسوب ڪندي لکيو آهي ته حضرت بلال اهو بيت
حبشي ٻوليءَ ۾ نبي ڪريم جي تعريف ۾ چيو(2).
علامه دائود پوٽي صاحب پنهنجي تحقيقي مقالي (”سنڌي
قديم شاعري“:”نئين زندگي“، سيپٽمبر 1958ع) ۾ لکيو
آهي ته ” مون اهو شعر حضرت بلال جي روضي جي ڀت تي
لکيل ڏٺو.“ وڌيڪ لکيو اٿس ته ”چيو ويو آهي ته ان
جو عربي شعر ۾ مطلب حسان بن ثابت ادا ڪيو هو، پر
ديوان جي ڪنهن نسخي ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو.“ ان شعر تي
راءِ زني ڪندي، علامه مرحوم لکيو آهي ته ” ڪنهن به
حالت ۾ هي اوائلي سنڌي بيت ٿي نٿو سگهي.“ هوڏانهن
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو پڪو رايو آهي ته اهو سنڌي شعر
آهي، پر هينئر سندس صورت بگڙجي چڪي آهي. حقيقت ۾
علامه مرحوم جي راءِ صحيح آهي. جيڪڏهن سچ پچ سنڌي
شعر هجي ها، ته سندس صورت بگڙجڻ کان پوءِ به هڪ ٻه
اکر ضرور سمجهه ۾ اچي وڃن ها؛ هن مان ته ڪو هڪڙو
اکر به سنڌي سمجهي نٿو سگهجي. عربي ڪتابن ۾ جيڪي
سنڌي نالا آيا آهن، اهي بگڙڻ کان پوءِ به سنڌي
سمجهڻ ۾ اچن ٿا. جيئن ته ’ڀله‘، سنڌي ’ڀلو‘ هوندو؛
’ڌنه‘، سنڌي ’ڌنو‘ هوندو؛ ’منڪه‘، سنڌي ’ماڻڪ‘
هوندو؛ وغيره
(1).
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هي سنڌي شعر نه آهي. ان
کان سواءِ بلال جي روضي تي ان جو هجڻ به ابن نور
الدين جي لکڻيءَ جي تصديق ڪري ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب
کيس انهيءَ ڪري اهميت نٿو ڏئي جو هو پويون مصنف
آهي. پويون ٿيو ته ڇا ٿيو؟ هن به ڪا دليؤن ڳالهه
ڪانه گهڙي هوندي: هن جو به ڪو قديم ماخذ هوندو، جو
هينئر موجود نه آهي. حقيقت هيئن آهي ته امام حافظ
۽ ”مجمل التواريخ والقصص“ جي مصنف کي هيءَ روايت
صحيح ملي هوندي ته هڪ سنڌي شاعر شعر اچي پڙهيو؛ پر
کين صحيح شعر جي بدران بلال رضه وارو شعر مليو
هوندو. هڪ نه ٻئي راويءَ کان ڀل وچان سنڌي شعر
بگڙجي، ويو هوندو وسري، ۽ ان جي بدران حضرت بلال
رضه وارو غير عربي شعر کڻي سنڌي سمجهيو هوندائون.
سنڌي ۽ عربي نه ڄاڻن ڪري اها مٽا سٽا ٿيڻ ممڪن
آهي.
بهرحال، ايترو ضرور مڃبو ته هڪ سنڌي شاعر شعر پڙهيو هوندو. ان
کان سواءِ عربي حڪومت جي دور ۾ سنڌي شاعريءَ جو ڪو
به اهڃاڻ ڪونه ٿو ملي. ان جو اهو مطلب نه آهي ته
سنڌي شاعر ڪو نه هئا. سنڌي شاعر ضرور هوندا، پر
افسوس جو سندن احوال ڪنهن به تذڪري ۾ ڪونهي.
سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط. ان زماني ۾ خاص طبقي جي ٻولي عربي هئي،
پر سنڌي ٻولي عام توڙي خاص ڳالهائيندو هو. ابن
حوقل لکيو آهي: ”منصوره، ملتان ۽ انهن جي آسپاس
واري علائقي جي ٻولي عربي ۽ سنڌي آهي.“ ”مسالڪ و
الممالڪ“ جي صاحب به لکيو آهي ته ”منصوره، ملتان ۽
انهن جي پسگردائيءَ جي ٻولي عربي ۽ سنڌي آهي.“ نه
فقط ايترو، پر سنڌي ٻولي لکي پڙهي به ويندي هئي؛
سنڌيءَ ۾ ڪتاب ۽ شعر به لکيا ويندا هئا. خود عربي
عالم به سنڌي سکندا هئا، ۽ ان ۾ ڪتاب لکند اهئا ۽
شاعري ڪندا هئا. قرآن حڪيم جي ترجمي وارو واقعو ان
باري ۾ شاهد آهي، جو اڳ ۾ اچي چڪو آهي. ان مان
معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي زبان کي ڪيڏي نه اهميت هئي،
جو عربي عالم به سنڌي سکي ان ۾ تصنيف تاليف ۽ شعر
و شاعري ڪندا هئا. ان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته
سنڌي زبان وڏي ترقي ڪري چڪي هئي. باقي اهو معلوم
ڪونه ٿيو آهي ته ان وقت سنڌي زبان جي ڪهڙي صورت
هئي.
جيئن ته سنڌيءَ ۾ ڪتاب تصنيف ٿيندا هئا، تنهن مان ڀانئجي ٿو ته
سنڌيءَ جي پنهنجي صورتخطي هئي. پر عرب عالمن اهو
ڪونه ڄاڻايو آهي ته ان وقت سنڌيءَ جي ڪهڙي صورتخطي
هئي. البت محمود غزنويءَ جي زماني جي مشهور عالم
علامه ابو ريحان البيرونيءَ، جو 410 کان 420هه
تائين هندستان ۾ رهيو، لکيو آهي:
”حدود مالوه ۾ هڪ رسم الخط آهي، جنهن جو نالو ’ناگر‘ آهي. هيءُ
فقط صورت ۾ پهرئين خط کان مختلف آهي. ان کان پوءِ
هڪ ٻيو خط آهي، جنهن جو نالو ’اردناگري‘، يعني ’اڌ
ناگري‘ آهي؛ ڇاڪاڻ جو ان ۾ مذڪور ٻئي خط مخلوط
آهن. ڀاٽيه ۽ سنڌ جي ڪن شهرن ۾ اهو خط لکيو ويندو
آهي. ان کان پوءِ،مروج خطن ۾ هڪ خط ’ملقاري‘ آهي.
هي جنوبي سنڌ جي ساحلي علائقي، ملقشو جو خط آهي.
بهمنو، يعني منصوره جو خط ’سيندپ‘ آهي“(1)
سنڌي عالمن جو عرب دنيا سان واسطو. عرب حاڪمن، خاص طرح عباسي
خليفن، فراخدليءَ کان ڪم وٺي، سنڌ جي عالمن کي
پنهنجو بنائي، سنڌ ۽ هند جي علم کان عرب عالمن کي
وقف ڪيو، ۽ هند ۽ سنڌ جي علمي ڪتابن کي عربيءَ ۾
منتقل ڪرائڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڪم، برامڪي وزيرن جي
ڪوشش سان، خليفي هارون ۽ مامون جي ڏينهن ۾ عروج
حاصل ڪيو. ڪيترائي سنڌي طبيب، حسابدان، علم نحو جا
ماهر، وغيره بغداد پهتا؛ عرب عالمن کانئن گهڻو
ڪجهه پرايو ۽ سندن ڪتابن کي، سندن مدد سان، عربيءَ
۾ آندو. ڪيترائي سنڌي طبيب خليفي هارون رشيد جي
ڏينهن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ مقرر رهيا. ابن ڌنه نالي
هڪ سنڌي طبيب، برمڪن جي شفاخاني جو وڏو آفيسر هو.
هي به انهن مان هو، جي سنسڪرت مان عربيءَ ۾ ڪتابن
جي ترجمن تي مامور هئا. ابن نديم سندس ذڪر ڪيو
آهي.(1)
هڪ ٻئي سنڌي طبيب، صالح بن ڀله (ڀلو) جو ذڪر امتياز سان آيو
آهي. ابن ابي اصيبعه پنهنجي ”طبقات الاطباء“ ۾، ۽
قفطيءَ ” اخبار الحڪام“ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي، ۽
کيس هندستان جي انهن ماهر طبيبن ۾ داخل ڪيو آهي،
جي بغداد ۾ هئا. سندس فني مهارت جو هڪ عجيب واقعو
بيان ڪيو ويو آهي. هڪ دفعي هارون رشيد جو چاچو
ابراهيم بن صالح بيمار ٿي پيو. درٻار جي مشهور
يوناني عيسائي طبيب، جبرئيل بختشيوع، سندس موت جو
ٻڌايو. جعفر برمڪيءَ، ان کان پوءِ، هن هندستان ويد
کي پيش ڪيو ۽ سندس علاج جو مشورو ڏنو. ويد بيمار
جي صحتياب ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي. هارون رشيد چيو ته هي
علم غيب جي دعوا ٿو ڪري. هن جواب ڏنو ته ’علم غيب
اهو آهي، جو دليل کان سواءِ يقين سان چيو وڃي. مون
وٽ بيمار جو خوش ٿيڻ جا دليل آهن‘. هارون رشيد
مطمئن ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ قاصد اچي ابراهيم جي
وفات جي خبر ڏني. هارون ڏاڍو ڪاوڙيو. ابراهيم جي
گهر ويو. ابراهيم کي غسل ڏيئي، ڪفن به ڏنو ويو.
ابن ڀله چپ هو. آخر جرات کان ڪم وٺي چيائين، ’مان
هينئر به چوان ٿو ته هو مئو ڪونهي؛ مون کي فقط
اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.‘ لاش وٽ پهچي، سڄي هٿ
جي آڱوٺي ۾ سئي ٽنبيائينس؛ ان ۾ چرپر پيدا ٿي، جا
هارون رشيد کي گهرائي ڏيکايائين. تنهن کان پوءِ
کيس وري غسل ڏنائين؛ پوءِ سندس علاج ڪيائين، ۽ هو
خوش چڱو ڀلو ٿيو. ان کان پوءِ هو ڪيترو وقت جيئرو
هو. عباسه بنت مهديءَ سان سندس شادي ٿي؛ مصر ۽
فلسطين جي ولايت تي مامور رهيو، ۽ اتي وفات
ڪيائين. ان کان پوءِ، هارون رشيد هندستاني طبيبن
جو قدر ڪرڻ لڳو.(1)
اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي سنڌي طبيب ’منڪه‘ جو نالو به ملي ٿو. اهو
سنڌي نالو ’ماڻڪ‘ هوندو، جو اڄ به هندو رکن ٿا. هن
کي به بغداد گهرايو ويو هو. ابن ابي اصيبعه پنهنجي
” تاريخ الاطباء“ ۾لکيو آهي ته هي طب ۽ علاج ۾
تمام ماهر هو. هڪ دفعي هارون رشيد سخت بيمار ٿي
پيو. بغداد جا سڀيئي طبيب عاجز ٿي پيا، تڏهن هڪ
شخص انهيءَ طبيب جو ذڪر ڪيو. سفر خرچ موڪلي کيس
گهرايو ويو. سندس علاج سان خليفو خوش ٿيو. کيس
انعام اڪرام سان نوازيو ويو، ۽ سنسڪرت ڪتاب عربيءَ
۾ ترجمي ڪرڻ تي کيس رکيو ويو(1).
طب کان سواءِ، هو هڪ وڏو فلاسفر به هو. ابن نديم
به سندس ذڪر ڪيو آهي.
انهن کان سواءِ، حافظ (255هه) هيٺين پنڊتن ۽ ويدن جا نالا ورتا
آهن: ”بازيگر (بجي کر- ؟)، فلبرفل (ڪلپ راءِ
ڪل-؟)، ۽ سندباد“
(2).
ٻئي هڪ هنڌ هندستاني عالمن جا، جن جي طب ۽ نجوم جي ڪتابن جو
ترجمو ٿيو، هي نالا ڏنا ويا آهن: ”باکر، راجہ،
مڪہ، داهر (ڏاهر)، انڪو، زنڪل، اريڪل، جڀر، اندي،
جباري“(3).
تنهن کان سواءِ سنڌ مان ٻيا به ڪيترا نجموي ۽ هيئتدان بغاد ويا،
۽ نجوم، هيئت، حساب، نانگن جي علم، زهرن جي علم،
سياست، جنگ، راڄنيت، ڪيميا، منطق، معنيٰ، بيان،
منتر، ڪرتب، جادو، قصن ڪهاڻين ۽ اخلاق وغيره جا
سنسڪرت ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايائون. هيئت جي
ڪتابن مان ” برهم سپت سڌانت“ تمام مقبول ويو، جنهن
جون ڪيتري وقت تائين عرب هيئتدان شرحون ڪندا رهيا.
خود بيرونيءَ( محمود غزنويءَ جو زمانو) به ان
ڪتاب کي ساراهيو آهي.
نه فقط ايترو، پر مسلمان عالم سنڌ جي علم ۽ فن جي سنڌوءَ مان
سيراب ٿيڻ لاءِ ڪهي سنڌ ۾ آيا، ۽ ڪامياب ٿي پوئتي
موٽيا. انهن مان پهريون شخص محمد بن اسماعيل تنوخي
آهي. سندس زمانو اٽڪل ٽين صدي هجري ( نائين صدي
عيسوي) آهي. هي نجوم ۽ هيئت جو مشهور عالم هو.
هتان هو پنهنجي فن متعلق تمام نادر معلومات کڻي
موٽي ويو. افسوس جو سندس وڌيڪ احوال نٿو ملي.
جيڪڏهن اسپين جو مؤرخ قاضي صاعد اندلسي سندس ذڪر
نه ڪري ها، ته سندس نالو به معلوم ٿي نه سگهي ها(1).
بغداد جو مشهور حڪيم، حڪم بن ابراهيم بن فرزارون به مخلن بن
عبدالمهبليءَ سان گڏ سنڌ ۾ آيو. ڪيترو وقت منصوره
۾ هو. سندس بابت ” تاريخ الحڪماء“ ۾ آيو آهي:
”پنهنجي دور جو مشهور طبيب هو. فزارون جي اولاد مان هو. غسان بن
عبان سان گڏ سنڌ ۾ آيو. ڪجهه عرصي تائين هتي رهي
پوءِ واپس ويو. جيستائين سنڌ ۾ هو، مور جو گوشت
کائيندو هو.“
(1)
مٿيون احوال ” تاريخ الحڪامء“ جي اردو ترجمي ۾ ڏنل آهي؛ مصري
ڇاپي ۾ هن طرح آيو آهي:
”غسان بن عباد سان گڏ، مشهور طبيب ابراهيم بن فزارون به سنڌ ويو
هو. ان جو بيان آهي ته جڏهن غسان سنڌ ۾ آيو هو ته
مور جو گوشت کاڌائين، جو کيس ڏاڍو پسند آيو. پوءِ
ته جيترو وقت اتي رهيو پيو هو، هميشه مور جو گوشت
کائيندو هو. چوندو هو ته خدا شاهد آهي ته سڄي
حياتي مون اهڙو لذيذ گوشت نه کاڌو“.(2)
غسان بن عباد مهلبي 213هه ۾ سنڌ ۾ آيو، ۽ 216 هه ۾ موٽي بغداد
ويو- جيئن اڳ ۾ اچي چڪو آهي. ٻيا به اهڙا علم جا
پياسا آيا هوندا، پر افسوس جو اسان کي انهن جا
نالا نٿا ملن. فقط، عرب حڪومت جي زوال کان پوءِ،
سنڌ ۽ هند ۾ آيل هڪ عالم جو احوال ملي ٿو: اهو
آهي، هر فن جو جديد عالم، ابو ريحان بيروني، جو
محمود غزنويءَ واري وقت ۾ هتي آيو.
مذڪوره علم ۽ فن جي ڪتابن کان سواءِ، دنيا جون ٻه مشهور سنجيده
رانديون، شطرنج ۽ چؤسر (چوپڙ)، به عرب دنيا ۾ هتان
ويون، جتان پوءِ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي وئيون. عرب
مصنفن مان سڀ کان بهتر هن مضمون تي يعقوبيءَ لکيو
آهي. لکيو اٿس ته ’هي محض رانديون نه آهن، پر حساب
۽ هيئت جي نازڪ مسئلن تي انهن جو بنياد آهي.‘ ان
کان پوءِ انهن جي شرح به ڪئي اٿس. هنن راندين ۾
فلسفو به آهي: ’انسان بيوس آهي‘ واري نظريي تي
چوپڙ راندي ٺهيل آهي؛ ۽ ’انسان فعل مختيار آهي‘
واري نظريي تي شطرنج جو مدار آهي. شطرنج ۾ حساب جي
وري اها کيڏ رکيل آهي جو پهرئين خاني ۾ جيڪڏهن ڪڻڪ
جو هڪ داڻو رکيو وڃي ۽ هر ٻئي خاني ۾ پهرئين خاني
جي ٻيڻ رکي وڃي، ته حساب ڪرڻ کان ٻاهر ٿي ويندو!
شطرنج جي بانيءَ راجا کان اهو انعام گهريو هو، جو
راجا ان وقت معمولي سمجهي ڏيڻو ڪيو؛ پر پوءِ حساب
کان پوءِ ايڏي رقم ٿي ويئي جا راجا جي وس کان ٻاهر
هئي. يعقوبيءَ ۽ مسعوديءَ ان جو پورو حساب لڳائي
ٻڌايو آهي.(1).
مولانا سيد سلمان ندويءَ جي تحقيق موجب، شطرنج جو
هندستاني نالو ”چترنگ“ هو.
ان کانسواءِ سنڌ مان ڪپڙي جا واپاري، پيلبان، صراف، سڪي ساز ۽
بورچي به بغداد، بصري ۽ ڪوفي ويا. سنڌ جي بورچين
ئي شايد بغداد ۾ سنڌي پلاءَ جا ٻه قسم - ”ليمويہ“
(ليمائي) ۽ ”مهلبيہ“ (سنڌ جي مهلبي گورنرن جي نالي
پٺيان)، جنهن کي ” بهطہ“ به سڏيندا هئا، رائج ڪيا
(2).
سنڌ جي موچين جا ٺهيل موزا ۽ سليپر بغداد جون
شوقين زالون نهايت پسند ڪنديون هيون. سنڌ جا اهي
ڪاريگر، پنهنجي عربيدانيءَ جو فائدو وٺي، انهن
سليپرن تي عربي شعر ڪنڍي دوز ڪندا هئا - اهڙو هڪ
شعر اڳ ۾ ڏنو ويو آهي.
|