علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون
ڊاڪٽر ائنيمري شميل، سنڌ ۾
اولهه جرمنيءَ جي ماربرگ يونيورسٽيءَ جي خاتون پروفيسر، ڊاڪٽر
ائنيمري شميل (Annemarie
Schimmel)، گذريل مارچ 1961ع ۾ هتي پاڪستان ۽ سنڌ جو دورو ڪرڻ آئي، جنهن
جو سنڌ جي مختلف علمي ادبي انجمنن طرفان سرگرم خير
مقدم ڪيو ويو.
ڊاڪٽر شميل جرمنيءَ جي مشهور اديب ۽ عالم عورت آهي، جا دنيا جون
سترهن مکيه زبانون ڄاڻي. ٽن مهينن جي تمام مختصر
اڀياس سان، هن سنڌي زبان ۾ پڻ ايتري مهارت حاصل
ڪري ورتي آهي جو ان ۾ چڱيءَ طرح لکي ۽ پڙهي سگهي
ٿي. اوڻيهين سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ پاڻ ڊاڪٽريٽ جي
اعليٰ ڊگري حاصل ڪيائين. ترڪيءَ جي انقره
يونيورسٽيءَ ۾ پنجن سالن تائين مذهبيات جي شعبي جي
پروفيسر رهي چڪي آهي، ۽ ترڪي ادب ۽ زبان جو ڳوڙهو
مطالعو ڪيو اٿس. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي چونڊ
ڪلام جو جرمني زبان ۾ منظوم ترجمو ڪيو اٿس، ۽ سندن
حياب بخش پيغام ۽ صوفيانه لاڙن تي عمدا مضمون لکيا
اٿس، جي جرمنيءَ جي مشهور ادبي رسالن ۾ شايع ٿيا
آهن. پاڻ ڪيترن مشهور ڪتابن جي مصنف پڻ آهي.
ڊاڪٽر موصوفه پنهنجي دوري جو وڏو حصو ڪراچيءَ ۾ ۽ سنڌ جي ٻين
مختلف شهرن ۾ گذاريو. انهيءَ عرصي ۾ هن سنڌ جي
آثار قديمه، ۽ اسڪولن ۽ لئبررين جو معائنو ڪيو، ۽
ڪيترين ئي علمي ادبي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي، جي سندس
آجيان لاءِ منعقد ڪيون وييون. ڪن اهم تقريبن جو
احوال هيٺ پيش ڪجي ٿو.
ڊاڪٽر ٽرمپ جو سالگرهه.
13- مارچ 1961ع، سومر ڏينهن، جناب سيد حسام الدين راشدي ۽ جناب
آغا بدر الدين درانيءَ سان گڏجي، ڊاڪٽر شميل صاحبه
ڳڙهي ياسين جي هاءِ اسڪول ۾ انهيءَ ڏينهن تي ڊاڪٽر
ٽرمپ مرحوم جي يوم ولادت ملهائڻ لاءِ منعقد ڪيل
مجلس ۾ شرڪت ڪئي. اسڪول جي اسڪائوٽ ٽيم کيس
مرحبائي سلامي ڏني، ۽ سڀني استادن، شاگردن ۽ شهرين
سندس پرجوش استقبال ڪيو. راشدي صاحب پهرين سندس
تعارف ڪرايو، ۽ ان بعد موصوفه ڊاڪٽر ٽرمپ جي
سوانحي حالات ۽ سندس سنڌي، پنجابي ۽ پشتو زبانن
لاءِ ڪيل بنيادي خدمتن جو وستار سليس انگريزيءَ ۾
ڪيو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو جناب سيد شاهه محمد
صاحب، هيڊ ماستر، شاگردن کي ڪري ٻڌايو. ڊاڪٽر
ٽرمپ، شاهه جي رسالي جو پهريون مرتب هو، جنهن سنڌي
زبان جي گرامر ۽ رسم الخط جوڙڻ ۾ عظيم اوائلي
ڪارناما انجام ڏنا، ۽ ڊاڪٽر شميل سندس علمي ادبي
ڪارنامن جو خصوصيت سان مطالعو ڪيو آهي. ساڳئي
ڏينهن شام جو جناب آغا بدر الدين درانيءَ جي زرعي
فارم تي پڻ ٽرمپ صاحب جو سالگرهه ملهايو ويو.،
جنهن ۾ به شميل صاحبه شرڪت ڪئي.
”بزم حڪيم“ پاران چانهه پارٽي.
26- مارچ 61ع ۾ آچر ڏينهن ،شام جي پنجين بجي، حڪيم محمد احسن
صاحب عباسيءَ جي جاءِ تي، ڪراچيءَ جي ” بزم
حڪيم“ طرفان پروفيسر شميل کي چانهه جي هڪ
پُرتڪلف دعوت ڏني ويئي، جنهن ۾ هن سنڌي ادب ۽
زبان بابت پنهنجا تاثرات بيان ڪيا. شاهه ڀٽائي،
سچل سرمست، آنجهاني لالچند جڳتياڻي، مرحوم مرزا
قليچ بيگ، آنجهاني ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند، مرحوم
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ، ۽ ٻين سنڌي عالمن ۽
اديبن جي حوالن سان، پروفيسر صاحبه اٽڪل مُني ڪلاڪ
تائين سنڌي زبان جي وسعت ۽ معيار متعلق پنهنجي
عالمانه تقرير ڪئي. ڊاڪٽر شميل آخر ۾ پنهنجو رايو
ڏنو ته سنڌي زبان دنيا جي بهترين زبانن مان هڪ
آهي، ۽ سنڌي قوم پنهنجن اديبن، شاعرن ۽ عالمن تي
گهڻو فخر ڪري سگهي ٿي. دعوت جي انهيءَ موقعي تي
شهر جون ڪيتريون ئي معزز شخصيتون پڻ موجود هيون،
جن مان مولانا احتشام الحق ٿانوي، مير غلام علي
خان ٽالپر، مسٽر محمد اسماعيل نون (ڊپٽي ڪمشنر،
ٺٽو)، جرمن سفير ۽ سندس بيگم، ۽ ’اقبال اڪيڊميءَ‘
۽ ’پاڪ-جرمن فورم‘ جا اراڪين قابل ذڪر آهن. مجلس
جي صدارت پاڪستان جي منصوبه بندي ڪميشن جي
چيئرمن، مسٽر ممتاز حسن ڪئي، جو ’اقبال اڪيڊمي‘ جو
پڻ چيئرمن آهي، ۽ اردوءَ جو وڏو اديب ۽ نقاد آهي.
چانهه واپرائڻ بعد موسيقيءَ جي محفل مچائي ويئي، جنهن ۾ سنڌي
راڳ ۽ ساز پيش ڪيو ويو. رات جو گهڻيءَ دير تائين
شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جو ڪلام پيش ٿيندو رهيو، ۽
آخر ۾ ’بزم حڪيم‘ جي سيڪريٽريءَ پاران سڀني جي
شڪريه ادائيءَ سان مجلس برخواست ٿي.
”سنڌي ادبي سنگت“ پاران ائٽ هوم.
سومر 27-مارچ 61ع تي، شام جي ڇهين بجي، ڪو-آپريٽو انسٽيٽيوٽ هال
۾، حيدرآباد جي ”سنڌي ادبي سنگت“ طرفان ڊاڪٽر شميل
کي هڪ شانائتو ائٽ هوم ڏنو ويو، جنهن ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ ۽ مقامي ڪاليجن جي پروفيسرن ۽ شاگردن،
ريڊيو پاڪستان جي ڪارڪنن، صحافين، ۽ شهر جي
تقريباً سڀني قابل ذڪر اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.
پنهنجي عورت- مهمان جي آجيان ۾، ڪافي تعداد ۾،
پروفيسر ۽ شاگرد ۽ اديب عورتون پڻ اچي شامل ٿيون.
سڀ کان پهرين جناب ميران محمد شاهه مختصر لفظن ۾ ڊاڪٽر شميل ۽
’سنڌي ادبي سنگت‘ جو تعارف ڪرايو، جنهن بعد
سوال-جواب جي ڪچهري شروع ٿي. ڊاڪٽر شميل کان جرمن،
ترڪي ۽ ٻين مغربي زبانن جي علم ادب بابت عام
واقفيت جا سوال پڇيا ويا، ۽ سنڌي زبان ۽ علم ادب
بابت سندس رايو معلوم ڪيو ويو؛ ساڳيءَ طرح هن به
سنڌي ادب ۽ شاعريءَ بابت مختلف سوال پڇيا، جن جو
احوال کيس ٻڌايو ويو.
ڊاڪٽر شميل پهرين جديد سنڌي شعر بابت ڪجهه معلوم ڪرڻ چاهيو،
جنهن جي جواب ۾ محترم تنوير عباسيءَ، مختصر پر
جامع لفظن ۾ سنڌي شعر جي تاريخ کي دهرائيندي، کيس
ٻڌايو ته سنڌ جو اصلوڪو شعر ڪلاسيڪي قسم جو آهي،
جنهن ۾ بيت، ڪافيون ۽ ٻيون اوائلي صنفون شامل آهن؛
ان کان پو؟ءِ فارسي غزل ڪنهن دور ۾ سنڌي شعر تي
اثر انداز ٿيو، ۽ عربي عروضي شاعري هتي رائج ٿي؛ ۽
جديد دور ۾ وري مغربي شاعريءَ، خصوصاً انگريزي ۽
فرينچ شاعريءَ جو اثر ٿيو آهي. موجوده سنڌي
شاعريءَ ۾، ان ڪري، ٽي رنگ ملن ٿا: هڪ قسم جا شاعر
رڳو ڪلاسيڪي روايتن تائين پنهنجي شعر کي محدود
رکيو اچن ٿا، ۽ ان ۾ موضوع ۽ هيئت، محاورن ۽
اصطلاحن جو استعمال به ساڳيءَ ريت رکندا اچن، ۽ ان
طرح انهن سنڌي شاعريءَ کي اڳتي بلڪل نه وڌايو
آهي، تنهنڪري هو نڪو اڳين ڪلاسيڪي شاعرن کان بهتر
شعر چئي سگهن ٿا، ۽ نه وري سندن شاعريءَ ۾ ڪا
دلچسپي رهي آهي؛ ٻيو قسم پارسي رنگ جي غزلگو شاعرن
جو آهي، جي اڳين غزلگو شاعرن جي قائم ڪيل ترڪيبن،
اصطلاحن ۽ موضوعن کان ٻاهر نٿا نڪرن؛ ۽ ٽئين قسم ۾
جديد شاعر آهن، جن پنهنجي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي
بنياد تي جديد شاعريءَ جي عمارت کڙي ڪئي آهي، ۽
اهڙيءَ طرح انهن سنڌي شعر کي اڳتي وڌايو آهي.
پهرين ٻن دورن جي شاعريءَ مان هنن رڳو هيئتون
ورتيون آهن، پر ان جا موضوع وغيره بدلائي، ان کي
نئون رنگ ڏنو اٿن. ساڳيءَ ريت، هنن مغربي شاعريءَ
مان به صرف هيئتون ورتيون آهن، ۽ مضمون، ماحول ۽
اسلوب مقامي اختيار ڪيو اٿن. ان کان سواءِ، هنن
هيئت ۽ موضوع جا ڪيترا نوان ۽ انوکا تجربا پڻ ڪيا
آهن.
ڊاڪٽر شميل انهيءَ موقعي تي چيو ته ’مون ترڪيءَ جي جديد شاعري
پڙهي آهي؛ اتي جا شاعر، جديد انگريزي شاعرن وانگر،
بيڪار ۽ غير اهم چيزن کي شاعريءَ جو موضوع ٿا
بنائين، ۽ تجربن جي رو ۾ وهي ٿا وڃن ته سندن شعر
جي خوبصورتي ختم ٿيو وڃي: ڇا، سنڌيءَ جي جديد
شاعرن ۾ به اهڙا رجحان آهن؟‘
’چڱي ۽ بُري شاعري هر زبان ۾، هر دور ۾ هوندي آهي. اهڙي قسم جا
شاعر پڻ اسان وٽ آهن.‘ تنوير صاحب چيو ته ’منهنجي
خيال ۾ رڳو موضوع جي بلندي ۽ چونڊ ئي ڪا شاعري نه
آهي؛ فنڪار جو قلم، غير اهم کان غير اهم موضوع کي
ڇُهي، ان ۾ سونهن ڀري ٿو سگهي. اهو فنڪار جي
پنهنجيءَ قابليت تي آهي ته هو موضوع کي ڪهڙي نقطه
نظر سان ۽ ڪيتريءَ خوبصورتيءَ سان پيش ڪري ٿو. ورڊ
سورٿ چيو آهي ته ”مون لاءِ ننڍي ۾ ننڍو گل، انساني
ڳوڙهن جيتري اونهائي ٿو رکي.“ شاهه لطيف چيو آهي:
”ڄاريون، کاريون، ڇڄ، ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ.“
شاهه انهيءَ سڄي سُر ۾ کِکيءَ مڇيءَ ۽ مُهاڻن جو ذڪر اهڙيءَ ته
خوبصورتيءَ سان ڪيو آهي جو انهن سان پيار ٿي وڃي
ٿو. سو، موضوع جي چونڊ ئي فقط شاعريءَ جي بلنديءَ
جي ضامن نه آهي. هونئن به، جديد سنڌي شاعريءَ ۾
موضوع جي چونڊ تي ڪافي ڌيان ڏنو وڃي ٿو.‘
ان بعد ڊاڪٽر شميل سنڌ جي افسانوي ادب بابت واقفيت گهُري، ۽
محترم سراج، سنڌي افساني جي ارتقا جي پيرائتي
اُپٽار ڪندي، ورهاڱي کان اڳ وارين قابل ذڪر
ڪهاڻين، انهن جي اسلوب ۽ موضوعن تي جامع قسم جي
معلومات پيش ڪئي، ۽ ٻڌايو ته هن وقت سنڌي افساني
کي دنيا جي ٻين زبانن جي معياري افسانن سان ڀيٽي
سگهجي ٿو؛ انهيءَ سلسلي ۾ هن سنڌ ۽ ڀارت جي بهترين
ڪهاڻين جا حوالا پڻ پيش ڪيا.
ناول جي باري ۾ سراج صاحب ٻڌايو ته ورهاڱي کان اڳ واري دور ۾
هندو اديبن جا بهترين ناول تمام ڪافي تعداد ۾ لکجي
چڪا هئا، ۽ هن وقت به اسان جا اديب ڀارت ۾ اصلوڪن ناولن جو ڀاري ذخيرو پيدا
ڪري چڪا آهن، ۽ پڻ ٻين ٻولين جا معياري ناول هو
تيزيءَ سان ترجمو ڪري رهيا آهن؛ سنڌ ۾ به جيتوڻيڪ
هر مهيني سراسري ٻه چار ناول شايع ٿيندا رهن ٿا،
پر سٺن ۽ معياري ناولن جي هتي صفا اڻهوند آهي.
ناٽڪ جي باري ۾ ڳالهائيندي، سراج صاحب ٻڌايو ته شروع ۾ گهڻا ۽
سٺا، اصلوڪا ۽ ترجمو ڪيل ناٽڪ پيدا ٿي رهيا هئا،
پر پوءِ اهو سلسلو مرزا قليچ بيگ مرحوم تي اچي
بيهي رهيو. سنڌ جو جديد ادب جيئن ته اڃا پنهنجين
ضرورتن جي پورائيءَ جي لحاظ کان بين الاقوامي اوج
تي نه آيو آهي، تنهنڪري، انگريزي ادب جي رنائسنس (renaissance)
واري دور جيان، اسين پنهنجين ڪلاسيڪي لوڪ ڪهاڻين
جي بنياد تي ناٽڪ نويسيءَ جو نئون آغاز ڪري رهيا
آهيون. ان لاءِ سراج صاحب، شاهه لطيف جي ڪلام جي
بنياد تي لکيل، سندري اُتمچنداڻيءَ جي ”وڻجارا“ ۽
پنهنجي ”گهاتو گهر نه آئيا“ ناٽڪن جو مثال ڏنو.
انهيءَ موقعي تي ڊاڪٽر شميل چيو ته ’ترڪي ادب ۾ پڻ
هن وقت ناٽڪن جي اڻاٺ آهي. منهنجو خيال آهي ته
اسٽيج-ناٽڪ شايد مسلمانن جي مزاج جي خلاف آهي،
تنهنڪري اسان وٽ ناٽڪ نويسيءَ جو شوق گهٽ آهي؛ پر
اسان کي ادبي تخليق جي انهيءَ اهم حصي طرف توجهه
ڏيڻ کپي‘. آخر ۾ ڊاڪٽر شميل چيو ته ’ترڪي ادب جي
ارتقا پڻ بلڪل انهيءَ نموني سان عمل ۾ آئي آهي،
جيئن اوهين سنڌي اديب هتي ڪري رهيا آهيو. سنڌي ادب
جي موجوده رجحانن کي معلوم ڪرڻ بعد، آءٌ يقين سان
چئي سگهان ٿي ته اوهان جي ادب جو آئيندو تمام روشن
آهي.‘
ان بعد محترم مقبول احمد ڀٽيءَ ڊاڪٽر شميل کان سنڌي ادب ۾
جمالياتي ذوق بابت سندس راءِ پڇي، جنهن جي جواب ۾
هن چيو ته ”جيئن هر ملڪ ۽ هر قوم جي تهذيب ۽ تمدن
۾ تفاوت هوندو آهي، تيئن هر ملڪ جي ادب ۾ جمالياتي
ذوق پڻ پنهنجي مخصوص انداز سان محسوس ڪيو ويندو
آهي. مشرقي ملڪن کي پنهنجي تهذيبي سرمايي تي بجا
طور ناز آهي. اتي جي شعر و شاعريءَ ۽ موسيقيءَ کي
جمالياتي نقطه نظر کان ممتاز مقام حاصل آهي. خاص
ڪري سنڌي ادب ۾ جيڪا نهٺائي، سچائي ۽ لطافت آهي،
مون کي اها تمام ٿورن ملڪن جي ادب ۾ نظر آئي آهي.
جنهن ملڪ ۾ لطيف ۽ سچل جهڙا شاعر پيدا ٿيا آهن، ان
جي ادب ۾ جمالياتي ذوق پنهنجي عروج تي پهتل سمجهڻ
کپي.“
انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر موصوفه وڌيڪ چيو ته ”موجوده وقت جي برائين
۽ جنگ جي تباهڪارين کي ختم ڪرڻ لاءِ، انسانذات ۾
محبت ۽ درگذر ڪرڻ جي ضرورت آهي: سنڌي ٻوليءَ ۾
انساني همدرديءَ ۽ محبت جي جذبن سان لبريز، عظيم
ادب موجود آهي. سنڌ جي سر زمين کي اهو فخر حاصل
آهي جو ان شاهه لطيف جهڙو لاثاني ۽ لافاني شاعر ۽
صوفي پيدا ڪيو آهي. ان لحاظ کان، آءٌ سنڌ سان محبت
ڪريان ٿي. ’شاهه‘ هڪ عظيم صوفي شاعر آهي، ۽ سندس
شاعراڻا ڪردارَ جدوجهد ۽ نيڪ عمل جا مجسما آهن.
شاهه، انسانيت جي اعليٰ قدرن - محبت، مساوات،
انسڪاري، خدمت، پاڪيزگي ۽ وسيع نظريءَ کي نهايت
دلپذير ۽ دلنشين انداز سان پيش ڪري، زندگيءَ ۽ ان
جي صحيح قدرن کي روشن ڪيو آهي.“
سوال - جواب جي ڪچهري بيحد دلچسپيءَ ۽ بي تڪلفيءَ جي ماحول ۾
ختم ٿي، جنهن بعد، چانهه ۽ ڪيڪ –پيسٽري
واپرائيندي، راڳ جي محفل شروع ٿي. مسٽر علي نواز
جاڙيجي، مسٽر نُور ڀٽيءَ ۽ مس روبينه، شاهه ۽ سچل
جو ڪلام ڳايو؛ مسٽر غلام حسين ڪونريجي ۽ مسٽر
عبدالرحمان بلوچ بئنجي تي سنڌي ڌُنون وڄايون؛ ۽
مسٽر مٺي خان بلوچ گهڙي وڄائڻ جو ڪمال ڏيکاريو.
راڳ رهاڻ ڪافي رنگ آندو، ۽ سمورا حاضرين- مرد توڙي
عورتون- رات جي ساڍي نوين بجي تائين ويٺا رهيا.
ڪچهريءَ جي آخر ۾ ڊاڪٽر شميل سان سڀني موجود اديبن ۽ شاعرن جو
شخصي تعارف ڪرايو ويو، ۽ سنڌي شعر ۽ افساني جا
ڪجهه ڪتاب کيس تحفي طور پيش ڪيا ويا. ان بعد سنڌ
جي مشهور نوجوان مصور، مسٽر ظفر ڪاظميءَ جون سنڌي
ثقافت متعلق تصويرون ڊاڪٽر موصوفه کي ڏيکاريون
وييون، ۽ محترم تنوير عباسيءَ ڪاظمي صاحب ۽ سندس
فن تي تعارفي تقرير ڪئي. ڊاڪٽر شميل چيو ته ’مون
ظفر ڪاظميءَ جون ڪجهه تصويرون هڪ آمريڪي مخزن ۽ ڪن
سنڌي رسالن ۾ ڏٺيون هيون، ۽ مون کي گهڻي خوشي ٿي
آهي جو آءٌ سندس وڌيڪ تصويرون ڏسي رهي آهيان ۽ خود
انهيءَ آرٽسٽ سان ملي رهي آهيان.‘
ڊاڪٽر موصوفه پوءِ اتان انجنيري ڪاليج جي شاگردن جي هڪ ادبي ميڙ
۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٽنڊي ڄام رواني ٿي ويئي. ان کان
اڳ، صبح جو، ڊاڪٽر صاحبه، پهرين سنڌي يونيورسٽيءَ
جي شاگردن اڳيان، ۽ پوءِ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد
جي شاگردن اڳيان، تصوف جي موضوعن تي تقريرون ڪيون.
|