سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 8

 

31- سيد حاجي فضل علي شاهه ولد سيد غلام نبي شاهه

(ڀان)

سنڌ جي قديم مختلف دؤرن جي تهذيبن جون روايتون اسان وٽ لکيل تاريخن ۽ ڪتابن جي ڪميءَ سبب ڪي ڇِٽيون پهتل آهن. انگريزي حڪومت ۾ پوءِ، سنڌ جي خاندان طبقي مان سندن بهترين خاصيتون ويون مفقود ٿينديون. زماني جي بدليل حالتن اهڙو ڦيرو آندو، جو اڳين رواين جا حامل ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي رهيا هئا، سي به گذري ويا آهن. سنڌ جي اهڙن فردن مان، سيد حاجي فضل علي شاهه ڀانن وارو هڪ هو. هي صاحب لڪياري سيدن جي احمداڻي پاڙي ۾، 1885ع ڌاري ڄائو هو. اوائلي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين. سنڌي ۽ فارسي پڙهيو.

سندس خاندان جا حضرات خواجگان سرهندين سان معتقدانه تعلقات هئا، انهيءَ ڪري پاڻ خواجه صاحب ميان محمد حسن جان سرهندي عليھ رحمت جي خاص مقربن ۾ وڃي داخل ٿيو. قاضي ميان عبدالڪريم ميهڙ واري وانگر، اڪثر ساڻن مريدن ڏانهن يا ڪوئيٽا طرف سفر ۾ گڏ هوندو هو. سندس درميانو قد، سفيد سونهاري، ڊگهو ڪوٽ، مٿي ۾ ڪُلي سان مشهدي لونگي، سنجيدو ۽ متانت وارو  چهرو اکين اڳيان پيو ڦري. روزي نماز جو پابند، گفتگو جو شسته، بلند اخلاق، باهمت، بيڊپو، يڪ سخنو، دوستيءَ جو پڪو، غنا ۽ گوشه نشينيءَ جي صفتن سان موصوف هو. سندس صفتن جي هيءُ بيت پوري ترجماني ڪري ٿو:

”غني تريم گرچه مفلسيم ما، ڪه بر سفره حاتم نه نشيند مگس ما.“

هڪ وقت ۾ حاجي عبدالرحمان ميمڻ ولد وڏيرو فضل محمد ميمڻ، متوفي 15 ربيع الآخر 1381هه، مطابق 25 سيپٽمبر  1961ع، پئسي جي گهڻائيءَ، ڪامورن جي لاڳاپي،  شخصي اثر ۽ رهوڻيءَ ڪري، ڀانن جي شهر ۾ گهڻي طاقت وٺي ويو هو. ان جي طاقت ۽ اثر شاهن جي قديمي اثر کي ڪافي نقصان پهچايو هو. سيد حاجي فضل علي شاهه جو سؤٽ، حاجي قادر بخش شاهه، شهر ۽ راڄ ڀاڳ جو ڪاروبار هلائيندو هو. حاجي قادر بخش شاهه، مصلحت خاطر حاجي عبدالرحمان سان ظاهر داري قائم رکندو آيو، ليڪن سيد فضل   علي شاهه، ظاهرداريءَ کي منافقيءَ سان تشبيهه ڏيئي، حاجي عبدالرحمان سان سلام ڪلام نه رکيو.

منهنجي ساڻس اوائلي واقفيت، 31 مارچ 1924ع تي چاچا حاجي اسد الله شاهه باجارن وارن جي معرفت، سندس ڳوٺ ڀانن  ۾ ٿي. ان وقت آءُ لڪياري سيدن جي انجمن ٺاهڻ جي مقصد  سان وٽس ويل هوس. انهن کان پوءِ، دادو سيدن جي انجمن ٺاهڻ جي مقصد سان وٽس ويل هوس. ان کان پوءِ دادو ضلعي ٿيڻ ڪري جڏهن ميان حاجي قادر بخش شاهه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيو، ته ساڻس ملاقاتن جي ذريعي تعلقات زياده گهاٽا ٿيندا ويا.

سنڌ جدا ٿيڻ بعد جڏهن پهرئين دفعي اسيمبليءَ جي چونڊ ٿي، ته ان ۾ هڪ طرف آءٌ اميدوار هوس، ۽ ٻئي طرف چاچا  ميان ولي محمد شاهه اميدوار هو. ان  وقت ٻن گهاٽن دوستن، سيد ميان حاجي اسدالله شاهه ۽ ميان حاجي فضل علي شاهه جي وچ ۾ ووٽن ڏيڻ تي نظرياتي اختلاف ٿي پيو. پهرئين جو چوڻ هو ته سائين ميان ولي محمد شاهه کي  عمر ۽ نظر جي لحاظ کان اسيمبليءَ  ۾ بيهڻ نه گهرجي، پر جنهن صورت ۾ کيس سيوهڻ تعلقي جي لڪياري سيدن جو وڏو ڪيو اٿئون ۽ هو اميدوار بيهي رهيو آهي، ته کيس مدد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ئي ڪونهي ؛ سندس ڪاميابيءَ ۾ لڪيارين جي عزت آهي ۽ اها عزت ساري قبيلي لاءِ باعث فخر سمجهڻ گهرجي. ليڪن حاجي فضل علي شاهه جو نقطه نگاهه علحده هو. هن جو چوڻ هو ته جمهوري سرشتي جي حڪومت موجب اسيمبليءَ جي ميمبري قبيلائي عزت ۽ شخصي اقتدار حاصل ڪرڻ جي جاءِ ڪانهي. بلڪه خدمت خلق، ملڪ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو ذريعو آهي؛ تنهن ڪري ان لاءِ صلاحيت وارا، دل ۾ درد رکندڙ، مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ وارا ۽ آزمايل قومي ڪارڪن چونڊڻ گهرجن. ان ڪري، هن مون کي مٿين صفتن سان موصوف سمجهي، مدد ڪئي. ان کان پوءِ ساڻس تعلقات وڌندا ويا. مون جڏهن 1938ع ۾ ڪوئيٽا وڃي سلسله، طريقت جو سبق حضرت  خواجه محمد حسن جان عليھ رحمت سرهنديءَ کان ورتو، ته ويتر وڌيڪ نزديڪ ٿي وياسون.

سندس بهادريءَ، همت ۽ صاف گوئيءَ جو پتو ان مان پئجي سگهندو ته جڏهن، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان منهنجي اختلاف ٿيڻ ڪري، مسلم ليگ وارن منهنجي سامهون قاضي محمد اڪبر کي اميدوار بيهاري، وزارت کي ان جي مدد ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيو، ته سر غلام حسين وزيراعليٰ سنڌ ۽ پير الاهي بخش روينيو وزير، آفيسرن جي اٽالي سان وٽس ويا ۽ چيائونس ته: جي . ايم سيد مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت ۽ ان جي ليڊر جي مخالفت ۾ اميدوار بيهاريا آهن، ۽ پاڻ به اميدوار بيٺو آهي، جنهن مان اسلامي طاقت جي شيرازي ڪمزور ٿيڻ ۽ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کي خطرو آهي. تڏهن، هن صاحب کين صاف چئي ڏنو ته، اهي اسلام جي خطري جا نعرا اٻوجهه مسلمانن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ هوشيار سياستدانن ڪئي دفعا ڪتب آندا آهن. اوهان جي روايتن مان به واقف آهيان، ۽ سيد کي به پوريءَ طرح سڃاڻان ٿو. مون ۾ ڪا به اميد رکڻ نه گهرجيوَ. ان وقت سيد ميان جيئندل شاهه آراضيءَ واري کي ساڳئي جواب ڏيڻ تي، ”فرنٽيئر ريگيوليشن“ هيٺ، اڳي ئي جيل ۾ موڪليو ويو هو. ساڳيو خطرو هن جي سامهون به هو، پر سندس  همت ۽ استقلال ۾ ڪو به لوڏو نه آيو.

سندس محبت ۽ پدرانه شفقت مون سان آخر وقت تائين  هلندي آئي. پاڻ ڪراچيءَ ۾ 10 ربيع الاول 1377ع مطابق 13 آڪٽوبر 1957ع تي وفات ڪيائين. سندس وفات هڪ معمولي فرد جو موت نه هو، پر سنڌ جي قديم سڀيتا جي آخر يادگار نشانين جي گذرڻ جو سانحو هو.

هتي سندس سؤٽ ميان حاجي قادر بخش شاهه، جو ذڪر ڪرڻ به لازمي نظر اچي ٿو. هو ميان الهه بخش شاهه جو فرزند، حاجي صاحب کان عمر ۾ ننڍو هو. سنڌ جي عام زميندارن وانگر، هو ڪامورن وٽ  آمدرفت، راڄن سان رهوڻيءَ، خاندانن سان تعلقات رکڻ، لوڪل بورڊ ۾ داخل ٿي. ان جي مسئلن. اهڙن ٻين ڪمن ۾ مشغول رهندو هو. سچو دوست، مهل سر ڪم ايندڙ، همت وارو ماڻهو هو. آخر عمر ۾ گهڻو وقت بيمار رهڻ ڪري، 12 صفر 1375هه، مطابق 29 سيپٽمبر 1955ع تي وفات ڪري ويو. سندس وفات کان  پوءِ حاجي صاحب پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو هو ۽ پاڻ به سگهو ئي وفات ڪيائين.

حاجي فضل علي شاهه کي اولاد ڪو نه ٿيو . سندس ڀاءُ ميان اميد علي شاهه زندهه آهي. ان جا فرزند آهن، جن ۾ ميان مراد علي شاهه آئي وئي سان منهن پيو ڏئي. اهڙيءَ طرح، ميان حاجي قادر بخش شاهه جو فرزند، ميان محمد  شاهه به راڄن جا ڪم پيو ڪري. خدا کين وڏي حياتي ڏئي. ليڪن:

ڍاٽي گهڻا اچن، مون من سوڍي ونگسيو،

ڪا جا لائي مينڌري، لالي کي لڱن،

راڻو اکڙين، وساريان نه وسري

 

.( شاهه)

32- شيخ ميان حاجي جلال الدين  ولي شيخ ميان بقادار صاحب

(پير پٺو)

هي صاحب پير پٺي عليھ رحمت جو ڇاونجاهون نمبر سجاده نشين هو. سندس چوڻ مطابق پير پٺي جو نالو سلطان شاهه عالم هو، جو بخارا طرف جو ويٺل هو. بادشاهي ترڪ ڪري  فقيري اختيار ڪئي هئائين، ڇهين صديءَ ڌاري سنڌ ۾ اچي رهيو ۽ وفات به اتي ئي ڪيائين. ساڻس سندس ٻه خليفا گڏجي آيل هئا: شيخ ساجن ۽ شيخ صابو.

شيخ ساجن اولياء صاحب جي حياتيءَ ۾ لاولد ٿي، وفات ڪئي ۽ اولياءُ صاحب به لاولد هو. ان ڪري سندس پهريون سجاده نشين شيخ صابو ٿيو. ۽ شيخ ميان جلال الدين ان جي اولاد مان هو. ليڪن تاريخ ”تحفة الڪرام“ ان کي ٻيءَ طرح ظاهر ڪيو آهي. ان جي لکئي پٽاندر، پير پٺي جو نالو حسين بن راجپار بن لاکو بن سکيرو هو. سندس والده جو نالو سلطاني بنت مراد ۽ شرفو بيبي هو. هو قبيلي جو اپلاڻ هو.

علامه قاضي جي تحقيق مطابق، هي قديم ولين مان هڪ هو.

هن 12 ربيع الاول 546هه مطابق 29 جون 1151ع تي وفات ڪئي هئي.  اهو زمانو سومرن جي حڪومت جو هو، جو سنڌي عشقيه داستانن جو دؤر هو. مومل راڻي، ليلا چنيسر ۽ عمر مارئيءَ جا قصا انهيءَ زماني جا آهن.

شيخ ميان جلال الدين 1855ع ڌاري ڄائو هو. سندس والد، شيخ ميان بقادار کي ٽي فرزند ٿيا: شيخ محمد عثمان، شيخ محمد هاشم ۽ شيخ جلال الدين. سندس پهريان ٻه فرزند ننڍي هوندي، والد جي حياتيءَ ۾ وفت ڪري ويا هئا. ان ڪري 1896ع ۾، شيخ ميان بقادار جي وفات بعد، شيخ ميان جلال الدين سند نشين ٿيو. هي پرهيزگار، عابد ۽ زاهد شخص هو. هن چار دفعا حج ۽ مديني جي زيارت ڪئي هئي.  هڪ دفعي ته اتي نَون مهينن تائين، باعيال، ٻارهن ماڻهن سميت وڃي رهيو هو. کيس مسجدن ٺهرائڻ جو گهڻو شوق هو. اٺون حصو پيدائش جو انهيءَ ڪم لاءِ مخصوص رکندو هو. ديندار ماڻهن ۽ عالمن جي صحبت کي زياده پسند ڪندو هو. حڪومت جي ڪارندن سان سٺا تعلقات رکڻ ڪري، کيس بندوقن جا معافي پروانا، معافي باغ، آفرين ناما ۽ لونگيون انعام طور مليل هيون. ڪليڪٽر کان گورنر جنرل تائين، عملدارن جا وٽس آفرين ناما موجود هئا. پاڻ ڪجهه وقت ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر ۽ تعلقي گهوڙا ٻاريءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو هو. ڪمشنر جو درٻاري ۽ ضلعي جي جرگا ڪائونسل جو ميمبر به هو.

کيس شيخ محمد عثمان نالي هڪ فرزند آهي، جو 1907ع ۾ ڄائو هو. شيخ صاحب وڏي، 1924ع ۾ بيان ڏيئي، سموري جائداد فرزند جي نالي ڪري ڇڏي ۽ پاڻ گوشه نشين ٿي  سارو وقت عبادت الاهي ۾ گذارڻ لڳو.

شيخ صاحب شڪار جو شوقين هو: ٺٽي جي ديوانن، راءِ بهادر شيوارام ڏيون مل ۽ ديوان  هرچند راءِ سان سندس دوستانا تعلقات هوندا هئا. پاڻ 15 سيپٽمبر 1930ع تي وفات ڪيائين. سندس جاءِ تي شيخ ميان محمد عثمان سجاده نشين ٿيو، جو ضلعي ۽ تعلقي لوڪل بورڊ جو ميمبر رهي چڪو آهي.

پاڪستان ٿيڻ بعد، درگاهه جا ڪڇ ۽  ٻين طرفن جا مريد ڪثرت سان هتي آيل آهن، تنهن ڪري اڳي کان هن وقت درگاهه جي زائرين جو تعداد وڌي ويل آهي. هر سال پير پٺي جي درگاهه تي 12 ربيع الاول تي ميلو لڳندو آهي.

33- پير ميان غلام حيدر شاهه، پير ميان صاحبڏنو شاهه

(بلڙي شاهه ڪريم)

پير غلام حيدر شاهه، شاهه عبدالڪريم عليھ رحمت بلڙيءَ واري جو پندرهون نمبر سجاده نشين آهي. هي 1895ع مطابق 1313هه ڌاري ڄائو. سندس والد، سيد صاحبڏنو شاهه، وڏو شاعر ۽ رنگين مزاج ماڻهو هو. هو 1868ع ۾ ڄائو هو. پنهنجي  ڀيڻوئي سيد محمد صلاح  شاهه، سجاده نشين جي  لاولد وفات ڪرڻ تي، 1292هه ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ سموريءَ جائداد جو مالڪ ٿيو. هن جي مرحوم مير عبدالحسين ”سانگي“ سان گهاٽي دوستي هوندي هئي. اڪثر مهراڻ جي ڪيٽيءَ ۾ راڳ ۽ شعر جون  مجلسون گرم ڪندا هئا. عاشق مزاج، ڪشاده دست، خوش خلق انسان هو. سندن زمينداري تمام گهڻي هئي، پر پوري سنڀال نه هئڻ ۽ گهڻي خرچ ڪري، سندس حياتيءَ ۾ گهٽجڻ شروع ٿي هئي، ليڪن وفات وقت چڱو نالو ۽ اثر پويان ڇڏي ويو. 19 رجب 1332هه مطابق، 14 جون 1914ع ۾ وفات ڪيائين. ان کان پوءِ، ميان غلام حيدر شاهه مسند نشين ٿيو. ننڍي هوندي ئي ٺهيل ٺڪيل جائداد ۽ اثر جو مالڪ ٿيو. ابتدا کان ڪشاده دستيءَ ۽ عياشيءَ جون عادتون منجهس پئجي ويون، جنهن ڪري ملڪيت گهٽجڻ شروع ٿي . سنڌ جي ڪيترين جاين جهڙوڪ: شاهبندر ڊويزن، ساڪرو، گهوڙا ٻاري ۽ ڪراچي تعلقن، بدين، ٽنڊي محمد خان ۽ ٿر ۾ شاهه عبدالڪريم جا گهڻا مريد هئا. ماڻهن جي مڃوتيءَ ۽ صحبتن جي اصرار ڪري،، هن سياسي ميدان ۾ پير رکڻ گهريو. سنڌ جي مکيه سجاده نشينن مان هي پهريون ئي صاحب هو،  جو ميمبرين لاءِ والد وانگر اميدوار بيٺو.

پهرين ميان علي بخش محمد حسين جي سامهون، ڪائونسل آف اسٽيٽ لاءِ اميدوار بيهڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر اڪثر زميندار ۽ پير، ڪامورن جي زور بار پوڻ تي ڦري ويس، جنهن ڪري هن هٿ کڻي ڇڏيو. پوءِ هو 1926ع ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ ميمبر چونڊيو. سنڌ جي جدا ٿيڻ کان پوءِ به ميمبر چونڊيو، ۽ 1945ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. هن کي ڏسي، سنڌ جي ٻين سجاده نشينن کي به اسيمبلين ۾ گهڙڻ جو شوق پيدا ٿيو. آخر اهو شوق مٽياري، هالا ، بدين، گهوٽڪي وغيره تائين پکڙجي ويو.

سنڌ جي ماڻهن کي سيدن لاءِ خاص ڪري مکيه درگاهن جي سجاده نشينن لاءِ، محبت ۽ خوش اعتقادي رهندي پئي آئي آهي. ان جو ڪارڻ سندن بزرگن جي خدمت خلق جو جذبو، منجهن يادِ خدا، ۽ ماڻهن جي اخلاقي ۽ روحاني تعليم لاءِ زندگي وقف ڪرڻ جو جَذبو هو. اُن وقت جا پير صاحبان پنهنجن بزرگن جي ڪٺي ڪيل عزت ۽ محبت جي سرمايي تي گذر ڪري رهيا هئا. اڪثر پير پنهنجن بزرگن جي روايتن کي وساري، دنياوي اقتدار، ڪاروبار ۽ عياشيءَ طرف رجوع ٿي ويل هئا. هنن جيستائين پنهنجن درگاهن جي ڪاروبار ۽ شخصي ملڪيت جي سنڀالڻ سان واسطو پئي رکيو، تيسيتائين عام ماڻهو سندن خامين ۽ عيبن کي درگذر ڪندا آيا، ليڪن جڏهن سياسي ميدان ۾ گهڙي، آسپاس جي مکيه زميندارن ۽ سياستدانن سان مقابلا ڪرڻ لڳا ۽ عام ماڻهن وٽن اچڻ جي عيوض کين پنهنجن درن تي ووٽن لاءِ ستائيندو ڏسڻ لڳا، ۽ مخالفن طرفان سندن ڍڪيل عيبن جي اپٽار ٿيڻ لڳي ته آهستي آهستي اڳيون اثر وڃائڻ لڳا. هنن وٽ وڏن جي  نالي کان سواءِ، پنهنجي لياقت گهٽ هئي.

1926ع واريءَ اليڪشن ۾، پير صاحب، منهنجي هٿ کڻن ڪري، بنا  مخالفت جي چونڊجي ويو. 1930ع ۾ ڪافي مٿا ڪٽ کان پوءِ ڪاميابي حاصل ٿيس. 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ به ڪامياب ٿيو، ليڪن ماڻهن ڏٺو ته اسيمبليءَ ۾ وڃڻ بعد هن ڪو خاص بهرو ڪو نه ٿي ورتو، نڪو نمايان ڪم ڪري ڏيکاريائين. عياش زندگيءَ کي گهٽ ڪو نه ڪيائين؛ شادين جو شوق هلندو آيس. انهيءَ عرصي ۾ اثر ۽ ملڪيت وٽانئس ويا گهٽ ٿيندا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو آئنده لاءِ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي نه سگهيو. هن وقت ڳوٺ ويٺو آهي. هاڻ اميد آهي ته گذريل تجربن مان سبق وٺي، سياست کان ڪناره ڪشي ڪري، درگاهه شاهه ڪريم عليھ رحمت جي گذريل روايتن کي تازو ڪرڻ لاءِ باقي زندگي صرف ڪندو ۽ ياد الاهي طرف رجوع ٿيندو.

سندس سياسي ۽ شخصي زندگيءَ تي تبصرو ڪندي، هن ڳالهه کان  انڪار ڪرڻ ساڻس صريحاً بي انصافي ٿيندي ته بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ وقت هي اڪثر شيخ عبدالمجيد صاحب سان آزدانه ووٽ ڪندو هو. پنهنجين ڪيترين خامين جي باوجود، سندس مهمان نوازيءَ، خلق ۽ دوست نوازيءَ جون خاصيتون اهڙيون آهن، جو وساري نٿيون سگهجن. کيس لاهور واريءَ شاديءَ مان نرينو اولاد، ٽي فرزند آهن؛ سيد اعجاز حسين،  سيد افاق حسين ۽ سيد قنبر علي شاهه عرف منير حسين.

ازان سواءِ، هي پهريون سجاده  آهي، جنهن سنڌ جي قديم غلط  دستور ۽ روايات کي ٽوڙي، انقلابي قدم کڻي، پنهنجيون نياڻيون قبيلي کان ٻاهر،  تعليم يافته سيدن کي ڏيڻ جو رواج  وڌو آهي، جنهن لاءِ مبارڪ جو مستحق آهي.

34- مخدوم غلام محمد صاحب، مخدوم ظهير الدين صاحب

(هالا)

حضرت مخدوم نوح عليھ رحمت جو هي پندرهون نمبر سجاده نشين، 16 جمادي الاول 1303هه مطابق، 21 فيبروري 1886ع تي ڄائو هو. هن سنڌي، فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ جي تعليم ورتي. پاڻ پنهنجي والد جي 6 رجب 1335هه، مطابق 11 جنوري 1927ع تي وفات بعد سجاده نشين ٿيو. سندس حياتيءَ تي مختصر روشني وجهڻ کان اڳ بهتر آهي ته سندس خاندان ۽ چند تازه سجاده نشينن جي زندگيءَ بابت ڪجهه لکان. هي خاندان سنڌ ۾ ”نَوَ لَکي گودڙي“ ڪري سڏبو آهي، يعني انهيءَ جي تسلط ۽ اثر هيٺ نَوَ لک ماڻهو آيل چوڻ ۾ ايندا آهن. طاقت ۽ اثر ۾ پير صاحب پاڳاري کان پوءِ هيءَ گادي شمار ڪئي ويندي آهي. اڳين جو احوال بيان ڪرڻ هن ڪتاب جي دائري کان ٻاهر ٿيندو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته منجهن، واري سان، هڪ سجاده نشين فقيريءَ ۽ درويشيءَ طرف راغب ٿيندو آهي ۽ هڪ دنياوي اقتدار ۽ ناموري طرف لاڙو ڪندو آهي.

مخدوم ميان امين محمد:

سندس ڏاڏو، مخدوم ميان امين محمد صاحب، 7 شعبان 1254هه مطابق، 27 آڪٽوبر 1838ع تي ڄائو هو. اول ۾، دنياوي گادي نشينن وانگر، شڪار ۽ راڳ وغيره ڳالهين طرف دلچسپي رکندڙ هو. آخر عمر ۾ هن کي ويراڳ واسو ڏنو ۽ هالن جي ڀر ۾ ”راهونڊ“ نالي مڪان ۾ ڄارن ۽ کٻڙن ۾ کڏ ڪڍي، چله ڪشيءَ ۾ مشغول ٿيو. سگهو ئي فقيريءَ ۽ شاعريءَ ۾ درڪ حاصل ڪيائين. 26 رمضان 1303هه مطابق 29 جون 1886ع تي سندس وفات ٿي. سندس  وڏو فرزند، ميان محمد  زمان سجاده نشين ٿيو.

مخدوم ميان محمد زمان:

هي مخدوم صاحب سنڌ جي عام سجاده نشينن وانگر، ظاهري رعب ۽ طاقت، نالي ۽ ناموس ۾  وک وڌائڻ لڳو: سندس نالو، انهيءَ ڪري ”سرڪار“ پئجي ويو. هن ۾ فقيري يا درويشي نه هئي، پر  مڙسيءَ جا گهڻا اکر هئس.  هو پورالو راجا ڪري ليکبو هو. سندس راضي ٿيڻ ۽ رنج ٿيڻ جو پتو نه پوندو هو. جي ڪنهن تي راضي ٿيندو هو ته ڍئي  ڇڏيندو هوس، جي ناراض ٿيندو هو ته خدا ڏئي پناهه. هو سنڌ جي انهن مخصوص خاندانن مان هو، جن ڪامورن جي ڏاڍ اڳيان سر نه نمايو، جنهن ڪري هن کي گهڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون، مثلاً: کيس هڪ زال جي قتل ۾، ڪوڙي ڪيس هيٺ رجوع ڪري، گهڻيءَ تڪليف ۽ خرچ ۾ آندو ويو هو. سندس ڏينهن جا ٻه قصا عام ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جنهن مان سندس جوشيلي ۽ باغيرت طبيعت جو پتو پئجي سگهي ٿو.

چون ٿا ته ڪنهن ڪليڪٽر کي دعوت ڏنائين ۽ انهيءَ زماني جي دستور مطابق، سندس  تفريح طبعيءَ لاءِ ملهه ۽ گهيٽن جي ويڙهه جو انتظام ڪرايائين. گهيٽن جي ويڙهه وقت ڪليڪٽر اعتراض ورتو. چي: هي جانورن تي بي رحميءَ جو دستور آهي، اهو هو ڏسڻ نٿو گهري. انهيءَ تي ڪاوڙ جي مخدوم صاحب ساري مجلس درهم برهم ڪرائي ڇڏي ۽ اها پرواهه نه ڪيائين ته ڪليڪٽر ناراض ٿيندو. چي: جيڪڏهن مهمان جي پسند جو لحاظ رکڻ ضروري آهي، ته ميزبان جي پسندي به ڪي حق رکي ٿي. دعوت دوستانه طور ڏنل هئي، نه حاڪم کي محڪوم طرفان، مجلس ۾ جي  مهمان ميزبان جي جذبات کي مجروح ڪري سگهي ٿو ته ميزبان به اهڙو حق رکي ٿو. جي کيس ڳالهه پسند نه هئي، ته مجلس پوري ڪرڻ بعد ان جو اظهار ڪري ها. مجلس ۾ اظهار ڪرڻ، سندس  بيعزتي ڪرڻ جي برابر هو.

ٻيو مثال اهو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ڪنهن واهه جي کوٽائيءَ لاءِ انجنيئري کاتي وارن طرفان هڪ ڇيڙ جي مخدوم صاحب کان گهر ڪئي ويئي. مخدوم صاحب ڪيئي سَوَ ماڻهن جا ان طرف موڪليا، ۽ پاڻ به وڃي اتي نڪتو. ڪم ڪرڻ بعد، ماڻهن کي ماني کارائي، انهن جي وندر لاءِ مخدوم صاحب  ملاکڙو لڳارايو.  ان وقت جي انجنيئر کي اها ڳالهه پسند نه آئي، هن منع ڪئي، جنهن تي مخدوم صاحب ان جي بيعزتي ڪئي ۽ ڇيڙ واپس وٺي ويو. سندس طبيعت جي جولانيءَ جا ڪيئي اهڙا مثال زبان زد عام ٿي ويا.

پاڻ 28 رمضان 1321هه، مطابق 2 سيپٽمبر 1913ع تي وفات ڪيائين. هو دنيوي ماڻهو، سخت ۽ پورالو هو. ليڪن سندس وفات ڪري عام خاص ماڻهن ۾ غم جي لهر ڇانئجي ويئي، جنهن جي معنيٰ اها ڪڍي سگهجي ٿي ته هو عام ۾ مقبول هو. هن مخدوم صاحب لاولد ٿي وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ، ميان ظهير الدين عرف ميان پرو ڄام، گاديءَ تي ويٺو.

مخدوم ميان ظهير الدين:

هي وڏي ڀاءُ جي برعڪس هو.  عالم، فاضل، عابد، درويش  صفت ۽ تصوف جو ماهر هو. ديندار، نماز روزي جو پابند هو. مخدومن جي ملڪيت ۽ پيدائش تمام گهڻي آهي ليڪن وڏي مخدوم جي ڪشاده دستيءَ ۽ ڪيسن وغيره ڪري خزاني ۾ پئسو نه رهيو هو. زمين جو ڪاروبار ذرا ٺيڪ نه هلندو هو. مخدوم صاحب نهايت سٺو منتظم ثابت ٿيو. سوين ايڪڙن ۾ باغ رکايائين. هالن جي ساريءَ بازار ۾ دڪان ٺهرايائين، ڪفايت شعاريءَ سان چڱو پئسو گڏ ڪيائين. ان جي اها معنيٰ نه سمجهڻ گهرجي ته هو بُخل طرف مائل هو. بلڪ هڪ وڏو سخي ٿي گذريو آهي.

سوين بيواهن، يتيمن ۽ مسڪينن جا ماهانا ٻڌي ڇڏيائين، جن کي بنا ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ڄاڻ جي، گهر ويٺي اهي پئسا پيا ملندا هئا. حڪومت ۽ ڪامورن سان سٺا تعلقات هئس. گاديءَ جو اهو شان رکيائين، جهڙو  ڪنهن سجاده نشين ڇِٽو رکيو هوندو. سڀ کيس ملڻ ويندا هئا، پاڻ ڪنهن وٽ نه ويندو هو. هو بلند اخلاق، سخي، دشمن نواز، وڏي تحمل ۽ بردباريءَ جو صاحب هو. سيدن پيرن جي اصلاح، انهن ذريعي خدمت خلق ڪرڻ ۽ ماڻهن جي اخلاقي زندگي ٺيڪ ڪرڻ جو شوق کيس جنون تائين پهتل هو. مون جڏهن مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏائي ته مون کي گهرائي ان جا مقصد پڇيائين. مون کيس ٻڌايو ته ان مان منهنجو هن طبقي جي اخلاقي اصلاح آڻي، کين خلق خدا جي خدمت ۽ سندن بزرگن وانگر هدايت ۽ صحيح تعليم ڏيارڻ طرف راغب ڪرڻ آهي، جنهن تي صلاح بيٺي ته مٽياري سيدن جي انجمن ٺاهڻ بعد، لڪيارين جي انجمن ٺاهي، ساريءَ سنڌ جي سيدن پيرن جي ڪانفرنس سڏائجي. کيس ان ڳالهه جو اهڙو اونو هو، جو وقت  بوقت لکي پڇندو هو ته انهيءَ ڳالهه ڪيتري قدر واڌارو ڪيو آهي. منهنجي والد سان سندس دوستي هئي. هو مون کي  پدرانه شفقت ۽ محبت جي نگاهه سان ڏسندو هو. بدقسمتي اها ٿي، جو آخر عمر ۾ بيمار گذارڻ لڳو ۽ سگهو ئي 2 رجب 1345هه مطابق، 11 جنوري 1927ع تي وفات ڪيائين.

مخدوم ميان غلام محمد:

والد جي حياتيءَ ۾ ئي هن جو لاڙو فقيري ۽ درويشيءَ طرف هو. ابڙيچن جي نزديڪ، ڄارن ۾، چله ڪشيءَ ۽ غور فڪر ۾ مشغول رهندو هو. خوش قسمتيءَ سان سگهوئي سندس محمد فقير کٽياڻ سان واقفقيت ٿي، جنهن همه اوست جي نقطئه نگاهه کان کيس نه صرف واقف ڪيو، پر کيس خودي کانئڻ جي اهڙي تعليم ڏني، جنهن هن مان وڏ ماڻهپي ۽ معتبريءَ جا سب اَثر ختم ڪري ڇڏيا. اهو سندس خودي کانئڻ جو معراج هو، جو هالن جي بازار مان فقيرن سان گڏ ڳائيندو لنگهيو:  نه ته عام طرح مخدوم صاحب بازار ۾ اچڻ کي عيب سمجهندا آهن. سندن جاءِ جي  ٻاهران ڪيئي دربان ويٺا هوندا آهن. سندن ملاقات به مشڪل مسئلو هوندي آهي. فقير جي صحبت مان ’همه اوست‘ سان گڏ، کيس صوفياڻي راڳ ٻڌڻ مَينوشيءَ جو ورثو به مليو.

مخدوم صاحب نياز ۽ حلم جو مجسمو هو. ڳالهائيندو ٿورو هو. سدائين سڪوت ۾ رهندو هو، جيڪڏهن ڪو ساڻس ڳالهائيندو هو ته ٻن ٽن چونڊيل لفظن ۾ اهڙو جواب ڏيندو هو، جنهن تي وڏن جيد عالمن ۽ فيلسوفن کي به رشڪ اچي.

منهنجي ساڻس رئيس فقير بخش خان ڪاڇيءَ جي معرفت واقفيت ٿي ؛ ليڪن بدقسمتيءَ سان، انهيءَ وقت سياسي ڳالهين ۾ مشغول رهڻ ڪري، سندس مجلس ۽ ملاقات مان گهڻو لطف حاصل ڪري ڪو نه سگهيس. دنيوي ڪارخاني جو ڪاروبار سندس ننڍو ڀاءُ، مولوي ميان غلام حيدر صاحب هلائيندو هو، جنهن جو احوال جدا ايندو. کيس  ميان محمد زمان فرزند ٿيو، جو ”طالب الموليٰ“ جي تخلص سان سنڌي ادب جي بينظير خدمت ڪري رهيو آهي.

مخدوم ميان غلام محمد صاحب پهرين محرم 1363هه، مطابق 28 ڊسمبر 1943ع تي وفات ڪئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org