زميندار ۽ خاندان
1- رئيس فقير بخش خان، رئيس شهمير خان ڪاڇي
(ڪوٽڙي)
چوڻ ۾ اچي ٿو ته هي ۽ ٻيا ”ڀٽ“ جي ڳوٺ جا ڪاڇي، اصل ڀٽا قبيلي
جا ماڻهو هئا، جي ميرن جي صاحبيءَ ۾ مال سانگي اتر
کان لڏي، ڪرچات جي نزديڪ، محال ڪوهستان جي مڪان
”گابان“ ۾ اچي وٿاڻ ٺاهي ويٺا. رئيس جو وڏو ڏاڏو
محمد صالح به وڏو مالدار ۽ هوشيار مهمان نواز شخص
هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪي فقير اتان جي لانگهائو
ٿيا، انهن جي چڱيءَ طرح خدمت ڪيائين، جن دعا ڪيس،
سگهو ئي مير صاحب ڪرچات ۾ سرهن جي شڪار لاءِ آيا.
هن سندس چڱيءَ طرح خاطر تواضح ۽ خدمت ڪئي، جنهن
ڪري هنن منجهانئس راضي ٿي کيس نوڪريءَ ۾ رکيو ۽
زمين ڏني. سگهو ئي محنت ڪري چڱي ملڪيت گڏ ڪري ويو،
۽ هيٺ لهي مانجهندن جي ڀر ۾ پنهنجو ڳوٺ ٻڌائين.
ٿوري وقت اندر هن جي قبيلي جا، ڀر وارن خاندانن سان سٺا تعلقات
قائم ٿي ويا. سندس پوٽي فقير بخش خان جون ٻه
نياڻيون هيون. هڪ سيد اسدالله شاهه ڀين واري جي
گهر ۾ هئي ۽ ٻي سيد مقيم شاهه متالهه واري جي گهر
۾ هئي. اسان جي خاندان سان به دوستاڻو رستو هون.
ان فقير بخش خان کي شهمير خان فرزند ٿيو، جو
جوانيءَ ۾ هڪڙو پٽ ڇڏي، وفات ڪري ويو، جنهن جو
نالو پڻ فقير بخش خان هو. منهنجي والد ننڍڙي فقير
بخش خان جي اولاد وانگر پرگهور لڌي. مائٽاڻي
ملڪيت هن وٽ گهڻي هئي. هن يڪدم ملهه، شڪار، راڳ ۽
عياشيءَ تي اها صرف ڪرڻ شروع ڪئي، جا ڳالهه انهن
ڏينهن ۾ مشهوريءَ معتبريءَ ۽ خانداني لياقتن جي
خصوصيت مان سمجهي ويندي هئي. سگهو ئي هي چڱي
واقفيت ۽ لاڳاپو پيدا ڪري ويو.
آءُ جڏهن ننڍو هوس، تڏهن هن منهنجي سنڀال ۽ تربيت ۾ ڪافي دلچسپي
ورتي. آئون کيس ”چاچا“ ڪري سڏيندو هوس ۽ هو ”بابا
سائين“ ڪري سڏيندو هو. سندس وسيلي سنڌ جي ڪيترن
خاندانن سان منهنجي واقفيت ٿي. ڪيترا دفعا گڏجي
دعوتن تي ويا هئاسون، جا ڳالهه انهن ڏينهن ۾ باهمي
تعلقات پيدا ڪرڻ ۽ رابطي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري
سمجهي ويندي هئي. هو باهمت، يڪ سُخنو، بيڊپو،
سخي، مهمان نواز ۽ رنگين طبيعت جو انسان هو.
خانداني نشست – برخواست ۽ آداب مجلس حاصل ڪرڻ ۾
مون وٽانئس گهڻو ڪجهه پرايو. مهل تي ڪم اچڻ جهڙو
هو ۽ ڪَس کائڻ جي صفتن سان معمور هو. البت سندس
غصي ۽ رضامندي تي اعتبار نه هئڻ ڪري، ماڻهو جيڪڏهن
پيار ڪندا هئس ته ڊڄندا به هئس. پنهنجي ڳوٺ ۾
عاليشان بنگلو ۽ ٻيون ڪيتريون جايون پڻ ٺهرايائين.
سندس بنگلو هميشه ڪچهرين، مهمانن ۽ راڄن جي اچ وڃ
کان پيو ٻهڪندو هو. اڄ انهن جاين جي ويراني ڏسي،
دنيا جي بي ثباتيءَ جو منظر اکين اڳيان اچيو
بيهي.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
اَديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين.
سندس واقفيت ۽ دوستيءَ جو دائرو وسيع هو، ليڪن سندس خاص دوستن
مان هيٺيان ماڻهو شمار ڪري سگهجن ٿا:
1. مخدوم غلام محمد صاحب، 2- سيد ميان ولي محمد شاهه سجاده نشين
سيوهڻ؛ 3- پير ميان الهيار شاهه صاحب، سجاده نشين
درگاهه سخي هاشم شاهه، مٽياري؛ 4- فقير قلندر بخش
صاحب صوفي ڍورو نارو؛ 5- سردار واحد بخش خان ڀٽو،
نئون ديرو؛ 6- سيد گل محمد شاهه، ڦٽه، تعلقو
سيوهڻ؛ 7- خانبهادر حاجي امام بخش خان جتوئي،
نوابشاهه؛ 8- سيد شفيع محمد شاهه، متالهه؛ ۽ 9-
سيد مقبول شاهه، ڀين.
ازان سواءِ هيٺين آفيسرن سان به گهاٽو رستو هوس؛
1. غلام مصطفيٰ خان عيساڻي؛ 2. خان محمد خان چانڊيو، ڊپٽي
سپرنٽينڊنٽ پوليس؛ 3. ميان غلام رسول شاهه، ڊپٽي
سپرنٽينڊنٽ پوليس، هالاڻي.
کيس ٻه فرزند آهن؛ 1. رئيس شهمير خان، ۽ 2. رئيس علڻ خان،
پهريون هن وقت لڏي حيدرآباد وڃي ويٺو آهي.
رئيس فقير بخش خان 11 مئي 1942ع تي وفات ڪئي.
2- سيٺ ڏيا رام ريجهومل ڀوڄواڻي
(مانجهند؛ تعلقو ڪوٽڙي)
هي مانجهند ڳوٺ جي قديم ڀوڄواڻي ڪٽنب مان هو. خوش پوشاڪ ۽ خوش
خوراڪ هئڻ ڪري، ملڪيت ۾ پنهنجي ڳوٺ جي سنڌ ورڪي
هندن کان گهٽ هو، جن کي ڏيساور مان لکھا رپين جي
ڪمائي هئي. ازان سواءِ محال مانجهندن جي زمينن جي
پيدائش به گهٽ ٿي ويئي هئي، ليڪن باوجود انهيءَ
جي ساري شهر ۽ آسپاس ۾ سندس گهڻي عزت هئي. هن جو
گذر زمينداريءَ تي هو. وياج خوريءَ کان هن هميشه
ڪنارو ڪيو. مسلمانن ۾ چڱي رهائي هيس ۽ سندن ڪم ڪار
۾ ايندو هو. هن جي رئيس فقير بخش خان سان خاص
دوستي هئي. تعلقي لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ
هو. ان وقت آءٌ تعلقي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ هوس.
هو زمانه شناس ۽ دورانديش ماڻهو هو. سندس ڪيتريون ڳالهيون نصيحت
آموز هيون. هڪ ڏينهن مون کي چيائين: ”شاهه صاحب،
حياتيءَ جي سفر کي ائين ڪري سمجهڻ گهرجي، جهڙو وڏي
ميلي جي ڏينهن ۾ سوڙهين گهٽين مان آمدرفت، جتان
ماڻهن جي گپا گيهه مان پاڻ بچائي، سلامتيءَ سان
ٻاهر نڪرڻ کي غنيمت شمار ڪرڻ گهرجي. رستي ۾ ڪپڙن
جي ڦاٽڻ، ٽوپي يا پٽڪي لهڻ، ڌڪي اچڻ چوري ٿيڻ، سڀ
شئي جا امڪان آهي. پر دانشمند اهو ماڻهو آهي، جو
اهڙين رڪاوٽن کان هَڄي ۽ ڊڄي رستي ۾ روڪجي نه
وڃي؛ پاڻ ڇڏائي ٻاهر نڪري اچي. ان وانگر زندگيءَ ۾
به گهڻين مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي سامهون ٿيڻو پوندو.
ان لاءِ بهترين صلاح اها آهي ته ماضيءَ کي درگذر
ڪري، مشڪلاتن کي پٺيءَ پويان اڇلائي، اڳتي هليو
هلجي.“
3- سيٺ منگهرمل ٽيڪچند ڌنواڻي
(مانجهند: تعلقو ڪوٽڙي)
هي ڌنواڻي قبيلي جو نوجوان، جاوا طرف سنڌ ورڪ ۽ واپار لاءِ ويل
هو، جتي ڪجهه سال رهي، خاصي رقم ڪمائي موٽي ڳوٺ
آيو ۽ زمين خريد ڪري ويهي رهيو. ٿوري وقت ۾ آسپاس
جي ماڻهن ۽ ڪامورن سان چڱا تعلقات پيدا ڪري ويو.
انهيءَ ڪري سرڪار مان کيس راءِ صاحبيءَ جو خطاب
مليو. شهر مانجهندن ۾ ٻيو مکيه ماڻهو سيٺ ڏيا رام
هو، جنهن سان اندروني اختلاف رهندو هوس. ليڪن هي
ٻيئي صاحب اهڙا هوشيار ۽ سنجيدا هئا، جو ظاهر لوڪ
لکا ڪا نه وڌائون. مسٽر اڌارام ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مسٽر
پيرزادي ڊپٽي ڪليڪٽر سان سندس دوستي هوندي هئي.
عام ماڻهن طرفان، سندن ڪمن واسطي، عملدارن کي
درخواستون ڪرڻ يا وفدن جي صورت ۾ وڃي سندن ترجماني
ڪرڻ سان خاص دلچسپي هيس. هن به زميندار ڪرڻ کان
پوءِ وياج خوريءَ ۽ واپار کان گوشو ڪيو؛ جنهن ڪري
عام ماڻهن ۾ مقبوليت حاصل ڪري سگهيو.
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ، حالتن کان مجبور ٿي هندستان لڏي ويو ۽
هينئر ڪلياڻ ڪئمپ نمبر چار ۾ رهي ٿو. وطن سان خاص
محبت اٿس. مانجهند شهر جي گهٽيءَ جي مِٽي گهرائي،
تعويذ ڪري پاڻ وٽ رکي اٿس. اتي به مقاطعن مان
ڪمائي، بيٺلائي حاصل ڪري ويو آهي، رئيس فقير بخش
خان ۽ مون سان خاصا لاڳاپا هئس. پاڪستان ٿيڻ کان
پوءِ ته ٻه دفعا جڏهن آءٌ بمبئيءَ ويو آهيان، ته
دعوت ڏيئي وٺي ويو آهي. هتي هي سالن تائين مانجهند
ميونسپالٽيءَ ۽ نوٽيفائيڊ ايريا جو پريزيڊنٽ ۽
چيئرمين رهيو هو، ۽ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو
ميمبر پڻ هو.
4- سيٺ آئيداس مل ٽيڪچند نورپورائي
(سن، تعلقو ڪوٽڙي)
هي اصل نور پور جي ڳوٺ جا ويٺل هئا، جتان سندس پيءُ ٽيڪچند لڏي
سَن ۾ اچي ويٺو هو. هي گهڻو ڪري وياج جو ڌنڌو ڪندا
هئا، جنهن مان ڪجهه زمين به حاصل ڪري ويا هئا.
ٽيڪچند کي ٽي پٽ هئا. سيٺ آئيداس، مل، سيٺ ڀوڄو مل
۽ مسٽر ليلا رام، آئيداس مل وڏو هو. ٿوري وقت
اندر پنهنجي هوشياريءَ سبب، آفيسرن ذريعي، پنهنجي
صغير سنيءَ جي زماني ۾ منهنجي نوڪرن جي مدد سان،
زمين وڌائي، چڱي حيثيت ڪري ويو. هو قابل، زمانه
شناس، مهمان نواز، خوش خلق ۽ باهمت ماڻهو هو. البت
سندس ڌنڌي وياج خوريءَ ڪري عام ماڻهو منجهانئس
ناراض رهندا هئا. سيٺ تيجومل لڪيءَ واري ۽ سيٺ
ڏيارام مانجهند واري سان دوستي هوندي هيس، جنهن
ڪري باهمي تعاون جي ڪري هن جي پوزيشن بهتر بڻي
هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن آءٌ وڏو ٿيس ۽ هن جو
اثر گهٽجي ويو هو، تڏهن هو هميشھ مون وٽ اچي ڪچهري
ڪندو هو.
هڪ ڏينهن سيٺ ڏيا رام ۽ هي ٻيئي مون وٽ ويٺل هئا، تڏهن سيٺ
ڏيارام کيس چيو ته، ”سيٺ آئيداس مل، تو جهڙو
هوشيار ۽ قابل ماڻهو عوام ۾ اثر پيدا نه ڪري سگهي،
ان جو مکيه ڪارڻ تنهنجو وياج خوريءَ جو ڌنڌو آهي،
هينئر زمين گهڻي اٿئي، پٽن ۾ چاڙهو ڪو نه اٿئي،
سوين ڊڪريون جي عام غريبن تي ڪڍائي رکيون اٿئي، سي
ماڻهن جي غربت ڪري تنهنجي حياتيءَ ۾ وصول ٿيڻ
واريون ڪين آهن، بهتر ڳالهه آهي ته ماڻهن کي
گهرائي، کين قرض معاف ڪري ڇڏ ۽ دعا کٽ.“ ان تي
جواب ڏنائين ته، ”تون جيڪي چوين ٿو، سو سراسر صحيح
آهي، مون کي معلوم آهي ته اهي قرض وصول ٿيڻ وارا
ڪين آهن. پر ڇا ڪريان. دل تان اَسانگو لاهي نٿو
سگهان.“
هو غريب هو، پر پنهنجيءَ همت ۽ سرڪاري مدد سان وڏي حيثيت ڪري
ويو هو. پاڻ تعلقي لوڪل بورڊ جو ميمبر هو. کيس اهو
خيال گهر ڪري ويٺل هو ته شرافت ۽ قابليت جو عام
ماڻهن وٽ نه قدر آهي ۽ نه عزت؛ ڏنڊي ۽ موچڙي سان
سڀ شيءِ سڌي آهي؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن اهي وٽانئس هليا
ويا هئا، تڏهن سندس قابليت ۽ لياقت جو ڪو به قدر
ڪو نه هو. کيس هيءَ بنيادي ڳالهه وسري ويل هئي ته
سندس ڌنڌو بدنام هو.
هو اڪثر مثال ڏيندو هو ته ”گهڻا ماڻهو سنئون ٿي کير نه پيئندا
آهن، ليڪن اونڌي ٿيڻ بعد گندگي به کائڻ لاءِ تيار
ٿي ويندا آهن.“ سندس فلسفه زندگي مطابق پيسو ۽
طاقت عزت جا مکيه معيار هئا. باوجود انهيءَ جي جو
آءٌ سندس نقطه نگاهه ۾ ويساهه نه رکندڙ هوس، پر
سندس شائسته گفتگو ۽ پخته ڪار مصلحتن کي مدنظر
رکي، اڪثر گهرائي، ساڻس ملاقات ڪندو رهندو هوس.
جڏهن بيمار ٿيو ۽ موت جي منهن ۾ هو ته آءٌ چند
ماڻهن سان گڏ سندس طبيعت پُرسيءَ لاءِ سندس جاءِ
تي ويس. ان وقت پيئڻ لاءِ پاڻي گهريائين. هٿ پئي
ڏڪيس. سندس پُٽ پاڻي پيارڻ ٿي گهريس، پر هن جي
شوخيءَ ۽ شان اها ڳالهه گوارا نه ڪئي، ته ٻين جي
سامهون ٻئي جي هٿ مان پاڻي پيئي. سو گلاس هٿ ۾ وٺي
خود پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪيائين. پاڻي پيئڻ بعد،
شهپرن کي ڏڪندڙ هٿ سان صاف ڪري ڏيکاريائين ته
باهمت انسان موت جي سامهون به پنهنجي شوخيءَ کان
هيٺ نٿا لهن. اسين ٻاهر نڪتاسون ته ڏهن منٽن بعد
دم ڏنائين.2 مارچ 1936ع تي، سن ۾ لاڏاڻو ڪيائين.
کيس ٻه پٽ آهن؛ ڀاونداس ۽ وشنداس، جي ٻيئي اڄڪلهه بمبئيءَ ۾ رهن
ٿا.
5- سيٺ تيجومل خانچنداڻي لڌاڻي
(لڪي، تعلقو ڪوٽڙي)
سيٺ تيجومل اصل لڪيءَ جو رهواسي هو. سندس ڌنڌو هو زمينداري ۽
واپار. هي تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ۽ ضلعي
لوڪل بورڊ دادوءَ جو ميمبر هو. چاچا ولي محمد
شاهه جن جڏهن حضرت قلندر شهباز جي درگاهه جي خدمت
پاڻ تي هموار ڪئي ۽ پوءِ سيوهڻ مان ئي شادي ڪئي،
تڏهن کيس لازمي طرح سان لڪيءَ مان لڏي وڃي سيوهڻ
رهڻو پيو. سندن لڏي کان پوءِ ٻي ڪا به اهڙي پهر
نه بَچي، جا لڪي جي راڄَ کي سنڀالي سگهي، نتيجو
اهو نڪتو، جو سيٺ تيجومل پنهنجي پئسي جي زور تي ۽
پنهنجن ٻين لاڳاپن جي ڪري، چڱي حيثيت پيدا ڪري
ورتي. آسپاس جي زميندارن سان پڻ چڱا لاڳاپا هئس،
آفيسرن سان به چڱو لاڳاپو رکيو آيو، منڇر جي ڀر ۾
کيس چڱي زمين هئي. لڪيءَ جي مسجد جي تعمير وقت
ساڻس منهنجو اختلاف ٿي پيو هو، ليڪن ٺهراءُ ٿيڻ
کان پوءِ هن سٺا تعلقات قائم ڪيا.
پاڻ هتي ئي پهرين جنوري 1939ع تي انتقال ڪيائين. سندس اولاد
هتان لڏي هندستان ۾ وڃي ويٺو آهي.
6- سيد حاجي ميان پير شاهه ولد سيد جيئندل شاهه
(محرابپور، سڪرنڊ)
هي لڪياري سيدن جي ميان پوٽي آڪهه مان آهن. سندن ڏاڏو، سيد ميان
پير شاهه، ميرن جي صاحبيءَ ۾، سندن ڪاردار ٿي،
سڪرنڊ طرف آيو. اُتي نوڪري ڪري، ڪافي ملڪيت گڏ ڪرڻ
کان پوءِ، محرابپور جي ڳوٺ ۾ هميشھ لاءِ مقيم ٿي
ويو. تن ڏينهن ۾ لڪياري سيدن جي ميان پوٽي قبيلي
جي ٻين شاهن وانگر، هي به هالن جي مخدوم صاحب جو
مريد هو. هن کان پوءِ سيد ميان جيئندل شاهه، سندس
فرزند، به اتي رهيو. محنت ۽ سادگيءَ ڪري زمين ۽
ملڪيت پنهنجي والد کان به وڌائي ڇڏي.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته اتفاقاّ انهن ڏينهن ۾ محرابپور ڳوٺ ۾ ازغيبي
ڀتر وسڻ لڳا ۽ باهيون لڳڻ شروع ٿي ويون، جن کي جنن
جو آزار سڏيو ٿي ويو. بچاءَ لاءِ گهڻيئي علاج ٿيا،
پر فائدو ڪو نه پيو. آخر پير ميان سخي بچل شاهه
نورائيءَ واري جي معرفت ڳوٺ تان اها مصيبت ٽري. ان
ڏينهن کان ميان جيئندل شاهه، سخي بچل شاهه جو مريد
ٿيو، ۽ ان ۾ اهڙو اعتقاد هوس جو چوندا آهن، ته
اولاد کي وصيت ڪري ويو، ته پير صاحبن جي گهڻي خدمت
ڪندا اچجو، ايتريقدر جو ڄڻ ته پير صاحب سندن ملڪيت
۾ ڀائيوار هئا.
ميان جيئندل شاهه کي ٻه فرزند ٿيا: ميان پير شاهه ۽ ميان اسحاق
شاهه، چاچي، سيد ميان پير شاهه، والد جي وصيت تي
پوريءَ طرح عمل ڪيو، هو سندس حياتيءَ ۾ پير ميان
بچل شاهه نورائيءَ واري جي پٽ ميان حاجي شاهه کي
نه صرف نذر نياز ڏيندو هو، بلڪه زندگيءَ جي هر
معاملي ۾ سندس مصلحت موجب هلڻ پسند ڪندو هو.
اليڪشن جي وقت ۾ اميدوار، شاهه صاحب کي پير صاحب
جي معرفت چوائڻ وڌيڪ مفيد سمجهندا هئا.
هن صاحب حج ڪيو هو. ڪفايت شعاريءَ ۽ سٺي انتظام وسيلي مائٽاڻي
ملڪيت کان ٻيڻي ملڪيت وڌائي ڇڏي هئائين. هي
نمازي، سادو مزاج، مذهبي رجحان جو بزرگ، ڪم سخن ۽
ڪم آزار هوندو هو. باوجود ڪفايت شعاريءَ جي، سخاوت
۾ برک هو. سوين مسڪين ۽ غريب سندس زڪوات ۽ خيرات
مان مستفيد ٿيندا هئا.
ميان پير شاهه ٽي شاديون ڪيون: 1. سيد حسن علي شاهه جي نياڻي،
2. رئيس ميان غلام حيدر خان چانڊئي، ويٺل مراد علي
خان جي ڳوٺ جي نياڻي، ۽ 3. حاجي ڌڻي بخش قنڌاريءَ
جي نياڻي. ٻي نمبر شاديءَ مان کيس حسن بخش شاهه
فرزند ٿيو. ميان اسحاق شاهه کي ڏاڏي پوٽيءَ مان ڪو
اولاد ڪو نه ٿيو، ان ڪري ان جي ملڪيت به حسن بخش
شاهه کي ملي. ميان حسن بخش شاهه ڪيترائي حج ڪيا
آهن. هي سياست ۾ اسان سان گڏ پئي رهيو آهي. پهرين
اسين جڏهن مسلم ليگ ۾ هئاسون، ته هو به ان ۾ هو؛
پوءِ عوامي محاذ ۽ نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ هو. سنڌ
اسيمبلي ۽ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر به
ٿي رهيو آهي. هن وقت هن تي مائٽن وانگر مذهبي رنگ
غالب آهي. سارو وقت عبادت، پرهيز گاري ۽ شب خيزيءَ
۾ گذاري ٿو، سخاوت ۾ مائٽن کان به ٻه رتيون زياده
ٿي ويو آهي. ميان زين العابدين کنيارين جي بزرگ جي
معتقدن مان آهي، جو هن وقت هجرت ڪري وڃي مديني
منوره ۾ ويٺو آهي.
چاچي ميان پير شاهه جا هٿ اکر ۽ تصوير مون وٽ موجود آهي. هن 27
رجب 1359هه مطابق 31 آگسٽ 1940ع تي وفات ڪئي. وفات
وقت سندس عمر ٻياسي ورهيه هئي.
7- وڏيرو حاجي خان محمد ولد ميان امان علي خان انڙ
(کڏهر، سڪرنڊ)
هي کڏهر جي انڙ زميندار، ميان امام علي خان جو فرزند هو. کيس
ٻيا ٽي ڀائر هئا؛ وڏيرو شاهه محمد، وڏيرو شهاب
الدين، ۽ وڏيرو مير محمد. هن محنت ۽ سرجوشيءَ سان
زمين ۽ ملڪيت گهڻي وڌائي ڇڏي، ۽ آسپاس جي خاندانن
سان سٺا تعلقات قائم ڪيا، راڄن ۾ به سٺي رهائي ۽
اثر هوس. ميان صاحب کنيارن واري جو مريد هو. سيد
ميان ٻڍل شاهه، نوابشاهه واري ۽ حاجي ميان پير
شاهه سان سٺا تعلقات هئس. مون سان به دوستاڻو
لاڳاپو هوس. گهڻو وقت ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ نوابشاهه
جو ميمبر ۽ تعلقي لوڪل بورڊ سڪرنڊ جو پريزيڊنٽ
رهيو هو. اليڪشن ۾ ميان ٻڍل شاهه جي حياتيءَ ۾ ان
جي پويان هلندو هو. ان کان پوءِ سيد ميان حسن بخش
شاهه سان جيئن لاڳاپا قائم ڪيائين، سي گهڻو وقت
هلندا آيا. ان جو ڏو فرزند ميان حاجي عمر ڄام هو،
جو به راڄ جو چڱو مڙس هو؛ تازو موٽر جي حادثي ۾
وفات ڪيائين. وڏيرو حاجي امام علي خان اڳي اسان
سان گڏ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر هو، ۽
هاڻ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويو آهي.
حاجي ميان خان محمد جي تصوير مون وٽ موجود آهي. هن
تاريخ 18 محرم 1363 هه، مطابق 15 جنوري 1944ع تي،
ستر سالن جي عمر ۾ انتقال ڪيو.
8- وڏيرو محمد فاضل ولد يار محمد لاکو
(موريو لاکو،سڪرنڊ)
وڏيري يار محمد لاکي کي ٻه پٽ هئا: وڏيرو خدا بخش ۽ وڏيرو
محمد فاضل. وڏيرو خدا بخش درويش ماڻهو هو. هن جو
توجهه زمين جي طرف گهڻو هو. ٻاهر اُٿڻ- ويهڻ ۽
ماڻهن سان تعلق رکڻ جو ڪم وڏيري محمد فاضل جي
حوالي هو، جو هوشيار، رلڻو ملڻو ۽ يارويس طبيعت
جو ماڻهو هو. سندس دوستاڻا تعلقات رئيس فقير بخش
خان ڪاڇي، وڏيري خان محمد کڏهري، سيد ميان پير
شاهه، ميان ٻڍل شاهه ۽ مون سان تمام چڱا هئا. هي
ڪم ڪار ڪرڻ ۽ مهل سر سڏ ڏيڻ جهڙو ۽ خوش خلق ماڻهو
هو. پاڻ گهڻين تڪليفن مان لنگهيو هو. هڪ دفعي
پوليس جي دشمنيءَ ڪري قلم 110 هيٺ رجوع ٿي، ضمانت
هيٺ رهيو. انهن ڏينهن ۾ اهو قلم اڪثري خوددار ۽
باهمت زميندارن کي ڪمزور ۽ بدنام ڪرڻ لاءِ ڪم
آندو ويندو هو يا پوليس جي پئسن ڪمائڻ لاءِ، سوين
نالا رجوع ڪرڻ لاءِ رٿيا ويندا هئا؛ پوءِ جيڪي
پئسا ڏيندا هئا، سي آزاد ٿي ويندا هئا. باقي غريب
۽ عملدارن يا ڀر وارن زميندارن جي دشمنيءَ وارا
رجوع ڪيا ويندا هئا.
هن شادي ڪا نه ڪئي هئي، تنهن ڪري اولاد ڪو نه هوس. باقي سندس
ڀاءُ کي ٻه فرزند ٿيا: ميان خان محمد ۽ ميان شفيع
محمد.
وڏيرو محمد فاضل ڌاڙيلن جي هٿان، ڏينهن ڏٺي جو ڀريءَ مجلس ۾، 18
فيبروريءَ 1943ع، مطابق 12 صفر 1362 هه تي قتل
ڪيو ويو. سندس تصوير ۽ خط مون وٽ موجود آهن.
هونئن به سڪرنڊ تعلقو پوليس جي رشوت خوريءَ،
ڌاڙيلن جي لٽ ۽ ڦر کان اڪثر تڪليف ۾ رهيو آهي.
9- سرائي يار محمد خان ولد حمزو خان جلباڻي
(ڳوٺ ماڙي، سڪرنڊ)
سرائي حمزو خان جلباڻي، سندس ڏينهن ۾، مشهور معروف، باهمت ۽
ڪارآمد زميندار هو. ڊگهاڻي پاڙي جو هو. هن جي
خاندان جا اسان سان نهايت دوستاڻاتعلقات هئا،
ايتريقدر جو ان ڳوٺ جو قبرستان به سَنَ ۾ هو.
منهنجي والد سان عقيدتمندانه رستو هوس. کيس ٽي پٽ
ٿيا: 1. سرائي يار محمد خان 2. سرائي صاحب خان ۽
3. سرائي غلام حسين خان. سرائي يار محمد خان محنت
ڪري پڙهي، مختيارڪاريءَ ۾ وڃي ڪلارڪ ٿيو. کيس
زمينون گهڻيون هيون، پر هيٺيون زمينون ٻوڏن هيٺ
اچڻ ڪري، ۽ مٿيون زمينون پاڻي نه هئڻ ڪري، پوريءَ
طرح آباد ڪين ٿينديون هيون. هن نوڪري ڏاڍيءَ همت
سان ڪئي ۽ ان مان پاڻ کي ٺاهي ويو. هڪ سٺو بنگلو
مهمانن لاءِ ٺهرايائين، پر سوق ۾ نئين شادي ڪرڻ
سبب، نوڪري ڇڏي ڳوٺ اچي رهڻو پيس. ڪجهه وقت کان
پوءِ، زمين مان پيدائش نه ٿيڻ ڪري ڏتڙجي ويا، تنهن
هوندي به ماڙيءَ ۾ وڃڻ تي ساڻس ملاقات ۽ مجلس ڪرڻ
مان دل کي راحت پيئي ايندي هئي. سندس وڏو فرزند،
رئيس عباس علي خان. هن وقت ڪم ڪار هلائيندو آهي ۽
رئيس صاحب خان، سندس ڀاءُ، به مڙس ماڻهو آهي؛ پر
رئيس يار محمد خان پنهنجو مَٽ پاڻ هو. هن 1930ع
ڌاري وفات ڪئي.
سندن ڳوٺ ماڙيءَ ۾ ٻيو چڱو مڙس سرائي فيض محمد خان ولد الهه بخش
خان جلباڻي هو. هن جي ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ چڱي رهوڻي
هئي. ڀاڻوٺ جي سيدن سان دوستاڻا ۽ نيازمنداڻا
تعلقات هئس. اسان جي گهر سان سڀني جلباڻين وانگر،
گهاٽا لاڳاپا هئن. ڪجهه وقت قبرستان به هتي هون.
آخر وقت تائين بنا عينڪ جي قرآن شريف پڙهندو هو ۽
مسجد ۽ جماعت سان نماز پڙهڻ ويندو هو. هن 3 ربيع
الآخر 1375 هه، مطابق 9 نومبر 1955ع، ڇنڇر ڏينهن
سئو ڏهه ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. هن وقت سندس
فرزند ميان الهه بخش خان ساڳييا مائٽاڻا رستا قائم
رکيو اچي.
10. سرائي حاجي نبي بخش خان ولد وڌيو خان چانڊيو.
(ڳوٺ مراد علي خان چانڊيو، تعلقو سڪرنڊ)
حاجي صاحب 1858ع ڌاري ڄائو هو. غريب گهر جو فرد هو ۽ پڙهي
تپيداريءَ جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو، جتان سپر وائيزر
ٿي پينشن تي آيو، ڪجهه زمين خريد ڪري، انهيءَ کي
سڌاري خوش گذران ڪرڻ لڳو، نيٺ ڪمشنر جو درٻاري ٿي
ويو؛ پر جڏهن سن ۾ خلافت ڪانفرنس گڏ ٿي، تڏهن
پينشن جي بند ٿيڻ جي پرواهه نه ڪري، سرائي ميان
ولي محمد خان سان گڏ، ڪمشنر جي درٻار جي ڪرسيءَ
تان دستبردار ٿيو. سن جي قاضيءَ وٽ پڙهيو هو. ان
ڪري هي تعلقات قائم رکندو آيو. اڪثر وٽن ايندو
ويندو هو. منهنجي والد سان تعلقات هئڻ ڪري. مون
سان نهايت محبت سان هلندو آيو. جڏهن حج تي ٿي ويو،
تڏهن اتان ڊگها خط، شاهه صاحب جي بيتن سان، ادبي
نموني جا، مون کي لکندو رهندو هو. اچڻ بعد
”سفرنامه حجاز“ نالي سان ننڍو ڪتاب لکيو هئائين.
نهايت خوش خلق ۽ ڪارآمد ماڻهو هو. کيس ٻه پٽ ٿيا:
علي حسن خان ۽ مير حسن خان. پهريون جوانيءَ ۾ وفات
ڪري ويو ۽ ٻيو حيات آهي. رئيس ميان نبي بخش خان
12 رمضان 1351هه مطابق 9 جنوري 1933ع تي وفات ڪئي.
ان جي ڀر ۾ سرائي حاجي ميان ولي محمد خان ولد حاجي مراد علي خان
چانڊيو، وڏو زميندار، نيڪ بخت، نماز روزي جو
پابند، راڄ جو چڱو مڙس هو. اسان جي خاندان سان خاص
دوستاڻا تعلقات هوندا هئا. پاڻ ۽ حاجي نبي بخش
خان ٻيئي سَن ۾، قاضي ميان محمد اڪمل مرحوم جي
مڪتب ۾ پڙهيا هئا. کيس ٻه فرزند ٿيا: هڪ رئيس
عبدالله خان ۽ ٻيو رئيس شفيع محمد خان، پهريون
وفات ڪري ويو آهي، ٻيو زندهه آهي ۽ سڀني سان
مائٽاڻا تعلقات قائم رکيو ٿو اچي. چاچا حاجي ميان
پير شاهه، ٻي شادي سندس خاندان مان ڪئي هئي، جنهن
مان حسن بخش شاهه پيدا ٿيو، سرائي حاجي ميان ولي
محمد خان 27 شعبان 1347هه، مطابق 9 فيبروري 1929ع
تي وفات ڪئي.
11- سيد مقبول شاهه ولد اسدالله شاهه بخاري
(ڀيان، تعلقو ڪوٽڙي)
هي بخاري پاڙي جي سيدن مان هو. اصل شايد زمينداري چڱي هئن، جا
درياءَ جي پائڻ ڪري گهٽجي ويئي هئي. هنن جو آسپاس
جي راڄن ۾ لاڳاپو ۽ اثر گهڻو هو.
سندس والد، ميان اسدالله شاهه جي گهر ۾ رئيس فقير بخش خان
ڪاڇيءَ جي پڦي هئي. کيس ٽي پٽ ٿيا: سيد مقبول
شاهه، شاهه محمد شاهه ۽ ٽيون ننڍي هوندي گذر ڪري
ويو. ڳوٺ ۽ آپاس جا ڪم ڪاريون، جيستائين سندس سئوٽ
ميان زين علي شاهه حيات هوندو هو، ان جي حوالي هئا
؛ ان کان پوءِ پڳ هن تي آئي، جيتوڻيڪ زميندار وڏو
ڪو نه هو، پر راڄ جا هندو مسلمان کيس مدد ڪندا
هئا، ان ڪري اثر ۽ دٻدٻو. قائم رکيو آيو. ڪيئي سال
ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر رهيو هو. مون
کي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ميمبر ٿيڻ توڙي وائيس
پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنٽ ٿيڻ جي ترغيب هن ڏياري.
سدائين منهنجو ساٿي رهيو. ڪجهه وقت، 1929ع کان ٽن
سالن تائين، اسڪول بورڊ ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو
ميمبر رهيو. تعلقي لوڪل بورڊ ڪوٽڙيءَ جو ريزيڊنٽ
به ساڳئي عرصي ۾ رهيو. انهيءَ وقت ۾ هن پنهنجي ڳوٺ
۽ آسپاس جا ڪيترائي ماڻهو نوڪريءَ ۾ رکايا. ڳوٺ
کان ٻڍاپور اسٽيشن تائين رستو درست ڪرايائين ؛ ڀين
جي ڳوٺ ۾ اسپتال، زنانو اسڪول ۽ انگريزيءَ جا ٽي
درجا وجهايائين. کيس هڪ فرزند اسدالله شاهه نالي
سان آهي، جو نه پڙهڻ ڪري ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو.
سندن سؤٽن مان، يار محمد شاهه هڪ غريب، فقير طبع جو ماڻهو هو.
ان محنت ڪري سندس پٽ پڙهايا: 1. محمد وارث شاهه،
2. ملوڪ شاهه، 3. تاج محمد شاهه، 4. محمد شاهه ۽ 5
بچل شاهه. انهن مان پهريان ٽي نوڪرين ۾ گهڙيا ۽
چڱيءَ ملڪيت جا مالڪ ٿي ويا ؛ آخري وقت ۾ ميان
مقبول شاهه کان طاقتور ٿي ويا. ڀين جو ڳوٺ هاڻ ڦٽي
ويو آهي ؛ اتي جا گهڻا ماڻهو لڏي وڃي منظورآباد
نالي نئون ڳوٺ اڏي، ٽڪريءَ تي، وڏي رستي جي ڀر ۾
ويٺا آهن.
ميان مقبول شاهه رلڻو ملڻو، باهمت ۽ سنگت جو سچو هو. هن 16
ذوالقعد 1371هه مطابق 8 آگسٽ 1952ع تي وفات ڪئي. |