12- سيد شفيع محمد شاهه ولد سيد مقيم شاهه
(متالهه، سنجهورو تعلقو)
هي شاهه صاحب بخاري پاڙي مان، سيد ميان مقبول شاهه وارن جي
عزيزن مان هو. ميان مقيم شاهه، رئيس فقير بخش خان
جي پڦي پرڻيو. کيس ٻه فرزند ٿيا: سيد شفيع محمد
شاهه ۽ سيد غوث محمد شاهه. هنن جي زمينداري وڏي
هئي، ان مان کين پيدائش به گهڻي ٿيندي هئي. ميان
شفيع محمد شاهه مهمان نواز، ماڻهن جي وقت سر مدد
ڪندڙ. ڪم آزار، ڪم سخن ۽ درويش صفت انسان هو.
آسپاس جا ماڻهو ۽ زميندار سندس ڏاڍي عزت ڪندا هئا.
نواب ڄام ڪانڀو خان ۽ نواب ڄام جان محمد خان،
جيتوڻيڪ ملڪيت ۾ هنن کان ڪيئي مرتبا زياده ۽ سرڪار
۾ دسترسيءَ وارا هئا، پر شاهه صاحب جي اخلاق ۽
محبت ڪري سندن ايترو ادب ۽ لحاظ رکندا هئا، جو هو
جڏهن وٽن مهمان ٿي ويندو هو، تڏهن ادب کان کٽ يا
ڪرسيءَ تي نه ويهندا هئا. بلڪه زمين تي ويهندا
هئا. کين اسيمبليءَ ۾ چونڊائڻ لاءِ شاهه صاحب
پنهنجو خرچ ڪري، هر جاءِ تي وڃي کين ووٽ وٺائي
ڏيندو هو. شاهه صاحب جو دسترخوان غريب توڻي
شاهوڪار لاءِ هميشه کليل رهندو هو. مون سان اولاد
وانگر پيار ڪندو هو. سندس ڀاءُ، ميان غوث محمد
شاهه پڙهيل ۽ زمانه شناس، قابل ماڻهو هو، پر
جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو.
ميان شفيع محمد شاهه، اپپور مان، ميان عالي شاهه جي همشيره سان
شادي ڪئي هئي. ان مان پوڙهپڻ ۾ کيس هڪ ففرزند مقيم
شاهه نالي پيدا ٿيو. گهڻي قرب ۽ پيار ڪري البيلو
ٿي پيو ۽ عياشيءَ ۾ ساري ملڪيت تباهه ڪري ڇڏيائين.
هينئر هڪ ايڪڙ زمين جو به وٽس نه آهي. هن وقت ان
ڳوٺ ۾ سواءِ قبرستان جي ٻي ڪا به شيءِ سندن حوالي
نه آهي.
پاڻ 27 رمضان 1364هه، مطابق 7 سيپٽمبر 1945ع تي وفات ڪيائين.
13- سيد ميان جمال شاهه ولد حاجي نور شاهه
(ڀاڻوٺ،هالا)
هي شاهه صاحب ڀاڻوٺي سيدن مان هو. جي مٽياري سيدن جي سَنائي
شاخ، شاهه جرار عليھ رحمت جي اولاد مان هئا. اصل ۾
سن جي ڳوٺ ۾ ويٺل هئا، جتان سهولت ۽ گذر معاش خاطر
لڏي، ميرن جي صاحبيءَ ۾ باڻوٺ جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺا.
ميان جمال شاهه وڏي کي ڇهه فرزند هئا؛ 1. سيد حاجي احمد شاهه،
2. سيد حاجي نور شاهه، 3. سيد بلند شاهه، 4. سيد
فيض علي شاهه، 5. سيد علي محمد شاهه ۽ 6. سيد فضل
علي شاهه.
ان ڳوٺ ۾ ڳاهوٽين جو زور هو، جن سان شاهن جو تڪرار ٿي پيو.
تڪرار ۾ ميان احمد شاهه اتي جي ڳاهوٽي زميندار کي
قتل ڪري وڌو، جنهن ۾ هن کي جنم ٽيپ اچي ويئي، جتان
آزاد ٿيڻ بعد حج تي ويو.
ٻيو نمبر فرزند سيد نور شاهه هو، جنهن همت، محنت ڪري زمينون هٿ
ڪيون ۽ آباد ڪرائي چڱي ملڪيت ڪٺي ڪئي. ڀاڻوٺي سيدن
جي ملڪيت ۽ طاقت ان کان پوءِ زياده ٿي. هن کي به
ڇهه فرزند ٿيا. ٻه شاديون ڪيون هئائين: هڪ سيدن
مان، جنهن مان جمال شاهه ۽ جيئندل شاهه پيدا ٿيا ۽
ٻي شادي وڏيرن گولاڙن مان ڪيائين، جن مان چار
فرزند: نبي بخش شاهه، پير بخش شاهه، مير حسن شاهه
۽ شير محمد شاهه پيدا ٿيا. ميان نور شاهه حج تي
ويو ۽ اتي وفات ڪيائين. منشي ميان محمد رحيم ولد
حمل خان لغاري سندس ڪاروبار سنڀاليندو هو. پڳ سندس
فرزند ميان جمال شاهه تي آئي، جنهن جي حياتيءَ جي
ذڪر ۾ هي مضمون لکي رهيو آهيان.
ميان جمال شاهه مهمان نواز، ساده مزاج، سرڪاري عملدارن وٽ اثر
رسوخ رکندڙ هو. کيس گزيٽ، بندوقن جا پروانا ۽
ڪمشنر صاحب جي درٻار جي ڪرسي مليل هئي. شڪار جو
تمام شوقين هو ؛ عملدارن کي به شڪار ڪرائيندو هو.
عام مسافرن جي کارائڻ لاءِ ديڳيون رڌرائيندو هو.
کيس چار فرزند ٿيا: ميان ڌڻي بخش شاهه، ميان دين
محمد شاهه، شمس الدين شاهه ۽ حسن علي شاهه، انهن
مان پوين ٽن جو اولاد ڪو نه ٿيو، پهرئين نمبر کي
ٽي پٽ آهن: جمال شاهه، جيئندل شاهه ۽ نور شاهه.
ميان ڌڻي بخش شاهه باهمت،مهمان نواز، شڪار جو شوقين، عملدارن ۽
دوستن کي شڪار ڪرائڻ جو ڪوڏيو آهي. باوجود عملدارن
جي خوشامد ڪرڻ جي، وقت بوقت عملدار طبقي جي
دشمنيءَ ڪري تڪليفن هيٺ ئي آيو آهي. رئيس فقير بخش
خان سان دوستي هيس، ۽ مٽياري سيدن سان به سٺا
تعلقات اٿس.
ميان جمال شاهه جو هڪ ڀاءُ، ميان شير محمد شاهه، پوليس ۾ سب
انسپيڪٽر هو. باهمت ۽ سرڪش هو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾
جڏهن نوڪري ۾ هو ته کيس ڀٽن جي ماڻهن خون ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي، جن جي ڌڪن کان هو بچي ويو. پوءِ نوڪري
ڇڏي، اچي ڳوٺ ويٺو. سندس ٻيو ڀاءُ سيد مير حسن
شاهه هو، جنهن جي گهران مون شادي ڪئي آهي. ان کي
هڪ فرزند حاجي غلام شاهه هو، جو تاريخ 13 نومبر
1960ع تي، موٽر جي حادثي ۾، لاولد اسي ورهين جي
عمر ۾ وفات ڪري ويو.
سيد ميان جمال شاهه، تاريخ 22 ربيع الاول 1336هه مطابق 7 جنوري
1918ع تي وفات ڪئي، مخدوم بلاولي جي قبرستان ۾،
ڀاڻوٺ لڳ مدفون آهي. سندن خاندان جي مکيه ماڻهن جي
وفات جون تاريخون هيٺيون آهن:
1. سيد حاجي نور شاهه ولد سيد جمال شاهه وڏو: 30 رجب 1290 هه
مطابق 24 سيپٽمبر 1972ع.
2. سيد مير حسن شاهه ولد حاجي نور شاهه: 16 ربيع الاول 1330هه
مطابق 9 مارچ 1911ع.
3. سيد حاجي شير محمد شاهه ولد حاجي نور شاهه: 15 محرم 1337هه،
مطابق 22 آڪٽوبر 1918ع.
4. سيد محمد حسن شاهه ولد حاجي فضل علي شاهه: 5 جمادي الآخر
1346هه، مطابق 27 نومبر 1927ع.
5. سيد حاجي محمد شاهه ولد سيد قمبر علي شاهه: 20 جمادي الثاني
1349هه، مطابق 15 نومبر 1930ع. اِهي سڀ، سواءِ
حاجي نور شاهه جي بلاوليءَ جي، مقام ۾ مدفون آهن.
14- سيد ولي محمد شاهه، سيد محمد مراد شاهه
(سيوهڻ)
سيد ميان ولي محمد شاهه، لڪياري ساداتن جي يعقوب پوٽي شاخ مان،
سيد صلاح الدين شاهه جي اولاد مان هو،جو
قلندرشهباز جي درگاهه جي سچيءَ دل سان خدمت ڪرڻ
ڪري، هر طرح نوازيل هو. کيس گهڻو اولاد هڪ طرف
پيدا ٿيو، ته ملڪيت به اڪيچار اچي وٽس ڪٺي ٿي. چڱي
زمينداري هٿ ڪري ويا. سيوهڻ تعلقي ۽ آسپاس ۾ خاص
اوج ۽ اثر حاصل ڪري ويا هئا.
وڏن شاهن جي گذرڻ کان پوءِ ساري آڪهه مان صرف ميان ولي محمد
شاهه وڃي بچيو هو، باقي ٻين کي اولاد ڪو نه ٿيو.
اول ۾ هن کي به اولاد ڪو نه هو، جنهن ڪري سندس
سالي ميان ناٿن شاهه جو فرزند، محمد وارث، کي پٽ
ڪري نپايائين. ليڪن آخري عمر ۾ خليفي محمد زمان
عباسيءَ جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين ۽ خدا سائينءَ
کيس فرزند ميان گل محمد شاهه عطا فرمايو ۽ نسل
قائم رهيو.
ميان ولي محمد شاهه خليق، مهمان نواز، مهل سر ڪم ايندڙ، ماڻهن
تي احسان ڪندڙ ۽ پراڻيءَ وضع جو بزرگ هو.
منهنجي چاچي ۽ والد سان دوستاڻا رستا هئا،ان ڪري مون کي اولاد
وانگر ڪري ڀانئيندو هو.
قلندر شهباز جي خدمت، هر روز، بنا ناغي، ٽيهه چاليهه ورهيه
نهايت صداقت ۽ دل سان ڪندو رهيو. هر روز صبح جو
پرهه ڦٽڻ کان اڳ، موسم آهر ٽي کان پنجين بجي تائين
اٿي درگاهه تي وڃي. پنهنجن هٿن سان قلف کولي، مزار
جي صفائي ڪري، نون گلن جا دستار پهرائي، دعائون
گهري، سج اڀرڻ مهل ٻاهر نڪرندو هو. رات جو دروازي
بند ڪرڻ لاءِ به هر روز ويندو هو. پر جي اتفاقا ً
بيمار ٿيندو هو ته پاڻ کڻائي به ويندو هو. درگاهه
تي باوضو، صاف ڪپڙن سان، پوريءَ پابنديءَ سان
ورهين جا ورهيه هر روز ويو. ڪو معمولي ڪم ڪو نه
هو. درگاهه جا ٻيا خدمتگار سبز واري سادات مان،
سيد ميان فتح علي شاهه وارا هئا، جن جي هميشه سن
گهر سان درگاهه جي سوالن تان رقابت هوندي هئي. پر
شاهه صاحب پنهنجي لڳ لاڳاپي، مهمان نوازي، اثر
رسوخ ۽ لڪياري ڀائرن جي ڏڍ تي کين ڍڪي ڇڏيو.
سنڌ جدا ٿيڻ، بعد سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن لاءِ سوال اٿيو ته ان
حد مان ڪير اميدوار بيهي. پيرسنيءَ ۽ گهٽ نظر جي
ڪري، پاڻ اسيمبليءَ ۾ وڃي ڪم ڪرڻ جهڙو ڪو نه هو،
تنهن هوندي به پاڻ اميدوار بيهڻ جون تياريون ڪرڻ
لڳو. آئون ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ رهڻ ۽
خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪن ۾ حصي وٺڻ ڪري، سياسي
معاملن کان واقف هوس، انهيءَ ڪري گهڻن دوستن جي
مرضي ٿي ته آئون اميدوار بيهان. پر جڏهن چاچا صاحب
جي تيارين جي خبر پيم، تڏهن سندس مخالفت ڪرڻ مناسب
نه ڄاتم. آخر پير بقادار شاهه مٽيارين واري، ملڪ
سردار خان ڪوٽڙيءَ واري ۽ سيد ميران محمد شاهه،
گڏجي مصلحت ڪئي ته هو شاهه صاحب وٽ مون کي نيئي،
کيس سمجهائي، مون کي اميدوار بيهڻ جي اجازت وٺي
ڏيندا. سڀني گڏجي پيرسنيءَ ۽ درگاهه جي حاضري
وغيره جا سبب بيان ڪري، کيس منٿ ڪئي، پر سندس
صلاحڪارن کيس ضد تان لهڻ نه ڏنو، پوءِ لڪياري
سيدن، ميان جيئندل شاهه ۽ حاجي فضل علي شاهه، ميان
فتح الدين ڦٽه واري ۽ حاجي قادر بخش شاهه سان
صلاح ٿي، ته انهن به شاهه صاحب جي بي وابي بيان
ڪري، مون کي اميدوار بيهڻ لاءِ، زور ڪيو. شاهه
صاحب پڇاڙيءَ تائين منٿ نه مڃي، ۽ آخرڪار مقابلي ۾
مون کي ڪاميابي ٿي. ان جو مطلب اهو نه هو ته ڪو
منهنجو اثر رسوخ گهڻو هو، بلڪه ماڻهن بدليل حالتن
جي ڪري نوجوان ڪم ڪندڙن کي ترجيح ڏني هئي.
شاهه صاحب تعلقي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ رهي چڪو هو. ساري سنڌ جي
خاندانن سان عمدا تعلقات هئس. پاڻ ستر سالن جي عمر
۾، 2 رمضان 1357هه مطابق 26 آڪٽوبر 1938ع تي وفات
ڪيائون. سندس مزار سندس ڏاڏي حيدر شاهه جي مقبري ۾
آهي، کيس ميان گل محمد شاهه 25 جون 1917ع تي ڄائو.
15- پير عظيم شاهه احمد شاهه
(نصرپور)
پير صاحب تاج ڌڻين جي ، لوئر سنڌ ۾ چڱي مڃتا هئي. سندن گاديءَ
جا ٻه آخري نامور پير ٿي گذريا آهن. پير حيدر شاهه
۽ پير ميان احمد شاهه، جن جي درويشيءَ ۽ دعائن جا
قصا زبان زد عام هوندا هئا. کين نرينو اولاد ڪو نه
ٿيو. پير ميان حيدر شاهه کي هڪ نياڻي هئي، جنهن جي
شادي سندن عزيزن مان پير ميان خدا ڏني شاهه ٿاڻي
بولا خان واري سان ٿي، پير خدا ڏنو شاهه، پير ميان
باقر شاهه ٿاڻي بولا خان واري جو ننڍو ڀاءُ هو.
ٻئي جيلاني نسل جا سيد هئا، پير خدا ڏنو شاهه
شاديءَ کان پوءِ لڏي اچي ميرپور خاص ۾ هنن پيرن جي
گاديءَ تي ويٺو، پر جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪن اندروني ڳالهين تان پير ميان احمد شاهه جي
اهليه کي پير حيدر شاهه جي گهر وارن ماڻهن سان
شڪايت ٿي پيئي. اوچتو معلوم ٿيو ته هڪ شخص عظيم
شاهه نالي واري کي سندس والده سڃاتو، ته هو سندس
ننڍي هوندي فوت ٿيل فرزند هو. ان بابت قصو هن ريت
هلايو ويو ته پير صاحب وڏي ميان احمد شاهه جو پُٽ
جڏهن جوڳين ڏٺو، ته انهن کي پسند اچي ويو. هنن پير
صاحب کان پُٽ جي گهر ڪئي، پر هن نه ڏنو. ساڳيءَ
شام جو اهو صغير صاحبزادو بيمار ٿي فوت ٿي ويو، جو
پوءِ رات جو جوڳي قبر مان کوٽي کڻي ويا. حقيقت ۾
اهو صاحبزادو فوت نه ٿيو هو، بلڪه غش ٿيل هو. پوءِ
ورهين ج ورهيه اهو جوڳين وٽ رهيو، ۽ آخر اچي والده
وٽ حاضر ٿيو، جنهن کيس سڃاڻي پُٽ تسليم ڪيو.
سنڌ جا اڪثر جاهل ماڻهو ڪرامتن ۽ اهڙن عجيب غريب ڪرشمن جا قائل
هوندا آهن. انهن اها ڳالهه ٻڌي کڻي يقين ڪيو ته
واقعي اهو ساڳيو فوت ٿيل فرزند زنده ٿي واپس آيو
آهي. ماءُ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شاهدي ٿي سگهي ٿي؟
ماڻهن جا اچي ميڙ ڪٺا ٿيا. ان کان پوءِ هن مريدن ۾
گشت ڪرڻ شروع ڪيو. ڪيئي گهوڙا، اُٺ ۽ پيادا ماڻهو
سندس همرڪاب هلندا هئا. سوين ماڻهو سندس ديدار
لاءِ اچي ڪٺا ٿيندا هئا، ڪي مري ويل ماڻهوءَ جي
جيئري ٿيڻ جي خيال کان ته ڪي اعتقاد جي ڪري. سن
طرف به ان درگاهه جا مريد هئا ؛ انهن وٽ به هلي
آيو، ۽ مون سان به مليو. ان وقت پير غلام رسول
شاهه، پير خدا ڏني شاهه جو فرزند، ننڍو هو ؛ ان
ڪري هن پير صاحب اول ۾ گهڻو رعب ۽ دٻدٻو پيدا ڪري
ڇڏيو. جيڪڏهن سندس مريدن سان بحث ڪبو هو ته عجيب
دليل ڏيندا هئا. ڀاڻوٺي سيدن جو به ٻڌڻ ۾ آيو ته
مٿس گهڻو اعتقاد ٿي ويو هو.
هڪ ڏينهن چاچي محمد حسن شاهه ڀاڻوٺيءَ سان منهنجي گفتگو ٿي. جو
ميان مهدي شاهه لوڪل بورڊ جي موجوده چيف آفيسر جو
والد هو، پڙهيل ۽ سمجهدار ماڻهو هو. مون کيس چيو
ته اوهين ان افسانوي پير جا ڪيئن معتقد ٿي، ان کي
نذرانو ڏيو ٿا؟ ان تي جواب ڏنائين ته تاج ڌڻي
پيرن کي پٽاڻو اولاد ڪو نه هوندو هو، ۽ ان ڪري
سندن پاران خليفو شيدي ايندو هو ۽ اچي ڏن پٽ وٺي
ويندو هو. اسين اڳين پيرن جي مهابي ان جون سو
تعظيمون ڪندا هئاسين. هاڻي هي ماڻهو، جو سندس پُٽ
ٿو سڏائي ۽ والده جو مٿس هٿ به آهي، تنهن جي
تعظيم اسين ڪيئن نه ڪريون؟ سچائي، ڪوڙائيءَ جو پتو
خدا کي. اسان جو فرض آهي ان گاديءَ جي تعظيم ڪرڻ.
پر پوءِ ڏسڻ ۾ آيو ته پير غلام رسول شاهه جي وڏي
ٿيڻ ۽ اوائلي جوش جهڪي ٿيڻ بعد، هن جو اوج گهٽ
ٿيو، ليڪن مريدن جو ڪيترو حصو اڃا ندس فرزند ميان
احمد شاهه جو معتقد هلندو اچي. پاڻ تاريخ 23 رجب
1372هه مطابق 27 مارچ 1945ع تي، سومر ڏينهن وفات
ڪيائين.
16- سيد حاجي اسدالله شاهه سيد علي رضا شاهه
(لڪياري)
گذريل عيسوي صديءَ جي آخر ۾ سيوهڻ ۾ لڪياري سيدن جو تمام زور ۽
اثر هو. فصل ڀلا ٿيندا هئن، پيدائشون جام هئن، بخت
ياور هون. ان ڪري ڪيترائي ناميارا سيد پيدا ٿيا.
سيوهڻ ۾ مير حمزو شاهه، آراضيءَ ۾ حبيب الله شاهه،
ڦٽي ۾ حاجي گل محمد شاهه، واهُڙ ۾ عبدالله شاهه،
ڳهيرن ۾ شهاب الدين شاهه، باجارن ۾ خانبهادر شاهه،
گل محمد شاهه ۽ ڀانن ۾ الهه بخش شاهه پنهنجا مٽ
پاڻ هئا.
حاجي گل محمد شاهه صاحب باجارن جي سيدن جو ناماچار ايڏو وڌايو،
جو هر هنڌ ان جو آواز پهچڻ لڳو، جهڙو هو مڙس جو
بخت، اوترو هوس سرڪار ۾ اثر. هي عالم، صاحب
تقويٰ، علم نواز مرد ٿي گذريو آهي. سندس لاڳاپا
جبل جي راڄن سان گهاٽا هئا. ان جي وفات کان پوءِ
ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته باجارا بس ٿي ويندا، ليڪن
انهيءَ نالي کي وڌيڪ وقت تائين اگر ڪنهن زندهه
رکيو ته اهو سيد ميان حاجي اسدالله شاهه هو.
شاهه صاحب لڪياري پاڙي جي رڪن پوٽا سيدن مان هو. باجارن جي ڳوٺ
۾ 1884ع ڌاري، ڄائو هو. ابتدائي تعليم پرائمري
اسڪول باجارا جي هيڊ ماستر حافظ قمرالدين
بوبڪائيءَ وٽ حاصل ڪيائين. انهيءَ زماني جي دستور
مطابق، پارسيءَ جي تعليم آخوند غلام محمد بختيار
پوريءَ کان ورتائين. شاهه صاحب جوانيءَ جو وقت سيد
حاجي گل محمد شاهه جي خدمت ۾ ۽ سندس تربيت هيٺ
گذاريو.
پاڻ محنتي مڙس هو، تنهن ڪري پنهنجي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان چڱي
ملڪيت گڏ ڪئي هئائين ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڊسٽرڪٽ
لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيو. ان عرصي ۾ هن لاڙڪاڻي
ضلعي جي مکيه زميندارن سان دوستاڻا تعلقات قائم
ڪيا. انهيءَ زماني ۾ مرحوم سر شاهنواز ڀٽو،
خانبهادر محمد ايوب کهڙو، مرحوم ميان غلام محمد
خان اسراڻ، نواب امير علي خان لاهوري ۽ مرحوم علي
حسن خان هڪڙو ضلعي جا مکيه ماڻهو هئا.لاڳاپا سڀني
سان هئس. پر سياسي ڳالهين ۾، پنهنجي دوست مرحوم
سيد ميان نور محمد شاهه جي اثر ڪري. هميشھ
خانبهادر کهڙي جو مددگار رهندو هو. انهيءَ وقت
لوڪل بورڊ، اسڪول بورڊ ۽ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾
سخت چٽاڀيٽيون ٿينديون هيون، جن ۾ ماڻهن کي لالچن
۽ زور بارن جو مقابلو ڪرڻو پوندو هو ؛ ليڪن هن جي
وفاداري ۽ دوستي خانبهادر کهڙي سان هلندي آئي.
شاهه صاحب جي پهرين شادي سيوهڻ تعلقي جي عباسي خاندان ۾، خليفي
محمد زمان جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن جون ٻيون
نياڻيون سيد ميان ولي محمد شاهه ۽ سيد ميان پير
بخش شاهه جهانگارن جي گهرن ۾ هيون. خليفو ميان
محمد زمان، مولوي فتح محمد خان صاحب سيوهاڻيءَ
مولوي عبدالقيوم سيوهاڻيءَ جو وڏو ڀاءُ، ۽
خانبهادر ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسيءَ جو والد هو.
ڪجهه وقت اڳي، ڪن ڳالهين تان، باجارن وارن سيدن جا سيوهڻ وارن
يعقوب پوٽا سيدن سان تعلقات ٺيڪ نه هئا، ۽ اهڙيءَ
طرح لڪياري سيدن ۾ مڪاني ڳالهين تان اختلاف ٿيندا
پئي رهيا. ان ڪري، وڏن سيدن جي گذاري وڃڻ بعد،
لڪياري سيدن جي اثر ۽ اقتدار ۾ ڪمزوري پيدا ٿي
ويئي هئي. ان کي ٻيهر اتفاق جي شيرازي ۾ پوئي
مضبوط ڪرڻ، ميان اسدالله شاهه پنهنجي زندگيءَ جو
مقصد بنايو هو. سيوهڻ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر هو، اتي
سيد ميان ولي محمد شاهه، قلندر شهباز جي درگاهه
سان واسطي هئڻ ڪري، خاص حيثيت رکندو هو. ان ڪري هن
سڀني تعلقي جي لڪياري سيدن کي ان جي اڳواڻيءَ هيٺ
گڏ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. اها سندس ڪوشش ذري گهٽ
ڪامياب ٿي ويئي هئي، ليڪن مير حبيب الله شاهه جي
ملڪيت تان مخدومن ۽ آراضي وارن سيدن جي اختلاف ۽
ٻين ڪن ننڍين ڳالهين ان ۾ دشواريون پيدا ڪري
ڇڏيون. پر ان جي باوجود، هي ميان ولي محمد شاهه ۽
سندس فرزند ميان گل محمد شاهه سان ساڳيا تعلقات
قائم رکيو آيو.
منهنجي ساڻس اوائلي واقفيت 1924ع ۾ ٿي، جڏهن مون مٽيارين جي
سيدن جي ڪانفرنس سڏائي هئي ۽ وري ان کان پوءِ
لڪياري سيدن جي ڪانفرنس لاءِ سيوهڻ ۾ چاچا ميان
ولي محمد شاهه وٽ ويس. شاهه صاحب جي انڪار ڪرڻ تي،
هي مون کي ميان فضل علي شاهه ڀانن واري وٽ وٺي ويو
۽ همدردي ڏيکاريائين. وري جڏهن 1933ع ۾ ڪوٽڙي
تعلقي کي نئين دادوءَ ضلعي سان گڏيو ويو ۽ لوڪل
بورڊ جو ميمبر ٿيس ۽ هي به ميمبر ٿيو، تڏهن کان
تعلقات گهاٽا ٿيڻ لڳا. 1937ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ
جي پهرين چونڊ ٿي ۽ هڪ طرف چاچا ولي محمد شاهه
اميدوار بيٺو ۽ ٻئي طرف آءٌ، تڏهن هن انهن
تعلقاتن جي بنا تي چاچا ولي محمد شاهه سان مدد
ڪئي، جيتوڻيڪ نالي خاطر پاڻ به اميدوار بيٺو هو،
پر کانئس علاوه ٻين لڪياري سيدن جي اڪثريت مون کي
مدد ڪئي. 1945ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي ٻئي دفعي
چونڊ ٿي ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان منهنجا اختلاف
هجڻ ڪري ڪيترا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو حڪومت جي زور
ڪري منهن ڦيرائڻ لڳا، تڏهن هي پڪيءَ طرح منهنجو
طرفدار هو ؛ ۽ ساڳيءَ طرح 1946ع جي اليڪشن ۾ به
پڇاڙيءَ تائين مون سان مددگار رهيو. آخري عمر ۾
مون کي اولاد وانگر ڪري ڀانئيندو هو. 1953ع ۾. سنڌ
اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ سيوهڻ تڪ مان مون کي بنا
مقابلي اميدوار چونڊائڻ ۾، سيوهڻ تعلقي جي ٻين
سيدن سان گڏ، هن جو مکيه هٿ هو. آخري عمر ۾ حج
ڪيائين. ساري سيوهڻ تعلقي ۾ سيدن جي اتحاد لاءِ،
مرندي دم تائين پاڻ پتوڙيندو آيو؛
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀون پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.
جسم جو قدآور، وضعدار نموني جو، شڪيل بزرگ هو. سفيد پهراڻ، اڇو
پٽڪو ۽ وڏي شلوار پائيندو هو. کير پيئڻ جو شوقين
هو. بدن مضبوط هوس. سياري ۾ به اڪثر اوڇڻ مٿان ڪو
نه وجهندو هو، ململ جو پهراڻ پيو هوندو هوس. منجهس
برداشت جو مادو گهڻو هوندو هو. لڪياري سيدن جي پاڻ
۾ اختلاف ڪري، کيس اڪثر سيد ٻيئي طرف رکڻ جو
ڏوراپو ڏيندا هئا ؛ ليڪن هن انهيءَ ڳالهه جي
پرواهه نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته اتحاد قائم رکڻ لاءِ هن
ائين هلڻ کي ضروري پئي سمجهيو.
پاڻ 17 جنوري 1954ع ۾، اوچتو دماغ جي تند ٽُٽي پوڻ ڪري وفات ڪري
ويو.
کانئس پوءِ ٿورو گهڻو سندس ننڍو ڀاءُ روشن علي شاهه ڏيئو ٻاريو
ويٺو هو، جو 1895ع ۾ ڄائو هو. ڪجهه وقت خيرپور
ميرس ۾ روينيو کاتي جي نوڪريءَ ۾ هو ۽ بعد ۾ اچي
ڳوٺ ويٺو. ڀاءُ کان پوءِ ڳوٺ کان دل بيزار ٿي پيس
۽ اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳو، جنهن ڪري ڪم ڪار کان
سواءِ اڪثر وقت سيد حاجي محمد شاهه ڦٽه ۽ خانصاحب
شيخ عبداللطيف، رٽائرڊ سپرنٽينڊنٽ پوليس وٽ
گذاريندو هو، جي سندس گهاٽا دوست هئا. هي طبع جو
حليم، محبتي، دوستيءَ جو سچو ۽ ڪم آزار شخص هو.
مون سان، شاهه وڏي وانگر، سياسي ۽ برادراڻا
تعلقات آخر وقت تائين قائم رکندو آيو. 17 آگسٽ
1959ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. ان وقت آءٌ
جيل ۾ هوس. فرزند کي چيائين ته غلام مرتضيٰ کي
ڏسڻ جي خواهش هيم، کيس منهنجا سلام ۽ دعائون
ڏيندا.
ٻنهي ڀائرن کي هڪ هڪ فرزند آهي؛ ميان اسدالله شاهه جي فرزند جو
نالو ميان علي رضا شاهه آهي ۽ روشن علي شاهه جي
فرزند جو نالو غلام مصطفيٰ شاهه ”مظهر“ آهي. هن
وقت باجارن ۾ ميان حاجي غلام عباس شاهه سٺو ماڻهو
آهي. سندس فرزند ميان نصير محمد شاهه پڙهيل ۽ لائق
آهي. مذڪوره شاهه اڳوڻا رستا ٽوڙيندا اچن. عام چوڻ
آهي ته مڙسن مئي ڳوٺ اُجڙيو وڃن، ساڳي حالت هن وقت
باجارن جي آهي.
17- پير سيد ميان الهيار شاهه، پير ميان نور محمد شاهه
(مٽياري)
هي صاحب مٽياري سيدن جي جرار پوٽِ خاندان مان، سخي هاشم شاهه
عليھ رحمت جي اولاد مان، ستون سجاده نشين هو. اهڙي
ساڳئي نالي سان، چوٿون هو. سخي هاشم شاهه، پير
ميان رڪن الدين شاهه عليھ رحمت جي پنجين پشت هو،
جو مخدوم بلاول عليھ رحمت جي خليفي مخدوم ساهڙ
سوائي (مزار انڙ پور اسٽيشن جي ڀر ۾) وٽان فيض
حاصل ڪري، خدا رسيده ٿيو هو.
ميان الهيار شاهه 9 ذوالحج 1303هه، مطابق 8 سيپٽمبر 1886ع تي
ڄائو هو. هي اڃا ڇهن سالن جو مس ٿيو ته سندس
والد وفات ڪئي. وڏي فرزند هئڻ ڪري، کيس سجاده نشين
جي دستار ٻڌائي ويئي. هن اول ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو
۽ ٻي ڪا ٿوري تعليم حاصل ڪيائين، وڏي ٿيڻ بعد ان
وقت جي خاندانن جي دستور مطابق، شڪار، راڳ، ملاکڙي
۽ خاندانن سان تعلقات نباهڻ ۽ دوستيون وڌائڻ طرف
توجهه ڏنو. سندس وقت تائين اڪثر درگاهن جا سجاده
نشين ملڪيت ۽ دنياوي اقتدار حاصل ڪري ويا هئا.
سلسلئه طريقت جو درس، ذڪر ۽ فڪر وٽانئن ختم ٿي چڪو
هو. مرشد ۽ مريد جا لاڳاپا، دنياوي ڪم ڪار، باهمي
امداد ۽ رسمي تعلقات تي وڃي بيٺا هئا. مٽياري شهر
سارو سيدن سان ڀريو پيو هو، جن مان ڪيترا هن گهر
کان ملڪيت ۽ دنيوي طاقت ۾ وڌيڪ هئا. موسيٰ پوٽا ۽
باقيل پوٽا سيد وڏي حيثيت ڪري ويا هئا، پر سخي
صاحب جي اولاد هئڻ ڪري، سڀئي هن گهر جي عزت ڪندا
هئا. ايتري قدر جو جيڪڏهن هن گهر جو سجاده نشين
مجلس ۾ مٿي ويٺو هوندو ته پاڻ هيٺ ويهڻ پسند ڪندا
هئا. اول ۾ سخي رڪن الدين عليھ رحمت ۽ سخي هاشم
شاهه جي گادين جا سجاده نشين علحده هوندا هئا، پر
جڏهن ميان سوڌل شاهه، رڪن الدين بادشاهه جي آخرين
سجاده نشين، لاولد ٿي وفات ڪئي، تڏهن ساڳئي ڏاڏي
جي اولاد هئڻ ڪري، ٻئي پڳون پير صاحب جي والد ميان
نور محمد شاهه کي مليون.
پير صاحب ميان الهيار شاهه جي حيثيت هڪ پير طريقت وانگر نه آهي،
پر سندس شهرت انهيءَ دؤر جي خانداني مشغلن ۾ برک
ٿيڻ ڪري پيدا ٿي. هن جڏهن شڪار طرف توجهه ڪيو ته
بهترين ڪتن جون لوڌون ڌاريائين، انهن سان آسپاس،
بلڪه مانجهندن تائين ٻيلن ۾ شڪار ڪندو هو: جنهن
ڪري نه صرف مڪاني شڪار جا شوقين سندس ناماچار ٻڌي
وٽس شڪار لاءِ ايندا هئا، بلڪه پري پري جا شڪار جا
ڪوڏيا به سندس واقف ٿي ويا. هن نه صرف ڪتن سان
شڪار تي اڪتفا ڪئي، پر مهاڙيون ٻڌائي، کڏڻا
ٺهرائي، پها ڪڍائي، بندوق سان شڪار به ڪندو هو. هڪ
دفعي، سندس دعوت تي مون کي به اهڙيءَ طرح شڪار ڪرڻ
جو موقعو مليو هو. سندس ٻيو مشغلو راڳ هو. ان سان
اهڙي دلچسپي ٿي ويس، جو سنڌ خواه هندستان جي مکيه
گوين يا طوائفن جي راڳ ٻڌڻ جي خواهش هميشھ هوندي
هيس، جن مان ڪن کي ته وڏن خرچن سان ڳوٺ گهرائي راڳ
ٻڌندو هو، ته ڪن ڏي هلي وڃي ملاقات ڪندو هو.
اهڙيءَ طرح سان هن فن مان کيس اهڙي واقفيت ٿي
ويئي، جو سنڌ ۾ راءِ بهادر سيٺ وشنداس، پير خدا
ڏني شاهه نصرپوريءَ ۽ ٻين چند مخصوص خاندانن کان
سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڇڊي هوندي هئي. هر هڪ راڳڻي،
وڄت، تال وغيره جو کيس پورو پتو هوندو هو.
راڳيندڙ جڏهن وٽس ڳائيندا هئا ته کين اهو پتو
هوندو هو ته فن جي ڪنهن ماهر اڳيان ڳائي رهيا آهن.
جڏهن سئنيما نڪتي ۽ ٽاڪي فلمونشروع ٿيون ته، ان وقت ”ليليٰ
مجنون“ فلم ڏاڍي مشهور ٿي، جنهن ۾ مس ڪجن ليليٰ جو
پارٽ ڪيو هو. انهيءَ جي ائڪٽنگ کان متاثر ٿي. سندس
تصوير بنگلي ۾ هڻائي ڇڏيائين. سنڌ جي راندين ۾
ملاکڙي کي خاص جڳهه آهي. قديم وقت کان ملاکڙا
سنڌي جرئت آزمائيءَ جا مکيه مرڪز ئي رهيا آهن.
اصل کان اڄ تائين، جتي به ملاکڙو لڳندو آهي، اتي
هزارين تماشبين اچي ڪٺا ٿيندا آهن، جتي غريب ۽
شاهوڪار سندن همت افزائيءَ لاءِ ملهن کي انعام
ڏيندا آهن، جيئن اڄڪلهه شهرن ۾ مشهور ڪرڪيٽ ۽
فٽبال رانديگرن جو ٻڌي هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿين
ٿا، تيئن سنڌ ۾ مشهور ملهن جو ٻڌي پري پري ڳوٺن
کان ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. قديم خاندانن ۾ انهن
جي همت افزائيءَ لاءِ چٽا ڀيٽيون ٿينديون هيون،
جيڪو انهن کي گهڻو پئسو ڏيندو هو، تنهن جو نالو
وڌيڪ ڳائبو هو، جيئن گهوڙن ڊوڙائڻ جي ريس تي بازي
لڳائڻ هڪ عام ڳالهه آهي، پر گهوڙا ڌاري انهن کي
ريس ۾ ڀڄارائڻ ٻي ڳالهه آهي، پر ڪي خاندان اهڙا به
هئا، جي مشهور ملهن جي پرورش پڻ ڪندا هئا، جي وٽن
سدائين پيا پلبا هئا. پوءِ هو، ميلن ۽ ملاکڙن ۾
انهيءَ خاندان جا ملهه سڏجي مقابلو ڪندا هئا. پير
ميان الهيار شاهه به پاڻ وٽ چند ملهه رکيا هئا،
جن ۾ پيرو شيدي ۽ بچل ٻيلائي مکيه هئا. انهيءَ طرح
اترادي ۽ لاڙي ملهن جي چٽا ڀيٽِ جو رواج پيو. سخي
هاشم شاهه جو ميلو ابتدا ۾ رواجي نموني تي ٿيندو
هو. عام طرح، ان موقعي تي درگاهه جا مريد زيارت
ڪري، ختمو ڏيئي موٽي ويندا هئا، جيئن ته هاڻ عام
ماڻهو راڳ ۽ ملاکڙِ جا شوقين ٿي پيا هئا ۽ جڏهن
انهيءَ موقعي تي پير صاحب مشهور ملهن ۽ راڳيندڙن
کي گهرائي، عوام جي تفريح طبعيءَ جو سامان ميسر
ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن لازمي طور ميلو به وڌي ويو.
انهن موقعن تي پير صاحب گهڻن ئي خاندانن ۽ واقف ماڻهن کي
دعوتون ڏيئي گهرائيندو هو، جنهن ڪري سندس واقفن ۽
دوستن جو دائرو به وڌندو ويو. سندس دوستن جي لسٽ
وڏي آهي، ليڪن مثال لاءِ ڪن جا نالا هيٺ پيش ڪجن
ٿا؛
1. پير علي بخش شاهه ڀٽائي، 2. فقير قلندر بخش صاحب صوفي، 3.
ڄام مٺا خان جوڻيجو، ٻيراڻي وارو، 4. رئيس فقير
بخش خان ڪاڇي، 5. مير شير محمد خان، ٽنڊو ڄام، 6.
پير خدا ڏنو شاهه، نصرپوري، 7. پير فتح محمد شاهه
عرف ميون ڏنو شاهه نصرپوري، 8. سردار نور محمد
خان گولو، 9. خان صاحب امير بخش خان مهر، 10. سيد
حاجي قادر بخش شاهه، ڀان،.
منهنجي ساڻس پهريون دفعو واقفيت رئيس فقير بخش خان ڪاڇيءَ جي
ڳوٺ، هن جي شڪار لاءِ اچڻ وقت، 1923ع ۾ ٿي. سگهو
ئي سندس مشوري سان سَنَ ۾ مٽياري قبيلي جي سيدن جي
ڪانفرنس سڏائي ويئي، جتي آيل عيوضين کيس ”انجمن
سادات مٽياري“ جو صدر چونڊيو. انهيءَ وقت کان ساڻس
تعلقات گهاٽا ٿيندا ويا. ان کان پوءِ لوڪل بورڊ ۽
اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ هن مرحوم ميران محمد شاهه
مون کي خاص دلچسپي وٺي مدد ڏني.
هي يڪ سخنو، دوستيءَ جو سچو ۽ اعتبار جوڳو، معزز شخص هو. اهي
صفتون زميندر ۽ پير طبقي مان آهستي آهستي مفقود
ٿي چڪيون آهن. هي هڪ خوددار شخص هو. ڪامورن جي
سلامي ڀرڻ يا خوشامد ڪرڻ ان وقت انهيءَ طبقي جي
ماڻهن جو پيشو ٿي پيو هو، پر انهيءَ کان هي حتي
الامڪان پري رهندو هو. سنڌ جي ڪن مکيه سجاده نشينن
لوڪل بورڊ ۽ اسيمبلين ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيو هو،
جهڙوڪ ؛ پيرغلام حيدر شاهه بلڙيءَ وارو، سيد ولي
محمد ششاهه سيوهڻ وارو، پير رسول بخش شاهه
گهوٽڪيءَ وارو وغيره، ليڪن هن صاحب ان کان پاسو
ڪيو.
سنڌ اسيمبليءَ جون جڏهن چونڊون ٿيڻ واريون هيون، تڏهن اسان سندس
ڀاءُ پير بقادار شاهه کي اميدوار بيهاري، ان جي
ڪاميابيءَ لاءِ ڪم شروع ڪيو. سندس سامهون ٻيو مکيه
اميدوار مخدوم ميان غلام حيدر صاحب، مخدوم صاحب
هالا جو ڀاءُ بيٺو هو، ٿوري وقت کان پوءِ مخدوم
ميان غلام محمد صاحب، سجاده شين مخدوم نوح عليھ
رحمت، سندس ڀاءُ ميان الهه بچائي صاحب کي پير صاحب
ڏانهن ميڙ ڪري موڪليو ته هو ميان بقادار شاهه کي
هٿ کڻائي، ان جاءِ تي سندس ڀاءُ ميان غلام حيدر کي
چونڊائڻ ۾ مدد ڪري. پير ميان الهيار شاهه اسان
سڀني ڪارڪنن جي صلاح مشوري کان سواءِ، يڪدم
هائوڪار ڪئي، جنهن تي اسين ناراض ٿياسون. مون ۽
علي محمد شاهه راشديءَ ميان بقادار شاهه لاءِ ڊڪ
ڊوڙ ڪئي هئي، تنهن وڃي کيس ڏوراپو ڏنو، تنهن تي هن
جيڪو جواب ڏنو، تنهن اسان کي لاجواب بڻائي ڇڏيو:
چي، ”ابا، ميمبري ايترو لهي ئي ڪانه، جيترو لحاظ
(يعني قديم رستو ۽ لاڳاپو) لهي!“
انهيءَ وقت ۾ هر خاندان، قبيلو يا گروهه، اقتدار پرستيءَ جي هوس
۾ ايترو ته غلطان هو، جو انهيءَ جي سامهون ڪو به
اخلاقي اصول يا قديم دوستاڻو لڳ لاڳاپن جو خيال نه
رهيو هو. هر هنڌ تي اهو مرض عام ٿي ويو هو. ان دور
۾ ميمبريون اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو شمار ڪيون
وينديون هيون، جنهن جو بنياد خود مطلبيءَ تي هو.
ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي نقطه نگاهه کان اسيمبلين
يا لوڪل بورڊن ۾ وڃڻ جو اڃا احساس پيدا ڪو نه ٿيو
هو. ان وقت سندس اهڙي جواب اسان تي ايڏو اثر ڪو نه
ڪيو، جيترو هن وقت ٿئي ٿو ؛ ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي
معلوم ٿيو ته انهيءَ اقتدار پرستيءَ جي جنگ نه صرف
اخلاقي معيار ختم ڪري ڇڏيا هئا، بلڪه اڳتي هلي سنڌ
کي غيرن جو غلام به بڻائي ڇڏيو.
ٻئي دفعي انهيءَ ڳالهه جو لحاظ رکي، مخدوم صاحبن سنڌ اسيمبليءَ
۾ ميان بقادار شاهه کي چونڊرايو. اسين سنڌ
اسيمبليءَ ۾ سر غلام حسين واريءَ مسلم ليگ وزارت
جي مخالفت ۾ وڃي ويٺاسون، حڪومت طرفان بقادار شاهه
کي ڦيرائڻ لاءِ گهڻائي زور بار پيا، پر پير ميان
الهيار شاهه جي زندهه هئڻ سبب، انهن جو ميان
بقادار شاهه تي ڪو به اثر نه پيو ۽ هو اسان سان
وفادار رهندو آيو. پير صاحب جي اثر رسوخ ڪري، پير
ميان بقادار شاهه مٽياري ميونسپالٽيءَ جو ڪيئي
ورهيه پريزيڊنٽ چونڊيو آيو. اهڙيءَ طرح، ضلعي
لوڪل بورڊ اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊيو. مٽياري
سيدن ۾ پير صاحب جي حياء ۽ ادب جي لحاظ کان هن
گهر جي مقابلي ڪرڻ جو ڪنهن به ڌر کي ڪو خيال نه
پيدا ٿيو، جيتوڻيڪ ٻيا سيد ملڪيت ۽ پئسي ۾ هنن کان
وڌيڪ به هئا.
ميان الهيار شاهه خوش خوراڪ ۽ خوش پوشاڪ هو. سٺين جاين ٺهرائڻ
سان شوق هوندو هوس. فرنيچر ٺهرائڻ جو به شوقين هو،
مهمان نوازيءَ ۾ سڀني کان اڳرو هو.
ٻه شاديون ڪيائين، پر ٻنهي مان کيس اولاد ڪو نه ٿيو ؛ ميان
بقادار شاهه جي وڏي فرزند، ميان محمد زمان شاهه،
کي فرزند ڪري نپايائين. گهڻو وقت بيماريءَ ۾
گذاري. 21 ربيع الاول 1366هه، مطابق 13 فيبروري
1947ع تي، ايڪهٺ سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
ان کان پوءِ سندس جاءِ تي ان جو ننڍو ڀاءُ، ميان بقادار شاهه،
سخي هاشم جو سجاده نشين ٿيو. هي صاحب لحاظي، مهمان
نواز، محبت وارو ۽ خوش خلق بيشڪ آهي، پر ڀاءُ
وانگر، گاديءَ جو لحاظ رکي، عهدن ۽ لاچ کان پري
رهڻ جي ڳالهه نه رکيائين. عهدن لاءِ پاڻ به ۽ پٽ
به اميدوار بيٺا ٿي. زمانا بدلجي چُڪا هئا، ننڍن
سيدن مان اهو ادب ۽ لحاظ موڪلائي چڪو هو، نتيجو
اهو نڪتو، جو هر ڳالهه ۾ سندن مخالفت ٿيڻ لڳي. هن
وقت ڪنهن به چونڊيل عهدي تي ڪو نه آهن. وري به
بقادار شاهه جو سر آهي، جو اڳين جو ڏيئو ٻاريو
ويٺو آهي. خدا کيس عمر دراز ڏئي، ان کان پوءِ شايد
اڳوڻو مزو نه رهي.
ميان بقادار شاهه جي دستاربنديءَ وقت ميان علي محمد شاهه راشدي.
آءُ ۽ ميران محمد شاهه حاضر هئاسون. ان موقعي تي
حافظ محمد صالح، ميان الهيار شاهه جي ياد ۾ هڪ نظم
پڙهيو، جنهن جملي حاضرين مجلس کي رئاڙي ڇڏيو. مون
کي تعجب ٿيو ته پير صاحب نه زهدو تقويٰ هو، نه
خادم ملڪ و ملت هو، نه عالم و فاضل هو، پر هڪ
زماني جو ماڻهو هو. باوجود ان جي، منجهس ڪهڙي
خاصيت ڪئي، جنهن سڀني کي اکين مان لڙڪ ٿي وهارايا!
جواب ڏکيو نه آهي.
ماڻهو مڙئي نه سهڻا، پکي مڙئي نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. |