درويش
1- فقير حاجي احمد ولد الرکيو فقير
(عيدن جو ڳوٺ، مانجهند)
هي اصل عيدن ماڇيءَ جي ڳوٺ جو ويٺل، ماڇي فقير هو، پر لاکن سان
لاڳاپي ڪري لاکو سڏائيندو هو. ننڍي هوندي حج ڪرڻ،
بعد هن ساري زندگي زهد ۽ رياضت ۾ گذاري. مخدوم
بلاول جي درگاهه تي، هر مهيني جي پهرئين جمع تي،
لاڳييتو چاليهه پنجاه سال بنا ناغي ويندو هو. ٻين
درگاهن تي به وظيفا ڪڍڻ ۽ راتيون جاڳڻ سندس عام
مشغلو هوندو هو، سالن جي اڌ ڏينهن کان ه گهڻا
ڏينهن روزي ۾ گذاريندو هو. دعائن گهرڻ ۽ زياتن ڪرڻ
۾ ڪا اهڙي مهارت حاصل ڪري ويو هو، جو ڪيترا
خاندان ۽ ڪامورا جڏهن به ڪنهن مشڪل ۾پوندا هئا ته
حاجي صاحب کي گهرائي، درگاهن تان دعا گهرڻ لاءِ
عرض ڪندا هئا. خانبهادر نبي بخش، محمد حسين ۽
خانبهادر عبدالقادر سندس خاص معتقد هئا. ٻيا به
ڪيئي ماڻهو سندس پڇائون ڪندا وتندا هئا. کيس ان
ڪري پئسو به چڱو ملندو هو، جنهن ڪري سندس گذران
سکيو ٿيندو هو. هو طمعي ڪو نه هو، محبتي ۽ درويش
صفت انسان هو. مخدوم بلاول جي درگاهه تي، شاهه
حيدر عليھ رحمت جي مرشد جي درگاهه هئڻ ڪري، اسان
جي طرف جي آمدرفت ۽ اعتقاد گهڻو هوندو هو ۽ هي
اسان جي ڀر ۾ رهندڙ هو، تنهنڪري ساڻس اڪثر
ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون، فقير صاحب 2
ذوالقعد 1344هه تي وفات ڪئي. درگاهه مخدوم بلاول
جي مسجد جي پويان دفن ٿيل آهي، کيس ميان شفيع محمد
نالي فرزند ٿيو، جو هاڻي پيرسن ٿي ويو آهي آخر عمر
۾ لڏي ، هو بدر لاکي جي ڳوٺ (تعلقي هالا) ۾ وڃي
ويٺو هو. حاجي صاحب مرحوم جو منهنجي والد سان خاص
رستو هو. عمر جو گهڻو وقت سن جي ڳوٺ ۾ گذاريائين.
2- مخدوم ميان بصرالدين ولد قاضي ميان احمد صاحب
صديقي
(سيوهڻ)
هي صاحب سيوهڻ جي صديقي خاندان مان هو، جي قاضي سڏبا هئا. 1863ع
ڌاري ڄائو، ۽ فارسي، عربي ۽ انگريزي تعليم حاصل
ڪيائين، پوءِ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو، پر ٿوري وقت
کان پوءِ اها ڇڏي، ياد الاهيءَ لاءِ گوشي نشيني
اختيار ڪيئي. هي وڏو عالم، درويش، عمدو حڪيم،
فيلسوف، زهد ۽ تقويٰ جو صاحب بزرگ هو. اڪثر عام
ماڻهن سان گهٽ ملندو هو ۽ اڪيلائيءَ ۾ رهڻ پسند
ڪندو هو. سندس گهڻو وقت عبادت ۽ ذڪر فڪر ۾ گذرندو
هو. وٽس پري پري کان ماڻهو علاج ۽ دعا لاءِ ايندا
هئا.
مخدوم صاحب ڪيتريون مجدوبانه ڳالهيون ڪندو هو. مثلاً؛ مونکي
ٻڌايائين ته پاڻ هڪ دفعي خواب ۾ بهشت جو سير
ڪيائين، جتي ڏاڙهونءَ جا وڻ ڏسي هڪ پٽي کاڌائين،
جنهن ڪري ڪيئي ورهيهه کيس اُڃ ڪا نه لڳندي هئي.
ٻي ڳالهه اها ڪندو هو ته پاڻ هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي هئائين، جنهن
جي کائڻ سان زندگي تمام وڏي ٿي ويندي. پر کيس خيال
آيو ته ائين ڪرڻ سان ماڻهن کي موت جو خوف لهي
ويندو ۽ وڏيءَ عمر جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون ڏسڻا پوندا
۽ بيروزگاري وڌندي. ان ڪري اها دوا اڇلائي
ڇڏيائين. ۽ نسخو ڦاڙي ڇڏيائين. چي: ”اها ڳالهه
مشيت ايزدي جي خلاف هئي!“
ٽين ڳالهه اها ڪندو هو ته هڪ دفعي قلندر شهباز جي درگاهه تي
زيارت لاءِ ويو ته سون جو هڪ ٽڪر هٿ آيس، پهرين
خيال آيس ته سيدن کان هو زياده غريب ۽ مستحق هو،
تنهن ڪري اهو ٽڪر کڻي وڃي پنهنجي ڪتب آڻي، پر پوءِ
خيال آيس ته ان ۾ ڪن يتيمن جا به حصا هئا، تنهن
ڪري اهو ٽڪرو موٽائي اتي رکي ڇڏيائين.
ڪيترا ماڻهو سندس علمي گفتگو ٻڌڻ ۽ دعا وٺڻ لاءِ وٽس ويندا هئا.
آءُ به انهن مان هڪ هوس، مون سان گهڻي محبت هوندي
هيس. مون کيس ٻه ٽي دفعا عرض ڪيو ته دعا ڪريو ته
سياسي مها ڄار مان نڪري، حق جي راهه ڳولڻ طرف راغب
ٿيان. هر دفعي اهو جواب ڏنائين ته تنهنجي سياسي
زندگي به عبادت آهي، تنهن ڪري ان مان نڪرڻ نه
گهرجيئي. سياست ۾ مخلص انسانن جي ڪمي آهي ۽ تو
جهڙن ماڻهن جو ملڪي سياست ۾ هجڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ
مفيد آهي.
مخدوم بصرالدين 11 جنوري 1938ع تي وفات ڪئي. ان وقت سندس عمر 75
سال کن هئي، کيس ميان فخرالدين نالي فرزند ٿيو.
3- مولوي غلام احمد صاحب ولد حاجي بچل خان ملڪاڻي
(دادو)
هي صاحب بلوچن جي ملڪاڻي قبيلي مان هو، پنهنجي ڳوٺ ۾، 14 رمضان
1247هه، مطابق 5 اپريل 1860ع تي ڄائو. ستن سالن جي
عمر ۾ کيس ڀر واري ڳوٺ جي آخوند عبدالڪريم جي مڪتب
۾ قرآن شريف پڙهائڻ لاءِ ويهريو ويو. پوءِ سيالن
جي ڳوٺ ۾ پارسيءَ جي تعليم ورتائين، ساڳئي وقت، هن
دادو شهر جي پرائمري اسڪول ۾ ست درجا سنڌي پڙهيا.
پوءِ عربي پڙهڻ لڳو، ۽ 1302هه ۾ مولوي محمد حيدر
آباديءَ وٽ دستاربندي ڪيائين. سندس ٻيا استاد حاجي
حسن الله پاٽائي، مولوي عطاءُ الله فيروز شاهي ۽
مولوي نور محمد صاحب شهدادڪوٽي هئا.
تحصيل ڪرڻ بعد، چاليهن سالن تائين پاڻ درس ڏنائين. ساڳئي زماني
۾ ڪيترا سفر به ڪيائين. پنجاب، گڏيل علائقن (يوپي)
، عراق ۽ حجاز جو سير به ڪيو هئائين، عراق وڃڻ وقت
هن شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي سجاده نشين سيد
مصطفيٰ قادري عليھ کان قادري طريقي جي بيعت ورتي.
ٿوري وقت جي محنت کان پوءِ کيس انهيءَ سلسلي ۾
ذڪر ڪرائڻ جي سند ملي، مديني ۽ مڪي ۾ ڏيڍ سال
رهيو، اتي جي مشهور محدث سيد احمد دحلان ۽ ”مدرسھ
صولية“ جي مدرس اعليٰ، شيخ رحمت الله، سان
ملاقاتون ڪيائون. اتي کيس شام جي عالم ابو ناصر
سان ملڻ جو به موقعو مليو. 1319هه ۾، مولوي صاحب
هندستان جي سرهند، مهڙا، گولڙا ۽ ٻين درگاهن جي
زيارت لاءِ ويو ۽ طريقت جي چئن ئي مکيه سلسلن جون
سندون ورتائين. 1326هه، مطابق 1908ع ۾ وري ٻيو
ڀيرو پنجاب ويو، ۽ هن دفعي حافظ عبدالڪريم جي
مدرسي ۾ رهي، قران جو حافظ ٿيو. نقشبندي طريقي جي
بيعت، 1315هه ۾ خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جي هٿ
تي ڪيائي. پوءِ خواجه ولي محمد ملاڪاتيارن واري
کان ڪي سبق طريقت جا حاصل ڪيائين. ان بعد مهڙا
شريف جي خواجه محمد قاسم کان نقشبندي طريقي جي
وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين ۽ چشتي طريقي جي سند سيد
ميهر شاهه گولڙي واري کان ورتائين، جيتوڻيڪ چئن ئي
سلسلن ۾ تعليم ورتي هائئين، پر تلقين اڪثر
نقشبندي طريقي سان ڪندو هو.
مولوي صاحب جا ڪيئي شاگرد ۽ خليفا ٿي گذريا آهن. مولوي امير
محمد شاهه اميناڻي وارو، بقول مخدوم احمد متجبيٰ
ملڪاڻي، مولوي صاحب جي شاگردن مان هو. مولوي
ملڪاڻي صاحب کي فقهه ۾ خاص مهارت هئي. ڪيئي
فتوائون لکيائين. جن جي مجموعي کي ”فتاويٰ ملڪاڻي“
سڏجي ٿو. سندس وعظن جو ڪتاب ”سبيل الرشاد“ چئن
جلدن ۾ آهي. شعر به چيو اٿس. شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي ڪلام سان خاص محبت هوندي هيس. سندس
مجلس هميشھ ٻهڪندي رهندي هئي. پاڻ عشق نبوي ۾
سرشار هو، ۽ سندس وعظ ۾ ڏاڍو سوز هو، خلافت هلچل ۾
به حصو ورتو هئائين. هڪ دفعي مهرباني ڪري منهنجي
دعوت تي سن ۾ اچي منزل انداز ٿيو. چڱي ملاقات ٿي.
ان کان پوءِ خط ڪتابت جو رستو هلندو آيو.
مولوي صاحب، باوجود فقيريءَ جي، وڏي شان شوڪت سان، ٻين پيرانِ
طريقت وانگر، جَبي ۽ دستار سان، پاڻ کي مافي
(ڏوليءَ) ۾ کڻائيندو هو. مريدن جو وڏو انبوهه ساڻس
همراهه هوندو هو. سنڌ ۾ اڪثر پيران طريقت جون
خانقاهون علم ۽ ذڪر فڪر کان خالي ٿي چڪيون هيون
؛ ان حالت ۾ هن جو وجود غنيمت هو. البت سندس ڪي
خليفا تصنع ۽ فريب جا مجسما بڻجي، مولانا جي
روايات کان منهن موڙي چڪا آهن. جيڪڏهن سنڌ ۾
اڳوڻين درگاهن جي سجاده نشينن، وڏن جي ڪمائيءَ کي
هٿڻ بنائي پنڻ جو ڄار ٺاهيو هو ته هن جي ڪن خليفن
روحاني فيض،اخلاق حميده ۽ اسرار الاهي جي درس ڏيڻ
بدران، ظآهر عبادت کي هٿيو ڪري، ماڻهن کي
ڦاسائي، روزگار جو ذريعو کڻي بڻايو آهي. تفاوت
ڊگريءَ جو آهي، قسم جو نه آهي، انهن مان ڪن جي
اهڙي تصنع ۽ منافقيءَ جا مثال مون کي ساڻن ملاقاتن
جي ذريعي معلوم ٿيا. مولانا بذات خود هن دؤر ۾
برگزيده شخص هو. خليفا هر جاءِ تي مرشدن جو مَٽ نه
ٿيندا آهن.
مولانا ملڪاڻي 22 جمادي الثاني 1354هه مطابق 22 سيپٽمبر 1935ع
تي وفات ڪئي. کيس ٻه فرزند آهن: ميان محمد مصطفيٰ
۽ ميان احمد مجتبيٰ (مولانا صاحب جو وڌيڪ احوال
”انوار احمديه“ مان ملي سگهندو.)
4- سيد پير ميان محمد شاهه ولد پير محمد شير شاهه جيلاني ذڪري
(سڪرنڊ)
هي اصل جيلاني خاندان مان سڏائين ٿا. سندن وڏا ڪشمير جي طرف جا
ويٺل هئا. پير ميان محمد شاهه به اتي ئي ڄائو
هو. سندس والد، جنهن سلسله، طريقت جي بيعت خواجه
نظام الدين ڪشميري ۽ خواجه محمد قاسم موهڙي شريف
کان ورتي هئي، 1896ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ ڳوٺ ڪنڊڙي
تعلقي بدين ۾ رهڻ لڳو. هو ڪشميري نموني تي زور سان
ذڪر ڪندو هو. ڪهه وقت کان پوءِ کيس هڪ هندوءَ کي
زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ملي، جنهن مان
پوءِ اپيل ڪرڻ سان آزاد ٿيو.
ٿوري وقت بعد، والد جي وفت ڪرڻ، سبب، پير محمد شاهه جو وڏو
ڀاءُ، انجي جاءِ تي سجاده نشين ٿيو. هي وڏي ڀاءُ
کان اجازت وٺي، سڪرنڊ تعلقي ۾، پهرين گهنڊيا جي
ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سڪرنڊ جي ڀر
۾، حاجي محمد حسن چوهاڻ جي ڳوٺ جايون ٺهرائي، اتي
وڃي ويٺو.
هن جو سلسلهء طريقت قادري ۽ نقشبندي هو. وٽس جمعي نماز تي
هزارين ماڻهو ايندا هئا، جن ۾ ڪيترن کي حال پوندو
هو ۽ وجد ۾ اچي، ڦٿڪندا، ڀتين سان ٽڪر هڻندا ۽
زمين تي ليٽندا هئا. سندن ذڪر راڳ جي نموني تي
آهي. ڪيترا چور ۽ جهنگلي ماڻهو سندس صحبت ۾ اچي
سڌري ويا. سنڌ ۾ گهڻي وقت کان دستور ٿي ويو آهي ته
هر نئين ڳالهه ماڻهن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪري ٿي.
اڳوڻا پير صاحب اڪثر سندن وڏن جي سلسلي کي ترڪ
ڪري، ذِڪر ۽ فِڪر کي ڇڏي، نذرانن اڳاڙڻ جون
ايجنسيون ٿي پيا هئا؛ تنهن ڪري هي نئين قسم جو
تحرڪ ڪيترن ماڻهن کي پسند آيو ۽ هن جا مريد ٿيڻ
لڳا. ڪيترن پيرن طرفان سندس مخالفت ٿي، پر هن هڻي
وڃي هنڌ ڪيو. سڪرنڊ جي ڀر واريءَ رهائش تي گهر
جون جايون، مسجد ۽ پنهنجو قبو ٺهرايائين. آخر عمر
۾ بيمار گذارڻ لڳو، جتي 29 جمادي الاول 1355هه،
مطابق 18 آگسٽ 1926ع، اڱاري جي ڏينهن وفات ڪيائين.
پير صاحب جي وفات وت سندس فرزند اڃا ننڍو هو. مٽياري سيد، ميان
حاجي علي اڪبر شاهه باقيل پوٽو سندس خاص خليفن مان
هو. سگهو ئي سندس مريد ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا.
هڪڙا پير صاحب جي ننڍي فرزند ميان احمد شاهه جا
طرفدار ٿيا ۽ ٻيا حاجي علي اڪبر شاهه جا طرفدار،
جنهن سڪرنڊ جي اڀرندي طرف پنهنجي خانقاهه بنائي
هئي، ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد حاجي
علي احمد جانشين ٿيو، جو عربي مدرسو کولي، درس
تدريس جو ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت ٻنهي گروهن ۾
نظرياتي اختلاف ٿي پيا آهن، حاجي علي احمد شاهه جو
گروهه، ديوبندي علماءَ جي پوئلڳيءَ ۾، مذهب کي
اخلاقي ۽ علمي اصلاح واسطي ڪتب آڻڻ جو حامي آهي ؛
۽ پير ميان احمد شاهه وارو گروهه ذڪر اذڪار،
روحاني تعليم، ڪاني ڪرامت جو طرفدار آهي، ٻيئي
ڌريون پنهنجي پنهنجي نموني پير صاحب جي مريدن کي
سمجهائڻ ۾ مشغول آهن. تازو اولهه پاڪستان ۾ شروع
ٿيل مذهبي اختلاف، ”نوري“ ۽ ”بشري“ جي فتني کان هي
به بچي نه سگهيا آهن. حاجي علي احمد شاهه وارا
بشري تحريڪ جا حامي آهن، ۽ ميان احمد شاهه وارا
نوريءَ نظريي جا طرفدار آهن.
5- حضرت خواجه محمد حسن جان، خواجه عبدالرحمان سرهندي
(ٽنڊو سائينداد)
پاڻ حضرت مجدد الف ثاني خواجه شيخ احمد سرهندي عليھ رحمت جي
اولاد مان، ٻارهين پشت تي، حضرت خواجه عبدالرحمان
سرهنديءَ جا وڏا فرزند هئا.
هندستان ۾ مسلمانن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ ۽ پنجاب ۾ سکن جي زور وٺن
ڪري، سرهند مان سندن خاندان جدا جدا جاين تي هجرت
ڪري ويو. سندن وڏن مان حضرت شاهه غلام حسين ۽
شاهه غلام حسن، احمد شاهه درانيءَ جي چوڻ تي،
سرهند مان لڏي وڃي پشاور ويٺا، جتي سندن مزارون
آهن. ان کان پوءِ سندن فرزند ميان غلام نبي جان
اتان لڏي وڃي قنڌار ۾ سڪونت اختيار ڪئي، ليڪن امير
عبدالرحمان جي دور ۾ جڏهن سندن خاندان تي سختي
شروع ٿي ته حضرت خواجه عبدالرحمان (ولادت 1244هه،
قنڌار) بن خواجه شيخ عبدالقيوم (وفات 1270هه) .
پنهنجي والد جي وفات بعد، ان جي جاءِ تي مسند نشين
ٿيا. پاڻ 1281هه ۾ قنڌار کان هجرت ڪري، سنڌ جي
مختلف جڳهن ت اقامت ڪندا، 1298هه ۾ ٽکڙ ۾، سندس
مريد سيد ميران محمد شاهه وٽ پهتا. (ميران محمد
شاهه قنڌار ۾ وڃڻ وقت سندن مريد ٿيو هو.) ٽکڙ ۾ ٻه
سال رهي، پوءِ حرمين شريفين جي زيارت ۽ حج لاءِ
حجاز روانا ٿيا، جتي ٽي سال رهي، وري سيد ميران
محمد شاهه جي دعوت ۾ ٽکڙ ۾ اچي دائمي طور سڪونت
اختيار ڪيائون ؛ پر جڏهن ٽکڙ جي ڳوٺ کي سنڌو
درياهه پائڻ شروع ڪيو ته سندن معتقد ۽ مريد مير
غلام علي خان جي چوڻ تي، اچي ٽنڊي سائين داد ۾ رهڻ
لڳا، جتي 1215هه ۾ داعي اجل کي لبيڪ چئي وفات
ڪيائون. سندن مقبرو گنجي ٽڪر جي ڀر ۾ آهي.
سنڌ دهليءَ جي مغل حڪومت جي ماتحت هئي ۽ ان ڪري، سنڌين جا
سرهندي بزرگن سان اڳي ئي تعلقات قائم ٿيل هئا.
انهيءَ سلسلي ۾ پوئلڳن ۾ مکيه شيخ آدم عليھ رحمت،
شيخ ابوالقاسم عليھ، رحمت مخدوم محمد معين عليھ
رحمت، مخدوم محمد هاشم عليھ رحمت ٺٽوي، مخدوم محمد
زمان عليھ رحمت لنواريءَ وارو ۽ سندن خليفو ميان
عبدالرحيم گرهوڙي عليھ رحمت هئا، جن انهيءَ طريقي
کي فروغ ڏيڻ ۾ اڳي ئي گهڻي ڪوشش ڪئي هئي. سنڌ ۾
سندن آمد پاڻ انهيءَ اثر کي وڌايو.
خواجه محمد حسين جان، حضرت خواجه عبدالرحمان جو وڏو فرزند هو،
جو 1275هه ۾، قنڌار ۾ ڄائو هو ۽ سندن هجرت کان
پوءِ ساڻن گڏ رهيو. سندن تربيت والد بزرگوار جي
نگرانيءَ هيٺ ٿي. پاڻ تعليم، والد کان سواءِ مُلا
ميراعظم علي زئي ۽ مولوي لعل محمد مٽياريءَ وري
کان، مڪي ۾ مدرسه صولية ۾ ورتائين. شيخ احمد دحلان
عليھ رحمت جون مڪي ۾ تقريرون به ٻڌيون هئائين،
آخر ۾ فارسي ۽ عربيءَ ۾ تحصيل حاصل ڪري، وڏو عالم
ٿيو. مڪي کان واپس اچڻ، بعد ٽکڙ ۾ ڪجهه وقت درس به
ڏنائين، ليڪن سندس گهڻو وقت والد جي حياتيءَ ۾
خانداني ڪاروبار جي سنڀال ۾ گذرندو هو. ان وقت يا
ان کان پوءِ به زهد، تقويٰ ۽ عبادت ۾ گهڻو وقت
گذاريندو هو.
پاڻ ڪيترائي ڪتاب به تصنيف ڪيا هئائين، جن ۾ ”شفاء الامراض“
(عربي)، ”انيس المريدين“ (فارسي)، ”عهدو مواثيف“
جو فارسيءَ ۾ ترجمو، ”انساب الانجاب“، ”اصول
الاربعھ في تديدالوهابية“ ، ”سفرنامه عربستان“ ۽
ٻيا ڏهه ٻارهن ڪتاب مکيه آهن.
کيس مطالعي جو گهڻو شوق هو، انهيءَ ڪري بهترين مذهبي ڪتاب جو
مجموعو پاڻ وٽ ڪٺو ڪيو هئائين، جن ۾ ڪيترا ناياب
نسخا هئا.
سندس روزانو پروگرام هيٺينءَ طرح هوندو هو: تهجد نماز پڙهي،
وظائف ۾ مشغول ٿينو هو. فجر مهل مسجد ۾ اچي، نماز
پڙهائي، مريدن کي ذڪر ڏيندو هو، اشراق کان پوءِ
ڪجهه وقت مريدن جي مجلس ۾ ويهي، پوءِ آرام ڪري،
وري اڳئينءَ نماز مهل ٻاهر نڪري، نماز پڙهائڻ بعد،
مثنوي مولانا روم يا ٻين طريقت جي ڪتابن جو درس
ڏيندو هو. سندس مجلس رعبدار ۽ تقدس جو نمونو هئي.
پاڻ ٽي شاديون ڪيون هئائين: پهرينءَ شاديءَ مان پنج فرزند ۽ نَو
نياڻيون ٿيس، جن مان ٽي فرزند: هر هڪ حضرت عبدالله
جان معروف بھ شاهه آغا، صاحبزادو ميان عبدالستار
جان ۽ صاحبزادو حافظ ميان محمد هاشم جان ۽ ست
نياڻيون حيات رهيون. ٻيءَ شاديءَ مان ٽي پٽ ۽ ٽي
نياڻيون ٿيس، جن مان سواءِ هڪ فرزند محمد حنيف جان
جي، سڀ ڪوئيٽا جي زلزلي ۾ فوت ٿي ويا. ٽي شادي
پنجهتر سالن جي عمر ۾ ڪيائين، جنهن مان اولاد نه
ٿيو. اها شادي کيس وڏيءَ عمر ۾ خدمت ڪرڻ جي لحاظ
کان، مريدن زور ڪري ڪرائي هئي.
سندس خليفن جو تعداد گهڻو آهي، جن مان منهنجي واقفيت حاجي فضل
علي شاهه ڀانن واري، قاضي عبدالڪريم ميهڙ واري، 7
آخوند ميان عطا محمد مٽيارن وارن سان هئي.
منهنجي ساڻس واقفيت، گهڻي وقت کان، سندس فرزند ميان عبدالستار
جان سرهنديءَ معرفت ٿيل هئي، ليڪن سلسلهء طريقت
جو لاڳاپو، سيپٽمبر 1937ع ۾، ڪوئيٽا وڃي وٽانئس
ذڪر وٺڻ بعد پيدا ٿيو. مون پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾
ذڪر ڪيو آهي ته حق جي ڳولا لاءِ مون ڇا ڇا ڪيو.
قاضي ميان بصرالدين وٽ انهيءَ معاملي لاءِ اڪثر
ويندو رهندو هوس. ان جي صلاح ۽ هڪ خواب جي اشاري
موجب، مون حضرت خواجه صاحب وٽ وڃي ذڪر ورتو. سندس
صلاح موجب ڏاڙهي رکي، تهجد پڙهي، ورد وظائف ڪڍڻ
شروع ڪيم، ليڪن مون کي ڪو خاص فائدو ڪو نه پهتو.
پر ان جي اها معنيٰ نه سمجهڻ گهرجي ته ٻيا جي سوين
خليفا ۽ مريد سندس معتقد خاص هئا، سي ڪنهن فائدي
کان سواءِ سندس گرويدا ٿيل هئا. سڀ ڪنهن جو نصيب ۽
طبيعت آهي.
”شدم بدريا غوطه زدم نديدم در،
اين گناه بخت من است گناه دريا نيست.“
موجوده دؤر ۾ جڏهن اڪثر درويشن جا سجاده نشين پنهنجن بزرگن جي
رستي کي ڇڏي، دنيوي اقتدار ۽ پئسن هٿ ڪرڻ جي پويان
ڪاهجي پيا آهن، حضرت خواجه صاحب جي صحبت غنيمت
هئي، جنهن مان روحانيت جي ذڪر، عبادت ۽ اخلاق جي
تربيت ٿي ملي.
پاڻ 6 رجب 1365هه، مطابق 2 جون 1946ع تي وفات ڪيائين.
سندس فرزندن مان ٽن سان نياز منديءَ جو رستو رهيو آهي. وڏو
فرزند شاهه آغا، جو هن وقت سجاده نشين آهي، والد
جي روايت جو حامي ۽ عابد زاهد بزرگ آهي، جيئن ته
اڄڪلهه عبادت ۽ زهد سان منهنجو گهڻو واسطو نه رهيو
آهي، ان ڪري سندس صحبت کان پري ئي گذاريو اٿم.
تازو سندس ملاقت مان فيضياب ٿي آيو آهيان، خدا کين
وڏي حياتي ڏئي، قديم روايتن جو آخري يادگار آهي.
کيس ٽي فرزند آهن: ميان غلام علي جان، ميان غلام
نبي جان ۽ ميان محمد سعيد جان.
خواجه صاحب جو ٻيو فرزند آغا عبدالستار جان آهي. ميران محمد
شاهه جي دوستيءَ ڪري، هو 1925ع کان منهنجو واقف
ٿيو آهي. محبتي، اهل دل، سچو دوست، زمانه فهم بزرگ
آهي. ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون. هن وقت
باوجود پيدائش وڌڻ جي، گهڻين شادين ۽ ان جي نتيجن
ڪري خوش نٿو گذاري. باوجود اعتقادي اختلاف جي، دلي
ڏڍ ۽ سهارو آهي. خدا کيس وڏي حياتي بخشي! پنهنجي
نموني جو هي به شايد آخري يادگار آهي. هن وقت
قنڌار ۾ آهي. ”وڏي وس اٿم، ويڙهيچا ڀنڀور ۾!“ سندس
فرزندن جا نالا هي آهن: 1. غلام فاروق جان، 2.
غلام عثمان جان، 3. غلام صديق جان، 4 اسدالله جان،
5. خليل الله جان، 6 ڪلييم الله جان، 7. سميع الله
جان. خواجه صاحب جو ٽيون فرزند آغا هاشم جان آهي.
ان سان ويجهڙائي ۽ ملاقات گهٽ پئي رهي آهي. هو
حافظ، حڪيم ۽ عالمن جي صحبت ۽ سنگت جو بزرگ آهي.
ظاهري فقهي ۽ مذهبي معاملن ۾ سختگير آهي، ان ڪري
مون جهڙن ڪم اعتقاد ماڻهن کي سندس مجلس ۾ وڃڻ لاءِ
گهٽ ڪشش پئي ٿي آهي ؛ ليڪن سندس دوستن جو دائرو
وسيع آهي، کيس ٻه فرنزد آهن، جن جا نالا ميان فضل
الله جان ۽ محمد عابد جان آهن.
6- ٿانورداس ليلارام واسواڻي
(ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي ”داداجي“)
(حيدرآباد، پونا)
25 نومبر 1879ع ۾، حيدرآباد شهر ۾ ڄائو هو. ٿوري وقت ۾ اسڪول ۽
ڪاليج جي تعليم ختم ڪري، ايم اي جي ڊگري ورتائين،
۽ ڪلڪتي جي ميٽرو پاليٽن ڪاليج ۾ تاريخ ۽
انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو. اهو ڪاليج هن وقت
وديا ساگر ڪاليج جي نالي سان سڏجي ٿو. ان زماني ۾،
ٽيهن سالن جي عمر ۾، برلن ۾ ڪوٺايل دنيا جي مذهبن
جي ڪانگريس ۾ هندستان پاران شريڪ ٿيو. هن جي اتي
ڪيل تقرير ۽ پوءِ يورپ ۾ ڪيل ٻين تقريرن، هندستان
جي مذهب ۽ خيالن بابت گهڻي دلچسپي پيدا ڪئي. ان
کان پوءِ، ڪجهه وقت لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج جو
پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين ۽ وري ڪوچ بهار جي وڪٽوريا
ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. آخر ۾ مهاراجا پٽيالا
کيس مهيندرا ڪاليج جي پرنسپال ٿيڻ لاءِ ڪوٺ ڏني،
پر هن ان وقت نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، اچي سنڌ ۾
رهائش اختيار ڪئي. ان وقت مهاتما گانڌيءَ جي
ستياگرهه تحريڪ شروع ٿي هئي، جنهن جي حمايت ۾ هن
ڪيترا ڪتاب لکيا. انهن مان مکيه ڪتاب هئا: ”انڊين
ارائيز“
(Indian Arise)
، ”اويڪ ينگ انڊيا“
(Awake, Young India)
، ”انڊيا ائڊوينچر“
(India Adventure)، ”انڊيا اِن چينس“
(India in Chains)
، ”سيڪريٽ آف ايشيا“
(Secret of Asia)،
”ماءِ مڌرلئنڊ“
(My Motherland)، ”بلڊرس آف ٽومارو“
(Builders of Tomorrow)
۽ ”اپاسٽلس آف ٽومارو“
(Apostles of Tomorrow)
هن سنڌ ۾ مهاتما گانڌيءَ جي ”عدم تعاون تحريڪ“ جي حمايت ۾ به
زوردار ڪم ڪيو. قومي هلچل جي انهن سلسلن ۾ هو،
تعليم جي اهميت ۽ ان جي روشنيءَ کي ڦهلائڻ طرف
راغب ٿيو.
پهرين، شاستريءَ جي مدد سان، راجپور ۾ شڪتي آشرم کوليائين، ۽
پوءِ نوجوانن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيڻ
لڳو. آخر، حيدرآباد ”سينٽ ميرا“ نالي اسڪول کولي،
ان ذريعي ٻارن کي دل، دماغ ۽ هٿ جي تربيت ڏيڻ جو
انتظام ڪيائين. اُهو اسڪول اڄ به، گورنمينٽ جي
انتظام هيٺ، زناني تعليم جو هڪ مکيه ادارو آهي.
واسواڻي صاحب ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ڏي ويو ۽ اتي پوني ۾ رهي،
پنهنجون ساڳيون قومي، روحاني ۽ تعليمي سرگرميون
جاري ڪيائين. پنهنجو آشرم قائم ڪري، ان ذريعي هڪ
ئي وقت تي انگريزي، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي
مخزنون ۽ ڪتابي سلسلا شروع ڪيائين، جي سندس وفات
تائين هلندا رهيا آهن. سينٽ ميرا اسڪول جي مخزن
”ميران“ اتي به انگريزيءَ ۾ ڪڍندو رهيو ۽ سنڌيءَ ۾
”سنت مالا“ مخزن جو سلسلو هر مهيني باقاعديءَ سان
جاري رهيو. اخلاقي ۽ روحاني عالم جي حيثيت سان، هو
سچو صوفي، ديش ڀڳت، حقيقي درويش، پريم جو ساگر
بزرگ هو. هن دنيا ۾ رهي مايا- ڄار ۾ ڦاسڻ کان آزاد
رهڻ جي تعليم ڏني آهي. دنيا جي سڀني مذهبن جي
تعليم جو اڀياس ڪيو هئائين، ۽ دنيا جي مکيه درويشن
جي حالات کان واقف هو. کيس مذهب جي ڪثرت پويان
بنيادي وحدت جو پتو پيل هو، تنهن ڪري سڀ جاءِ پرين
پَسي، هو پيار ۽ ايڪتا جو پرچار ڪندو رهيو. ڪتابن
۽ مخزنن ذريعي، هن هزارين صفحا لکيا آهن. سندس
”تارن“ ۾ ”تيرن“ جهڙو تاثير هو، جنهن سان نهاريندڙ
کي موهي ڇڏيندو هو. سنڌ جي سرزمين سوين ساڌو ۽
درويش پيدا ڪيا آهن، پر هن قحط الرجال جي زماني ۾
ساڌو واسواڻيءَ جو دم غنيمت هو. سندس مجلس ۾ روح
کي راحت ۽ من کي آسيس ملندي هئي.
سنڌ جي هن سپوت 16 جنوري 1966ع تي، تازو وفات ڪئي آهي. مرڻ وقت
وصيت ڪيائين ته سندس هاٺيون، سنڌ ۾، سنڌو نديءَ ۾
پرواهه ڪيون وڃن. 13 اپريل 1966ع تي اها رسم
حيدرآباد ۾ ادا ڪئي ويئي ۽ گدوءَ وٽ سندس خاڪ
سنڌوءَ کي سونپي ويئي. |