8- مسٽر جمشيد نسروانجي ميهتا
(ڪراچي)
جمشيد ميهتا، موجوده دؤر جي برگزيده انسانن مان هڪ ٿي گذريو
آهي. سنڌ ۽ هند کي اهڙي مايه ناز هستيءَ تي بجا
طور فخر ڪرڻ جو حق آهي. سندس حياتي هر نقطه نگاهه
کان بينظير رهي آهي، جنهن جي احوال لکڻ لاءِ هڪ
جدا ڪتاب جي ضرورت آهي. آءٌ پاڻ کي خوش نصيب
سمجهان ٿو جو اهڙيءَ عظيم شخصيت جي تربيت ۽ رفاقت
جو موقعو نصيب ٿيم، هي چند لفظ ان همه صفت موصوف
شخصيت جي ياد ۾ لکڻ، آءٌ باعث سعادت سمجهان ٿو.
شخصي زندگي:
هي ڪراچيءَ جي پارسي خاندان جي هڪ معزز رڪن، خانبهادر نسروانجي
ميهتا جو فرزند هو، جنهن صاحب پنهنجيءَ محنت،
ڪفايت شعاريءَ ۽ ڪاروباري لياقت جي ذريعي وڏي
ملڪيت موجود ڪئي هئي. سندس والد کي ڪراچيءَ جي
ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ ولائتي شراب جو وڏو دڪان ۽
ايجنسي هئي. ماريپور طرف لوڻ جو ڪارخانو، برف ۽
سوڍا واٽر جو ڪارخانو، ٽائيلس ۽ ڪاٺين چيرڻ جا
ڪارخانا، اٽي پيهڻ جي مِل، ۽ ٻين ڪيترين شين جون
ايجنسيون هونديون هيون. مڇي مياڻي روڊ تي انهيءَ
ڪاروبار لاءِ هڪ وڏي آفيس ۽ برنس روڊ تي سندس
عاليشان بنگلو هو.
مسٽر جمشيد اهڙي خوش قسمت والد، ۽ نهايت شريف ۽ خدا پرست والده
گل ٻائيءَ مان، 7 جنوري 1886ع تي پيدا ٿيو.
شاهوڪار گهر ۾ ڄمي، نهايت ناز ۽ نعمت سان پليو ۽
نپنو. مڪاني اسڪولن ۾ تعليم وٺي، والد سان سندس
ڪاروبار ۾ مددگار ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هن ۾ جي خدا داد
وصفون سمايل هيون، تن کيس ننڍپڻ کان ئي زندگيءَ جي
سهڻي ۽ سٺي طرز اختيار ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. هن
باوجود شاهوڪار هجڻ جي به سادي حياتي گذاري ٿي.
ساري زندگيءَ ۾ شادي نه ڪيائين. ٻيڙي، شراب،
گوشت، مڇي وغيره کان پري رهي، ڀاڄين، دالين، ميوي
۽ کير تي گذر ڪندو هو. سڄي ڄمار ڪاٺ جي صندل تي
چادر وڇائي ستو. هي اعليٰ درجي جو ڪرم يوڳي هو. هر
روز صبح جو چئين بجي اُٿي غسل ڪري، عبادت بعد ڪتاب
پڙهندو هو. ان کان پوءِ فجر مهل ٻاهر جي ڪاروبار
لاءِ تيار ٿي ويندو هو، چانهه پيئڻ تائين ڪيترائي
ماڻهو وٽس ملاقات لاءِ يندا هئا، جن ۾ ڪي بيواهه
عورتون، ڪي مسڪين، ڪي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل ماڻهو هوندا
هئا. اٺين بجي ڌاري هو جاءِ تان موٽر ۾ چڙهي، ڪمن
ڪارين سان نڪري ويندو هو ڪم از ڪم ٽيهن کان پنجاهه
تائين مختلف ادارن ۽ ڪمن ۾ روزانو حصو وٺندو هو،
جن جو شمار ڪرڻ مشڪل هو: ليڪن هر هڪ ڪم ۾ وقت جي
پابندي ۽ تندهيءَ سان شريڪ ٿيندو هو.
سندس مکيه مشغلا پنج هوندا هئا: 1. ڪتابن جو مطالعو ۽ غور فڪر،
2. شخصي ڪاروبار ۽ ڪارخانن جي سنڀال، 3. ڪراچي
ميونسپالٽي، بئنڪن ۽ ٻين اڪيچار ادارن سان مشغولي،
4. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي حلقي وارن ۽ ٻين دوستن
سان ملاقاتون، ۽ 5. خدمت خلق، رفاه عام ۽ خيرات جا
معاملا، کيس گهر کان نڪرڻ کان پوءِ هٿ ڪرڻ مشڪل
هوندو هو، ليڪن جيڪي سندس نزديڪ هوندا هئا، سي
اڪثر کيس ميونسپل آفيس، خانگي ڪاروبار جي آفيس يا
ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ ڳولي وڃي لهندا هئا. ڪراچي
شهر جو ڪو به ادارو، جاءِ، شخص، پاڙو، سندس لطف جي
نظر کان محروم نه هوندو هو. جيڪڏهن ڪٿي باهه لڳي،
ڪو حادثو ٿيو، ڪنهن دوست يا غريب جي بيماريءَ، دک
۽ تڪليف جو احوال ٻڌائين ته جمشيد يڪدم اتي حاضر
ٿي ويندو هو. شادي، غمي، ويندي رٺل زال، مڙس کي
پرچائڻ ۽ بيمار جي تيمارداري ڪرڻ کان به نه رهندو
هو. مطلب ته هي هڪ بلند اخلاق، ساده مزاج، صبر جو
ڀنڊار، مذهب ۽ قوم جي تميز ڪرڻ بنا انسانذات جي
خير خواهي ڪرڻ وارو، سخي، خلق جو خادم، محبت جو
مجسمو، علم جو خزانو، اعليٰ اصولن جو مالڪ، صوفي
منش، سڀ ۾ پرين پسڻ وارو شخص هو. سندس زندگيءَ جي
هر هڪ ساعت سڦلي صرف ٿيندي هئي. هو مشين وانگر
رات ڏينهن ڪم ۾ مشغول رهندو هو. سچي سياستدان،
ماليات جي ماهر، سوشل ورڪر، مدبر ۽ ڪرم يوگي هجڻ
جي باوجود، هو تارڪ دنيا ساڌو هو.
سياسي زندگي:
مسٽر جمشيد جي سياسي زندگيءَ جي شروعات، معلوم ٿئي ٿو ته سال
1913ع ڌاري، ٿي، جڏهن ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا نيشنل
ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس ڪٺو ٿيو هو. ان وقت هي
اڃا اهڙيءَ شهرت جو مالڪ نه هو جو ڪنهن خاص پوزيشن
۾ چونڊيو ويو هجي، ليڪن جلد ئي ٽن سالن کان پوءِ
1916ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌي ڪراچيءَ ۾ آيو، تڏهن
فوٽي ۾ سندس سرگس جي گاڏيءَ پٺيان هي چڙهيل ڏسجي
ٿو ۽ شهر واسين طرفان ڏنل دعوت جي موقعي تي ورتل
فوٽي ۾ به سندس اڳيان ويٺل ڏسجي ٿو. ان مان معلوم
ٿئي ٿو ته انهيءَ وچ ڌاري هي ڪافي شهرت حاصل ڪري
ويو هو. ٿياسافسٽ اڳي ئي هو. ان ڪري ڊاڪٽر ايني
بيسنت سان ملاقات ٿيڻ بعد 1919ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر ايني
بيسنت ”هوم رول ليگ“ ٺاهي، تڏهن هي ان ۾ داخل ٿيو
۽ 1917ع جي آخر ۾ ڪراچي شهر جي ”هوم رول ليگ“ جو
پريزيڊنٽ به چونڊجي ويو.
ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ميمبر طور 1915ع ۾ گهڙيو. مارچ 1921ع ۾
جڏهن مسٽر نارائڻداس بيچر جي ٺهراءَ تي رنج ٿي،
مسٽر غلام علي چاڳلا ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي
پريزيڊنٽيءَ تان استعيفيٰ ڏني، تڏهن سگهو ئي هي
پريزيڊنٽ چونڊيو ويو ۽ 1933ع تائين پريزيڊنٽ رهندو
آيو. ڪراچي شهر کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ ۾ هن ڪا به ڪمي
نه ڇڏي، سُٺا رستا ٺهرايائين، اسڪول، اسپتالون،
پارڪ، سوسائٽين جا بنگلا، ڊرينيج واٽر ورڪس وغيره
تعمير ڪرايائين، صحت، صفائي ۽ تعليم جي واڌاري جي
ڏس ۾ گهڻو پاڻ پتوڙيائين. ڪراچي شهر سندس خدمتن جو
يادگار آهي.
ڊاڪٽر بيسنت جي پوئلڳ هئڻ ڪري، هو ڪانگريس جي عدم تعاون يا
”سول نافرماني“ وارين تحريڪن ۾ شامل نه ٿيو. پر
جڏهن لاٺي چارج ۾ قومي ڪارڪن زخمي ٿيندا هئا ته هي
اسپتالن ۾ انهن جي پرگهور لهڻ لاءِ سڀ کان اڳي
هوندو هو، جڏهن ڪراچيءَ ۾ 1931ع ۾، آل انڊيا نيشنل
ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس ٿي رهيو هو، تڏهن
انهيءَ لاءِ ميدان هموار ڪرائڻ، پاڻيءَ ۽ جاين جي
تعميرات جي بندوبست ۽ ٻين مڙني ڪمن ۾ دلچسپي وٺي،
اجلاس کي ڪامياب بنائڻ جي ڪوشش ڪيائين.
1933ع ۾ ڪراچي ميونسپل ايڪٽ جي درستيءَ لاءِ هن کي بمبئي
ليجسليٽو ڪائونسل تي نامزد ڪيو ويو، جنهن مطابق
ڪراچي ڪارپوريشن قائم ٿي. کيس ئي ان جو پهريون
ميئر چونڊيو ويو. اهڙيءَ طرح 1933ع ۾ ميونسپالٽيءَ
تان رٽائر ڪيائين.
سنڌ جدائيءَ جي تحريڪ ۾ هن هر طرح جي ڪوشش ورتي. جدا چونڊن هئڻ
ڪري، جيتوڻيڪ سندس چونڊ جو مدار هندن تي هو، ليڪن
هن ان جي پرواهه نه ڪئي، سنڌ جدا ٿيڻ بعد، 1937ع
۾، دادو ضلعي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي
آيو ۽ آزاد ميمبر ٿي رهيو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ هندو ميمبرن ننڍين وڏين ڳالهين تان حڪومت جي
طرفداري يا مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي، جيئن ته هي هندو
ووٽن تي چونڊجي آيو هو، تنهن ڪري اُهي کانئس
تقاضا ڪرڻ لڳا ته اسيمبليءَ ۾ سندن پويان ووٽ ڏئي،
انهيءَ تان ناراض ٿي، هن استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. اها
ڳالهه سنڌي سياست ۾ اهم هئي. اڪثر مسلمان ميمبر ته
ذاتي مفاد خاطر، ملڪ ۽ عوام جي مفاد کي قربان ڪري
رهيا هئا. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد، جڏهن هن ڏٺو ته
غير مسلم ۽ ايماندار ڪارڪنن لاءِ ملڪي سياست ۾
جاءِ نه رهي آهي، ته هو اُن کان ٻاهر رهيو.
مذهبي پاليسي:
جمشيد صاحب پارسي مذهب جو پوئلڳ هو. 1909ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت
سان واقفيت بعد، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر
ٿيو. صوفي خيالات رکڻ ڪري، هو جملي مذهبي اختلافن
پويان بنيادي وحدت جو قائل هو. انهيءَ جي پيرويءَ
۾ هو، رمضان جا روزارکندو هو ؛ محرم وقت مسلمانن
سان همدردي ڪندو هو ؛ ناتال ايسٽر وغيره جي موقعن
تي ديوانن ۾ وڃي عيسائين جي دعائن ۾ شرڪت ڪندو هو
؛ هندو ڏڻ – وار تي هندن سان شريڪ ٿيندو هو ؛ ۽
ساڳيءَ طرح سکن ۽ يهودين سان به وڃي شريڪ ٿيندو
هو.
ٿياسافيڪل سوسائٽي سندس مکيه مرڪز هو. خدا ۾ سندس پڪو ايمان
هو. هي ڪرميوگي، اعليٰ مفڪر ۽ دردمند دل رکندڙ
انسان هو. سندس چوڻ هو ته ”مذهب ماڻهن لاءِ بنايو
ويو آهي، نه ماڻهو مذهب لاءِ.“
سماجي خدمت:
ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ جو ڪو به اهڙو ڪم ڪو نه هو، جنهن ۾
مسٽر جمشيد حصو نه ورتو هجي. ماڻهن جي مصيبت وقت
رليف فنڊ قائم ڪري، انهيءَ ذريعي ڏتڙيلن جي سهائتا
ڪرڻ سندس خاص مشغلو هو. ڪوئيٽا جي زلزلي ۽ 11929ع
۽ 1942ع وارين بارشن ۽ ٻوڏن وقت جمشيد صاحب سهائتا
جي ڪم ۾ رڌل هو. سوديشي تحريڪ، ڳوٺ سڌار هلچل ۽
ڪوآپريٽو تحريڪ کي زور وٺائڻ، غريب ميونسپل عملي
جي ڪوارٽرن ٺهرائڻ، هائوسنگ سوسائٽين ذريعي ڪشادن
۽ هوادار بنگلن ٺهرائڻ، لياريءَ جي بستيءَ کي
سڌارڻ، پينو فقيرن جي سوال کي حل ڪرڻ، ڪوڙهين ۽
انڌن جي مرڪزن قائم ڪرائڻ ۽ ٻين اهڙن عام ڀلائيءَ
جي ڪمن ۾ سندس گهڻو هٿ هو. سندس سخاوت مان هزارين
فرد ۽ ادارا فيضياب ٿيندا هئا، جيئن مثل مشهور
آهي، هو هڪ هٿ سان ڏيندو هو، ته ٻئي هٿ کي خبر نه
پوندي هئي!
اعليٰ منتظم ۽ مالي ماهر:
جمشيد صاحب جنهن قابليت سان پنهنجو شخصي ڪاروبار هلايو، ڪراچي
ميونسپالٽيءَ جو انتظام رکيو، سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽو
بئنڪ،ٻين بئنڪن ۽ ڪوآپريٽو تحريڪ کي خانبهادر عظيم
خان، سان گڏجي زور وٺايو، سندس اعليٰ انتظامي ماهر
هجڻ جو دليل آهي.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن هو تقريباً رٽائر ٿي چڪو هو،
تڏهن به هر سماجي ڀلائيءَ جي ڪم لاءِ حڪومت سان
تعاون ڪندو هو ۽ حڪومت به سندس مفيد مشورن کان
مستفيد ٿيڻ کي ڪارآمد سمجهندي هئي.
مجسم ڪرشن:
ڪرشن مهاراج لاءِ مشهور آهي ته هو محبت جو اوتار هو. سندس پريم
ليلا ايتري ڇانيل هئي، جو سندس هزارين زالن ۽
گوپين مان هر هڪ تي اهو اثر ويٺل هو ته هو سندس
محبوب آهي.
”ڪَوڙين تنهنجون ڪامڻيون، تون ڪَوڙِن سندو ڪانڌ“
(شاهه)
اُن وانگر، برهمچاري هجڻ جي باوجود، سوين عورتون سندس محبت جي
هام هڻنديون هيون، هي وقت تي هر هڪ وٽ ويندو هو يا
ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ کين ملندو هو. نفساني خيال
کان آجو، هي محبت جو اوتار هو،
منهنجي واقفيت:
جمشيد صاحب سان واقفيت، 1927ع ڌاري، ڪراچي لوڪل بورڊ ۾ ميمبر
ٿيڻ سان ڪراچيءَ ۾ رهڻ بعد، مسٽر ٽهلراماڻيءَ ۽
حاتم علي علويءَ جي صحبت ۾، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ
جي ميمبر ٿيڻ بعد ٿي. ان کان پوءِ سياست، سوشل
سروس ۽ مذهبي خيالن ۾ هن جو مون تي گهڻو اثر پيو.
ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي ميمبر، سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽو بئنڪ جي
ڊائريڪٽر، ڳوٺ سڌار هلچل جي سيڪريٽري، ڪراچي
ڪوآپريٽو انسٽيٽيوٽ جي سيڪريٽري ۽ ٻين ڪيترين
حيثيتن سان، مون کي سندس هٿ هيٺ ڪم ڪرڻ جو موقعو
مليو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ گڏ هئاسون. مون کي سندس
سياسي شاگرد ۽ ذهني پوئلڳ سڏائڻ ۾ فخر ٿيندو. ان
جي معنيٰ اها نه آهي ته آءُ سندس انڌو مقلد هوس.
بلڪ ڪيترين ئي ڳالهين تان اختلاف راءِ به ٿيندا
هئا. انهن جو مکيه ڪارڻ هن جي پخته دماغي ۽ اعتدال
پسند طبيعت ۽ منهنجي اڻ آزمودگاري ۽ انتهاپسنديءَ
جو رجحان هو. هو هڪ ٺهيل ٺڪيل ڳالهه يا شيءِ کي
صرف جذباتي يا اصولي خيال کان ڊاهڻ لاءِ تيار نه
هوندو هو. آءُ هن راءِ جو هوس ته جا ڳالهه ناحق
آهي يا جا شيءِ غلط بنياد تي اڏيل آهي، انهيءَ کي
ڊاهڻ زندگيءَ جو مکيه متو هئڻ گهرجي. ان وقت اقبال
جو نظريه حيات منهنجو سامهون هو ته:
”بدريا غلط با موجش در آويز،
حيات جاودان اندر ستيز است.“
ليڪن هن وقت، تجربي ٿيڻ بعد، جڏهن تصوير جو ٻيو پهلو نظر اچي
رهيو آهي، ته سمجهڻ لڳو آهيان ته اسان جا غلط ۽
صحيح، حق ۽ ناحق جا فيصلا هيٺانهينءَ سطح جي ڳالهه
هئا:
”مون کي اکڙين، وڏا ٿورا لائيا،
ته پڻ پرين پسن، کڻان جي کَر سامهيون.“
هينئر هو اسان وٽ نه آهي، پر سندس حياتيءَ جو نظريو ۽ خلق جون
خدمتون اسان اڳيان مشعل راهه آهن. اڄڪلهه پاڪستان
۾ اهو فئشن ٿي پيو آهي ته سڀ ڪو پيو چوي ته جناح
صاحب جي نقشِ قدم تي هلو، جنهن جو جذبه محرڪ
اقبالي نظريو هو ۽ ٻئي طرف هي بي بها فزند سنڌ
سامهون بيٺو آهي، جو شاهه لطيف وانگر ”جيڏانهن ڪر
نگاهه، تيڏانهن سڄڻ سامهون“ جو قائل هو. هاڻ سوال
اٿندو ته ڪنهن جي پوئلڳي ڪريون:
گرو، گوبند، دونون، کڙي، مين ڪسڪي لاگون پانءُ،
مين ٻلهاري اُس گُرو ڪي، جس گوبند بتايا نانءُ.
هن سچي ۽ سخي انسان، پهرين آگسٽ 1952ع تي وفات ڪئي. سندس جنازي
سان ”ٽاور آف سائلنسس“ تائين وڃڻ ٿيو. سندس چند
مکيه قول هيٺ ڏجن ٿا:
1. ”ميونسپل آفيس کي خدمت خلق جو مندر سمجهان ٿو.“
2. ”جڏهن توتي نڪته چيني ڪئي وڃي، ته پنهنجي طرف پيش ڪرڻ جي
ڪوشش نه ڪر؛ ڇاڪاڻ ته تنهنجي دوستن کي ان جي ضرورت
نه آهي ۽ تنهجا دشمن اعتبار نه ڪندءِ.“
3. ”عوام کان خدمتن جي عيوضي طلب ڪرڻ جي اميد نه رک، اڪثر ان جو
عيوضو ناشڪريءَ ۾ ملي ٿو.“
هڪ دوست سندس لاءِ چيو آهي:
1. هي ٻارن کي پيار ڪندو هو.
2. هي آئيس ڪريم کائڻ پسند ڪندو هو.
3. هي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ خوش ٿيندو هو، جو اهي کيس مسئلن
کي حل ڪرڻ جو موقعو ڏينديون هيون.
4. هي خوبصورت چهرن کي پسند ڪندو هو.
5. هي هجوم کي ملڻ ۾ راضي رهندو هو.
6. هن ڪنهن کي به انڪاري جواب نه ڏنو.
9- مسٽر عبدالرحمان ولد حافظ محمد يعقوب
(ڪراچي)
هن جو ڏاڏو ميان دوست محمد اصل عربستان جي زبيري قبيلي مان چوڻ
۾ آيو ٿي، جو لڏي هالا سنڌ ۾ اچي ويٺو هو. سندس
فرزند حافظ محمد يعقوب، سرڪاري نوڪريءَ ۾ ملڪيتن
جي سب رجسٽرار جي عهدي تي هو. انهيءَ سانگي هن
ميهڙ، لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ طرف نوڪري ڪئي. وفات به
دادوءَ جي شهر ۾ ڪيائين، جتي آخوند نجم الدين وارن
جي مسجد جي احاطي ۾ مدفون ٿيل آهي. کيس ٽي فرزند
ٿيا: ميان عبدالرحمان بئريسٽر، ميان عبدالجبار
وڪيل ۽ ميان محمد شفيع. ميان حافظ محمد يعقوب کي
قاضي به ڪري سڏيندا هئا. کيس هڪ ڀاءُ مولوي ميان
عبداللطيف هو. اهي ٻئي ڀائر ٿوري وقت بعد هالن مان
لڏي اچي ڪراچيءَ ۾رهڻ لڳا. حافظ محمد يعقوب 1907ع
۾ وفات ڪئي. ميان عبداللطيف کي محمد امين نالي
فرزند ٿيو، جو قاضي فضل الله جي وزارت مهل سندس
سيڪريٽري ٿي رهيو ؛ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان
رٽائر ڪيائين.
ميان عبدلرحمان 17 سيپٽمبر 1880ع ۾ ڄائو هو. حافظ صاحب جي
فرزندن ۾ سڀ کان وڏو هو. سيڪنڊري تعليم، ڪراچيءَ
جي سنڌ مدرسي ۾ حاصل ڪيائين. جتان مئٽرڪ پاس ڪري،
1906ع ۾ محنت ڪري، سنڌ پليڊرس امتحان پاس ڪيائين.
ان کان پوءِ ڪراچيءَ جي مشهور وڪيل مسٽر ڪلومل جي
فرم ۾ داخل ٿي، وڪالت ڪرڻ لڳو. (مسٽر ڪلومل پوءِ
سمال ڪاز ڪورٽ جي چيف ججي ڪري رٽائر ڪيو.) ٻه سال
مسٽر ڪلومل جي فرم ۾ وڪالت ڪرڻ بعد، حيدرآباد اچي
1908ع ڌاري رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي بئريسٽر جي
فرم ۾ پارٽنر ٿي وڪالت ڪرڻ لڳو. اتي ٻه سال پرئڪٽس
ڪري، 1909ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو،
جتي ٽي سال رهي، ”لنڪولنس اِن“ مان بئريسٽريءَ جي
سَند وٺي، 1912ع ۾ موٽي سنڌ ۾ يو. ان کان پوءِ
ڪراچيءَ جي جڊيشل ڪمشنر جي ڪورٽ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو ۽
1929ع تائين اتي پرئڪٽس ڪيائين. انهيءَ عرصي ۾ هن
تعليمي، سياسي ۽ سوشل ادارن ۾ چڱو بهرو ورتو، ۽
نالو ڪڍيو. يارويس طبيعت جو ماڻهو هو، تنهن ڪري
سندس واقفيت ۽ دوستيءَ جو دائرو وسيع ٿيندو ويو.
چند مکيه ڪيسن ۾ دلچسپي وٺڻ ڪري، سنڌ ۾ سندس ڪافي
شهرت ٿي ويئي. انهن مان ڪراچيءَ جي جهنڊي جو ڪيس ۽
لاڙڪاڻي جي هندو- مسلم فسادن وارو ڪيس خاص طور ذڪر
ڪرڻ جي لائق آهي.
مسٽر عبدالرحمان سنڌ مدرسه بورڊ جو 1912ع کان 1929ع تائين ميمبر
ٿي ڪم ڪيو ۽ ڪافي وقت بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو
ميمبر هو. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو، 1925ع جي
آخر کان 1928ع جي نومبر تائين ميمبر هو، جنهن ۾
باوجود ڪثرت ڪاروبار جي چڱي دلچسپي ورتائين. ڪيترن
سالن تائين ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو سرگرم ڪارڪن
ٿي رهيو.
ڊسمبر 1913ع ۾ جڏهن آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس
ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيو، ته ان ۾ مسٽر عبدالرحمان مکيه
حصو ورتو. انهيءَ اجلاس جي صدارت نواب محمد صاحب
ڪئي هئي، جو سلطان ٽيپوءَ جي اولاد مان هو. هن اُن
ڪانفرنس ۾ ڪن ٺهرائن تي ڳالهايو به هو. انتظامي ۽
انصافي کاتي کي جدا ڪرڻ جي سلسلي ۾، لالچند
نولراءِ جي پيش ڪيل هڪ ٺهراءَ جي هن تائيد ڪئي
هئي.
هڪ سال لاءِ مسٽر عبدالرحمان سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو پريزيڊنٽ
ٿي رهيو. 1920ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ
ڪراچيءَ طرفان اميدوار بيٺو، پر ڪانگريس سان تعلق
هئڻ ڪري، آفيسرن جي مخالفت ۽ مڪاني زميندارن جي
اثر سبب، چونڊجي نه سگهيو.
ان وچ ۾ هن وڪالت مان چڱو پئسو ڪمايو، جنهن ڪري دوستن جي صلاح
سان، واپار ۾ دلچسپي ورتائين. انهن ڏينهن ۾ سَٽي
جو ڪراچي شهر ۾ تازو شوق جاڳيو هو. هن به اُن ۾
حصو ورتو ۽ ان ڪري مالي مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي پيو.
ان وقت ايسٽ آفريقا ۾ لائق ۽ قابل وڪيلن جي گهڻي
گهرج هئي، ان ڪري مالي حالت درست ڪرڻ لاءِ هي ڪن
دوستن جي مشوري تي، 1929ع ۾، اوڏانهين روانو ٿي
ويو. پهرين ممباسا جي شهر ۾، 1933ع تائين پرئڪٽس
ڪندو رهيو. اتي وڪالت سان گڏ هندستانين جي سماجي ۽
تعليمي ڪمن ۾ به دلچسپي وٺندو رهيو. پوءِ هو اتان
پويان ٻه سال، 1935ع تائين، وڃي نيروبيءَ ۾ وڪالت
ڪرڻ لڳو. اُتي هو پنهنجي مالي حالت سڌاري ويو.
ٻنهي پٽن کي تعليم ڏياري بئريسٽري پاس ڪرايائين ۽
پوئتي رهيل قرض به ادا ڪيائين.
1935ع ۾ مسٽر عبدالرحمان واپس وطن موٽيو ۽ ڪراچيءَ ۾ دوباره
وڪالت ڪرڻ لڳو. ان وقت سندس ٻيئي فرزند به وڪالت ۾
ساڻس گڏ ڪم ڪندا هئا. هتي واپس اچڻ بعد هو وري
لوڪل بورڊ ڪراچي ۽ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر
بڻيو. 1940ع ڌاري، طبيعت ٺيڪ نه رهڻ ڪري وڪالت ۾
گهٽ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ بعض يار دوستن جي چوڻ تي ڪي چونڊ
ڪيس کڻندو هو.
10 فيبروري 1943ع تي ٺٽي ۾ وڪالت جي ڪم سان ويو، جتي دل جي
تڪليف ٿي پيس ۽ کيس واپس ڪراچيءَ آندو ويو. آخر،
انهيءَ تڪليف ۾ 26 فيبروري 1943ع تي وفات ڪري ويو.
مسٽر عبدالرحمان جا ٻيئي فرزند، مسٽر حسن علي ۽ ۽ مسٽر طفيل
احمد بئريسٽر آهن. پهريون سنڌ جو هڪ برک وڪيل،
سنڌ مسلم لا ڪاليج جو پرنسپال، سنڌ مدرسه بورڊ جو
گهڻو وقت سيڪريٽري ۽ پوءِ چيئرمين هو. هن وقت سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي. ٻيو،ڪراچيءَ جو
ناميارو وڪيل، مغربي پاڪستان سرڪار طرفان ڪجهه وقت
ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر رهيو. پوءِ
پاڪستان جي آئين ڪميٽيءَ تي موجوده فيلڊ مارشل
جنرل ايوب جي سرڪار طرفان نامزد ٿيو. ڪجهه وقت هو
پاڪستان سرڪار جو اٽارني جنرل هو ، ۽ هن وقت
ڪراچيءَ ۾ پرئڪٽس ڪري رهيو آهي، پاڪستان قائم ٿيڻ
بعد، جڏهن مون کي 1954ع ۾ ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ
جي سلسلي ۾ جيل موڪليو ويو، ۽ وري 1958ع ۾ مارشل
لا لڳڻ ۽ ملڪ جي آئين معطل ٿيڻ سان 10 آڪٽوبر
1958ع تي مون کي جيل اُماڻيو ويو، تڏهن ٻنهي موقعن
تي هن صاحب منهنجي طرفان هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشنون
داخل ڪيون هيون. هي ٻيئي صاحب لائق وڪيل، پبلڪ جا
خير خواهه، خدمت خلق جو جذبو رکندڙ، خاموش ۽ اخلاق
وارا ڪارڪن آهن.
مرحوم ميان عبدالرحمان پنهنجي پويان نه صرف قومي خدمتن جو
سونهري رڪارڊ ڇڏي ويو آهي، بلڪه ورثي ۾ اهڙا لائق
فرزند ڇڏي ويو آهي، جي سندس روايتن موجب سندس نالو
روشن ڪريو ويٺا آهن. اهڙا خوش قسمت ڪٽنب مشڪل سان
ملن ٿا، جن ۾ پيءُ ۽ پٽ ساڳيءَ طرح نامور ٿين. |