سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 26

 

4- خانبهادر ڪنٽرئڪٽر شهريار دادا ڀائي

(ڪراچي)

هي پارسي قبيلي مان هو. سورت جي شهر ۾ 5 سيپٽمبر 1878ع تي ڄائو هو. ابتدائي تعليم سندس والده جي عزيزن وٽ ڪراچيءَ ۾ ورتائين. تنهن کان پوءِ سيڪنڊري ۽ ڪاليج  جي تعليم احمدآباد ۾ ورتائين. 1901ع ۾ گجرات ڪاليج احمد آباد مان گريجوئيٽ ٿي نڪتو. ڪاليج جو دڪشنافيلو 1902ع ۾ چونڊيو ويو. تعليم پوري ڪرڻ بعد، جولاءِ 1903ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ موٽي آيو. پهريائين اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ نومبر 1903ع ۾ ماستريءَ جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. 1916ع تائين اُتي نوڪري ڪندو رهيو. ان سال  آڪٽوبر مهيني ۾ هو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر سنڌ جو پرسنل اسسٽنٽ مقرر ٿيو. خلافت ۽ قطع تعلقات جي ڏينهن ۾ سال 1921ع  ۾ کيس سنڌ مدرسي جو پرنسپال ڪري رکيو ويو، جتي ٻه سال کن رهيو. پوءِ کيس 1923ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي چارج ڏياري ويئي،  جنهن عهدي تي 1929ع تائين نهايت ڪاميابيءَ ۽ ساز سلوڪ سان ڪم ڪندو رهيو. اتان کيس بدلي ڪري پوني ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن ڪري رکيو ويو، جتي اپريل 1932ع تائين نوڪري ڪيائين. اتان 1932ع ۾ وري کيس موٽائي سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو، جيتوڻيڪ هن جي پينشن جو مدو پورو ٿي ويو هو، پر کيس ٽي سال مهلتون ڏيئي، نوڪريءَ ۾ هلائيندا آيا. هو پينشن تي 58 ورهين جي عمر ۾ جنوري 1938ع ۾ لٿو.

ان دؤر ۾ ڪجهه وقت کان هندو- مسلمان تعليم کاتي ۾ نه هئڻ ڪري، هڪ پارسي عملدار جي مقرريءَ کي مسلمان ڪامورن طرفان پسند ڪيو ٿي ويو. هن جي پاليسي به ٺيڪ رهي هئي، جنهن ڪري ڪنهن کي به کانئس شڪايت جو موقعو نه ملندو هو. هن جي پينشن تي لهڻ وقت سندس دوستن ۽ مداحن سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ فند 8 هزار رپين جو ڪٺو ڪري، ان جون  هر هڪ ضلعي  ۾ اسڪالر شپون ڏنيون.

هن کي 1911ع جي دهلي دربار ۾ ڇهن والنٽيئرن سان گڏ، سنڌ طرفان چونڊي موڪليو ويو هو. 192ع ۾ هن کي ائگزلري فورس ۾ ڪنگس ڪميشن ڏني ويئي ۽ کيس ڪيترا سرڪاري ٻلا انعام طور مليا. پهرين جنگ جي زماني ۾ هن کي ملٽري ٽريننگ ڏني ويئي هئي. 1929ع ۾ کيس سرڪار طرفان خانبهادريءَ جو خطاب مليو. 1937ع ۾ هن کي ”سرونگ بردر“ ، 1939ع ۾ ”آڦيسر بدر“ ۽ 1946ع ۾ ”ڪمانڊر بردر“ ڪيو ويو. هي جي. پي ۽ اي. بي. اي به ٿيو. پينشن تي لهڻ بعد اڪثر آفيسرن وانگر هن آرام جي زندگي گذارڻ عيوض تعليمي ۽ سماجي ادارن ۾ خدمت ڪرڻ شروع ڪئي.

سندس ان گونا گون سرگرمين مان ٿورين جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا:

1. پرائمري ايڊيوڪيشن سوسائٽي، سنڌ جو پريزيڊينٽ.

2. سيڪنڊري ايڊيوڪيشن سوسائٽي، سنڌ جو پريزيڊنٽ.

3. ڊي. جي سنڌ ڪاليج بورڊ جو  ميمبر

4. بي. وي. ايس پارسي هاءِ اسڪول، ڪراچي جو آنرري سيڪريٽري

5. ماما پارسي گرلس هاءِ اسڪول، ڪراچيءَ جو آنرري سيڪريٽري.

6. وي. اين. ڪنيا ماڊل هاءِ اسڪول، ڪراچي جو آنرري سيڪريٽري

7. ايڊا ريو ويلفيئر ايسوسيئيشن جو ميمبر.

8. سنڌ سرڪار طرفان مختلف تعليمي ڪاميٽين جو ميمبر ٿي ڪم ڪيائين.

9. سنڌ پراونشل پرائمري ايڊيوڪيشن بورڊ جو ميمبر

10. ماما پارسي ٽرسٽ فند جو ٽرسٽي ٿي رهيو.

11. دادا ڀائي ڊنشا ٽرسٽ جو چيئرمين

12. کجورينا ٽيڪنيڪل ٽرسٽ فند، جو آنرري سيڪريٽري ۽ ٽرسٽي.

13. پارسي شادين جي ڪورٽ جو ميمبر.

14. پارسي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جو چيئرمين.

15. سنڌ ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر- وغيره وغيره.

هن پهرين شادي ڪراچيءَ جي نادر شاهه رستمجي ميهتا جي ڌيءَ، ايلن سان 1908ع ۾ ڪئي، جنهن نومبر 1929ع ۾ وفات ڪئي. ٻي شادي ناگپور جي جيواجي وڪيل جي ڌيءُ گل بانو سان 1922ع ۾  ڪيائين.

هي صاحب مخلص ۽ اڻٿڪ سماجي ڪارڪن هو. هندن توڙي مسلمانن ۽ پڻ سرڪار کي ساڳئي وقت راضي رکندڙ سڀني سان سٺا تعلقات رکندڙ، مرنجان مرنج شخص هو. هن 18 آگسٽ 1962ع تي وفات ڪئي.

سندس ٻي زال گل بانو 5 مئي 1894ع تي ڄائي هئي. ڪراچي شهر ۾ تعليم ورتي هئائين. هن به خانبهادر وانگر سمورو وقت سماجي ڪمن ۾ پئي صرف ڪيو آهي، جن مان ڪي مثال طور هيٺ ڏجن ٿا:

1. 1935ع کان آنرري سيڪريٽري ۽ پوءِ چيئرمين، جونيئر ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين.

2. 1933ع کان 1938ع تائين گرلس گائيڊ ايسوسيئيشن ۾ ڪم ڪيائين.

3. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ سولجرن جي ڪپڙن سبڻ وارين زالن جي ڪم جي نگراني ڪيائين.

4. ماما پارسي گرلز هاءِ اسڪول ۾، ڇوڪرين کي گهرو ڪم جي تربيت ڏنائين.

5. 1934ع کان پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي وائيس پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيائين.

6. آل انڊيا ايڊيوڪيشنل ڪائنفرنس منعقده ڪراچي پهرين کان  4 جنوري 1942ع جي جنرل سيڪريٽري ٿي رهي.

خانبهادر اهڙيءَ سماجي خادم عورت جي خاوند ٿيڻ ۾ ڀاڳ وارو هو، ۽ ساڳيءَ طرح خانهادر جهڙي اعليٰ ماڻهوءَ جي رفيق حيات ٿيڻ ۾ مائي گل بانو به بختاور هئي. اهڙا جوڙا اڄڪلهه مشڪل سان مل ٿا.

5- شيخ عبدالحق ولد شيخ عبدالله صاحب

(ڪوٽڙي: ڪراچي)

شيخ عبدالحق جو والد شيخ عبدالله، جنرل جان جيڪب جي ڏينهن ۾ انگريزي پلٽڻ ۾ ميجر صوبيدار هو، اصل بمبئي جي ڪوڪن حصي جو ويٺل هو. گريجوئٽي (پينشن) تي لهڻ بعد، لڏي اچي ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو. هن ٽنڊي آغا مان پٺاڻ قبيلي وٽان شادي ڪئي، جنهن مان کيس فرزند شيخ عبدالحق پهرين سيپٽمبر 1877ع تي ڄائو. شيخ ميان عبدالله آخر عمر ۾ واپار جو ڌنڌو ڪندو هو. هن 1883ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت شيخ عبدالحق جي عمر ڇهن سالن جي هئي.

شيخ عبدالحق تعليم ڪوٽڙيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي. پوءِ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهي، 1896ع ۾، هن مئٽرڪ امتحان ڏنو ۽ 1897ع ۾ پبلڪ سروس امتحان جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو. هن پوءِ سگهو ئي سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿي پڙهائڻ شروع ڪيو. جتي نَون سال کن نوڪري ڪندو رهيو. پهرين هن کي 24 رپيا پگهار ملندو هو. پوءِ آهستي  ٿي جڏهن 50 رپين پگهار تي پهتو ته هن کي 1905ع ۾ حيدرآباد ضلعي اندر فورٿ اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولس 70 رپيا پگهار سان مقرر ڪيو ويو، اتان آهستي آهستي ٿي، ترقي ڪري فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولس جي درجي تي پهتو، جنهن جي پگهار انهيءَ وقت 125 رپيا هئي، اتان ٿوري وقت بعد هن کي ٻن سؤن رپين جي پگهار تي 1914ع ۾  ملا ڊپٽي ايڊيوڪيشنل اسڪولس جي چارج ڏياري ويئي؛ ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جا ضلعا سندس حوالي ڪيا ويا، جن ۾ 6 اسسٽٽ سندس هٿ هيٺ ڪم ڪرڻ لڳا. هن مُلا اسڪولن کي سڌارڻ ۽ منظم ڪرڻ جو ڪم نهايت خوش اصلوبيءَ سان ڪيو، ڇهن سالن تائين ان کاتي ۾ ڪم ڪرڻ بعد، هن کي انهيءَ کاتي مان بدلي ڪري جيڪب آباد ضلعي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪولن جي مٿان ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتي هن ڪافي عرصو گذاريو. هن مڪاني خاندانن سان نهايت دوستاڻا تعلقات قائم ڪيا. ميان رسول بخش ۽ ميان الاهي بخش ڀٽو ۽ سردار چاڪر خان سهرياڻي انهن مان مکيه هئا.

جڏهن آءٌ ڪراچي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو ميمبر ٿيس، تڏهن منهنجي خواهش  ٿي ته ضلعي تعليم بهترين، آزمودگار ۽ لائق آفيسر جي سپرد ڪجي، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته مسلمان آفيسرن ۾ هن جي ناموس گهڻي هئي. مون کيس خط لکي موڪليو ته ”اوهان کي ڪراچي ضلعي جي اسڪولن لاءِ ائڊمنسٽريٽو آفيسر ڪري رکڻ جي خواهش اٿئون ۽ آءٌ نهايت شڪر گذار ٿيندس، جيڪڏهن اوهان هن طرف اچڻ قبول ڪريو.“ ان جي جواب ۾ لکي موڪليائين ته ”اوهان صاحبن جو خط رسيو. سواءِ هائو جي ٻيو جواب ڏيڻ مناسب نٿو ڄاڻان خاص ڪري جڏهن اوهان صاحبن ساريءَ سنڌ مان مون کي چونڊيو آهي. اوهان کي خبر آهي ته مون حيدرآباد وڃڻ لاءِ ڪوشش پئي ڪئي، ليڪن اوهان جي پس غائبانه محبت مون کي بلڪل گرويده ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن حڪم ڪندا ايندس. 29 سيپٽمبر 1926ع-  عبدالحق.“ سندس هن جواب اچڻ تي مون بورڊ اڳيان ٺهراءُ آڻي، خانبهادر ولي محمد حسن عليءَ جي مدد سان اهو پاس ڪرايو ۽ ٻئي سال جي اول ۾ هن اچي ڪراچي جي اسڪولن جي چارج ورتي. سگهو ئي کيس سليڪشن گريڊ مليو ۽ ڪراچي ضلعي ۾ ڇهه سال کن نوڪري ڪري رٽائر ڪيائين. انهيءَ وقت سندس پگهار الائونس کان سواءِ صافي 710 رپيا هئي، جنهن تي هن جي 331 رپيا پينشن مقرر ٿي، جا هن ڪميوٽ ڪرائي ڪجهه جايون ٺهرايون.

ڪراچي ضلعي جي نوڪريءَ وقت هن ضلعي جي تعليم وڌائڻ لاءِ نهايت سرجوشيءَ  سان ڪم ڪيو. ضلعو خوش نصيب هو،  جو ان کي خانبهادر ولي محمد حسن علي جهڙو  تعليم دوست چيئرمين  ۽ شيخ عبدالحق جهڙو ائڊمنسٽريٽو آفيسر مليو هو. ڪراچي ضلعي جي اسڪولن جي چارج وٺڻ بعد هن منهنجو دست راس ٿي ڪم ڪيو؛ نه صرف محال مانجهند ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ جي اسڪولن جو ڪم منهنجي صلاح ۽ مدد سان هلايائين، ليڪن ڳوٺ سڌار هلچل ۾ پڻ مون سان هر ڪا مدد ڪندو رهيو. هي سندس قومي ڪم ۾  تعاون  نهايت قدر لائق هو- خصوصاً ان حالت ۾ جڏهن انهيءَ وقت اسڪول بورڊ جو چيئرمين سيد شاهنواز شاهه ۽ سرڪاري عملدار منهنجي ان ڪم ۾ مخالفت ڪري رهيا هئا.

اڪثر سرڪاري عملدار ابن الوقت ۽ ڊڄڻا ٿين ٿا. هنن جي اصولن سان يا ايمانداراڻي ڊيوٽي ادا ڪرڻ سان دلچسپي ڪا نه ٿي رهي. هو ذاتي مفاد لاءِ هر برو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا؛ ليڪن شيخ عبدالحق انهيءَ گروهه مان نه هو. باهمت عملدار هو. تعليم ۽ ملڪي ترقي ءَ جي مسئلن سان گهري دلچسپي هوندي هيس، ملڪ جي حقيقي خير خواهن کي سڃاڻن جو شعور هوس. نوڪريءَ  ۾ يا رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به مون سان دوستاڻا تعلقات رکندو آيو.

1905ع ڌاري هن هڪ ايراني قبيلي مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ۽ هڪ فرزند محمد علي نالي پيدا ٿيو، جو گريجوئيٽ ٿيو ۽ هن وقت نور محمد هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي.

شيخ صاحب عمر جو پويون وقت گارڊن ڪوارٽرس ڪراچيءَ ۾ گذاريو، سندس سنگت، سيٺ طيب علي علوي، مير مقبول خان، سردار عبدالباقي، ماستر مريد عليءَ سان هئي. جي اڪثر گانڌي گارڊن ۾ ڪٺا ٿي، علمي مجلسون ڪندا هئا. انهيءَ گروپ مان سڀ کان پوءِ پاڻ انتقال ڪيائين. تازو جون 1966ع ۾ 89 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي اٿس.

سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پراڻن آفيسرن مان شيخ عبدالحق مرحوم ۽ ميان محمد صديق مرحوم خاص نالو  ڇڏيو آهي.

6- حاجي خان محمد خان ولد دوست محمد خان چانڊيو

(ٽنڊو يوسف، حيدرآباد)

هي ننڍي هوندي پوليس ۾ گهڙيو ۽ ترقي ڪري مٿي چڙهيو  ۽ وڃي ڊپٽي  ڪليڪٽر جي درجي تي پهتو. هو باهمت، يار ويس، لاڳاپي وارو پوليس عملدار ٿي گذريو آهي. هن جا اڪثر سنڌ جي مکيه خاندانن سان لاڳاپا هئا. مرحوم جان محمد خان ڀرڳڙيءَ جو تمام گهاٽو دوست هو. اڪثر حيدرآباد اچڻ بعد، اُن جي بنگلي ۾  رهندو هو، جيتوڻيڪ سندس ڳوٺ ٽنڊو يوسف  نزديڪ هوندو هو.

جيئن ته اسان جي تعلق وارا ميان امام علي خان ناريجي وارا لڏي وڃي ٽنڊي يوسف ۾ ويٺا هئا، تنهن سانگي سان ٽنڊي يوسف ۾ وڃن ڪري، ان سان منهنجو لاڳاپو ٿي ويو. ان کان پوءِ ڪوٽڙي حد  ۾ به ڪجهه وقت هو. سندس ناناڻا بروهي هئا، ان ڪري ڪيترا غير واقف ماڻهو کيس ”بروهي“ سڏيندا هئا. اها ٻولي به ڄاڻندو هو. کيس ٽي فرزند آهن: 1. عبدالرحمان خان، . عبدالرزاق خان، ۽ 3. رسول بخش خان. سندس ڀاءُ ميان غلام حسين خان سب انسپيڪٽر پوليس هو. هينئر ان جو فرزندجڙيل خان دست رسيءَ وارو آهي. ازانسواءِ سندس ڀاڻيجو ميان خير محمد خان زمين ۽ ڪارخانن ڪري تمام گهڻي جائداد ۽ بنگلن جو مالڪ ٿي ويو آهي؛ پر اُن سڀ جي هوندي ميان خان محمد خان جي جتيءَ ۾ پير پائڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪي گهرجين. هن جو لاڳاپو سنڌ جي گهڻي حصي سان هو، پر هنن جي واقفيت هڪ ڳالهين رڳو حيدرآباد تائين ئي محدود آهي.

ميان خان محمد 9 فيبروري 1939ع مطابق، 18 ذوالحج 1357هه تي وفات ڪئي. آخري عمر ۾ حج ڪري آيو هو. نماز  روزي جو هميشھ پابند رهيو.

7- سيد غلام رسول شاهه ولد سيد امام الدين شاهه

(هالاڻي، ڪنڊيارو)

هي سيد لڪياري سيدن جي پاڙي مان هو، جي گهڻي وقت کان هالاڻين جي ڳوٺ ۾ رهن ٿا، اتي هن وقت  ٽي مکيه ڪٽنب رهن ٿا، جن مان هڪ سيد محمد عاقل شاهه وارا آهن ۽ ٻيو ڪٽنب سيد مدد علي شاهه وارن جو آهي ۽ ٽيون سيد غلام رسول شاهه وارن جو هو. انهن ٽنهي پاڙن ۾ مکيه نالي وارا ماڻهو ٿي گذريا آه. هن شاهه صاحب جي زندگيءَ جي احوال ڪرڻ کان اڳ آءُ مناسب ٿو سمجهان ته انهيءَ شهر جي مکيه سيد جو ذڪر ڪريان.

هالاڻي شهر جي سيدن مان چوڻ ۾ اچي ٿو ته هڪ سيد علي بخش شاهه ٿي گذريو آهي، جو رياست خيرپور جي ميرن وٽ وڏو وزير هوندو هو. موجوده سيد محمد عاقل شاهه جو ڏاڏو سيد محمد عاقل شاهه سنڌ جي مکيه عالمن مان ٿي گذريو آهي، جنهن جو فرزند سيد فتح علي شاهه خيرپور رياست۾ دفتردار جي عهدي تي هوندو هو. انهيءَ کي ٻه فرزند ٿيا: 1. سيد غلام حسين شاهه، ۽ 2. سيد پير شهاب الدين شاهه، جن مان پهريون هالاڻين جو مکيه زميندار ، ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر، تعلقي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ۽ راڄ ڀاڳ ۾ اثر وارو ماڻهو ٿي گذريو آهي. اُن 1929ع ۾ وفات ڪئي. کيس ميان محمد عاقل شاهه نالي فرزند آهي، جو 1903ع ۾ ڄائو ۽ هن وقت 63 سالن جي عمر جو آهي ۽ کيس ٻه فرزند آهن: 1. سيد فتح علي شاهه، ۽ 2. سيد سلطان علي شاهه.

پير ميان شهاب الدين شاهه  فارسي ۽ عربيءَ ۾ تحصيل يافته مولوي هو، جو رياست خيرپور ۾ نائب وزير جي درجي تي پهتو هو. نهايت خدا ترس ۽ شريف ماڻهو هو. هن 21 ذوالحج 1344هه مطابق، 3 جولاءِ 1926ع تي وفات ڪئ. کيس ٽي فرزند ٿيا: 1. سيد غلام علي شاهه، 2 سيد زين العابدين شاهه، ۽ 3 سيد غلام مصطفيٰ شاهه.

ٻئي ڪٽنب مان سيد حسن علي شاهه کي سيد ميران شاهه  فرزند ٿيو، جنهن کي ٻه فرزند ٿيا: 1. سيد غلام محمد شاهه، ۽ 2. سيد مدد علي شاهه، پهريون پوليس جي کاتي ۾ انسپيڪٽر هو، جتان رٽائر ٿي، ڳوٺ رهيو ۽ اتي وفات ڪيائين، ٻيو انگريزي پڙهي، گريجوئيٽ ٿيو، روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪيائين ۽ آهستي آهستي ٿي ڪليڪٽر جي درجي تي پهتو. آخر ۾ دادو ضلعي جي ڪليڪٽريءَ تان رٽائر ڪري، آخري عمر جا ڏينهن پنهنجي ڳوٺ هالاڻيءَ ۾ عزت ۽ آبروءَ سان گذاري. 1964ع ۾ وفات ڪيائين. ٽيون ڪٽنب سيد فتح شاهه جو هو، جنهن کي فرزند سيد امام الدين شاهه ٿيو، جنهن کي سيد غلام رسول شاهه فرزند ٿيو. غلام رسول شاهه صاحب مارچ 1882ع ڌاري ڄائو هو. چار درجا سنڌي پڙهي، پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل جي نوڪريءَ کان چڙهي، آهستي آهستي پنهنجي لياقت ۽ هوشياريءَ ڪري، وڃي خيرپور رياست ۾ ناظم پوليس جي درجي تي پهتو. ڪجهه وقت هالن جي ڊويزن تي ڊپٽي سپرنٽِنڊنٽ پوليس به هو. جڏهن فيبروري 1923ع ۾ ڌاڙيلن ڀاڻوٺ جي سيد غلام حيدر شاهه کي قتل ڪيو هو ۽ اسان سڀ وڃي اتي گڏ ٿيا هئاسون ته هي به انهيءَ موقعي تي آيل هو.

هيءُ سنڌ جي هيٺان وٺي مٿي چڙهندڙ پوليس عملدارن مان هو، جن ميان خان محمد خان چانڊئي وانگر، ڏوهن جي پيدا ڪرڻ ۽ مڪاني ماڻهن سان لاڳاپا وڌائي اثر پيدا ڪرڻ ۾ نالو ڪڍيو هو. ڪٿي به ڪو مکيه ڏوهه عدم پيدا ٿيندو هو ته عملدار ڳولي اُتي انهن کي رکندا هئا. آخر وقت ۾ هي گهڻو وقت رياست خيرپور ۾ پوليس جو ناظم ٿي رهيو. جڏهن 1941ع کان سنڌ ۾ حرن جا حملا ۽ ڌاڙا ڦريون شروع ٿي ويون ته رياست جي حد ۾ هن کي وڏو اٽالو پوليس جو ڏيئي، انهن جي بند ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ هيءُ رياست جي گنمت واري تعلقي ناري ۾ حُرن  جي ڳولا ۾ هڪ بنگلي ۾ وڃي نڪتو، اوچتو حُرن جي هڪ دستي حملو ڪري، هن کي مارچ 1942ع تي بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. هن سيد شهاب الدين شاهه ولد ميان فتح علي شاهه جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. کيس اولاد ڪو نه ٿيو.

منهنجي سانس واقفيت 1923ع کان وٺي هئي  ۽ تڏهن کان مون سان سندس خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. سندس اکر نهايت سٺا هوندا هئا. هو هڪ بيڊپو ۽ حوصله مند پوليس عملدار ٿي گذريو آهي.

مددعلي شاهه ۽ سيد ميان محمد عاقل وارا شاهه پاڻ ۾ نزديڪيءَ ۾ هڪ ڏاڏي ۾ ملن ٿا. سيد ميان غلام  رسول شاهه سندس عزيز هو، ليڪن تمام مٿي ڏاڏاڻ ۾ ساڻن مليو ٿي.

8- شيخ بهاؤالدين ولد شيخ نعمت الله

هي شڪارپور جي انهن شيخن مان هو، جي درگاهه سچل  فقير درازن جا معتقد ۽ فقير هئا، هي صوفي متو رکندا  هئا. سندس ڀاءُ ميان شمس الدين ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ سانگي رهندو هو، جتي به ست سنگت جو اهتمام هوندو هون. سندس سهرو، مغل هادي بخش درگاهه جي خليفن مان هو.

شيخ بهاءُ الدين يا بهاول فقير، جيئن کيس ٻيا درگاهه جا متعقد سڏيندا هئا، شاعر به هو ۽ درگاهه تي چوڪيءَ ۾ ڳائيندو به هو. ساڻس منهنجي واقفيت ان وقت ٿي، جڏهن هو آبڪاري انسپيڪٽر ٿي،  مانجهندن ۾ آيو ۽ اڪثر سن اچڻ وقت مون وٽ  رهندو هو. طريقت جي راهه ۾ خانداني تربيت ڪري، اڳي ئي ڪجهه معلومات هئي، پر ”همه اوست“ جي نظريي جي واقفيت شيخ صاحب جي معرفت وڌي. هن ئي هڪ دفعي سچل فقير جي درگاهه تي وٺي وڃي زيارت ڪرائي ۽ پاڻ ئي سخي قبول محمد سان ملاقات جو ڪارڻ بڻيو. سخي صاحب ان وقت نوي ورهين جي عمر جو هو. سارو وقت استغراق ۾ رهندو هو. سندس مجلس ۾ هندو ۽ مسلمان صوفي مت سان دلچسپي رکندڙ هزارن جي تعداد ۾ ايندا هئا. سردار بهادر محمد بخش شيخ سان به اتي ئي پهريون دفعو واقفيت ٿي ئي. شيخ بهاءُ الدين صاحب جوانيءَ ۾ 1931ع ڌاري وفات ڪري ويو.

9- سيد اسماعيل شاهه سومار شاهه

(هالاڻي، تعلقو ڪوٽڙي)

شآهه صاحب مانجهندن جي ڀر ۾، هالاڻين جي سيدن مان هو. سنڌ جا ٽالپر حڪمران شيعا هئا، تنهن ڪري ساداتن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. سندن ان عقيدت مان فائدو وٺي، ماڻهو سيد سڏائي وڃي وٽانئن دهرا دان وٺي ايندا هئا، ليڪن اڳتي هلي تجربي جي بنا تي هنن کي  ڪا سڃاڻپ جي ڪسوٽي مقرر ڪرڻي پيئي. اها هيءَ هئي ته سنڌ ۾ ويٺل قديم خاندانن طرفان هنن کي ڪو اهڙيءَ سڃاڻپ جي ثابتي پيش ڪري. هڪ ڀيري هالاڻيءَ جي سيدن جو هڪ بزرگ، جنهن کي مير صاحبن جي انهيءَ ڳالهه جو پتو ڪو نه هو، سو جڏهن سيد سڏائي ميرن کان مدد گهرڻ ويو، تڏهن مير صاحبن هن کان سيد هئڻ جي ثابتي گهري، جا نه ڏيئي سگهڻ ڪري، هن کي نظربند ڪري رکيو ويو، جڏهن اسان جي ڏاڏي ميان ڇتن شاهه کي خبر پيئي تڏهن هن ماڻهوءَ موڪلي کين ڇڏايو- چي، اسين هنن کي سڃاڻون، هي هالاڻي سيد آهن. انهيءَ کان پوءِ ڪجهه وقت هي سکيا ستابا رهيا، ليڪن زماني جي گردش ڪري وري مسڪين ٿي ويا- جيسين ڪه وري اسماعيل شاهه سامائجي سندن نالو زندهه ڪيو.

هيءَ غريب سيد پڙهي، محنت ڪري، پوليس کاتي جي نوڪريءَ ۾ ڪانسٽيبل ٿي گهڙيو، جلد ئي ايماندري ۽ هوشياريءَ سان وڌي وڃي سب انسپيڪٽر پوليس ٿيو. انهن ڏينهن ڪري نالي هڪ انگريز سپرنٽينڊنٽ پوليس هو، جنهن وٽ اعليٰ لياقتن جي ڪري هو نهايت پسند پيل هو.

جڏهن خلافت تحريڪ جو زور هو ۽ مولوي صاحب پرجوش تقرريرون ڪري رهيا هئا، تڏهن انهن جي تقريرن کي ٻڌي، انگريزن جي نوڪري ڪرڻ کي بي ايماني سمجهي، استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين، جڏهن گهر آيو، تڏهن معلوم ٿيس ته ايمانداريءَ جي نوڪريءَ ڪري ڪا به پاڇي بچيل ڪا نه هئي. سندس پگهار پيٽ لاءِ مس پورو ٿيندو هو. نوڪريءَ کان پوءِ فاقا  ڪڍڻ لڳو. ڪجهه ڌنڌي ڪرڻ جو خيال ڪيائين، پر روزگار جو انتظام ٿي نه سگهيس. ان وچ ۾ ترڪن خلافت کي ختم ڪري ڇڏيو. هندو- مسلم اختلافن جي ڪري سياسي حالتون بدلجي چڪيون هيون. هن لاچار ٿي وڃي ڪَري صاحب سان حال ڪيو. هو سمجهندار آفيسر هو ۽ هن جي قابليت ۽ همت جو پتو هوس، تنهن ڪري واپس کيس سب انسپيڪٽر ڪري نوڪريءَ ۾ کڻي رکيائين.

شاهه صاحب ٻيهر نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ خوب پئسو ڪمايو. سمجهيائين ته نوڪري ۽ ايمانداري ٻيئي شيون ٺهي نٿيون سگهن! مون سان سندن اڳوڻن شاهن وانگر، محبت ۽ عقيدت جو طريقو وٺندو آيو. خدا جو شان جو پينشن ۾ اچڻ کان پوءِ سندس هڪڙو فرزند ڦليليءَ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، ۽ ٻيو نااهل ٿي پيو، جنهن شاهه صاحب کان پوءِ ٻن ٽن سالن جي اندر ملڪيت تباهه ڪري ڇڏي، هينئر پوٽو اٿس، پر غريب حالت ۾ آهي. سندس عزيز شهلي شاهه  جو ڀاءُ، ميان يوسف شاهه ۽ شهلي شاهه جا پٽ، خير شاهه ۽ ميان محمد شاهه هينئر سکيا ستابا آهن ته به هالاڻي سيد اڃا به سيد اسماعيل شاهه جي نالي پٺيان سڏجن ٿا. سيد محرم علي شاهه ولد محب علي شاهه، سندس داماد ۽  ڀائٽيو ڳوٺ ۾  رهي ٿو.

هن 21 رمضان 1357هه، مطابق 15 نومبر 1938ع تي وفات ڪئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org