سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 18

 

13- پير ميان غلام مجدد ولد ميان عبدالحليم سرهندي

(مٽياري)

هن جا وڏا افغانستان کان 1214هه ڌاري لڏي اچي مٽيارين جي  ڳوٺ ۾ رهڻ لڳا. سندن  خاندان جا مريد اڳي ئي سنڌ ۾ هئا. پهرين هو سنڌ ۾ اچي، گشت ڪري، نذرانا وٺي، موٽي واپس ويندا هئا، پر افغانستان ۾ حالتون سازگار نه ڏسي، سنڌ ۾ هميشھ لاءِ لڏي آيا. سندن خاندان جو مفصل احوال ”عمدة المقامات“ ۾ ڄاڻايل آهي.

ميان غلام مجدد، 6 رجب 1300هه مطابق، 13 مئي 1883ع تي، مٽياري شهر ۾ ڄائو هو. هن ديني تعليم مولوي حاجي حسن الله صاحب پاٽائيءَ کان مٽيارين ۾ ورتي ۽ ان وٽ ئي تحصيل ڪري، دستاربندي ڪيائين.ان کان پوءِ، 1321هه مطابق، 1904ع ۾، حج بيت الله ۽ زيارت نبوي لاءِ حجاز ويو، ۽ خيريت سان موٽي آيو. سندس والد، خواجه عبدالحليم مجددي، 1331هه مطابق، 1913ع ۾ وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ وڏي فرزند هئڻ ڪري کيس سجاده نشينءَ جي دستار ٻڌائي ويئي.

ابتدائي زماني ۾ پاڻ مذهبي احڪام جي تبليغ ۽ تعليم جي اشاعت ۾ وقت گذارڻ لڳو، جڏهن 1920ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي، ته ان ۾ دلچسپي وٺن شروع ڪيائين ۽ خلافت ڪانفرنس ۾ وڃي تقريرون ڪندو هو. هڪ ٻه ڪانفرنس پاڻ وٽ به سڏائي هئائين. پير سرهنديءَ کان علاوه، ان وقت سنڌ جي مکيه پيرن مان پير صاحب جهنڊي وارا، ڪي راشدي پير، مولانا تاج محمد امروٽي، مولوي غلام احمد صاحب ملڪاڻي ۽ ڪاماري شريف ورا پير، انهيءَ هلچل ۾ حصو وٺي  رهيا هئا. خوب جوش خروش سان تقريرون ٿينديون هيون، ان ڪري ڪيترا ڪارڪن جيلن ۾ ويندا هئا. انهيءَ سلسلي ۾ پهرين جن سنڌي پيرن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس هلايا ويا، سي پير محبوب شاهه (جهنڊي واري سائين رشدالله جو ننڍو ڀاءُ) ۽ پير تراب علي شاهه راشدي هئا. سندن  گرفتاريءَ ڪري ملڪ ۾ ڏاڍو گوڙ پيدا ٿيو ؛ ليڪن هنن معافي وٺي، پير گروهه جي وقار کي ڌڪ هڻي ڇڏيو هو. ٻيا پير ته مولوي فيض الڪريم جي جاري ڪيل فتويٰ تي- ته خلافت تي ترڪن جو حق ڪو نه هو- صحيحون ڪري، وڏي بدناميءَ جو باعث بڻيا هئا. ليڪن سنڌي پيرن مان هي پهريون هو، جنهن 8 کان 10 جولاءِ 1921ع تي، ڪراچيءَ ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ جي صدارت هيٺ ڪوٺايل خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي، ان ۾ پاس ڪيل  هن  ٺهراءَ کي ٽيڪو ڏنو هو ته مسلمانن کي انگريزي  فوج ۾ ڀرتي نه ٿيڻ گهرجي.

انهيءَ سلسلي ۾، هن کي مولانا محمد علي ”جوهر“ ، مولانا شوڪت علي، مولانا حسين احمد مدني، مولانا نثار احمد ڪانپوري، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، شنڪر آچاريا ۽ تيرٿداس وينڪمرامن سان گڏ، ٻه سال جيل جي سزا ڪاٽڻي پيئي. جنهن استقلال سان هن رتنا گري جيل ۾ اها سزا ڪاٽي، تنهن هن کي آل انڊيا شهرت جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. جيل ۾ هن قرآن شريف ياد ڪيو. ان کان پوءِ هي مختلف سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ حصو وٺندو رهيو. جڏهن ڪانگريس کان ڪي سياسي ڪارڪن علحده ٿيا ته هي به جدا ٿي وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. آخر وقت ۾ حيدرآباد ۾ رهندو هو ۽ سيد علي اڪبر شاهه سان گڏجي، جامعه عربيه مدرسو برپا ڪرايائين.

پير صاحب عربيءَ جو وڏو عالم هو،  مذهبي معاملن ۾ ماهر، خوش  خلق، مهمان نواز، عوام سان لاڳاپو رکندڙ، ڪم آزار ۽ سمجهدار بزرگ هو. خلق جي خدمت پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ڪري ڇڏيو هئائين. منهنجي ساڻس خلافت جي ڏينهن کان واقفيت ٿي. ساڻس آخر وقت تائين دوستاڻا تعلقات رهندا آيا. 16 جمادي الثاني 1377 هه، مطابق 9 جنوري 1958ع تي وفات ڪيائين. وفات ڪرڻ وقت هيٺيون بيت سندس زبان تي هو:

يا رسول الله باحوال خراب ماببين، روبخاڪ افتاده ام ازشرم عصيان برزمين،

گر خدا پرسد چھ آودري بمحشر گويمت،داغهاي سينم از هجر پيغمبر راببين.

 

14- خانبهادر ولي محمد ولد ميان حسن علي آفندي

(ڪراچي)

هن جو ڏاڏو، ميان محمد احسان حيدرآباد جو ويٺل هو. سندن خاندان آخوند سڏبو هو. ميان محمد احسان کي، 1830ع ۾، ميان حسن علي فرند ڄائو، جو اول ۾ ڪوٽڙي پل تي،  پندرهن رپين تي، ناڪي منشي هو، پر پوءِ پنهنجي محنت ۽ هوشياريءَ سان ناميارو وڪيل ٿيو. چڱو پئسو ۽ ملڪيت گڏ ڪيائين. سندس شهرت جا مکيه ٽي ڪارڻ هئا، جنهن ڪري اڄ تائين سندس نالو ڳائبو اچي:

1. ڪراچيءَ واري سنڌ مدرسي جو بنياد وجهي، ان کي بهترين درسگاهه بنائڻ ؛ 2. ترڪن جي روس سان جنگ جي زماني ۾ چندا ڪري، وفد وٺي، ترڪيءَ ويو، جنهن خدمت جي عيوض ترڪيءَ جي سلطان کان ”آفندي“ جو خطاب مليس؛ 3. ڪلڪتي جي ”محمدن ايسوسيئيشن“ جي شاخ، سنڌ ۾، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي نالي سان قائم ڪيائين، جا مسلم ليگ جي زور وٺڻ تائين سنڌ جي مسلمانن جي مکيه جماعت ٿي ڪم ڪندي آئي.

خان بهادر ولي محمد، ميان حسن علي جو  فرزند هو. 5 ڊسمبر 1860ع تي ڄائو هو. اوائلي تعليم ڪراچيءَ ۾ ورتائين ۽ پوءِ ايلفنسٽن ڪاليج بمبئيءَ ۾، 1879ع ۾ داخل ٿي، 1882ع ۾ بي. اي جي ڊگري ورتائين. 1883ع ۾ تعليم کاتي جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. پهريائين کيس حيدرآباد ۾ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري رکيائون. 1885ع ۾ سندس والد ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسو قائم ڪيو، جنهن جو مارڪئس آف ڊفرن افتتاح ڪيو هو. اول ۾ ان جو پرنسپال هڪ پنجابي مسلمان هو. ان جي وڃڻ بعد، ٻن سالن کان پوءِ هن کي ان جاءِ تي مقرر ڪيائون، جتي 1887ع کان 1897ع تائين، ڏهه سال مدرسي کي زور وٺائڻ لاءِ هن هر  ڪا ڪوشش ڪئي.

سندس والد، ميان حسن علي آفندي، 20 آگسٽ 1895ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ هن ڊگهي موڪل وٺي، وڪالت پڙهڻ شروع ڪئي ۽ 1898ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين. سنڌي مسلمانن مان هي پهريون ايل. ايل.بي هو.

ان بعد هن روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي، سنڌ  جي مختلف حصن ۾ نوڪري ڪري، 1915ع ۾ پينشن تي لٿو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ کيس ”خانبهادريءَ“ جو خطاب  مليو. 1916ع ۾ کيس ڪراچيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس اسپيشل مئجسٽريٽ ڪري رکيائون، جنهن عهدي تي 20 سال کن ڪم ڪندو رهيو.

آفندي صاحب ڪراچي  ميونسپالٽيءَ جو ڪيترن سالن تائين ميبر رهندو آيو. ڪجهه وقت ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو چيئرمين به  ٿي رهيو هو. ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اسڪول بورڊ جو، 1926ع کان 1929ع تائين چيئرمين ٿي رهيو. انهيءَ عرصي ۾ ضلعي جي تعليم لاءِ هن گهڻو پاڻ پتوڙيو. 1897ع کان وٺي آخر تائين، سنڌ مدرسه بورڊ ۽ ان جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ تي ميمبر رهندو آيو ۽ پنهنجي والد جي قائم ڪيل اسڪول جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪوشش وٺندو رهيو.  رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي 1924ع ۾ وفات کان پوءِ، پاڻ ان جاءِ تان مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ ڪيترن سالن تائين ميمبر رهي، ملڪ جي خدمت ڪيائين. 1931ع ۾ ”سنڌ مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ جو چيئرمين ٿي ڪم ڪيائين. ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو پاڻ ورهين جا ورهيه  جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو، جا جماعت سنڌ ۾ سندس والد جي  برپا ڪيل هئي. بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ورهين جا  ورهيه فيلو رهندو آيو.  مطلب ته سندس خدمتن جو دائرو تمام وسيع هو.

مون سان سندس واقفيت، 1925ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي ميمبر ٿيڻ بعد ٿي. 1926ع ۾ پاڻ لوڪل بورڊ اسڪول بورڊ جو  چيئرمين چونڊيو؛  اتي ميمبر طور ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ان وقت سندس عمر 66 ورهيه ٿي چڪي هئي، ليڪن هي جوانن وانگر ڪم ڪندو هو. ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۾ گڏجي رهياسون. مولوي فتح محمد سيوهاڻيءَ سان هن جا گهاٽا دوستاڻا تعلقات هئا. ڪورٽ مان نڪرڻ بعد، اڪثر ڪري روزانو وٽانئس ٿيندو ويندو هو. مولوي صاحب سان منهنجو نياز مندانه رستو هو، ان ڪري خانبهادر سان وڌيڪ گهاٽا تعلقات قائم ٿي ويا. ساڻس خط پٽ  جو رستو هوندو هو ۽ سندس ڪيترا خط مون وٽ محفوظ آهن. ڪوٽڙي ڊويزن ۾ کيس گشت ڪرائڻ وقت، سن جي اسڪول ۾ جا سندس آڌرڀاءَ ڪئي ويئي  هئي ۽ جلسو سڏايو  ويو هو، تنهن جا فوٽو به محفوظ آهن، آءٌ جڏهن ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيس، ۽ ” ڳوٺ سڌار“ هلچل شروع ڪيم ته هن کي هدايتن ڏيڻ لاءِ هڪ خط لکي موڪليم، جنهن جي جواب ۾ ضلعي اندر تعليم جي واڌاري لاءِ جيڪي رٿون ڏنيون هئائين، سي منهنجي رڪارڊ تي موجود آهن. پاڻ هڪ زندهه دل ۽ اورچ ڪارڪن، ٻڍاپي ۾ جوان، لائق، منتظم، باهمت، دوستيءَ جو سچو ۽ نيمن جو پابند بزرگ هو. جن سندس مجلس ۽ صحبت ۾ رهي ڏٺو هوندو، تن کان مرحوم جي يادگيري مشڪل وسرندي.

سندس والد وڏي ملڪيت ڇڏي ويو هو، جنهن ۾ هن اضافو ڪيو. سندس زندگيءَ جو آخري لمحو  هلندي چلندي گذريو. پاڻ سندس زمين، ڀانن جي ڀر تي نظرداري ڪرڻ لاءِ جڏهن 14 فيبروريءَ 1934ع تي ويو ته اتي سندس دل ٽٽڻ سبب انتقال ٿيو. کيس ٻه فرزند ٿيا: ميان عنايت علي خان ۽ ميان حسن علي خان، پهريون پوليس ۾ هو، جتان ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ٿي پينشن تي لٿو ؛ ڪجهه وقت ڪوٽڙي ڊويزن ۾ به هو. ٻيو ڪسٽمس ۾ آفيسر هو، جتان رٽائر ٿيو. هن وقت ٻئي وفات ڪري ويل آهن. ميان عنايت علي خان جو فرزند ميان نثار حسن علي، ڪجهه وقت سنڌ مدرسه بورڊ جو سيڪريٽري رهيو هو.

15- مسٽر طيب علي ولد علي ڀائي علوي، بوهري

(ڪراچي)

هي بوهرا خاندان مان آهي. سندس ڏاڏو، سيٺ ڪريمجي، اصل مانڊوي (ڪڇ) جو ويٺل هو. اتي روزگار لاءِ حالتون ناسازگار سمجهي پنهنجن چئن پٽن کي جدا جدا ملڪن۾ قسمت آزمائيءَ لاءِ اماڻيائين: 1. اسماعيلجي، ماڊاگاسڪر ڏانهن ويو؛ 2. ابراهيمجي، سيلون ڏانهن ويو ؛ 3. جعفرجي، ايسٽ آفريقا ڏانهن ويو؛ 4. علي ڀائي، ڪراچيءَ آيو.

علي ڀائي، ننڍو فرزندهو، 1866ع ۾ ڪراچيءَ آيو. گهڻو ڪري سڀني ڄڻن جدا جدا ملڪن ۾، پنهنجيءَ محنت ۽ لياقت ذريعي واپار ڪري، چڱي حيثيت حاصل ڪري ورتي.سيٺ علي ڀائي ڪراچيءَ ۾ واپار ڪري چڱو پئسو ۽ ملڪيت گڏ ڪئي. سرڪاري عملدارن ۾ به چڱي  پوزيشن حاصل ڪري ورتي. 1852ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽي وجود ۾ آئي، جنهن تي ان وقت سڀئي ميمبر سرڪار طرفان نامزد ٿيندا هئا. 1868ع ڌاري، ان تي سيٺ علي ڀائيءَ کي به نامزد ڪيو ويو.

سيٺ علي ڀائيءَ کي ڇهه فرزند ٿيا: 1. سيٺ يوسف علي، اپريل 1865ع ۾ ڄائو، 2. سيٺ غلام حسين، 3. سيٺ طيب علي، 4. سيٺ محمد علي، 15 فيبروري 1882ع تي ڄائو، 5 سيٺ عبدالقادر ۽  6. حاتم علوي.

سيٺ طيب علي علوي، 1875ع  مطابق، 1292هه ۾، ڪراچي شهر ۾ ڄائو.هن جي ابتدائي تعليم ۽ تربيت سندس والد جي نگرانيءَ هيٺ ٿي، جنهن ۾ اخلاق ۽ ايمانداريءَ جو خاص لحاظ رکيو ويندو هو. ان بعد سيڪنڊري تعليم لاءِ نون ورهين جي ڄمار ۾، سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڇهه درجا پڙهي،  واپار جي ڪاروبار ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين.

سيٺ علي ڀائي 1896ع ۾ ’مدرسه حسني‘ کوليو  هو، جنهن جي هو حياتيءَ ۾ نظرداري ڪندو  رهيو. 1901ع ۾ سندس وفات ڪرڻ بعد، ان جي  چارج يوسف عليءَ جي هٿ ۾ آئي؛ ليڪن سيٺ طيب عليءَ جي اسڪول ڇڏڻ بعد، اهو ڪم سندس سپرد ڪيو ويو. هن پهرين ان کي پرائمري اسڪول تسليم ڪرايو. 1912ع ۾، انهيءَ اداري کي چڱي نموني ۾ هلائڻ لاءِ هن هڪ انتظاميه ڪاميٽي ٺاهي ۽ هڪ ٽرسٽ قائم ڪري، مدرسي جي ترقيءَ لاءِ بنيادي ڪوششون شروع ڪيائين. ”يوسف علي، علي ڀائي ڪريمجي ”ڪمپنيءَ کان مدرسي کي ٻارهن سؤ رپيا سالياني  گرانٽ ملڻ لڳي. 1914ع ۾ ان کي رجسٽر ڪرايو ويو. 1913ع ۾ سيٺ طيب علي ولايت جي سفر تي ويو، جتي مصر، اٽلي، بيلجيم، سئٽزرلينڊ، فرانس، جرمني ۽ انگلينڊجو سير ڪيائين، جنهن ڪري سندس معلومات ۾ گهڻو  اضافو ٿيو. 1921ع ۾ ”مدرسه حسنيءَ“ جي نالي کي ”ڪراچي اڪيڊمي“ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ 1926ع ۾ ان کي هاءِ اسڪول جي درجي تي آندو ويو.

1922ع ۾ سيٺ طيب علي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو، جتي 1925ع تائين شهر واسين جي خدمت ڪندو رهيو. 1930ع ۾ هو ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو ميمبر ۽ چيئرمين، هڪ سال لاءِ چونڊيو، جتي مسلمانن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ خاص طرح ڪوشش ڪندو رهيو.  لياري ڪوارٽر ۾ زوريءَ تعليم رائج ڪرائي، گهڻي تعداد ۾ اسڪولي عمارتون ٺهرايائين.

هن خلافت تحريڪ ۾ به حصو ورتو هو. مختلف قومي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو رهندو هو ۽ ڪيترين ڪانفرنسن ۾ وڃي شريڪ ٿيندو هو. سن ۾، 1928ع ۾ گهرايل تعليمي ۽ تنظيمي ڪانفرنس ۾ به اچي شريڪ ٿيو هو.

شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ بابا مير محمد بلوچ سان سندس دوستاڻا تعلقات هوندا هئا، ان ڪري مون سان به گهاٽو دوستاڻو لاڳاپو ٿي ويس. 1928ع جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي چوڊن وقت، مون پنهنجي زمين جو کاتو سندس نالي بدلائي، ووٽ داخل ڪرائي پنهنجي محال مانجهندن جي تڪ مان کيس بنا مقابلي  ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر  چونڊرايو، جتي 1933ع تائين سرجوشيءَ سان ڪم ڪندو رهيو.

سيٺ طيب عليءَ گهڻن ئي سماجي ادارن ۾ ڪم ڪيو. ان سلسلي ۾ هن 1932ع ۾ مسلم هائوسنگ سوسائٽي، جنهن ۾ هن وقت منهنجو بنگلو به آهي. قائم ڪري، سنڌ جي رهاڪو مسلمانن کي پنهنجن بنگلن ٺهرائڻ جو موقعو ڏنو ۽ ان لاءِ بئنڪ کان قرض پڻ وٺائي ڏنائين، جنهن ڪري زميندارن مان سر شاهنواز خان ڀٽي، خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ مون پلاٽ وٺي بنگلا ٺهرايا. ٻيا بنگلا مسلمان آفيسرن ٺهرايا، جن مان هن وقت صرف سردار بهادر شيخ محمد بخش، قاضي ميان علي محمد، مرزا سڊني بيگ ۽ منهنجا بنگلا حوالي اٿئون، ٻين وڪڻي ڇڏيا آهن. 1927ع ۾ هن ڪراچي مرڪنٽائيل ڪوآپريٽو بئنڪ قائم ڪئي، جنهن تي اڃا تائين بوري نيات جي مکيه ماڻهن جو قبضو آهي.

هي يارويس، محنتي، خاموش ۽ اڻٿڪ قومي ڪارڪن، ۽ دوستيءَ جو  سچو هو. 1930ع ۾ آفريقا جي سفر تي ٻن سالن لاءِ ويو، جتي ڪينيا، ٽانگنيڪا، ڏکڻ آفريقا، ڊربن، ماريشس، مئڊاگاسڪر وغيره ملڪ ڏٺائين. آخري وقت ۾، بستري داخل، جاءِ تي گذاريندو هو، جتي سندس دوست احباب اڪثر سندس ملاقات لاءِ وٽس ويندا هئا، جيستائين هلڻ جهڙو هو، هن جهونن دوستن تان وارو نه مَٽايو؛  وقت بوقت کين بگيءَ ۾ چڙهي ملڻ ويندو هو. ڪجهه وقت شيخ عبدالحق، ماستر مريد علي، سردار عبدالباقي، مير مقبول خان ۽ ٻين دوستن سان، گانڌي گارڊن، هر روز شام جي علمي مجلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. هن وقت انهيءَ سنگت مان صرف شيخ عبدالحق زندهه آهي.

هن بورين جي ڊگهي نالي ۽ ٽن پشتن  لکڻ جي عيوض، پنهنجي ڪٽنب تي ”علوي“ لقب رکايو، جنهن سان اڄڪلهه هو سڏجن ٿا. هن ڪيترا ڪتاب به گجراتيءَ ۾ لکيا آهن، جن مان ”اخوان الصفا“ جي ترجمي جا ٻه ڪتاب خاص ذڪر ڪرڻ لائق آهن. سندس گهر بورين ۾ ترقي پسند خيالن جو ڪري ليکبو هو، جنهن ڪري ملاجي ۽ ڪٽر بورين طرفان کين گهڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون  پيون.

سيٺ طيب علي، نوي ورهين جي عمر ۾، جمعي ڏينهن صبح جو، 13 مارچ 1964ع تي وفات ڪئي. کيس هڪ فرزند، اسماعيل آهي.

16- سردار نور الدين خان ولد شڪر خان مينگل بروهي

(جهالا وان، بلوچستان)

هن ڪتاب ۾ مون گهڻو ڪري انهن صاحبن جي زندگيءَ جو احوال ڏنوآهي، جن سان منهنجي شخصي واقفيت پئي رهي آهي، يا ڪم از ڪم سندن خاندان سان تعقات رهيا آهن. هي صاحب نه ڏٺل هوم، ۽ نه وري ساڻس ڪي خانداني تعلقات هئا. هن ڪتاب ۾ سندس زندگيءَ جو مختصر احوال پيش ڪرڻ صرف سندس بي بها قومي خدمتن ۽ آزاد خياليءَ جي ڪري آهي.

هي صاحب مينگل قبيلي جي  بروهين مان هو. 1889ع ڌاري ڄائو هو. سندس والد جي انتقال بعد کيس پنهنجي مينگل قبيلي جي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي ويئي.

مينگل قبيلو، بلوچن جو هڪ همت وارو قبيلو آهي، جنهن  جا ماڻهو  اٽڪل سٺ هزار کن ٿيندا. هي اڪثر سرڪشي، آزاد خيالي ۽ بهادريءَ ڪري مشهور پئي رهيا آهن. اهي ڪيترن آزاد خيال پٺاڻ قبيلن وانگر، ٿوريءَ به بي عزتيءَ تي مشتعل ٿيڻ جا عادي هئا. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ وقت، جرمن ۽ ترڪ وغيره هڪ طرف ٿيا ۽ انگريزن فرينچن، روسين وغيره ٻئي طرف ٿي جنگ ڪئي. هندستاني حڪومت، انگريزن جي ماتحت هئڻ ڪري، انگريزن طرفان جنگ ۾ گهڙڻ جو اعلان ڪيو.

انهيءَ وقت هندستان ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد پڻ جاري هئي. هتي جا مسلمان ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا: هڪڙا عليڳڙهه ۾ هئا ۽ ٻيا ديوبند گروهه جا سڏيا ٿي، پهريون گروهه جنگ ۾ انگريزن جي حمايت جو طرفدار هو، ۽ ٻيو گروهه موقعي مان  فائدو وٺي، انگريزي حڪومت کان آزادي حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو. ڪيترن يو. پيءَ جي  جاگيردارن ۽ پنجاب جي مکيه مسلمانن انگريزي فوج اندر گهڻي تعداد ۾ ڀرتي ڪرائي، ترڪن سان لڙڻ لاءِ سپاهي موڪليا، ٻئي طرف، مولانا محمود الحسن ديوبنديءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ، هڪ گروهه مخالفت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي،  چند سنڌي دوستن سان، انهيءَ مقصد جي تڪميل لاءِ افغانستان هليو ويو. مولانا محمد صادق کڏي وارو، پنهنجي مدرسي جي پڙهيل عالمن ذريعي، بلوچستان ۾ بغاوت کڙي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو.

سردار نور الدين خان پهريون بلوچي سردار هو، جنهن ان وقت انگريزي حڪومت خلاف بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو. هن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انگريزن خلاف هلچل  هلائي. ان وقت انگريزن جو هڪ جنرل ٽائون شيڊ نالي، عراق ۾ هندستاني لشڪر سان ترڪن خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي ويل هو، جتي ڪوت العمارا ۾ هن جو لشڪر ترڪي فوج جي گهيري هيٺ اچي ويو. ان وقت هندستان مان وڌيڪ فوجي ڪمڪ هن جي مدد لاءِ وڃڻ واري هئي، پر مڪاني طرح بلوچن جي بغاوت ڪري، گهڻي لشڪر  کي هتي روڪڻو  پيو، جنهن ڪري جنرل ٽائون شيڊ کي، وقت سر مدد نه ملڻ جي حالت ۾، ترڪن اڳيان پيش ٿيڻو پيو. ان طرح، ترڪي حڪومت کي اڻ سڌيءَ  مدد ۾؛  بلوچي بغاوت جو وڏو دخل هو ۽ ان جو سهرو سردار نور الدين خان جي سر تي هو. جنهن پنهنجن مکيه دوستن ۽ مددگارن، نواب خان محمد خان زرڪزئي (موجوده سردار نوروز خان جو ڀاءُ) ، سردار شهباز خان گرگناري ۽ سندس فرزند مير شير علي خان، مير رسول بخش خان ساسولي ۽ مولوي شفيع محمد جي مدد سان، اها خدمت سرانجام ڪئي هئي. انهن ڳالهين سبب، انگريزن مولانا محمد صادق کي گرفتار ڪري، ڪاروار جيل ۾ موڪلي ڇڏيو ۽ سردار نور الدين خان کي به سندس سؤٽ رحيم خان جي غداريءَ ڪري گرفتار ڪري ورتو. انهيءَ خدمت جي عيوض، انگريزن رحيم خان کي سردار بڻايو، ۽ ”خانبهادريءَ“ جو خطاب ڏنو. مينگل غيرت وارو قبيلو هو، انهن اها ڳالهه برداشت نه ڪئي، ۽ ٻن ٽن سالن ۾ ان کي قتل ڪري ڇڏيو. سرڪار وري سندس پٽ رسول بخش خان کي سردار مقرر ڪيو، پر مينگلن جي وڏي تعداد کيس سردار تسليم نه ڪيو، ان ڪري هو اتان لڏي اچي ڪراچيءَ جي ڀر ۾، منگهي پير  وٽ رهڻ لڳو.

سردار نورالدين خان کي گرفتار ڪرڻ بعد، مٿس ليفٽيننٽ ڪرنل ڊيو، پوليٽيڪل ايجنٽ بلوچستان، وٽ ڪيس هلايو ويو، جتي مٿس هيٺيان ڏوهه  ثابت ٿيا:

1. مينگل قبيلي ۾ انگريزن خلاف بغاوت پيدا ڪرائڻ، نوري ۽ جنگوءَ کي  ڌاڙن هڻڻ لاءِ همٿائڻ ۽ مدد ڪرڻ، مير رسول بخش خان ساسوليءَ کي روپوش ڪرائڻ.

2. ايران جي حد مان نوان هٿيار گڏ ڪري، انگريزن جي تڪليف وڌائڻ لاءِ  قبيلي ۾  ورهائڻ؛

3. جرمن سان انگريزي حڪومت خلاف سازباز ڪرڻ؛ ۽

4. جهالاوان ۾ هٿيار ڪٺا ڪرڻ.

انهن ڏوهن ڪري، کيس سرداريءَ تان لاهي، سندس متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيت ضبط ڪري، 12 سال جيل جي سزا ڏني ويئي، انهن ڏينهن ۾ ايران ذريعي سردار نور الدين خان جنهن طريقي سان هٿيار پئي گڏ ڪيا، تنهن ملڪ ۾ چوٻول پيدا ڪري ڇڏيو هو. انگريزن ايراني سرحد تي سخت پهرا بيهاريا هئا، پر باوجود ان جي، راتيون جاڳي، بکون ڪاٽي، مصيبتن جو مقابلو ڪري، هو ايران مان هٿيار آڻي رهيا هئا. ان سلسلي ۾، سردر شهباز خان گرگناريءَ کي به سرداريءَ تان لاهي. سندس ملڪيت ضبط ڪئي ويئي، ۽ سندس فرزند، مير شير علي خان گرگناري ۽ سندس ڀاءُ خان محمد خان کي ٻارهن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو.

نورو خان مينگل جا ڌاڙا مشهور ٿي ويا هئا، جنهن سن جي ڀر ۾، لاکن جي ڳوٺ ۾ به ڌاڙو هنيو هو، جتي ڪم آندل لفظ اسين ننڍي هوندي اسڪول ۾ اچاريندا هئاسون: ”شابي، نورو! شابي، جنگو!“

سردار نورالدين خان سندس سزا جو گهڻو حصو ڪاٽڻ بعد، باقي عرصي لاءِ ڪراچيءَ جي آسپاس، سرڪاري نظرداريءَ هيٺ رهڻ لڳو. سردار رسول بخش خان جڏهن منگهي پير ۾ رهڻ لڳو ۽ انگريز وڃڻ وارا هئا ته پوئتي مينگلن وري نورالدين خان کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي، پر پاڪستان سرڪار جي ڪارندن پنهنجي آقا انگريز جي حڪم کي رد ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، ۽ هن جي سرداري تسليم نه ڪئي. هو ملڪ جي آزاديءَ خاطر 1916ع ۾ جيل ويو هو.

پنجٽيهه ورهين گذرڻ بعد، به انگريزي حڪومت جي نمڪخوارن هن کي نه سَٺو ۽ سُک سمهڻ نه ڏنو. آخر 8 جون 1952ع تي، موٽر جي حادثي ۾ وفات ڪري ويو. جيئن ته کيس اولاد ڪو نه هو، تنهن ڪري مينگل قبيلي پنهنجي غيرت جي تقاضا طور، وري به رسول بخش خان کي سردار ڪري مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ سمجهوتي طور، سندس فرزند عطاءُ الله خان کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي. هو ڪو وقت مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر هو، جتي ساڻس گڏجڻ پيو ٿيندو هو. پاڻ هڪ آزاد خيال ۽ بيباڪ اڳواڻ آهي، مارشل لا ٿيڻ کان پوءِ، ماٺ ۾ رهيو. وري جڏهن چونڊون ٿيون ته پاڪستان نيشنل اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو ۽ مخالف گروهه ۾ داخل ٿي، بلوچستان ۾ شامل لا جي دؤر ۾ ٿيل ظلمن جي اُپٽآر ڪرڻ لڳو. اهڙي قسم جي کلئي پرچار ڪرڻ تي، سندس ساٿين، سردار غوث بخش خان بزنجي، شير محمد خان مري ۽ ٻين کي جيل ۾ موڪليو ويو. کيس به سرداريءَ تان لاهي، ملڪيت ضبط ڪري، سندس  جاءِ تي ڪرم خان کي سردار مقرر ڪيو ويو ۽ بغاوت جي ڏوهه ۾ کيس جيل موڪليو ويو. ليڪن غيرتمند مينگل قبيلي، سرڪاري مقرر ڪيل هٿرادو سردار کي قتل ڪري ڇڏيو. انهيءَ پاداش ۾، سرڪار کيس  ۽ سندس والد کي قتل جي  مقدمي ۾ اڙائي، جيل موڪلي ڇڏيو. پاڻ سردار نورالدين خان جون  سڪون لاهي ٿو. هي جمهوريت جي دشمنن ۽ ننڍن صوبن جي مخالفن لاءِ اگهاڙي تلوار آهي. خدا کيس عمر دراز ڏئي!

17- بابا حاجي مير محمد ولد بلوچ خان، سيلاوٽو

(ڪراچي)

هي جيسلمير ۾، 1870ع ڌاري ڄائو هو. راجپوتن جي چوهاڻ پاڙي مان هو. ڪراچيءَ ۾ سندس جماعت کي مسلم مارواڙي ڪري سڏيندا آهن. ننڍي هوندي، ٻين عزيزن وانگر، مزدوري ڪندو هو. آهستي آهستي ڪري، ننڍا مقاطعا کڻڻ لڳو. ٿورو پئسو گڏ ڪري، پوءِ وڏا مقاطعا سرڪار ۽ ميونسپالٽيءَ کان کڻن شروع ڪيائين، جنهن مان ملڪيت ۽ حيثيت ٺاهي ويو. ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۽ مئڪنن مئڪنزي جون عمارتون سندس ٺهرايل آهن.

هن گجراتيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جيتري تعليم ورتي هئي ۽ سگهو ئي سرڪار طرفان کيس آنرري مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو.

1919ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي ته هن قطع تعلقات جي بنياد تي آنرري مئجسٽريٽيءَ تان استعيفيٰ ڏيئي، تحريڪ ۾ حصو ورتو، جنهن ڪري هن کي سرڪاري مقاطعا ملڻ بند ٿي ويا. سندس خدمتن جو لحاظ رکندي کيس سنڌ خلافت ڪميٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. پوءِ ته  هن کي تحريڪ ۾ اهڙي دلچسپي پيدا ٿي، جو سنڌ ۽ هندستان ۾ ڪٿي به ڪانفرنس ٿي، ته هي گهڻو ڪري وڃي ان ۾ شامل ٿيندو هو. سندس قومي خدمتن ۽ عمر رسيده هئڻ ڪري، عام ماڻهو کيس بابا مير محمد بلوچ ڪري سڏيندا هئا.

1926ع ۾ ڪراچيءَ طرفان کيس بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي چونڊيو ويو، جتي هن نهايت دليريءَ ۽ بيڊپائيءَ سان اردو زبان ۾ تقريرون ڪرڻ شروع ڪيون. هن سکر بئراج جي تعميري نقصن تي سخت نڪته چيني ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ مسٽر محمد هاشم گزدر جي مدد سان، هن ٻه چوپڙيون ڇپرائي ورهايون، جنهن تي بمبئي سرڪار مجبور ٿي ٻه ماهر، هر هڪ نواب علي يار جنگ (حيدرآباد دکن) ۽ سر ويسويسرايا، انڪوائري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا.

 1919ع ڌاري، هن بمبئي ۾ عورتن کي ووٽ جي حق ڏيارڻ جي تحريڪ ۾ چڱو بهرو ورتو.

1916ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر چونڊيو، جنهن جي مکيه ڪاميٽين تي ڪم ڪندو رهيو ۽ حياتيءَ تائين ميمبر رهندو آيو.

سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۾ هن مکيه حصو ورتو. اول ۾ هي ڪانگريس جو مکيه ڪارڪن ۽ ڪراچي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ هو. پوءِ جڏهن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ آل انڊيا آئيني سوالن تان اختلاف پيدا ٿيا ته هن مسلمانن جي عام راءِ کي مدنظر رکندي، مسلم ليگ طرف رُخ رکيو.

آخر عمر ۾ بابا مير محمد امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو ڪم ڪندو هو. هڪ دڪان هوندو هوس. جنهن جي  چارج سندس فرزند حسن عليءَ جي هٿ ۾ هوندي هئي.

بابا مير محمد بلوچ، باهمت ۽ اڻٿڪ قومي ڪارڪن، سنگت جو سچو، محبتي، پوڙهپڻ ۾ جوان ۽ خوش خلق انسان هو. سيلاٽن جي پاڙي مان هن ڪيتريون ئي خراب رسمون ڪڍائي. انهن جي اصلاح ڪئي. بمبئي ڪائونسل جي هڪ اجلاس جي موقعي تي پرزور تقرير ڪندي، کيس دل جي تڪليف ٿي پيئي، جنهن ڪري ڪراچي کڻي آيس، جتي 9 رمضان 1352هه مطابق، 26 ڊسمبر 1933ع تي وفات ڪيائين.

کيس هڪ فرزند مسٽر حسن علي هو، جو والد جي جڳهه تي ڪيترا سال ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ڪم ڪندو رهيو. مخلص ۽ محنتي ڪارڪن هو، ليڪن سندس عمر گهڻو وقت وفا نه ڪئي ۽ 1945ع ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org