سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 17

 

10- مسٽر عدالجبار، حافظ محمد يعقوب

(حيدرآباد)

ميان عبدالجبار، مسٽر عبدالرحمان جو ننڍو ڀاءُ هو، جنهن جي قبيلي جو مختصر احوال هن کان اڳ اچي چڪو آهي. هي صاحب 17 سيپٽمبر 1883ع تي، ڪراچيءَ ۾ ڪچهري روڊ تي سندن والد جي رهائش واريءَ جاءِ ۾ ڄائو هو. ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم سنڌ مدرسي ۾ ورتائين. پوءِ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿي رهيو، جتي مرحوم ميان نور محمد وڪيل، قاضي عبدالقيوم، مير مقبول خان لسٻيلي وارو ۽ ٻيا ڪيترا صاحب هن وٽ پڙهيا، جي پوءِ کيس استاد ڪري سڏيندا هئا. سال 1908ع ۾ بمبئي هاءِ ڪورٽ جي وڪالت جو امتحان پاس ڪري، حيدرآباد شهر ۾، پنهنجي ڀاءُ مسٽر عبدالرحمان جي 1909ع ۾ ولايت وڃڻ وقت، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي فرم ۾ وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪيائين. ٿوري وقت گذرڻ بعد 1911ع ڌاري نور بلڊنگ حيدرآباد ۾ پنهنجي جدا آفيس کوليائين، ۽ وڪالت ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪيائين. مسٽر عبدالجبار منڍ کان وٺي ملڪ جي تعليمي، معاشرتي ۽ سياسي مسئلن ۾ دلچسپي وٺندو ٿي رهيو. حيدرآباد جو شهر ان وقت سنڌ جي سياست، سوشل ورڪ ۽ ذهني ليڊرشپ جو مکيه مرڪز بڻيل هو، شيخ عبدالمجيد صاحب، مسلمان ٿي، رئيس ڀرڳڙيءَ جي اخبار ”الامين“ کي هلائڻ لاءِ اچي حيدرآباد ويٺو هو. آچاريه جيوترام ڪرپالاڻيءَ جو وڏو ڀاءُ، شيخ عبدالرحيم گهڻي وقت کان مسلمان ٿي، نوجوان تعليم يافته عالمن کي اسلام جي دائري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ مشغول هو. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي 1908ع جي ابتدا ۾، ولايت کان  بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري، حيدرآباد ۾ وڪالت لاءِ آفيس کولي اچي ويٺو هو، جنهن جي چوڌاري جيرام داس دولترام، ڄيٺمل پرسرام، سنتداس منگهارام ۽ ڪيترن ٻين قومي ڪارڪنن جو وسيع دائرو بڻجي چڪو هو.

پنجاب جي گروڪل آشرم جي سنياسي ساڌن، حيدرآباد کي علم ۽ تهذيب جو مرڪز ڄاڻي، هڪ برهمچاريه آشرم ٽئي نمبر تلاءَ وٽ اڇي پل جي ڀر ۾ کوليو هو، جنهن ۾ ڪاڪا ڪيلڪٽر، آچاريه جيوترام ڪرپالاڻي، سوامي گووند آنند، وشنو شرما ۽ ٻيا تعليم ڏيندا هئا. ڊاڪٽر چوئٿرام مرحوم ان جو روح روان هو. مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا تاج محمد امروٽيءَ کان موڪلائي، پير صاحب جهنڊي جي ڳوٺ اچي مدرسه دارالرشاد کولي تعليم ڏيڻ ويٺو هو، جو به سياسي تعليم جو مرڪز بڻجي چڪو هو. رئيس صاحب جي آفيس ۾وڪالت جي ڪم سان گڏ، نوجوان ڪارڪنن کي سياسي ۽ سماجي خدمت جي تربيت به ملندي هئي. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، 1909ع جي آخر ڌاري، بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي چونڊجي ويو هو. مسٽر عبدالجبار حيدرآباد جي اهڙي ماحول ۾، رئيس ڀرڳڙيءَ وٽ وڪالت ۽ ملڪي خدمت جي تربيت وٺي، پوءِ وڪالت جي پنهنجي الڳ آفيس وڃي کولي. ان وقت هو پنهنجو ڌنڌو به ڪندو هو ۽ خاموشيءَ سان سماجي ۽ سياسي معاملن ۾ دلچسپي به وٺندو رهندو هو.

بدقسمتيءَ سان، اسان جي ملڪي ۽ قومي ڪارڪنن جي زندگيءَ جو تفصيلوار احوال عام طرح ملڻ مشڪل آهي، ان ڪري وڌيڪ تفصيل سان ميان عبدالجبار جي زندگيءَ جو احوال، 1917ع تائين ڏيئي نٿو سگهجي. صرف ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته وڪالت واري انهيءَ عرصي ۾، آزمودو هڪ طرف، سماجي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ مستقل جاءِ پيدا ڪرڻ ٻئي طرف، سندس زندگيءَ جا خاص رُخ رهيا.

سندس ڀاءُ، ميان عبدلرحمان جي ڪراچي ڪانگريس اجلاس ۾ حصي وٺڻ مان اهو پتو ڪڍي سگهجي ٿو ته ثانوي حيثيت ۾ هن به پئي انهيءَ ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي. 1917ع ڌاري ڊاڪٽر ايني بيسنت جي ”هوم رول ليگ“ جو آواز حيدرآباد ۾ ٿياسافسٽ دوستن جي ذريعي زور وٺڻ لڳو. مولانا عبيدالله سنڌي ڪابل وڃي چڪو هو. هو اتان هتي جي سياسي ڪارڪنن سان مخفي لکپڙهه ڪرڻ لڳو هو، جنهن سلسلي ۾ 1916ع ۾ شيخ عبدالمجي سنڌيءَ کي ٽن سالن لاءِ رتناگري جيل موڪليو ويو هو. شيخ عبدالرحيم ملڪ ڇڏي، جلاوطن ٿي ويل هو. اهڙين حالتن ۾، ان وقت نون ڪارڪنن اڳتي اچي مکيه جايون والارڻ شروع ڪيون. 1919ع ۾ جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي  ته ميان عبدالجبار ان ۾ نمايان حصو ورتو، ۽ 1920ع ڌاري پاڻ خلافت ڪاميٽيءَ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پهچي چڪو هو. 9 جون 1920ع تي، هن انهيءَ حيثيت ۾ مون کي هڪ خط موڪليو هو، جنهن سان گڏ شادي پليءَ ۾ ٿيندڙ خلافت ڪانفرنس  (7 کان 9 ذوالقعد 1338هه، مطابق 24 کان 26 جون 1920ع) لاءِ دعوت ناما موڪليا هئائين، خط ۾ هن صاحب تاڪيد ڪيو هو ته جنهن صورت ۾ سنڌ ۾ خلافت ڪانفرنس جي پروگرام جي اها آخري ڪانفرنس هئي، تنهن ڪري ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ عام ماڻهن، عالمن ۽ زميندارن ۾ پروپئگنڊا ڪريان.

جڏهن خلافت ۽ ڪانگريس طرفان سرڪار سان عدم تعاون جي هلچل شروع ٿي ته هن مولانا محمد عليءَ جي حڪم موجب، پنهنجي وڪالت جي سند جڊيشنل ڪمشنر سنڌ کي موٽائي ڏني. پوءِ گذر معاش لاءِ مختلف ڌنڌا ڪندو رهيو ان کان پوءِ هو خلافت ۽ ڪانگريس جو سرگرم ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ سلسلي ۾ 1921ع ۾ هو چند مهينن لاءِ جيل به ويو هو. 25-1924ع ۾ جڏهن خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪون هندو-  مسلم اختلافن ۽ ٻين  سببن ڪري سرد پئجي ويون ته هن وري وڪالت شروع ڪئي ۽ 1940ع تائين وڪالت ڪندو رهيو.

هو آل انڊيا خلافت ڪميٽيء ۽ آل انڊيا  ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهي چڪو هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ کيس ڪيترا دفعا هندستان جي مختلف جاين تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃڻو پيو هو ۽ ڪيترن ئي وڏن قومي ڪارڪنن سان واقفيت ٿي هيس. ڪجهه وقت هو صوبي سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جو صدر به  رهيو هو. مسٽر ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر چمنداس، شيخ عبدالمجيد، وشنو شرما، مولوي حڪيم محڪم الدين وغيره، سندس دوستن ۽ همعصر ڪارڪنن مان هئا.

جڏهن ڪانگريس وارن کي لوڪل باڊيز ۾ گهڙڻ جي اجازت  ملي ته مسٽر عبدالجبار 1926ع ۾ حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ بورڊ جو ميمبر چونڊجي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ 1932ع ڌاري ان جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيو- پريزيڊنٽ ملٽري عملدار هوندو هو. 1933ع ۾ هڪ سال لاءِ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو به ميمبر ٿي ڪم ڪيائين. هو اِهو سارو وقت قوم پرست مسلمان ٿي رهيو، ليڪن 1943ع ڌاري جڏهن مسلم ليگ جي هوا زور وٺڻ لڳي ته سندس ساٿي پير غلام مجدد سرهنديءَ سان گڏ، هي به مسلم ليگ ۾ داخل ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ليڪن ان و وقت مسلم ليگ ۾ ڪافي بوالهوس ۽ خود مطلب ماڻهو داخل ٿي ويا هئا، جنهن ڪري کيس اڳي وانگر نمايان جڳهه تي پهچڻ جو موقعو نه مليو، ۽ خاموشيءَ سان ڪم ڪندو رهيو.

1947ع ۾ جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ لکين پناهگير سنڌ ۾ اچڻ لڳا ته ميان عبدالجبار، حاجي سيد علي اڪبر شاهه ۽ ٻين سان گڏ، حيدرآباد ۾ ”جامع عربيه“ قائم ڪرڻ ۾ حصو ورتائين. اول ان جي عمارت ٻاهر ميونسپل  باغ جي پٺيان هئي ۽ پوءِ تلڪ چاڙهيءَ وٽ ٿي، جتي هن وقت آهي. 1948ع کان، طبيعت ٺيڪ نه رهڻ سبب هو رٽائر ٿي خاموش زندگي گذارڻ لڳو.

 ميان عبدالجبار آزاد خيال، بي ڊپو، يار ويس، مخلص قومي ڪارڪن هو. سدائين کاڌيءَ جو لباس پهريندو هو ۽ سادو رهندو هو. منهنجي ساڻس خلافت جي ڏينهن کان واقفيت ٿي هئي.هي سنڌ جي انهن جهونن ڪارڪنن مان هو، جن جو سياست ۾ داخل ٿيڻ خدمت خلق لاءِ هو، ۽ نه موجوده دؤر جي اڪثر سياستدانن وانگر ذاتي اقتدار ۽ ملڪيت وڌائڻ لاءِ.

17 ڊسمبر 1949ع مطابق، 25 صفر 1369هه تي ميان  عبدالجبار حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪئي. کيس پنج پٽ: 1. ميان عبدالجليل، 2. ميان شاڪر مصطفيٰ، 3 ميان محمد يعقوب، 4. صابر مصطفيٰ، ۽ 5. ميان لطف الله ۽ ٽي نياڻيون ٿيون.

ميان عبدالجليل 24 نومبر 1912ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڄائو هو، جتي پڙهي، 1940ع ۾ ايل . ايل. بي پاس ڪري وڪالت ڪرڻ لڳو. تازو 5 سيپٽمبر 1965ع تي وفات ڪئي اٿس. هو هڪ تجربيڪار وڪيل ۽ حيدرآباد جي ”سنڌ لا ڪاليج“ جو پرنسپال هو. ميان شاڪر مصطفيٰ هن وقت پاڪستان جي انفارميشن کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. ميان محمد يعقوب ۽ صابر مصطفيٰ زمينداري ۽ تجارت ڪندا آهن ۽ ميان لطف الله حيدرآباد ميوسنپالٽيءَ ۾ نوڪري ۾ آهي. سندس هڪ نياڻي قاضي عبدالرحمان، چيف آفيسر لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي گهر ۾ ۽ ٻي قاضي يار محمد ولد محمد روشن هالن واري جي گهر ۾ هيون. سندن شادي 18 ۽ 19 اپريل 1929ع تي ٿي.

11- مسٽر غلام علي ولد غلام حسين جاڳلا

(ڪراچي)

هي ڪراچيءَ جي وڏي شاهوڪار، خواجن جي خاندان مان، سيٺ غلام حسين چاڳلا جو وڏو فرنزد هو. 1871ع ۾ ڄائو هو. ثانوي تعليم سنڌ مدرسي ۾ ورتائين، جتان مئٽرڪ پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪاليج ۾ داخل ڪونه ٿيو.

هي خاندان اصل آغا خاني خواجن مان هو. پر جڏهن سيٺ لالڻ علي ڏني شهيد جي اڳواڻيءَ ۾چند ترقي پسند خواجا آغا خاني مَت کان بغاوت ڪري ٻاهر نڪتا هئا ته انهن ۾ هن جو والد ميان غلام حسين چاڳلا، سيٺ قاسم  حمير، سيٺ حاجي ٿانور ٿانهريا ۽ سيٺ عبدالله جاڳڻ مکيه هئا، جي ان گروهه مان نڪري، اثنا عشري فرقي ۾ داخل ٿيا هئا. چاڳلا صاحب تعليم پوري ڪرڻ بعد انهيءَ نئين جماعت جي منظم ڪرڻ طرف توجهه ڏنو. ڪراچيءَ جي اثنا عشري خواجه جماعت کيس پريزيڊنٽ  چونڊيو، جنهن عهدي تي ساري زندگي رهي، انهيءَ جماعت جي اصلاح، ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو.

هن محنت ڪري فارسي ۽ عربيءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪئي هئي ۽ مذهبي ڪتابن جو ذخيرو ڪٺو ڪيو هئائين. پنهنجيءَ جماعت جي لاءِ هڪ عمدي لائبرري به قائم ڪئي هئائين، جنهن جا ڪتاب پوءِ نوجوان اثنا عشري ڪرڪيٽ ڪلب جي حوالي ڪيا ويا، جتي ليڪچر ٿيندا هئا ۽ چاڳلا صاحب سعديءَ جي ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ جا ڪلاس هلائي، نوجوانن کي اخلاقي تعليم ڏيندو هو ۽ قرآن جي معنيٰ ۽ شرح به هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا نوجوانن کي  ٻڌائيندو هو. وڏي عمر ٿيڻ بعد، پنهنجي گهر ۾ تعليم جو اهو سلسلو جاري رکيائين.  قرآن جي سمجهاڻيءَ ۾ خاص مهارت هيس، جنهن جي ٻڌڻ لاءِ خواجه نوجوانن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ماڻهو وٽس ويندا هئا.

چاڳلا صاحب گهڻي وقت تائين سنڌ مدرسه بورڊ جو ميمبر ۽ ڪجهه وقت ان جي  اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿي رهيو. علمي ڪمن ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو. عليڳڙهه  يونيورسٽيءَ کي ڏهه هزار   رپيا عطيو ڏياري موڪليائين. ازان سواءِ ڪيترن غريب شاگردن کي پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپون ڏيندو هو. باوجود وڏي شاهوڪار هئڻ جي، نهايت سادگيءَ سان گذاريندو هو. کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ کاڌو ۽ رهڻي به سادي هوندي هيس. ’غلام حسين خالقڏنه ٽرسٽ‘ جو پنجيتاليهن سالن تائين سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. حجاز، فلسطين، شام، عراق ۽ ايران جو سير ڪري، مکيه جاين جون زيارتون ڪيون هئائين، اثنا عشري خواجن لاءِ سنڌي ۽ گجراتي زبان ۾ ماهوار رسالو ”سوکڙي“ نالي سان ڪڍندو هو، جنهن ۾ مذهبي ۽ اخلاقي مضمون ڇپبا هئا. خواجه عورتن لاءِ هڪ گشتي لئبرري جاري ڪئي هئائين، جنهن مان گهر ويٺي انهن کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏنا ويندا هئا. ڏهن هزار رپين جي خرچ سان سيٺ غلام حسين قاسم، سيٺ حاجي رحمت الله، حاجي ٿانور وغيره جي مدد سان، کاري در تي، شيعن جي وڏي مسجد ٺهرائي هئائين، اهڙيءَ طرح سندس والد امام واڙي جي جاءِ ٺهرائي هئي، نه رڳو ڪراچيءَ ۾، بلڪه سنڌ ۾ ٻين جاين تي به شيعا مسجدن ۽ امام واڙن ٺهرائڻ ۾ چاڳلا صاحب گهڻي مدد ڪئي.

هي شروع کان قومي خيالن جو ماڻهو هو. آل انڊيا ڪانگريس جي 1913ع واري اجلاس ۾ خاص دلچسپي ورتي هئائين ۽ ان جي مرحبا ڪاميٽيءَ جو مکيه ميمبر  هو. ان کان پوءِ قومي تحريڪن ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سيٺ هرچند راءِ ۽ ٻين سان گڏ حصو وٺندو رهيو. 1916ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌي ڪراچيءَ ۾ آيو ۽ شهر واسين طرفان ان جو آڌرڀاءُ  ٿيو، ته ان ۾ هن  مکيه حصو ورتو. ڊاڪٽر ايني بيسنت جي ”هوم رول ليگ“ ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن حصو ورتو هو. 1918ع ۾جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ، سنڌ ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي  صدارت ۾ برپا ٿي ته چاڳلا صاحب کي ان جو سيڪريٽري ڪري رکيو ويو. 1921ع ۾ کيس ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، پر جلد ئي ان تان استعيفيٰ ڏيئي نڪري آيو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ اڪثر ايندو هو. جمشيد ميهتا، ڊاڪٽر دائود پوٽي، مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ سان خاص دوستاڻا تعلقات هئس. 1931ع ۾ جڏهن آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس سردار پٽيل جي صدارت هيٺ، ڪراچيءَ ۾ ڪٺو ٿيو هو ته کاڌي خورراڪ ۽ رهڻ جي جاين جو انتظام سندس سپرد هو. روحانيت جي ڳالهين سان دلچسپي  هئڻ ڪري، درويشن جي صحبت پسند ڪندو هو ؛ ليڪن عالم هئڻ ڪري، وهم پرستي ۽ پير پرستيءَ کان پري هو. پيري- مريديءَ جي موجوده طريقي جي خلاف هو.

منهنجي ساڻس واقفيت 1926ع کان ٿي، جنهن کان پوءِ اڪثر سندس صحبت مان پيو مستفيد ٿيندو هوس. هڪ دفعي مون سان گڏجي سن کان گهنڊيا ۾ پير محمد شاهه ذڪريءَ وٽ هليو هو ؛ ليڪن هن کي پير جي مريدن جي حال پوڻ، ٽپڻ، مٿي ڌوئڻ ۽ ليٽڻ پيٽڻ ڪو خاص اثر ڪو نه ڪيو. راڌا سوامي مهنت وٽ  به مون سان گڏجي، سندس ليڪچر ٻڌڻ هليو هو، ليڪن ان جي مٿي ويهڻ ۽ ٻين سڀني جي هيٺ ويهڻ کي مساوات جي خلاف سمجهي، ناپسند ڪيائين. ڪرشنا مورتيءَ جا ڪلاس به ٻُڌا هئائين، جن کي پسند ڪيائين. ليڪن هن جي پرکا جي ڪسوٽي نهايت  تکي هوندي هئي ۽ جهڙو تهڙو عالم يا درويش ان تي مشڪل پورو لهندو هو. چاڳلا صاحب عابد، موحد، سخي، حليم، قوم پرست، يار ويس، وڏو عالم ۽ علم دوست بزرگ هو. سندس صحبت ۽ سنگت وڏي وٿ هئي.

چاڳلا صاحب 26 جون 1950ع تي وفات ڪئي. سندس ٻه ڀائر، سيٺ رحمت الله ۽ سيٺ رحم علي هئا. کيس چار فرزند ۽ چار نياڻيون ٿيون. سندس وڏو فرزند: احمد، سنڌي ۽ پارسي، اردو ۽ انگريزيءَ جو ڄاڻو، فلسفي ۾ دلچسپي وٺندڙ، ۽ راڳ جو ماهر هو. پاڪستان جو قومي ترانو هن جيو ئي جوڙيل آهي. هن 1953ع ۾وفات ڪئي.

سندس ٻيو فرزند، عبدالرحيم بئريسٽر آهي. هن وقت ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ رجسٽرار جي عهدي تي آهي. سندس ٽيون فرزندِ مسٽر حسين ايم. ايس سي، زراعت ۾ اسپيشلسٽ آهي ۽  هن وقت ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ڊپٽي چيف آفيسر آهي. چوٿون فرزند مسٽر علي محمد، هن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ريجنل  ڊائريڪٽر آهي.

مرحوم سيٺ غلام علي چاڳلا سان منهنجو خاص رستو ٿي ويو هو ۽ سندس ڪيترا خط مون وٽ محفوظ آهن. ڪراچيءَ ۾ جڏهن به ويندو هوس ته اڪثر ساڻس ملاقات ڪندو هوس. سندس صحبت مون کي شهري  زندگيءَ جي خامين کان دور رکڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي ۽ آفيسر طبقي جي مقابلي جي قوت وڌائي.

12- راءِ بهادر سيٺ وشنداس، سيٺ نهالچند

(مانجهو : ڪراچي)

خانددان جو احوال:

هن جا وڏا اصل خدا آباد جا ويٺل هئا. سندس وڏو ڏاڏو، سيٺ سانول مل  مشهور واپاري هو. سندس نالي پويان، پهريائين هي ”سانولاڻي“ سڏباهئا. 1768ع ۾ بلوچن جي هڪ گهل خدا آباد تي ڪاهي آئي ۽ ڦر ڪري شهر کي باهه ڏيئي ويا. سيٺ سانول مل انهيءَ ڪري لڏي وڃي انڙ پور ۾ ويٺو.

سيٺ سانول مل کي چار فرزند ٿيا: 1. سيٺ ڀارو مل، 2. سيٺ لکي مل، 3. سيٺ تولو مل، ۽ 4. سيٺ ڇَتو مل. انڙ پور جو ڳوٺ ان وقت دريا جي ڀر ۾ هو. ان کي جڏهن دريا پاتو، تڏهن هي اتان لڏي اچي مانجهوءَ جي ڳوٺ ۾ ويٺا ۽ اتي واپار وڌائڻ جي ڪوشش شروع ڪيائون.

سيٺ تولي مل کي ٻه پٽ ٿيا: سيٺ لکميچند ۽ سيٺ موريو مل. سيٺ لکميچند کي هڪ پُٽ، سيٺ نهالچند نالي، 1798ع ۾ ڄائو. سيٺ نهالچند کي وري ٻه فرزند ٿيا: راءِ بهادر سيٺ وشنداس ۽ سيٺ ليلا رام، سيٺ وشنداس کي ٽي پٽ ٿيا: 1. سيٺ هرچند  راءِ مشهور ڪانگريسي اڳواڻ، 2. سيٺ سريچند، ۽ 3. سيٺ اوڌو داس.

شخصي زندگي:

سيٺ وشنداس جو والد، سيٺ نهالچند 1798ع ۾ ڄائو هو. پيءُ کي هڪ ئي پٽ هو. سندس شادي، حيدرآباد مان سيٺ خوشحال داس پارو مل جي نياڻيءَ سان ٿي. سيٺ نهالچند وڏو واپاري هو. 1837ع ۾ ستگرو ٻائي گلابداس جو شش ٿي، فقيريءَ طرف مائل ٿيو.

کيس پهريون پٽ، سيٺ وشنداس،پنجيتاليهن ورهين جي ڄمار ۾، مانجهوءَ ۾ 1843ع ۾ ڄائو. کيس تعليم گرمکي ۽ هندو- سنڌيءَ ۾ ڏني  ويئي. هن جي وڏي ٿيڻ تي، 1859ع ۾ سندس شادي مانجهندن جي سيٺ ڏني مل تلوڪچنداڻيءَ جي نياڻيءَ سان ٿي. کيس 1862ع ۾ پهريون پٽ سيٺ هر چند راءِ پيدا ٿيو، جو سنڌ جو مکيه قومي ڪارڪن ۽ مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر، ڪانگريس جو اڳواڻ ۽ ڪراچي يونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿيو.

سيٺ وشنداس جو والد، سيٺ نهالچند، جو پوءِ درويشي اختيار ڪرڻ سبب نهال لالا سڏبو هو. تنهن 1865ع ۾ وفات ڪئي.ان بعد 1900ع ۾ مانجهوءَ ۾ سخت ڪالرا پوڻ تي، سيٺ وشنداس اتان لڏي  اچي ڪراچيءَ ويٺو. سيٺ صاحب جي زندگي هڪ اعليٰ واپاري، بهترين زميندار، درويش، سخي، سماجي ڪارڪن، راڳ جي ماهر، ادب جي حامي ۽  سياستدان هجڻ جي حيثيت سان، ڪيترين ئي خوبين سان ڀرپور آهي.

سندس مفصل احوال، سندس خاندان طرفان ڇپايل ڪتاب ”رتن جوت“ ۾ ڏنل آهي. هتي مختصر طور مٿي ذڪر ڪيل صفتن جو احوال ڏجي ٿو:

درويشي زندگي:

هي اڃا اڻويهن سالن جو مس هو ته کيس روحاني ڳالهين طرف ڇڪ ٿي. سندس والد هڪ درويش صفت انسان هو، جنهن جي صحبت ۽ تربيت جو اثر ضرور مٿس پوڻو هو. سندس والد جو گرو اڃا حيات هو، ان ڪري بنا موڪلائي، ڪوٽڙيءَ کان آگبوٽ ۾ چڙهي، ملتان لهي، اچي پنجاب جي ڳوٺ چنيانوال ۾ پهتو. اتي ساڍا ڇهه مهينا گروءَ جي درٻار ۾ رهڻ بعد، ڳوٺ واپس آيو. ان کان پوءِ هي تارڪ دنيا فقير ته ڪو نه ٿيو، ليڪن ”دست به ڪار، دل به يار“ موجب، ست سنگ ۽ ذڪر فڪر کي آخر تائين قائم رکندو آيو ؛ صوفياڻي راڳ جي مجلسن، زاهد ۽ عبادت کي هٿان نه ڇڏيائين.

ڪرم يوگي:

پنجاب مان واپس اچڻ بعد، واپار جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. سندس چوڻ هو ته ”مايا جو مريد نه ٿي، بلڪه شاهه ٿي رهجي.“ ساري زندگي ۾ هن ان متي تي عمل ڪري، خوب ڪمايو ۽ خوب خرچيو. سندن هوشياريءَ جي هاڪ ٻڌي، مخدوم ميان امين محمد صاحب هالا واري  کيس پنهنجي زمين ۽ جائداد سنڀالڻ لاءِ عام مختيار ڪري رکيو. هن نهايت هوشياريءَ سان ملڪيت سنڀالي درست ڪئي، پر مخدوم صاحب جي  فقيري اختيار ڪرڻ بعد، سندس ٻين ڪارندن هن کي نه سٺو. ان ڪري، نوڪري ڇڏي، وري اچي پنهنجي ڌنڌي ۾ مشغول ٿيو.

واپار کان علاوه، زمينن جا مقاطعا ۽ ڪاٺين جا ٺيڪا به کڻندو رهيو. هوشياري ۽ دانشمنديءَ سان سنڀالڻ ۽ ڀاڳ ڀڙائڻ ڪري، ٿوري وقت اندر وڏي زمينداري، سڪني، جائداد ۽ پئسي جو مالڪ بڻجي ويو. 1869ع ۾ ڪراچيءَ ۾ کاري در تي ڪوٺي کوليائين، جتي اناج، ڪاٺين ۽ ڪوئلن جو ٻڌو واپار ڪندو هو. 1869ع ۾  ميري ويدر  ٽاور جي ڀر ۾، هڪ  عاليشان جاءِ ٺهرايائين. سنڌ ۾ ڪيترين جاين تي  زرعي زمين وٺي، آباد  ڪرائڻ شروع ڪيائين. ڦٽين جا ڪارخانا چالو ڪيائين ۽ ڏيساور سان دنگين ذريعي واپار ڪرڻ لڳو. ان طرح، آخر ۾ اٺ هزار کن ايڪڙ زمين جو مالڪ ٿيو. بخت کيس آخر تائين نه ڇڏيو.

سخاوت: اڪثر شاهوڪار جڏهن محنت ۽ ڪفايت شعاري ڪري پئسو ڪمائيندا آهن ته انهيءَ سان موهه ٿي پوندو اٿن. سخاوت ڪرڻ ته درڪنار، بلڪه پنهنجي ذاتي خرچ ۾ به ڪنجوسپائيءَ سان کپائيندا آهن، ليڪن هي انهن مان  ڪو نه هو. سندس روش نوڪرن، هارين ۽ گماشتن سان نهايت ڪشاده دليءَ واري هوندي هئي؛ انهيءَ ۾ ذات پات جو ڀيد ڀاد ڪو نه رکندو  هو. سندس نوڪر انهيءَ ڪري نه صرف وفادار رهندا هئا، بلڪه هو کيس پنهنجو گرو سمجهي، سندس خدمت ڪرڻ کي ثواب سمجهندا هئا. هنن کي ڄاڻ هئي ته هي سيٺ صاحب پراُپڪاري ڪمن لاءِ پئسو خرچي ٿو. سموريءَ پيدائش جي کپت سجائي هئي. سندس ملڪيت، اڻ سڌيءَ طرح ڄڻ هڪ ”ٽرسٽ“ جي ملڪيت هئي، جنهن کي هو سخا ۽ سماجي ڀلائيءَ جي سوين ڪمن ۾ صرف ڪندو هو. اهڙيءَ ملڪيت جو ڊوهو ٿيڻ، نوڪر چاڪر پاڻ تي پاپ سمجهندا هئا. پر انسان خطا جو گهر آهي، جيڪڏهن نوڪرن کان وقتي ڀلون چڪيون ٿينديون هيون ته هي مهربانيءَ جي نظر سان کين معاف ڪري ڇڏيندو هو. سندس خيراتي ڪمن جي فهرست اڻکٽ آهي، ان مان چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:

1. بارش نه پوڻ ڪري ڏڪار پوندا هئا ته سستا اناج جا دڪان کولائي، ماڻهن کي اناج ڏيندو هو. ڳوٺن ۾ ديڳيون رڌائي، خيراتي کاڌو ورهائيندو هو.

2. ٻيلن جي  ٻوريءَ ۽ پلڙي جا مقاطعا سرڪار کان کڻي، مالدارن کي مفت چرڻ جي اجازت ڏيندو هو.

3. نوان واهه کوٽائي يا نوان ڌنڌا کولي، ماڻهن جي روزگار جو بندوبست ڪندو هو.

4. بيمارين وقت مفت علاج جو انتظام ڪرائيندو هو. لنگر خانا کولي، ماڻهن کي خيراتي کاڌو ڏيندو هو.

5. نه صرف سنڌ، بلڪه ٻين ملڪن ۾ به سندس سخاوت جي هاڪ هئي. 1897ع ۾ جڏهن شولا پور ۽ احمد نگر ۾ ڏڪار پيو ته اتي به  سستا دڪان کولائي، ماڻهن کي مدد ڏنائين.

آخر ۾ دمڪشيءَ جي بيماريءَ ڪري، حيدرآباد ۾، ”وشن نگر“ محلو ٺاهي، اُن ۾ اچي رهيو. اتي هڪ وڏو مسافر خانو کوليائين، سال ۾ ميلو لڳائيندو هو. سندس لنگر عام هوندو هو. ڪيئي محتاج ۽ غريب اتان کاڌو حاصل ڪندا هئا. اتي اسڪول ۽ اسپتال جو انتظام به ڪيائين.

پنگتي سڌارو:

هندن مان خراب رسمن، لباس ۽ فضول خرچيءَ جي خرابين کي سڌارڻ لاءِ، هڪ اصلاح ڪندڙ ڪارڪن جي حيثيت  ۾، سيٺ وشنداس گهڻو ڪجهه ڪيو. شادين غمين جي موقعن تي اجايا خرچ ڪرڻ، اجايو قيمتي لباس ۽ نازيبا زيور پهرڻ، نياڻين تان پئسا وٺڻ، ڏيتيءَ ليتيءَ جي فضول خرچن ۽ اهڙين ٻين براين کي درست ڪرڻ لاءِ، هن هڪ ڪتاب ڇپائي پئِنچاتن ۾ ورهايو. پنگتي ميڙ ڪوٺائي، انهن ۾ پرچار ڪري، ٺهراءَ پاس ڪرايائين. هيءُ پنهنجي وقت جو رفارمر ٿي گذريو آهي.

سنگيت ۾ دلچسپي:

صوفياڻه طبيعت هئڻ ڪري، راڳ سان کيس دلچسپي هئي ۽ راڳ جو هڪ مکيه ڄاڻو هو. سندس حاضريءَ ۾ هندستان جا مکيه گويا ۽ ڳائيندڙ طوائفون اينديون هيون. سندس خدمت ۾ استاد هادو خان، گامڻ خان، پارو خان، مبارڪ خان ۽ سينڌو خان اڪثر ايندا ويندا هئا. هو انهن سڀني فنڪارن جي سرپرستي ڪندو هو. راڳ ۾ ايترو ماهر هوندو هو جو اڪثر استاد ڪنبندا هئا ته ڪٿي سندس دربار ۾ چُڪ نه ڪري وجهن!

ڪراچيءَ ۾ رهڻ وقت، لکميداس اسٽريٽ، ميري ويدر ٽاور جي ڀر ۾ سندس رهڻ واريءَ جاءِ تي، هڪ عمدي طريقي سان سينگاريل هال ”وشن سڀا“ هوندو هو، جتي هر روز  راڳ جي محفل ٿيندي هئي. ڪيئي راڳ جا شوقين اتي اچي راڳ ٻڌندا هئا. اهڙيءَ طرح، مانجهوءَ ۾، سندس باغ ۾ به اهڙيون مجلسون ٿينديون هيون. حيدرآباد جي ”وشن نگر“ ۽ سندس جهاز ۾ به اهڙين مجلسن جو انتظام ڪرايو ويندو هو، جيڪڏهن بعضي زمينن تي منزل ڪندو هو ته اتي به  تنبو هڻائي، گوين ۽ ڪڃرين جي راڳ ڪرائڻ جو انتظام ڪرايو ويندو هو. ٻاهران ايندڙ ٻُڌڻ وارن جي کاڌي پيتي جو بندوبست به پاڻ ڪرائيندو هو. بعضي راڳ هلندي، جوش ۾ اچي، پاڻ ڳائڻ لڳندو هو.

ادبي خدمتون:

سيٺ صاحب تصوف تي ڪتاب لکرايا، جن ۾ مکيه شاعرن جا ڪلام، اردو، پارسي، سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ گڏ ڪري، مفت ۾ ورهائڻ جو انتظام ڪيائين. قرآن شريف جو ترجمو ڪرائي، مفت  ورهايائين، اهڙيءَ طرح، سماج جي سڌاري تي ڪتاب ۽ وشن پرڪاش، وشن گنج، وشن گيان، وشن راڳ، ”ڪريما“ جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو،  وشن سڀا  وغيره، ڪتاب ڇپرائي، مفت ڪرايائين. ڪيترا اديب سندس ڪشاده دستيءَ مان مستفيد ٿيندا هئا.

سياسي زندگي:

1885ع ۾، انڊين نيشنل ڪانگريس جي برپا ٿيڻ واري پهرئين اجلاس ، سيٺ صاحب بمبئي وڃي شريڪ ٿيو هو. ان کان پوءِ، 1906ع جي ڪلڪتي واري اجلاس ۾ ، ۽ 1908ع جي مدراس وارن اجلاسن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو. 1918ع تائين ڪانگريس جي اڪثر اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندو  رهيو. سيٺ هرچند راءِ  ۽ ٻين سندس ڪٽنب وارن جي ڪانگريس ۾ شرڪت به سندس اثر هيٺ ٿي.

ٻئي طرف ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر، گهڻي گهڻي عرصي تائين، تادم حيات رهيو. حياتيءَ تائين تعلقي لوڪل بورڊ ڪوٽڙيءَ جو پريزيڊنٽ رهندو آيو. کيس انگريزي حڪومت ۾ به چڱي دسترس هئي، جنهن ڪري راءِ بهادريءَ جو خطاب مليو هوس. ان جو مکيه ڪارڻ انگريزن جي پوئلڳي ڪرڻ نه هو، بلڪه وقت بوقت آفيسرن طرفان قائم ڪيل عوامي ڀلائيءَ جي ادارن ۾ دل کولي خيرات ڏيڻ هو.

سندس اولاد به ساڳيءَ طرح ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو رهيو. سندس فرزند، سيٺ هرچند راءِ جي زندگيءَ جو احوال ” رتن جوت“ ڪتاب ۾ قلمبند ٿي چڪو آهي. ازانسواءِ هو صاحب والد جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو ۽ مون سان واقفيت ڪا نه هيس، ان ڪري سندس احوال هن جاءِ تي ڪو نه ڏنو ويو آهي. سندس پوٽو سيٺ سکديو، هن وقت حالتن جي ناسازگار هجڻ جي باوجود، سيٺ وشنداس مرحوم جو روشن ڪيل ملڪي خدمت جو ڏيئو اڃا تائين ٻاريو ويٺو آهي.  ڪجهه وقت هو پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ ۾ هو ۽ ڪانگريس هلچل ۾ مکيه بهرو ورتو هئائين، جنهن جو احوال ”رتن جوت“ ۾ آيل آهي. پاڻ ڪو وقت سنڌ- هندو پئنچات جو مکي هو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ پنهنجي واپار ۾ مشغول آهي. ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون. سندس ملاقات مان روح کي راحت اچي ٿي.

منهنجي واقفيت:

سيٺ صاحب جي زمين منهنجي زمين سان لاڳو هئي. پر منهنجي وڏي ٿيڻ وقت، سيٺ صاحب جي طبيعت ٺيڪ نه هئڻ ڪري، هو اتي ڪو  نه ايندو هو. پهرين واقفيت ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي ميمبريءَ وقت، 1925ع جي آخر ڌاري ٿي. ان کان پوءِ اڪثر ڪري ڪوٽڙيءَ ۾ جهاز تي وڃي ساڻس ملاقات ڪندو هوس. هن جو منهنجي والد سان چڱو رستو هو، ان ڪري هو مون کي نهايت پيار جي نظر سان ڏسندو  هو. سندس راڳ جي مجلس يا ست سنگ ۾ ويهڻ جو موقعو ڪو نه مليو هوم، پر ايترو چوڻ ڪافي آهي ته اهڙي همه صفت موصوف بزرگ سان ملاقاتون ٿينديون رهيون.

پاڻ7 جنوري 1929ع تي، گهڻو  وقت بيمار گذارڻ بعد، 85 ورهين جي عمر ۾ هي چولو مَٽايائين.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org