18- مسٽر حاتم علي ڀائي، ڪريمجي، علوي
(ڪراچي)
هي ڪراچيءَ جي دائودي بوهرا قبيلي مان، سيٺ ڪريمجي مانڊوي واري
جو پوٽو آهي. سندس والد سيٺ علي ڀائي، 1866ع ۾
واپار سانگي اچي ڪراچيءَ ۾ مقيم ٿيو، جتي محنت،
ڪفايت شعاريءَ ۽ قابليت سان سگهو ئي واپار ذريعي
چڱو پئسو گڏ ڪري ويو ۽ ڪافي جائداد ڪٺي ڪيائين.
سندس خاندان جو وڌيڪ احوال سندس وڏي ڀاءَ، سيٺ طيب
عليءَ جي احوال ۾ ڏنل آهي.
مسٽر حاتم 20 آڪٽوبر 1898ع مطابق، 5 جمادي الثاني 1311هه تي،
پالنپور (گجرات) ۾ ناناڻن وٽ ڄائو هو. سندس نانو،
شيخ عبدالله ڀائي، عربيءَ جو عالم ۽ پرهيز گار شخص
هو. سندس والد، سيٺ علي ڀائي، ڪراچي ميونسپالٽيءَ
جي وجود ۾ اچڻ بعد سگهو ئي ان تي سرڪار طرفان
ميمبر نامزد ڪيو ويو. ان کان پوءِ ميونسپالٽيءَ تي
سندن خاندان جا ميمبر چونڊيا پئي آيا، تان جو
پاڪستان بنجڻ بعد حڪومت ميونسپل ۽ لوڪل بورڊ ادارن
کي معطل ڪري، نامزد ميمبرن جون ڪاميٽيون برپا
ڪيون. سيٺ علي ڀائيءَ 1901ع ۾ انتقال ڪيو. سندس
وڏو فرزند، سيٺ يوسف علي 1896ع کان 1921ع تائين
ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو آيو. هو عمر جي ضعف
سبب علحده ٿيو، ته 1921ع ڌاري سيٺ حاتم ميمبر ٿيو،
جو پاڪستان بنجڻ تائين هلندو آيو. 1927ع ۾ هي ٽن
سالن لاءِ ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيو ۽
39-1938ع ۾ هڪ سال لاءِ ڪارپوريشن جو ميئر به
بڻيو.
مسٽر حاتم ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ تعليم ورتي، جو خانبهادر حسن
علي آفنديءَ سيپٽمبر 1885ع ۾ برپا ڪيو هو ۽ ان جي
پهرئين بورڊ تي حاتم جو والد سيٺ علي ڀائي ميمبر
هو. سندن خاندان مان اڪثر ميمبر اڃا تائين مدرسي
جي بورڊ تي هلندا اچن.
مسٽر حاتم کي، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ، انگريز پرنسپال، مسٽر
وائينس، انگريز سرڪار خلاف اعتراض جوڳي مضمون لکڻ
ڪري، مدرسي مان خارج ڪري ڇڏيو.ان کان پوءِ هي
سمورو وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ صرف ڪرڻ لڳو. سگهو ئي
هن مذهبي، تعليمي، سماجي، سياسي ۽ تهذيبي مسئلن ۾
دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. هن رئيساڻي نموني ۾ پرورش
پاتي هئي؛ ڪراچيءَ جو شهر هو، جيڪڏهن عام شاهوڪار
ڪٽنب جي نوجوانن وانگر پاڻ عياش زندگي گذاري ها
ته رواجي ڳالهه هئي، پر هو گهرو تربيت ۽ ذاتي
صلاحيت جي ڪري، مذهبي ۽ علمي ادارن ۾ دلچسپي وٺڻ
لڳو. عبادت جو به پڪو پابند رهيو.
مذهبي ۽ اخلاقي رجحان:
ننڍي هوندي کان والد ۽ والده جي صحبت جو هن تي گهرو مذهبي اثر
ويهي ويو، جنهن ڪري سندس زندگي هڪ عبادتگذار
نوجوان طور شروع ٿي ۽ هو مذهبي ڪتابن پڙهڻ ۽ مذهب
بنسبت ليڪچرن ٻڌڻ طرف زياده توجهه ڏيڻ لڳو. سندس
خاندان اڳي ئي ترقي پسند خيالن جو هو، ان ڪري هي
سگهو ئي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر بڻيو ۽
مختلف مذهبن جي تعليم ۽ عقيدن مان واقفيت حاصل
ڪيائين. اهل تصوف جي صحبت ۽ ڪتابن جي مطالعي سندس
دل مان تنگدلي ۽ تعصب دور ڪري ڇڏيو ۽ هن کي مذهبن
جي ظاهري ڪثرت ۽ فروعي اختلافن پويان بنيادي ۽
اصولي وحدت جو راز معلوم ٿي ويو. هن جي ڪتبخاني ۾
چونڊيل مضمونن تي نهايت ناياب ڪتاب ملي سگهندا، جن
مان اڪثر ڪتابن جو مطالعو ڪيل ڏسجيس ٿو. پڙهيل
ڪتابن تي، مطالعي شروع ڪرڻ ۽ پوري ڪرڻ جي تاريخن
جو به پتو پئجي سگهي ٿو. ايتريءَ معلومات بعد، هن
جي طبيعت سندن فرقي جي پير پرستيءَ مان بيزار ٿي،
بغاوت طرف مائل ٿي ۽ قبيلي جي ڀاتين سان جي اڳ ۾
ئي ترقي پسند خيالن جا هئا، گڏجي، هن ملا جي
اڻوڻندڙ مذهبي دست اندازيءَ ۽ پئسي حاصل ڪرڻ جي
طريقن جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. ليڪن اڪثر بوهرين
سندس ساٿ نه ڏنو ۽ ملا طرفان سندن خلاف گهڻي سختي
ٿيڻ لڳي. هڪ وقت حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو، جو کين نه
صرف برادريءَ کان بائيڪاٽ جو مقابلو ڪرڻو پيو،
بلڪه سندن زندگيءَ لاءِ به خطرو پيدا ٿي ويو هو-
ايتريقدر جو حاتم جي والده جي وفات وقت، ان کي
سندن قديمي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ به نه ڏنو ويو!
هن هڪ نوجوان جو گروهه پيدا ڪيو، جو ”آگي قدم“ رسالي ۾ مضمون
لکي، نون خيالن جو پرچار ڪرڻ لڳو هو. ليڪن حالتون
وڌيڪ ناسازگار بنبيون ويون، جنهن لاءِ ڪيترائي سبب
هئا:
1. ڪراچيءَ جي دائودي بوهري فرقي جي نهايت تنگ خيال ۽ پير پرست
هئڻ ڪري، سندن گهر کان سواءِ، ٻيو ڪو به ظاهري طرح
مددگار ۽ حامي کين ملي نٿي سگهيو، جنهن ڪري ساري
بوهري فرقي جي بائيڪاٽ ۽ دشمنيءَ جو نشانو بڻجي
پيا.
2. ٻيا مسلمان قبيلا جهڙوڪ ؛ ميمڻ، خواجا، بلوچ وغيره – روايتي،
اعتقادي، تجارتي ۽ سوشل معاملن ۾ هنن کان گهڻو پري
هئا. ازان سواءِ مسلم سوسائٽي، فرقي بندي ۽
جاتيوار خامين کي ٽوڙي، ڪو ترقي پسند گڏيل پليٽ
فارم پيدا ڪري نه سگهي هئي.
3. ساري دائودي بوهرا قبيلي اندروني طور عزازت، تجارتي ۽ سوشل
تعلقات جي ڪري اهڙي جڪڙي پيئي هئي، جو ان مان
ڪنهن هڪ گهر جو علحده ٿيڻ عملي طور نهايت مشڪل
مسئلو هو، تنهن ڪري مجبور ٿي، مصلحت خاطر، هن کي
مُلا جي اڳيان تائب ٿيڻو پيو. ان جي اها معنيٰ ڪا
نه آهي ته ڪو هي پنهنجا مذهبي خيال مَٽائي، وري
رجعت پسنديءَ طرف رجوع ٿي ويو. سندس خيال ساڳيءَ
طرح وسيع آهن، ليڪن سوسائٽيءَ جي بندشن ڪري، هو
مصلحتاً تقيو ڪري، جڳ سان جڳ جهڙو هلي رهيو آهي.
سياسي زندگيءَ جو پهلو:
راڄنيتي ڳالهين ۾ هن جي خاندان جي دلچسپي وٺڻ جي شروعات سندس
وڏي ڀاءُ، سيٺ يوسف عليءَ کان ٿيل هئي. 1890ع
ڌاري، جڏهن سنڌ جا اڪثر ماڻهو راڄنيتي ڳالهين کان
پري هئا، ان وقت جيڪا نوجوان قومي ڪارڪنن جي ٻاري
ٺهي هئي، تن مان سيٺ يوسف علي به هڪ هو. انهيءَ
ٻاريءَ جا مکيه ڪارڪن هئا: ديوان ڏيارام، ڄيٺمل،
ديوان ڏيارام گدو مل، ساڌو نولراءِ، ساڌو
هيرانند، سيٺ جعفر فدو، غلام حسين چاڳلا، ٽهلرام
کيمچند، سيٺ هرچند راءِ وشنداس وغيره، اڳتي هلي
سيٺ يوسف علي، غلام علي چاڳلا، رئيس غلام محمد خان
ڀرڳڙي. سيٺ هرچند راءِ وشنداس وغيره هڪ سنگت ۾ ڪم
ڪرڻ لڳا، تنهن ڪري حاتم لاءِ سياسي تحريڪن ۾ حصو
وٺڻ نئين ڳالهه ڪا نه هئي.
خلافت تحريڪ ۾ هندو- مسلم اتحاد پيدا ٿيو، تنهن حاتم کي ڇڪي،
نيئي ڪانگريس تحريڪ ۾ داخل ڪيو، جيڪڏهن هي نمايان
طور تحريڪ ۾ حصو وٺي جيل ۾ نه ويو ته ان جو مکيه
ڪارڻ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي لاڳاپي ڪري، ڊاڪٽر
ائني بيسنت واريءَ ”هوم رول ليگ“ جا اثر هئا، جن
رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ، ڄيٺمل پرسرام ۽ جمشيد
نسروانجيءَ جهڙن بزرگن کي به انتها پسنديءَ کان
پري رکيو. ليڪن چندن ڪٺي ڪرائڻ، لٺبازيءَ جي ڦٽيلن
جي نظرداري ڪرڻ، صلح مشوري ۽ همدرديءَ ۾ هميشھ
سندس ساٿ ڪانگريس سان هو، جنهن جي سندس دوستن کي
خبر آهي. ڏهن آل انڊيا آئيني سوالن تان آهستي
آهستي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ اختلاف پيدا
ٿيا ته هن مسلم ليگ طرف لاڙو رکيو ۽ اسان سان
گڏجي ڪم ڪيائين. کيس تحرير ۽ تقرير جون خداداد
لياقتون آهن. قابليت ۽ شخصي اختلافن جي صفتن سان
موصوف آهي ۽ ڪٽرپڻي کان ٻاهر آهي. پر اها حقيقت
آهي ته ميونسپالٽيءَ کان مٿي ڪنهن ڪائونسل يا
اسيمبليءَ ۾ چونڊجي. کيس پنهنجين ذهني ۽ انتظآمي
لياقتن جي جوهر ڏيکارڻ ۽ خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي نه
سگهيو. مون کي ان لاءِ هيٺيان ڪارڻ نظر اچن ٿا:
1. عوام ۾ سياسي شعور گهٽ هئڻ ڪري، هو لائق ۽ اڻ لائق جي وچ ۾
تميز ڪري نٿي سگهيا. 2. هي ذهني طور عام سياسي
ڪارڪنن کان مٿي هو، ان ڪري هو اميرانه زندگي، آرام
پسند طبيعت، مطالعي جي رغبت، اوچي علمي ماحول جي
صفتن ڪري، عوام سان گهاٽا لاڳاپا قائم ڪري نه
سگهيو، جا ڳالهه جمهوري جماعتن جي ڪارڪنن لاءِ
ضروري لياقت سمجهي وڃي ٿي. 3. هي ڪراچيءَ جي اقليت
واري فرقي جو فرد هو، جنهن جي همدردي به هو ترقي
پسند خيالن ڪري وڃائي چڪو هو. شهري ماڻهو اڃا
قبيلي پرستيءَ جي مرض کان آجا ٿي، لياقت جي لحاظ
کان صحيح لائق اميدوار چونڊڻ لاءِ تيار نه هئا؛ هو
بلوچ، سنڌي، سيلاوٽ، ميمڻ، خواجه وغيره فرقن جي لڳ
لاڳاپن ۽ تعصب کان آزاد نه ٿي سگهيا هئا. ان ڪري
جيتوڻيڪ ڪيترا سياستدان سندس علمي صحبت ۽ پخته
ڪارانه سياسي صلاح مصلحت مان فائدو وٺندا رهيا،
ليڪن نه دوست ۽ نه جماعتون، مٿي ذڪر ڪيل مشڪلاتن
سبب، کيس اڳتي وڌائي سگهيون، نتيجو اهو نڪتو جو
هن کي پنهنجي سياسي پاليسيءَ کي وقتي لحاظ سان،
مصلحت خاطر موڙڻو جوڙڻو پيو ٿي.
منهنجي واقفيت:
منهنجي ساڻس واقفيت 1927ع ۾ ٿي ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي ڪري،
وڌي وڃي دوستيءَ جي درجي تي پهتي. 1928ع ۾ جڏهن
ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊجي، سندس
ڀر وري بنگلي ۾ رهڻ لڳس ته ڪراچيءَ ۾ رهڻ وقت اهو
ڏينهن خالي ڪو نه هوندو هو، جڏهن ساڻس ملاقات نه
ٿيندي هئي. منهنجي انگريزيءَ ۾ گفتگو انگريزي
ڪتابن جي مطالعي ۽ علمي صحبت لاءِ هن جي دوستيءَ
وڏو ڪم ڏنو. حالتن جي بدلجڻ، سياسي طور نظرياتي
اختلافن وغيره وقتي طور اسان جي لاڳاپن ۾ ٿڌائي
پيئي آندي آهي، پر جن ذهني ۽ جذباتي ڳنڍين جي
بنياد تي اسان جي دوستي قائم ٿيل هئي. تن کي هن
وقت تائين ڪا به ڳالهه ٽوڙي نه سگهي آهي. اڪثر ڪري
سندس دوست هن جي سياسي ابن الوقتي، مُلا جي ڏاڍ
اڳيان سر نمائڻ، مهل سر ڪم نه اچڻ، خود سري ۽ بي
پرواهي ۽ اميرانه گهمنڊ جون شڪايتون ڪندا نظر آيا
آهن، پر انهن مڙني ڳالهين جو مون تي ڪو به اثر نه
ٿيو.
مون کيس نبي بخش فقير جي رندانه ڪلام ٻڌڻ بعد، وجد ۾ ايندو ڏٺو
هو. مون کيس رات جي چانڊوڪيءَ ۾ ويهي، حافظ جي هن
شعر کي اچاريندي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ روئندي ڏٺو هو:
در ڪوي نيڪنامي مارا گذر نه دادند،
گر تو نمي پسندي، تغير ڪن قضا را!
مون کيس جهاز جي مسافريءَ ۾، سمنڊ جي وچ مان سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ
جي پرجلال نظاري کان متاثر ٿي، بيحال ٿيندي ڏٺو
هو. مون کيس سر جو سانگو لاهي، بوهرين جي غيض ۽
غضب کان نه ڊڄي، چند نوجوانن سان، آدم مسجد ۾ گهڙڻ
مهل مارون کائيندي اکين سان ڏٺو هو. ابو جبل جي
سبز پهاڙن ۽ الورا مندرن جي عمدن منظرن مان سندس
متاثر ٿيڻ منهنجي اڳيان هو. مون ڪلاڪن جا ڪلاڪ،
مختلف مضمونن تي سندس ڪيل عالمانه گفتگو مان فائدو
حاصل ڪيو هو. سو ڀلا ڪيئن ٿي هن سان ناتي کي ٽوڙِ
سگهيس! منهنجي نظر سندس خامين جي عيوض سندس خوبين
تي پئي پيئي آهي. مون وٽ حاتم ”قطره دردِ دل“
وارو پراڻو دوست آهي. اها خاصيت سندس هر خاميءَ کي
ڌوئي پاڪ ڪري ٿي ڇڏي.
انتظامي لياقت:
هن جو گهڻو وقت سياسي، سماجي، تعليمي ۽ اقتصادي ادارن ۽ جماعتن
۾ ڪم ڪرڻ ۾ پئي صرف ٿيو آهي. جيڪڏهن عوام طرفان
انجو کيس ڪافي عيوضو نه مليو آهي ته به هن کي انهن
جاين تي بي لوث خدمت ڪري وڏو تجربو ۽ انتظامي
لياقت جو ڪافي معاوضو ورثي ۾ مليو آهي، جنهن کي
ڄڪلهه هو پنهنجي تجارتي ڪاروبار ۾ لڳائي، فائدو
وٺي، روزگار جي وسيع ڪرڻ ۾ صرف ڪري رهيو آهي.
ابتدا ۾ هن ڪتابي مطالعي مان معلومات حاصل ڪئي ۽
اڄڪلهه دنيا جي مختلف ملڪن جي سير سياحت سان
انهيءَ معلومات جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪري رهيو آهي.
سماجي خدمتون:
حاتم جي سماجي خدمتن ۽ سرگرمين جي فهرست تمام ڊگهي آهي، پر هتي
چند مثال پيش ڪجن ٿا، جن مان معلوم ٿيندو ته هن
ڪهڙن ادارن ۽ جماعتن ۾ ڪهڙيءَ حيثيت سان ڪم ڪيو
آهي.
تعليم:
1. سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر
2. سنڌ يونيورسٽي ڪميشن جو ميمبر
3. ڪراچي يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جو ميمبر.
4. ڪراچي اڪيڊمي هاءِ اسڪول جو پنجويهن سالن کان آنرري
سيڪريٽري.
5. عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي ڪورٽ جو ميمبر.
صحت عامه:
1. ڪراچي ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جو چيئرمين.
2. غريب مريضن جي سهائتا ڪميٽيءَ جو چيئرمين.
3. ليبر اسٽاف سوسائٽيءَ جو ميمبر.
4. ڪراچي سوشل سروس ليگ جو چيئرمين.
5. گونگن، ٻوڙن ۽ انڌن جي سروس ليگ جو چيئرمين.
کاڌ خوراڪ:
1. فوڊ گرين پاليسي ڪاميٽي، گورنمينٽ آف انڊيا جو ميمبر.
لوڪل باڊيز:
1. ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو، 1926ع ۾ ميمبر ۽ وائيس پريزيڊنٽ
2. ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر.
3. لوڪل سيلف گورنمينٽ انڪوائري ڪاميٽي، سنڌ جو ميمبر.
4. ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر.
5. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ٽرسٽي ۽ وائيس چيئرمين.
بئنڪون:
1. ڪراچي اربن ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جو چيئرمين.
2. سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جو ڊائريڪٽر ۽ وائيس چيئرمين.
3. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو ڊائريڪٽر.
4. پاڪستان انڊسٽريل فنانس ڪارپوريشن جو چيئرمين.
5. پاڪستان سمال سيونگ اسڪيم جو آنرري ڪمشنر.
ٻاهرين ملڪن ۾ وفد:
1. پاڪستان گڊوِل مشن، انڊونيشيا ڏانهن جو ليڊر.
2. پاڪستان گُڊوِل مشن، مصر ڏانهن جو ليڊر.
3. جپان ڏانهن، پاڪستان ايڪانامڪس تعلقات جي وفد ۾ عيوضي.
4. پاڪستان ايڪانامڪس ڪانفرنس، ماسڪو ۾ عيوضي.
5. پاڪستان ڊيليگيشن، اقوام متحده ۾ عيوضي.
6. يونائيٽيڊ ڪنگڊم ڏانهن، اسٽرلنگ بئلنس وفد ۾ عيوضي.
پرڏيهي معاملا:
1. آفريڪن ليگ، پاڪستان جو چيئرمين.
2. فرينڊس آف مغرب جو آنرري سيڪريٽري.
3. پاڪ- چائنا فرينڊشپ سوسائٽيءَ جو پريزيڊنٽ.
4. پاڪ- جرمن فورم جو ميمبر.
5. پاڪستان- لنڊن سوسائٽيءَ جو ميمبر.
6. بين الاقوامي اسلامي ايڪانامڪ ڪانفرنس جو ميمبر.
19- مولوي محمد صادق ولد مولوي ميان عبدالله
(ڪراچي)
ميان محمد صادق، 15 مارچ 1874ع مطابق، 25 محرم 1291هه تي،
ڪراچيءَ جي محلي کڏي ۾ ڄائو هو. سندس ابتدائي
تعليم کڏي جي ”مظهرالعلوم“ مدرسي ۾ ٿي، جنهن جو
بنياد مولوي محمد سليمان ٻنويءَ ۽ مولوي ميان
عبدالله ولد مولوي عبدالڪريم، ميان محمد صادق جي
والد رکيو هو. سندس والد وڏو عالم ۽ درويش صفت
بزرگ هو. مدرسي جي ڪم ۾ مدد لاءِ مولوي احمد الدين
چڪوالي جهڙي جيد عالم جون خدمتون حاصل ڪيائون، جو
ان وقت هندستان جي مشهور عالمن مان هو ۽ عربي ۽
فارسي علمن تي عبور رکندڙ هو. انهن ٽنهي بزرگن جي
محنت ۽ خلوص سان ڪم ڪرڻ سبب، هي مدرسو جلد ئي ترقي
ڪري، اعليٰ پيماني تي ديني تعليم جو ادارو بڻجي
پيو.
مولوي محمد صادق، مولوي احمد الدين جهڙي تجربيڪار ۽ قابل استاد
جي هٿ هيٺ عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪري، علمي
تڪميل لاءِ ديوبند جي مدرسي ۾ ويو، جتي شيخ الهندي
مولانا محمود الحسن جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ٿيس.
مولانا سيد حسين احمد مدني، مفتي ڪفايت الله
دهلوي، مولوي سيد انور شاهه ۽ مولوي عبيدالله
سنڌي، سڀ سندس همڪلاسي هئا. هو 1886ع ۾ ديوبند مان
فارغ التحصيل ٿي، موٽي ڪراچيءَ آيو. ديوبند ۾ هن
جي مستقل مزاجي، علمي صلاحيت، ذهني لياقت،
حقگوئيءَ ۽ بيريائيءَ جو سندس استاد شيخ الهند تي
خاص اثر ويهي ويو، جنهن ڪري هو پنهنجي سياسي تحريڪ
جي سلسلي ۾ وقت بوقت پيو کيس گهرائيندو هو ۽ کيس
رازدان خصوصي سمجهي، سنڌ ۾ تحريڪ جو سربراهه مقرر
ڪيو هئائين.
مولوي صاحب اعليٰ پايي جو عالم، مفتي، محقق، حميده اخلاق جي
بزرگ هجڻ کان علاوه، وطن ۽ آزاديءَ جو دلدادو به
هو. پنهنجي وطن توڙي اسلامي دنيا کي مغربي حڪومتن،
خاص ڪري انگريز سرڪار کان آزادي ڏيارڻ، هن پنهنجي
زندگيءَ جو نصب العين بنائي ڇڏيو هو. 1914ع ۾ جڏهن
پهرين عالمگير جنگ لڳي- جنهن ۾ جرمن آسٽريا ۽ ترڪي
هڪ طرف هئا ۽ فرانس، انگلينڊ، روس، آمريڪا وغيره
ٻئي طرف هئا ۽ انگريزن انهيءَ ڪري هندستاني لشڪر
سان عراق تي حملو ڪيو جو ان وقت اهو ترڪن جي هٿ
هيٺ هو- تڏهن موقعو ڏسي، انگريزي طاقت کي ڪمزور
ڪرڻ لاءِ ”جمعيت الانصار“ نالي جماعت سخت ڪوششون
ورتيون. مولوي صاحب ان جماعت جو رڪن هو. مولانا ان
وقت فتويٰ ڏني ته انگريز جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿي، ترڪن
سان لڙڻ ڪفر آهي. مولانا جي انهيءَ فتويٰ ۽ ٻين
عالمن جي پٺڀرائيءَ بلوچستان ۾ خاص اثر پيدا ڪيو،
جنهن ڪري سردار نور الدين مينگل جي اڳواڻيءَ هيٺ،
انگريزن خلاف بغاوت ٿي پيئي. انهيءَ ڪري انگريزن
جي بلوچستان مان لشڪر جي ڀرتي هڪ طرف روڪجي پيئي،
ته ٻئي طرف مڪاني بغاوت کي روڪڻ لاءِ انگريزن کي
گهڻو لشڪر هتي روڪڻو پيو، جنهن ڪري ترڪن جي گهيري
هيٺ آيل جنرل ٽائون شيڊ کي هتان جي مدد وقت تي
پهچي نه سگهي ۽ هو مجبوراً ترڪن اڳيان پيش پيو.
”جمعيت الانصار“ جي انهن سرگرمين کي روڪڻ لاءِ، برٽش سرڪار کي
سخت قدم کڻڻا پيا ۽ ان جي مکيه ميمبرن کي گرفتار
ڪيائون. شيخ الهند محمود الحسن ۽ مولانا حسين احمد
مدنيءَ کي حج تان گرفتار ڪرائي، مالٽا ۾ رکيائون.
مولانا محمد صادق کي چئن سالن تائين ڪاروار جيل ۾
رکيو ويو. مولانا عبيدالله سنڌي، پتي پوڻ تي، شيخ
محمد ابراهيم (مولوي محمد صادق جي مامي جو پٽ) ۽
مولوي عبدالله لغاريءَ سان هجرت ڪري، افغانستان
هليو ويو. قيد کان رهائيءَ بعد مولانا محمد صادق
خلافت تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو ۽ آل انڊيا خلافت
ڪاميٽيءَ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ
لڳو. 1920ع ۾ مولانا کي ڪراچي شهر ۾ سڏايل خلافت
ڪانفرنس جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو.
پوءِ سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو ڪڏهن صدر ۽ ڪڏهن نائب
صدر پئي رهيو. ٻين به ڪيترين تحريڪن ۾ حصو
ورتائين. مثلاً؛ جنگ بلقان ۽ طرابلس جي موقعي تي
هندستان مان فند ڪٺي ڪرڻ ۾ حصو ورتائين. سمرنا ۾
يونانين جي ظلمن خلاف احتجاجي جلسا ڪرايائين.
فلسطين ۾ اتحادين جڏهن يهودين کي ملڪ جو ٽڪرو ڏنو
۽ يهودين عربن کي اتان لڏائڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ
لاءِ هندستاني مسلمانن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ
1933ع ۾ ، مفتي اعظم فلسطين امين الحسين ڪراچيءَ
آيو ته مولانا کيس همدرديءَ جو يقين ڏياريو. 1938ع
۾، خالق ڏني هال ڪراچيءَ ۾ تبليغي ڪانفرنس، مولانا
حسين احمد مدنيءَ جي صدارت هيٺ ڪوٺايائين.
کڏي جي مسلمانن تي مولانا جو گهڻو اثر هوندو هو ۽ انهن خلاف
تحريڪ ۾ مولانا جو سٺو ساٿ ڏنو. سيد حاجي
عبدالرحيم شاهه سجاول واري، پير صاحب جهنڊي وارن ۽
پير صاحب ڪاماري وارن سان گهاٽا دوستاڻا تعلقات
هئس.
مولانا جو جمعيت العلماءِ هند سان تعلق هو، ان جي ورڪنگ
ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ صوبائي شاخ جو صدر ٿي
رهندو آيو. مدرسه دارالعلوم ديوبند جي مشاورتي
ڪاميٽيءَ جو به ميمبر رهندو آيو.
منهنجي ساڻس واقفيت خلافت جي ڏينهن کان ٿيل هئي، جا مولوي فتح
محمد صاحب سيوهاڻيءَ جي ذريعي وڌندي وڃي دوستاڻي
تعلق تي پهتي آهي، مستقل مزاج بزرگ هو. جڏهن ڪيترا
مولوي ساده دليءَ يا اسلام جي نالي سبب هٽي وڃي
مسلم ليگ ۾ داخل ٿيا، تڏهن به سندس حوصلي ۽ پختي
ارادي کيس ان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. شيخ عبدالمجيد ۽
آءٌ جڏهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿياسون، تڏهن اسان هر
طرح سان مولانا کي ان ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي،
ليڪن مولانا هميشھ ائين چوندو رهيو ته جنهن جماعت
جي واڳ غلط ماڻهن جي هٿ ۾ هجي، جن ۾ انگريزن جا
نمڪ پروردا ۽ عراق، فلسطين ۽ حجاز جي مسلمانن کي
نصارن جا غلام بنائڻ وارا به هجن، تن سان گڏجي ڪم
ڪرڻ آءٌ ڪڏهن به پسند نه ڪندس. پاڻ هڪ عالم باعمل
هو. سندس اثر جو دائرو سنڌ ۽ بلوچستان جي گهڻن
عالمن ۽ ماڻهن تائين پکڙيل هو، جن مولوي صاحب جي
صحبت ۽ لاڳاپي ڪري مسلم ليگ ۾ آخر تائين شموليت نه
ڪئي.
کڏي جو ”مظهر العلوم“ مدرسو آزاد خيال تعليم ۽ تربيت جو مرڪز
هو. جلاوطنيءَ کان واپس اچڻ بعد، مولانا عبيدالله
سنڌي به ڪجهه وقت اتي مقيم ٿيو هو، جتي بيت الحڪمت
کوليائين ۽ شاهه ولي الله جي فلسفي جو درس ڏيڻ
شروع ڪيائين. اهو مدرسو سندس ئي ڪوشش ۽ اثر ڪري
هلندو پئي آيو. سندس ذريعي ڪيترا غير مسلمان اسلام
جي دائري ۾ داخل ٿيا. سندس مدرسي مان سنڌ، سرحد،
ايران، جاوا، ملايا، چيني ترڪستان ۽ افغانستان
وغيره ملڪن جا شاگرد پڙهي ويا هئا. پاڻ مدرسي جو
ڪم اعزازي طور تي ڪندو هو. سندس گذر معاش جو مدار
طبابت تي هو، جنهن مان ٻه چار جايون ٺهرايائين،
جن جي مسواڙ مان گذارو ڪندو هو. کيس ڇاهٺ ورهين جي
آخري ڄمار ۾ 1940ع ۾ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو
محمد اسماعيل رکيائين.
مولانا محمد صادق خدا ترس، نيڪ سيرت، پرهيزگار، امانتدار، مهمان
نواز ۽ قديم سنڌي تهذيب جو مجسمو هو. سندس متانت
ڀريو چهرو، ٿورو ڳالهائڻ، وضعدار لباس ۽ نوراني
شڪل دوستن ۽ واقفن کان ڪڏهن نه وسرندي. مولانا
صاحب 18 جون 1953ع، مطابق 1372هه تي اسي سالن جي
عمر ۾ وفات ڪئي.
20- مولوي محمد سليمان ولد حاجي هارون
(ٻنون، مير پور بٺورو)
مولوي صاحب جو والد، حاجي هارون هڪ مسڪين آبادگار هو. اصل سيد
قادر ڏني شاهه ولد ملوڪ شاهه جي ڳوٺ ويٺل هو، کيس
ميان محمد سليمان 1270هه مطابق، 1854ع ڌاري ڄائو.
وڏي ٿيڻ بعد هن کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو، ليڪن
روزگار جي تنگيءَ سبب پنهنجي والد جي ڏينهن ۾ گهڻو
ڪجهه پڙهي نه سگهيو. ان جي وفات کان پوءِ ارڙهن
ورهين جي ڄمار ۾ آخوند يعقوب پليجي وٽ وڃي قرآن
شريف پڙهيائين. پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ٺٽي اچي،
مولوي عبدالرحيم ٺٽويءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان
ڪجهه پڙهي، ٻاويهن سالن جي عمر ڌاري، پاٽ ضلعي
دادوءَ جي شهر ۾ مخدوم حسن الله ۽ قاضي خير محمد
وٽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ ويو، جتي ست سال رهي،
عربيءَ ۾ تحصيل ڪيائين. پوءِ بصري ۽ بغداد ذريعي
پيدل حج ۽ زيارتن لاءِ ويو، جتان موٽڻ بعد،
ڪراچيءَ ۾ سيٺ حاجي محمد حسين ميمڻ جي مدد ۽ مولوي
ميان عبدالله صاحب (مولوي محمد صادق جو والد) جي
شموليت سان کڏي جي مدرسي جو بنياد وڌائين. ان
زماني ۾ خانبهادر حسن علي آفنديءَ انگريزيءَ تعليم
لاءِ ڪراچيءَ ۾ سر سيد احمد جي نموني تي سنڌ مدرسو
کولايو هو. انهيءَ ڪري مذهبي خيال جي ماڻهن کي
انهيءَ شهر ۾ ديني مدرسي کولڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽
مدرسي کلڻ بعد ان کي چڱي مدد ڏني ويئي. اڳتي. هلي
ان ”مدرسه مظهر العلوم“ جي نالي سان، مولانا محمد
صادق جي ڏينهن ۾ زور ورتو. ان وقت مولوي احمد
الدين چڪوالي، ضلعي جهلم جو وڏو عالم، عيال سميت
حج تي ويو ٿي؛ پر چوري ٿيڻ ڪري هو اڳتي وڃي نه
سگهيو، ۽ مولوي ميان عبدالله ۽ ميان محمد سليمان
کيس ٻن سالن لاءِ رهائي، ڇڏيو، جنهن جي شهرت مدرسي
کي وڌيڪ مشهور ڪيو.
ٿوري وقت کان پوءِ مولوي محمد سليمان سموري مدرسي جي چارج مولوي
عبدالله جي حوالي ڪري، ڳوٺ آيو، جتي سندس شادي
ڪرائي ويئي. پوءِ کيس مولوي غلام محمد دڙي واري،
دڙي جي ڳوٺ ۾ ديني مدرسي جي چارج ۾ رکيو، جنهن
مان شاهه بندر ڊويزن جا ڪيترائي عالم پڙهي نڪتا،
جهڙوڪ: 1. مولوي حاجي علي محمد مهيري، 2. مولوي
حاجي عبدالله ولهاري لڳ سجاول، 3. مولوي جمال
الدين جوڻيجو، لڳ بٺورو.
ٽن سالن بعد مولوي غلام محمد صاحب وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ
حالتون ناسازگار ڏسي، مولوي محمد سليمان مدرسي کي
دڙي مان تبديل ڪري، حاجي جيئي سومري جي ڳوٺ آندو،
اتي مدرسو گهڻي وقت تائين هلي نه سگهيو ۽ ان کي
وري تبديل ڪري، ٽنڊي حافظ شاهه ۾ آندائين، جتي ڏهن
سالن تائين مدرسو چڱيءَ طرح هلندو رهيو. ليڪن بندن
ٽٽڻ ڪري، جڏهن شال جي ايراضي ٻوڏ هيٺ آئي، ته اتان
مولوي صاحب ڪتبخاني سوڌو لڏي اچي ڪوٽڙيءَ ۾ ويٺو.
پوءِ پليجن جي چوڻ تي، لڏي اچي ٻني جي ڳوٺ ۾
پڙهائڻ لڳو، جتي 1315هه کان وٺي آخر عمر تائين،
پنجيتاليهه ورهيه، ديني تعليم ڏيندو رهيو. سنڌ جي
ڪمشنر، لارينس، کيس مدرسي جي خرچ لاءِ ٻه سؤ ايڪڙ
زمين ڏني هئي، جنهن جي پيدائش مان مدرسي جي خرچ جي
پورائي ڪندو هو. مولوي صاحب سياسي ۽ مذهبي تحريڪن
۾ ڪافي حصو ورتو. خلافت تحريڪ جو 1923ع تائين مکيه
ڪارڪن ٿي رهيو. سندس فرزند، مولوي محمد يوسف،
انهيءَ سلسلي ۾ اٺ مهينا جيل به ڪاٽيو، جمعيت
العلماءِ هند جي پاليسيءَ جو حامي هو، انهيءَ ڪري
هندستان جي آزاديءَ لاءِ ڪانگريس هلچل سان شريڪ
رهندو آيو. ان لاءِ جلسن ۾ تقريرون ڪيائين ۽
اخبارن ۾ ليک موڪليندو هو. مولوي محمد صادق سان
گڏ، سياسي ڪمن ۾ بهرو وٺندو هو.
سندس ڪوششش سان لاڙ جي عالمن جي هڪ جماعت برپا ٿي، جنهن جو نالو
”انجمن معلم الشرع“ رکيو ويو. ان جو صدر مولوي
حامد الله صاحب ٻيلي وارو (حاجي عبدالرحيم شاهه
سجاول واري جو استاد)، نائب صدر مولوي محمد سليمان
۽ سيڪريٽري مولوي محمد طاهر سونڊن وارو ٿيو.
انهيءَ جماعت طرفان هر هڪ عالم کي شرعي فيصلن ڪرڻ
لاءِ حدون مقرر ڪري ڏنيون ويون ۽ فيصلي نه مڃڻ
وارن لاءِ نيڪالي ڏيڻ جو اختيار به انهن کي ڏنو
ويو. جماعت اهو فيصلو به ڪيو هو ته مدرسن ۾ تعليم
ڏيندڙ عالم شرعي فيصلا نه ڪن، جو انهيءَ ڪري سندن
تعليمي مشغلي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي.
مولوي محمد سليمان عابد، زاهد، نماز روزي جو پابندي هو. تهجد،
اشراق، ورد وظائف، تسبيح تحليل به پڙهندو هو. صبح
جو شاگردن کي تعليم ڏيندو هو ۽ اڳينءَ وچينءَ
نماز جي وچ ۾ عام مجلس ڪندو هو. پاڻ نقشبندي طريقي
جو پوئلڳ هو. سٺو شاعر هو، سندس ڪافيون، مولود ۽
مداحون مشهور آهن. فارسيءَ ۾ ڪيترن دوستن ۽ بزرگن
جي ولادت ۽ وفات تي ڪتبا چيا اٿس. 1325هه ۾ حاجي
محمد هاشم شاهه ۽ سيد ميان قادر ڏني شاهه سان، ٻئي
دفعي حج ۽ زيارتون ڪري آيو. کيس پڙهائڻ سان ايتري
دلچسپي هوندي هئي جو دعوتن تي ويندو هو، ته به
شاگرد ساڻ هوندا هئس. فصل پچڻ مهل، کري تي اوطاق
ٺاهي، شاگردن سميت رهندو هو. سندس شاگردن جي فهرست
ڊگهي آهي.
مولوي صاحب ٻني جي ڳوٺ ۾ سال 1941ع مطابق 1360ع ۾ وفات ڪئي.
سندس ٽي فرزند زندهه آهن: مولوي محمد يوسف، مولوي
علي محمد ۽ مولوي محمد حسن.
21-حڪيم ميان معين الدين ولد ميان عبدالرحمان
(کنياري، تعلقو سڪرنڊ)
هي کنيارين واري بزرگ ميان محمد صاحب، جنهن کي سندس مريد
”سڳورو“ سڏيندا هئا، تنهن جو ڀائٽيو ۽ ميان
عبدالحق جو پوٽو آهي. سندس ڳوٺ جو نالو، شورن جو
ڳوٺ آهي. هي اصل ذات جا ڪيريا آهن، ليڪن سندن
بزرگن جي نقشبندي سلسله طريقت ۾ درڪ حاصل ڪرڻ ڪري،
هن وقت ”ميان صاحب“ سڏبا آهن.
حڪيم صاحب، کنيارين جي ڳوٺ ۾ 1893ع ۾ ڄائو هو. سندس اوائلي نالو
حزب الله هو، پر پوءِ محمد معين الدين سڏجڻ لڳو.
قرآن شريف پنهنجي والد وٽ پڙهيو هو ۽ پوءِ حافظ
گلشير ۽ قاضي محمد صديق جهونجهاڻ واري وٽ پڻ
پڙهيو. عربيءَ جا سبق هن مرحوم مولوي احمد علي
لاهوري، مرحوم حافظ محمد اڪرم هالائيءَ ۽ مرحوم
مولوي محمد صديق راڻيپور واري وٽ ورتا. طبابت
پروفيسر محمد نواز بهاولپور واري کان سکيو، خلافت
جي اوائلي دؤر ۾ ”خدام الدين“ جي وفد سان گڏ، شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ دهليءَ ويو، ۽
اتان طبيه ڪاليج پٽيالي ۾ داخل ٿي، سَند ورتائين.
حڪيم صاحب کي فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ چڱي مهارت آهي. طب ۾ چڱو ماهر
۽ تجربيڪار ٿي ويو آهي. نئين فڪر جي لحاظ کان،
پاڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي معتقدن مان آهي.
1917ع کان وٺي دادوءَ جي شهر ۾ وڃي ويٺو ۽ طبابت
شروع ڪيائين. سن جي ڳوٺ جا ميمڻ سندن درگاهه جا
مريد آهن. سندن ڳوٺ سن جي سامهون، درياءَ جي هن
پار، سڪرنڊ تعلقي ۾ آهي. دادوءَ کان ڳوٺ ويندي، سن
کان اچ وڃ جي سهوليت هئڻ ڪري، سَن ۾ سندس گهڻو اچڻ
ٿيندو هو؛ جنهن ڪري ساڻس واقفيت ٿي، جا اڳتي هلي
وڌي ويئي. لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس ۾ وٺي وڃڻ ۽ سن ۾
مون کي خلافت ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ ترغيب ڏيڻ ۾
حڪيم صاحب جو وڏو هٿ هو. پاڻ يارويس ۽ سٺو ڪارڪن
هو. ڪجهه وقت کان پوءِ، ڪن سببن ڪري، دادوءَ مان
نوابشاهه وڃي لڏي ويٺو، جتي زماني جي ڪاروبار ۽
طبابت جي مشغوليءَ ڪري سياست کان گوشي نشين ٿي
ويو. کيس ٻه پٽ آهن: 1. ميان عبدالوهاب ۽ 2. آفتاب
احمد. پهريون تعلقي يونين جو سيڪريٽري ۽ ٻيو ايم.
بي. بي. ايس ڊاڪٽر آهي.
وٽس طبي قلمي ڪتابن جو ڪافي ذخيرو موجود آهي، پر انهن کي پيتيءَ
کان ٻاهر ڪڍڻ ۽ ڪتابن جي شوقينن کي ڏيکارڻ کان
ڊڄندو آهي ته متان ڪو کڻي وڃي.
22- مولوي محمد سليمان ولد الهندو خان نوناري واعظ
(ٿرڙي محبت، تعلقو ميهڙ)
مولوي صاحب مختلف جاين تي پڙهي، مولوي عبدالله صاحب رتيديري
واري وٽ دستاربندي ڪئي. اول ۾ ڳوٺ جي مولوي حافظ
محمد صادق وٽ پڙهيو هو. دستاربنديءَ بعد، ميهڙ جي
ڀرسان، ٿيٻن کي پڙهائيندو هو. پڇاڙيءَ عمر ۾ ٿرڙي
محبت جي ڀر ۾ جهتيالن جي ڳوٺ ۾ تعليم ڏيندو هو،
جتي ميان فتح محمد سندس مدد ڪندو هو.
ساڻس منهنجي اوائلي واقفيت خلافت ڪانفرنس سن ۾ ٿي. پوءِ اڪثر
مخدوم بلاول جي ماهه پهرين جمعن ۽ ٻين ڪانفرنسن ۽
مجلسن ۾ ملاقات ٿيندي رهندي هئي. سندس تقرير جي
خاصيت رقت قلب پيدا ڪري روئارڻ جي هئي. آخر سندس
اها مقبوليت ٿي ويئي، جو هر مجلس ۾ مولوي صاحب کي
گهرائڻ لازمي سمجهيو ويندو هو. ڳاڙهو رومال، ناس
جي دٻلي، تسبيح ۽ عصا، سندس خاص نشانيون هيون. پاڻ
خوش خلق، يار ويس ۽ آزاد خيال هو. ٻه شاديون
ڪيائين، جن مان کيس ٽي نياڻيون ۽ ٻه فرزند، ميان
عبدالرحيم ۽ ميان عبدالرحمان ٿيا.
مولوي صاحب 15 شعبان 1367هه، مطابق 23 جون 1948ع تي وفات ڪئي. |