عالم ۽ اديب
1- مرزا قليچ بيگ مرزا فريدون بيگ
(ٽنڊو ٺوڙهو: حيدرآباد)
مرزا صاحب جو والد اصل جارجيا جو ويٺل هو. هو عيسائين جي امير
گهراڻي مان هو. سندس عيسوي نالو ”سڊني“ هو. سن
1790ع ۾ ”سڪر“ نالي هڪ شهر ۾ ڄائو هو، جو جارجيا
جي گاديءَ ٽفلس کان ڪي ٿورا ميل پري آهي. هي ننڍي
هوندي 1797ع ڌاري، ڪنهن جنگ ۾ گرفتار ٿي، ايران
آندو ويو. سندس والد ۽ خاندان جو وڌيڪ احوال ملي
نٿو سگهي، جو ستن سالن ۾ هي وطن کان جدا ڪيو ويو
هو. هن کي ڏهن سالن جي عمر ۾ مير ڪرم علي خان وٽ،
وڪيل جي معرفت سان ايراني حڪومت طرفان تحفو ڪري
موڪليو ويو هو. اڳتي هلي هي پوءِ مرزا فريدون بيگ
جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
مرزا فريدون بيگ جي شادي مرزا خسرو بيگ جي نياڻيءَ سان ٿي، جو
پڻ جارجيا مان جنگين جي زماني ۾ گرفتار ٿي، طهران،
۾ آندو ويو هو ۽ مير ڪرم علي خان کي سندس وڪيل
معرفت موڪليو ويو هو، جنهن پوءِ هن کي پنهنجي
اولاد وانگر نپايو. هي 15 سالن جي عمر ۾ 1805ع
ڌاري سنڌ ۾ آيل هو. سندن خاندان جو وڌيڪ احوال،
مرزا قليچ بيگ جي لکيل ”تاريخ سنڌ“ (انگريزي)، ۽
ٻين ڪتابن ”يادگيريون“ ۽ ”حيات قليچ“ مان ملي سگهي
ٿو.
مرزا خسرو بيگ کي هيٺيان فرزند ٿيا: 1. مرزا علي محمد بيگ، 2.
مرزا ولي محمد بيگ، 3. مرزا محمد رحيم بيگ، 4.
مرزا غلام مرتضيٰ بيگ.
مرزا فريدون بيگ جا هيٺيان فرزند ٿيا: ’1. مرزا غلام رضا بيگ،
2. مرزا صادق علي بيگ، 3 مرزا قليچ بيگ، 4 مرزا
علي قلي بيگ، 5 مرزا جعفر قلي بيگ، 6. مرزا نجف
قلي بيگ ، ۽ 7. مرزا حيدر قلي بيگ.
انهن مان پهرئين جو پٽ مرزا منوچهر بيگ ٿيو. ٻئي جا مرزا فرخ
بيگ، سڪندر بيگ ۽ حيدر بيگ ٿيا، چوٿين جو اولاد
مرزا نياز حسين، نثار حسين ۽ امداد حسين ٿيا.
پنجين جو اولاد مرزا سڊني بيگ، سٽنلي بيگ ايڊورڊ
بيگ ٿيا، مرزا فريدون بيگ کي ست پٽ ۽ ٽي نياڻيون
ٿيون، جن مان مرزا قليچ بيگ ٽيون نمبر هو. هو
حيدرآباد شهر جي ٽنڊي ٺوڙهي محلي ۾ 4 محرم 1270هه،
مطابق 17 آڪٽوبر 1853ع تي ڄائو هو.
ننڍڙي قليچ بيگ ابتدائي تعليم خانگي مڪتب ۾ آخوند شفيع محمد وٽ
حاصل ڪئي هئي. ان کان پوءِ هو سنڌي اسڪول ۾ داخل
ٿيو، جتي سنڌيءَ سان گڏ پارسي، عربي ۽ انگريزي
تعليم ساڳئي وقت وٺندو رهيو. انگريزي پهرين پنهنجي
وڏي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ وٽ پڙهيائين ۽ پوءِ
وڃي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول حيدرآباد ۾، 1865ع ۾
داخل ٿيو. ڇهه درجا پڙهڻ بعد، شروعات ۾ هي
حيدرآباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر
طور نوڪري ڪرڻ لڳو، جنهن عرصي ۾ هن محنت ڪري،
مئٽرڪ امتحان 1872ع ۾ پاس ڪري ورتو.
سندس والد جي وفات کان پوءِ هيءُ 1873ع ۾ ايلفنسٽن ڪاليج
بمبئيءَ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو،
جتي مرزا حيدر دهلويءَ جي شاگرديءَ ۾ تربيت ۽
تعليم ورتائين، پوئين سال ۾ حسابي ڪم ۾ ناپاس ٿيڻ
ڪري، موٽي حيدرآباد آيو. ڪجهه وقت روينيو ۾
مختييارڪاريءَ جو ڪم سکي، ميهڙ تعلقي جو مختيارڪار
ٿيو. پوءِ سنڌ جي جدا جدا جاين تي مختيارڪاري ڪري،
پهرين شڪارپور جو سٽي مئجسٽريٽ ٿيو ؛ پوءِ جدا جدا
جاين تي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو ۽ آخر ۾ ڪوٽڙي ڊويزن
جو 9 سالن تائين ڊپٽي ڪليڪٽر رهي، 1909ع ۾ پينشن
تي لٿو. ان وقت سندس عمر 56 ورهيه هئي. هن ٽي
شاديون هڪ ٻيءَ جي وفات ڪرڻ بعد ڪيون هيون، کيس
انهن مان ٻارهن فرزند ۽ ٽي نياڻيون پيدا ٿيون.
نوڪريءَ جي وقت ۾ توڙي ان کان رٽائر ڪرڻ بعد، هن جو مکيه مشغلو
پڙهڻ لکڻ هو. هو عمدو شاعر هو. هن زندگيءَ ۾ اٽڪل
ٽي سؤ کن ڪتاب لکيا، جن مان گهڻو حصو ٻين ٻولين جي
ڪتابن جو ترجمو هو. هن جو مکيه مقصد گهڻن ڪتابن
لکڻ سان سنڌي ٻوليءَ کي وسيع معلومات جي ذخيري
مهيا ڪرڻ ڏيڻ جو هو: ان ڪري هن تقريباً هر مضمون
تي ڪتاب ترجمو ڪيا. اصل ڪتاب لکڻ بدران ترجمو ڪرڻ
ڏسجي ٿو ته هن ڄاڻي واڻي اختيار ڪيو هو. ان وقت
سنڌي زبان ۾ ڪي مختصر ڪتاب هئا. اصل ڪتاب لکڻ تي
گهڻو وقت ۽ دماغ سوزي ڪرڻي پوي ٿي؛ انسان جي عمر
محدود آهي؛ جي انهيءَ طرف توجه ڏئي ها ته ممڪن آهي
ڪي بهترين ڪتاب لکي سگهي ها؛ ليڪن انهن جو تعداد
ضرور ٿورو هجي ها. قومن جي زندگيءَ ۾ به انسان جي
زندگيءَ وانگر مختلف دؤرن جي تقاضا موجب مختلف
علمي معلومات جي ضرورت پوي ٿي. ان وقت ۾ ڳوڙهن ۽
دقيق مسئلن تي ڪتابن جي عيوض هر مضمون تي معلومات
مهيا ڪرڻ جي ضرورت هئي. انهيءَ ڪم جي مرزا صاحب
پورائي ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. نوڪريءَ جي عرصي خواه
پينشن تي وڃڻ کان پوءِ ويهن سالن جي عرصي جو هر
هڪ ڏينهن ۽ پهر، هن بزرگ، قوم جي ان عظيم خدمت ۾
صرف ڪيو ۽ ان خدمت ۾ هن ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي.
پيريءَ ۾ به تندرستي ٺيڪ رهندي آيس. ان جا راز پاڻ هڪ شعر ۾
ٻڌائي ٿو ته: ”ورزش،چٻاڙي ماني کائڻ، ٿورو کاڌو،
سويرو سمهڻ ۽ اُٿڻ، خدمت خلق، ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ ۽
جوان عورت جي صحبت هئا.“
مرزا صاحب مرحوم جي زندگيءَ جي طرز انتهائي سادي هئي. طبيعت ۾
انڪسار، خلوص، شرافت، عجز ۽ خودداري موجود هيس.
پراڻيءَ تهذييب جو هڪ اعليٰ نمونو هو. هو حقيقت
شناس ماڻهو هو. غرور کان پري، صبر، قناعت، بي طمعي
۽ توڪل جون خاصيتون رکندڙ هو. سرڪار توڙي عام
ماڻهن ۽ خاندانن سان هن جا سٺا تعلقا رهندا آيا.
سرڪار طرفان پهرين 1924ع ۾ هن کي خانبهادريءَ جو
لقب مليو. پوءِ شمس العلماءِ جو خطاب مليس. ان کان
اڳ ”قيصر هند“ جو تمغو مليو هوس. سنڌي، پارسي،
انگريزي، ترڪي، عربي، اردو زبانن جو پوريءَ طرح
ماهر هو.
مرزا صاحب شعر ۾ به اڪثر پنهنجي وسيع مطالعي وسيلي، سٺيون سٺيون
شيون چونڊي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندو رهيو. سندس سوين
شعر فارسي، عربي، اردو شاعرن جي خيال جا سٺيءَ ۽
ساديءَ سنڌيءَ ۾ ترجما آهن. ان جي معنيٰ اها هرگز
ٿي نٿي سگهي ته هو جدت کان محروم هو. پر هن ٻين
زبانن جي شعرن ۾ هزار ها خيالن ۽ نڪتن کي سهيڙي هڪ
موتين جي مالا ٺاهڻ کي زياده پسند ڪيو. ٿوريءَ حد
تائين خود شاهه لطيف جهڙي بزرگ به ان ڳالهه کي عيب
نه سمجهيو هو.
مرزا صاحب مذهبي نقطھ نگاهه کان صوفياءِ ڪرام جي نظريي وحدت
الوجود جو قائل، سڀ ۾ پرين پسڻ وارو هو. حاڪمن ۽
ان جي طرفدار ملا جي مذهبي تشريح کيس منظور نه
هئي. هن وٽ عشق ۽ اسلام هڪ شيءِ هئا. هن جي نظر ۾
نفرت ۽ ڪفر ساڳي ڳالهه هئي. هو ٻيائيءَ کي ٻک وجهڻ
لاءِ تيار نه هو. البت شاهه صاحب وانگر سالڪ هئڻ
ڪري حق جو اظهار مخفي معاملن ۾ ڪرڻ کي پسند ڪندو
هو. سندس طبيعت ۾ اعتدال پسندي گهڻي هئي؛ تنهن ڪري
رند کيس ”گر زمانه با تو نسازد تو زمانه بساز“ جي
چڪر ۾ ڦاسي وڃڻ جو طعنو ڏيئي سگهيو ٿي. اهڙيءَ طرح
سخت گير مُلو مٿس وري پنهنجيءَ پر ۾، ڪفر ۽ الحاد
جو الزام رکي ٿي سگهيو،پر حقيقت ۾ هو سالڪ صوفي
هو. هو هر قسم جي انتهائيت کان بچيل هو: بلڪه هڪ
حد تائين خالص صلح ڪل جو قائل هو. ٽيهن سالن جي
سرڪاري نوڪريءَ کيس انهيءَ عدل ۽ وچٿرائيءَ جي
ڳالهه جو عادي ڪري ڇڏيو هو.
مرزا صاحب سان منهنجي اڻڏٺي واقفيت خانداني لاڳاپي ڪري ٿيل
هئي. 1900ع کان 1909ع تائين، هو ڪوٽڙي ڊويزن تي
ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو هو. منهنجي والد سان سندس
دوستاڻو رستو هو، جنهن جي شهادت بعد اسان جي
خاندان جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ، ملڪيت مئنيجري کاتي ۾
ڏيارڻ، منهنجي ابتدائي تربيت جي انتظام ڪرڻ ۾ مرزا
صاحب جو خاص هٿ هو. آءُ جڏهن وڏو ٿي،سنڌي پڙهڻ
ويٺس ته علمي معلومات ۾ سندس ڪتابن گهڻي مدد ڏنيم،
پنهنجي والد جي منشين کان مرزا صاحب جي تعريف ٻڌي
هيم، تنهن ڪري 1922ع کان سندس خدمت ۾ وڃي سندس
وسيع معلومات ۽ صوفياڻه صحبت مان مستفيد ٿيڻ لڳس.
مون کي صوفياڻه تعليم ته خاندني طرح ورثي ۾ آيل
هئي، پر ان جي صحيح تشريح ڪري مون کي مذهبي تعصب
کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ جن هستين مدد ڪئي. ان ۾ مرزا صاحب
سڀ کان اول هو. سندس صحبت ۽ مجلس خود هڪ بي مثل
تعليم هئي. ڪڏهن به حيدرآباد ويندو هوس، ته مرزا
صاحب جي زيارت ضرور ڪندو هوس، سندس مهربانين جو
عيوض ٻيءَ طرح ته ادا ڪري نٿي سگهيس. ليڪن ان جي
ادنيٰ ادائگيءَ ۾ ڳوٺ جي ٻاهران هڪ دروازو ”باب
قليچ“ ٺهرايم، جو گهڻو پوءِ طوفان لڳڻ ڪري ڊهي
پيو. سن شهر کان اسٽيشن تائين رستي تي به سندس
نالو رکايم.
مون وٽ مرزا مرحوم جي محبت ڀرين خطن جو گهڻو ذخيرو موجود آهي.
کيس پنهنجو ادبي استاد ۽ پدرانه شفقت جو صاحب
سڏيان ته بجا ٿيندو، افسوس اهو رهجي ويو ته آخر
عمر ۾ وعدي موجب هو سن اچي، ملاقات جي شرف بخشڻ ۽
مون کي پنهنجي خدمت جي مزيد موقعي ڏيڻ کان اڳ، 3
جولاءِ 1929ع تي وفات ڪري ويو.
مرزا صاحب جي خاندان جو ذڪر هيٺينءَ طرح گڏ ڪري سگهيو آهيان.
سندس والد مرحوم مرزا فريدون بيگ 57 ورهين جي عمر ۾ 1871ع ۾
وفات ڪئي. سندس ناني مرزا خسرو بيگ ستر ورهين جي
عمر ۾، 1860ع ۾ وفات ڪئي. مرزا فريدون بيگ جي گهر
واري بيبيءَ 1876ع ۾ وفات ڪئي.مرا صاحب جي فرزندن
جا هيٺيان الا آهن:
1. مرزا نادر بيگ، 2. مرزا اختر بيگ، 3 مرزا همايون بيگ، 4.
مرزا اسد بيگ، 5 مرزا افضل بيگ، 6. ميرزا اڪمل
بيگ، 7 مرزا اجمل بيگ، 8. مرزا ادهم بيگ، 9 مرزا
ارشد بيگ، 10. مرزا اصغر بيگ، ۽ 11. مرزا اطهر
بيگ.
سڄو مرزائن جو خاندان قديم ايراني ۽ سنڌي تهذيب جو زنده مجسمو
آهي. اُٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ، يارويسي، محبت، اخلاص،
ڪم آزاري، ڪم سختي، ادب نوازي ۽ شعر ۽ شاعريءَ ۾
برک آهن. |