ڇپائيندڙپاران
ول ڊيورانٽ پنهنجي جڳ مشهور تحرير
(Story of Philosophy) ۾ مغربي فيلسوف والٽيئر بابت احوال ڏيندي چيو هو ته
والٽيئر کي دُرست سمجهڻو آهي ته پهريائين اُن دور
جي سڄي يورپ ۽ اُتان جي حالتن جو چڱيءَ طرح جائزو
وٺڻو پوندو. انهيءَ ساڳئي حوالي سان ويهين صديءَ
جي سنڌ جو احاطو ڪندي، آڱرين تي ڳڻپ جوڳين جن
شخصيتن کي وساري نٿو سگهجي، تن ۾ سائين جي . ايم.
سيد جي ذات به شامل آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ جي
سياست، ثقافت، سماجي خدمت، زراعت، انتظام، فيلسوفي
ويندي ادب تائين ڪو به اهڙو مک شعبو نٿو سُجهي،
جنهن تي سائينءَ جي شخصيت جو سڌو سنئون يا نسبتي
اثر نه هجي. جيتوڻيڪ جي. ايم. سيد صاحب نه رڳو
سنڌ، پر مُلڪ توڻي ننڍي کنڊ جي سياسي ۽ سماجي
حلقن ۾ ”مختلف راين“ هيٺ هُئڻ سبب تضاد جي گهيرن
۾ رهيو آهي، پر اها هڪ حقيقت آهي ته هُن پنهنجي
سوچ، نڪتئه نظر ۽ روين کي ڪڏهن به لڪائڻ جي ڪوشش
نه ڪئي. ڪو به ماڻهو سندس نظرين ۽ ويچارن کي غلط
سمجهي يا دُرست پر هُن سدائين دل جي ڳالهه کي زبان
تي رکيو.
هيءُ ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ پڻ سيد صاحب جي زندگيءَ ڏانهن
انهيءَ طريقئه ڪار جو عڪاس آهي. پڙهندڙُ ڪتاب ۾
ڪتب آيل ٻوليءَ جي تُز سنڌي هُجڻ يا ادبي محاورن
۽ اصطلاحن جي ڀرپور استعمال ۽ خاڪا يا تاثر لکڻ جي
فن / هُنر بابت ته مختلف ڪَٿَ ڪري سگهي ٿو، پر
تحرير جي سادگيءَ ۽ حقيقتن جي فرحت بخش بيان
بابت ٻه رايا نٿو رکي سگهي. نئين دور ۾ اهم ماخذ
جي حيثيت حاصل ڪري ويل هيءُ ڪتاب گُذريل صديءَ جي
ڪئين اهم شخصيتن، واقعن ۽ سچائين کي نروار ڪري
بيهاري ٿو ۽ هڪ پوري دور کي رڪارڊ ڪري سنڌ جي
جديد تاريخ لکڻ لاءِ اُتساهه جو سبب بڻجي ٿو.
”جنب گذاريم جن سين“ جي پهرئين جُلد جو ٻيو ڇاپو 1979ع ۾ ٻارنهن
سالن جي وٿيءَ کان پوءِ ڇپيو، جڏهن ته هيءُ ٽيون
ڇاپو تقريبن پنجويهن سالن جي وڏي عرصي کان پوءِ
نروار ٿي رهيو آهي. ”دير آيد دُرست آيد“ جي مصداق
هيءَ بهرحال هڪ اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ
دلپذير تحرير سنڌ واسين لاءِ ٽيهر مُيسر ٿي رهي
آهي. اُميد اٿئون ته اسان جي هيءَ محنت پڙهندڙن جي
دل جي اُترين اُلهندين ڪُنڊ ۾ جاءِ حاصل ڪندي.
ڄام شورو، سنڌ
12 رجب 1425 هجري انعام الله شيخ
مطابق سيڪريٽري
18- آگسٽ 2004ع سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ
پيش لفظ
بدناميء حيات دو روزي نبود پيش،
آن هم ”ڪليم“ با تو بگويم چسان گذشت:
يک روز صرف بستن دل شد به اين و اَن،
روز دگر بڪندن دل زين و زان گزشت.
(ڪليم ڪاشاني)
.زندگي هڪ عجيب تگ ودو جو ميدان آهي، جنهن ۾ سارو وقت انسان روز
مره جي ڪشمڪش ۾ گذارڻ بعد جڏهن ماضيءَ تي نظر ٿو
ڪري، ته ان ساريءَ سرگذشت جون صرف اڻلکيون
يادگيريون باقي رهن ٿيون، لکها انسان اهي سندن
يادگيرين جا داستان پاڻ سان کنيو، ڪنهن به رڪارڊ
ڇڏڻ کان سواءِ، گذر ڪريو وڃن. ڪي آهن، جي انهن کي
قلمبند ڪريو، پوين جي معلومات لاءِ ڇڏين ٿا.
لقد ڪان في قصصهم عبرة لاولي الباب
منهنجي زندگي به 1919ع کان وٺي دوڙ ڌوپ ۾ رهي آهي. دوستن سان
ڪچهريون ۽ ملاقاتون، ادبي محفلون، موسيقي مجلسون،
ڳوٺاڻن سان رهاڻيون، سياسي مشغوليون- مطلب ته
زندگيءَ جي مصروفيتن ۾ وقت ائين گذري ويو آهي، ڄڻ
ته هڪ وڏو خواب هو.
خدا شري برانگيزد که خيرَ ما دران باشد، - جڏهين چند سال
نظربنديءَ ۾ گذارڻا پيا، ته ان موقعي جو فائدو
وٺي، فيصلو ڪيم ته آئينده وقت، گذريل زندگيءَ جي
تجربن، پرايل نتيجن، يارن دوستن جي مجلسن ۽ زماني
جي شڪستن ۽ تڪليفن مان پرايل سبقن جي احوالن کي
قلمبند ڪري، مستقبل جي تاريخ نويسن لاءِ مواد ميسر
ڪريان.
سياسي زندگيءَ جو لڏون اهڙو ته دلچسپ آهي، جو جن چکيو آهي، تن
کي ڇڏڻ مشڪل ٿيو پوي، پر جن چکيو نه آهي، تن کي
چکڻ جي سدائين حسرت رهي ٿي. پر خدا جو شڪر آهي ته
مون جڏهين ان کان ڪناره ڪشيءَ جو ارادو ڪيو ته ڪا
به ڳالهه مانع نه ٿي.
انهيءَ فيصلي ڪرڻ سان ئي، مون مختلف مضمونن تي پنهنجي يادگيرين
۽ تجربن کي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيو. انهن ڪتابن مان
هڪ وڏو ڪتاب ”پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني“ لکي
رهيو آهيان، جنهن جا پنج ڀاڱا ٽن جلدن ۾ رٿيل آهن.
هر هڪ ڀاڱي ۾ ڏهن سالن جو ذڪر ڪيل آهي. اهو ڪتاب
فقير جي ڪچڪول وانگر مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي-
جهڙوڪ هر هڪ ڀاڱي جي باب اول ۾ انهيءَ دور جي بين
الاقوامي احوالن کي درج ڪيو اٿم، جيئن پڙهندڙن کي
پتو پئجي سگهي ته ان عرصي ۾ دنيا ۾ ڇا پئي وهيو
واپريو، ۽ ان حالت جو اسان جي ملڪي ۽ مڪاني
زندگيءَ تي ڪهڙو اثر پيو ٿي. باب ٻئي ۾ انهيءَ
عرصي جي هندستاني سياست ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جو
احوال ڏنل آهي. باب ٽئين ۾ انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي
سياسي واقعن ۽ احوالن جو ذڪر ڏنل آهي. باب چوٿين ۾
پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۽ ڪار گذارين جو
قصو بيان ڪيل آهي. باب پنجين ۾ پنهنجي مذهبي،
سياسي، نفسياتي ۽ ذهني ارتقا جو احوال ڏنو اٿم.
باب ڇهون ڊائريءَ جي دلچسپ ٽڪرن تي مشتمل آهي، جا
مون. 1920ع کان وٺي پئي لکي آهي. باب ستين ۾ چند
اهڙن بزرگن، دوستن ۽ سياسي رفيقن جي زندگيءَ جو
احوال لکيو اٿم، جن سان محفلون ۽ ملاقاتون رهيون
آهن يا مختلف مشاغل ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو
آهي.
هتي هِن ڪتاب ۾ انهن پنجن ڀاڱن جي ستين ستين باب ۾ ڏنل مختلف
اصحاب جي زندگيءَ جي احوال کي سهيڙي، جدا نالي سان
ڇپايان ٿو. مون کي نهايت افسوس آهي ته باوجود
گهڻيءَ ڪوشش جي، ڪن دوستن ۽ بزرگ هستين جي زندگيءَ
کي هن ڪتاب ۾، مواد جي ميسر نه ٿيڻ ڪري، درج ڪري
نه سگهيو آهيان، جن مان خاص ذڪر جي لائق پير صاحب
پاڳاري جو خاندان، پير صاحب جهنڊي وارن جي
زندگيءَ جو احوال، ميان نور محمد صاحب وڪيل ۽ قاضي
خدا بخش صاحب وغيره هستيون اچي وڃن ٿيون. سندن
احوال هٿ ڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪيم، خط لکي موڪليم،
ڪن کي روبرو عرض ڪيم، پر احوال ملي نه سگهيو. ان
سَهَوَ لاءِ، بهرحال معافي طلب آهيان. هنن احوالن
لکندي، اَٺ کن دوست انتقال ڪري ويا آهن. ان ڪري
وڌيڪ ترسڻ کان سواءِ، هٿ ڪيل هڪ سئو ڇاهتر (176)
ماڻهن جي زندگيءَ کي هن ڪتاب جي ٻن جلدن ۾ پيش
ڪريان ٿو. حياتيءَ وفا ڪئي ته باقي بزرگن جي زندگي
جو احوال به درج ڪري سگهبو.
ڀڳو ئي ڀير جاسين رتو راس ٿئي.
ڪتاب تي نالو شاهه عبداللطيف جي هيٺئين بيت تان رکيو اٿم:
مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا،
وٽان تن نه آئيو ڪو پهنوارن پهي،
ويا سي وهي ”جنب گذاريم جن سين.“ - شاهه
ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل صاحبن مان ڪيترن سان ملڪي سياست ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ
جو موقعو مليو آهي، جن مان ڪن سان موافقت ته ڪن
سان مخالفت پئي رهي آهي. ممڪن آهي ته سندن حياتيءَ
جي احوال لکڻ ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون لکيون هجنم يا
تاثر ظاهر ڪيا هجنم، جي ڪن کي پسند نه به پون؛ پر
انسان خطا جو گهر آهي، ۽ پاڻ کي خاطي ڄاڻي، انهن
کان اهڙين خامين لاءِ معافي وٺان ٿو.
مون حتيٰ لامڪان سڀني کي چڱائيءَ سان ياد ڪرڻ جو نقطو نگاهه پيش
رکي، سندن احوال قلمبند ڪيا آهن، جنهن ڪري ممڪن
آهي ڪي انتهاپسند نوجوان، صحيح حقيقتن جي لڪائڻ جي
مون تي تهمت رکي، ناراض ٿين، ته ڪي صاحب وري سندن
عزيز مهربانن جي وڌيڪ ساراهه لاءِ متمني هجن.
بهرحال مون، پنهنجي وس آهر، موجوده دؤر جي چند ماڻهن جي
زندگيءَ کي قلمبند ڪري، مستقبل جي تاريخ نويسن
لاءِ مواد ميسر ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي آهي.
گر قبول افتد زهي عز و شرف
سن
- غلام مرتضيٰ
16 – فيبروري 1967ع
استاد
1- ماستر جان محمد عباسي
(ويٺل ٻورڙي، تعلقو ڪَڪڙ)
ماستر صاحب 1882ع ۾ ڄائو هو. ورنيڪيولر فائينل ۽ ٽي سال ٽريننگ
جا پاس ڪيا هئائين. سن ۾، 1909ع ۽ 1910ع ڌاري،
اسسٽنٽ ماستر هو ۽ ٻاراڻي درجي جي چارج ۾ هو، جتي
آءُ پهرين وٽس پڙهڻ ويٺو هوس. پوءِ هو اتان بدلي
ٿي، ڪراچي ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ ويو. ننڍي هوندي
کان ئي شعر شاعريءَ جو گهڻو شوق هو. سندس تخلص
”فدا“ هو. سندس ٺاهيل ٻه ڪتاب، ”ديوان فدا“ ۽ ”بحث
مسئله تناسخ“ چوڻ ۾ اچن ٿا. ماستر صاحب 1922ع ۾
وفات ڪئي.
2- ماستر ريواچند نهالچند
(ڀيان، تعلقو ڪوٽڙي)
هن جا وڏا اصل گوپانگن جي ڳوٺ جا ويٺل هئا، جتان لڏي اچي ڀين جي
ڳوٺ ۾ ويٺا. فائينل پاس ڪري، سنڌي ماستر ٿيو. سن ۾
اسسٽنٽ ماستر، پهرين آگسٽ 1911ع ۾ ٿي آيو ۽ 28
فيبروري 1912ع تائين هو. آءُ جڏهن اسڪول ڇڏي ملان
اسڪول ۾ ويو هوس، تڏهن اتي جي تعليم ٺيڪ نه ڏسي،
منشي حاجي بادلاڻيءَ ڪم سنڀاليندڙ، وري وٺي اچي
اسڪول ۾ ويهاريس، جتي اڳ ماستر ڌرمداس، ڀاڳومل وٽ
پڙهندو هوس. ماستر ريواچند ٻئي ۽ ٽئين درجي جي
چارج ۾ هو. هو خوش الحال هو ۽ راڳ عمدو ڳائيندو
هو، ۽ ناٽڪ ۾ به دلچسپي هيس. سنڌ جي صوفي شاعرن جي
منتخب ڪلام جو بياض وٽس هوندو هو. شاگردن ۾ پڙهڻ
جو چاهه هڪ طرف پيدا ڪيو هئائين، ته راڳ جو شوق
ٻئي طرف. مون ٻيو درجو وٽس پاس ڪيو. هاڻ ڇهين
مهيني درجو پاس ڪرڻ لڳو هوس. ان کان پوءِ هي سگهو
ئي بدلي ٿي ويو، ۽ وري آيو، ۽ سيپٽمبر 1912ع کان
نومبر 1913ع تائين هو. ٽيون دفعو به سن ۾ پهرين
نومبر 1917ع کان 30 جون 1919ع تائين هو ؛ پر ان
وقت آءُ اسڪول کان ٻاهر نڪري چڪو هوس. پوءِ هو ڀين
۾ ڪجهه وقت هيڊ ماستر ٿي رهيو: آخرڪار لاکن ۾ هيڊ
ماستر ٿي آيو، جتي بيمار ٿي، 25 آڪٽوبر 1944ع تي
جوانيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيائين. اکر سٺا هئس، ۽ ٽيئي سال
ٽريننگ ڪاليج جا پاس ڪيا هئائين.
3- ماستر وسڻ مل ٻالچند چندناڻي
(ويٺل ڀيان، تعلقو ڪوٽڙي)
هي ماستر صاحب چندناڻي پاڙي جو هو. هن جي نوڪريءَ جو گهڻو وقت
سن ۾ گذريو. پهريائين سَن ۾، 17 آگسٽ 1905ع ۾،
اسسٽنٽ ماستر ٿي آيو ۽ 30 نومبر 1907ع تائين
لاڳيتو رهيو، پر پوءِ ٿوري وقت لاءِ بدلي ٿي ويو،
۽ وري پهرين ڊسمبر 1908ع تي موٽي سن اسڪول ۾ آيو،
ٽيئي سال ڪاليج جا پاس ڪيا هئائين. ان کان پوءِ هو
لاڳيتو، 28 فيبروري 1926ع تائين، ارڙهن سال سن
اسڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ اتي رٽائر ڪيائين. اسڪول
جو انتظام نهايت سٺو رکيائين. نيمن جو اهڙو هو، جو
پوڙهو ٿي ويو، ته به ڳاڙهو لڳو پيو هوندو هو. ڪڏهن
اتفاق سان بيمار ٿيندو هو. پينشن تي به سَن مان
ويو. خوش خوراڪ ۽ خوش پوشاڪ هوندو هو. ماستر توڙي
شاگرد هن کان ڊڄندا هئا ۽ سندس ادب ڪندا هئا. آءٌ
چوٿين درجي کان وٺي ڇهين درجي تائين وٽس پڙهيس.
پاڙهڻ جو نهايت قابل هو. آءٌ جڏهن سن جي سينيٽري
ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿيس، تڏهن هي سيڪريٽري هو ؛
تنهن هوندي به آءٌ سندس ادب ۽ لحاظ ڪندو هوس، سندس
ڀاءُ منشي ٽهلرام، مون وٽ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند
۾ منشي هو. تڏهن آءُ تعلقي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ
هوس، سندس پٽ پوءِ ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ ماستر ٿيو.
هن پاڪستان کان اڳي لاڏاڻو ڪيو.
4- قاضي محمد هاشم ولد قاضي ميان احمد ميمڻ
(سن، تعلقو ڪوٽڙي)
هي سن وارن قاضين جي آڪهه مان، قاضي محمد عارف جو پوٽو هو،
جنهن جا گهڻا عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ هٿ سان لکيل ڪتاب
اڃا تائين موجود آهن. پاڻ پهرين نومبر 1872ع تي
ڄائو هو. قاضي محمد عارف عالم ۽ درويش هو ۽ محمد
هاشم ٺٽويءَ جو معتقد هو، ان ڪري پوٽي تي نالو
محمد هاشم رکيائين.
قاضي محمد هاشم فارسي ۽ عربي گهڻي پڙهي هئي، پر دستاربند عالم
ڪو نه ٿيو هو. پرهيزگار، درويش صفت، سادي طبيعت
وارو، پر ڪجهه سودائي هو. سندس ٻيو نالو ”آگيڏنو“
هو.
آءٌ جڏهن سنڌي اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري ٻاهر نڪتس، تڏهن هن
وٽ عربي ۽ پارسي پڙهڻ شروع ڪيم، پر سگهو ئي
انگريزي ماستر اچڻ ڪري اها پڙهائي اڌ ۾ رهجي ويئي،
جا وري انگريزي ماستر جي وڃڻ بعد، مولوي الهه بخش
۽ مولوي محمد صالح سيال وٽ جاري ڪيم.
قاضي محمد هاشم جا ٻه پٽ ٿيا، جن مان وڏي جو نالو الهورايو آهي،
جو سڪرنڊ جي شهر ۾ واپار ڪندو هو. قاضي صاحب 16
رجب 1357هه، مطابق 11 سيپٽمبر 1938ع تي وفات ڪئي.
5- ماستر حامد علي ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ
(هالاڻي، تعلقو ڪنڊيارو)
ماستر حامد علي هالاڻين جو ويٺل آهي، سندس والد، مولوي ميان
عبدالله، درويش صفت ماڻهو هو. کيس پنج پٽ هئا: 1.
مولوي محمد اسماعيل، 2. مولوي محمود، 3. مسٽر
حامد علي، 4. ميان فيض محمد ۽ 5. مسٽر عبدالرحيم.
ماستر حامد علي نوشهري مدرسي ۾ پڙهي ماستر ٿيو. هوشيار ۽ قابل
ماڻهو هئڻ ڪري، نوشهري مدرسي جي پرنسيپال قاضي
غلام نبي صاحب وٽ پسند هو. جڏهن ڪوٽڙيءَ جي ڊپٽي
ڪليڪٽر عبدالله ميان عثمان قريشيءَ کي معلوم ٿيو
ته مون کي، ڪٽنب ۾ اڪيلي ٻار هئڻ ڪري، گهر جون
عورتون، انگريزي پڙهڻ لاءِ موڪلڻ واسطي تيار نه
آهن، تڏهن هن مون ۾ دلچسپي وٺي، قاضي صاحب جي
معرفت، ماستر حامد عليءَ کي منهنجي انگريزي پڙهائڻ
لاءِ 5 جنوري 1918ع تي سن موڪليو. هي صاحب ڏيڍ سال
کن مون وٽ رهيو ۽ انگريزيءَ جي تعليم ڏنائين. ٿوري
گهڻي انگريزي جيڪا مون کي اچي ٿي، ان جو بنياد
سندس معرفت پيو. انگريزي تعليم کان زياده سندس
ذريعي سان عام معلومات نصيب ٿي، جنهن جو مختصر ذڪر
”پنهنجي ڪهاڻي“ جي اول ۾ ڪيو اٿم. پهرين آگسٽ
1919ع کان، پڙهائڻ کان رخصت وٺي، هي ميڊيڪل اسڪول
حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتي ٻه ٽي سال رهي، آخري
امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ ڳوٺ وڃي رهيو. هوشيار
ته اڳ ۾ ئي هو، سو اتي رهندي، طبابت سان ۽ ڪجهه
زمينداريءَ ذريعي سان، هن وقت ڪافي ملڪيت ٺاهي ويو
آهي.
سندس ڀائرن مان مسٽر عبدالرحيم هن وقت سپرنٽينڊنٽ انجنيئر،
ايريگيشن ۽ ڊرينيج آهي، جنهن خاڪسار تحريڪ ۾ پڻ
چڱو حصو ورتو ؛ آزاد خيال، ايماندار ۽ باهمت
عملدار آهي. |