نامور آفيسر
1- خانبهادر عظيم خان عنايت علي خان دراني پٺاڻ
(هالا پراڻا)
خانبهادر عظيم خان جو والد عنايت علي خان، دراني پٺاڻن مان هو.
سندس ڏاڏي جو نالو به عظيم خان هو، ميان عنايت علي
خان پوليس ۾ نوڪريءَ خاطر سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي
هئي، چوڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن هو ماتلي، ضلعي
حيدرآباد ۾ سب انسپيڪٽر پوليس هو، ان وقت هالن جو
قاضي ميان عبدالواحد اتي مختيارڪار هو، ٻنهي جو
پاڻ ۾ دوستيءَ جو رستو ٿي ويو. انهيءَ رستي ڪري هن
پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ قاضي عبدالواحد کي ڏنو.
انهيءَ لحاظ ڪري، پوءِ هن جي رهائش به هالن پراڻن
۾ ٿي. ميان عظيم خان 1882ع ۾ هوسڙيءَ منجهه ڄائو.
هي ساڍن چئن ورهين جو هو ته سگهو ئي 1886ع ۾ سندس
پيءُ وفات ڪري ويو. هن جي ۽ هن جي ڀائرن ڀينرن جي
پرورش پوءِ قاضي عبدالواحد جي هٿ هيٺ ٿي. ميان
عظيم خان سنڌي پڙهي، انگريزي پڙهڻ ويٺو. مئٽرڪ
تائين پڙهي، روينيو کاتي جي نوڪريءَ ۾ پهرين
آڪٽوبر 1900ع تي گهڙيو. پهرين نوابشاهه ضلعي ۾
شايد ڪلارڪ هو، پوءِ آهستي آهستي چڙهي، 1914ع ۾
مختيارڪار ٿيو. ان کان پوءِ کيس بمبئي ۾ 1917ع ۾
ڪوآپريٽو ٽريننگ لاءِ گهرايو ويو، جتي ٽريننگ ڏيڻ
کانپوءِ 1918ع ۾ کيس ڪوآپريٽو سوسائٽين جو اسسٽنٽ
رجسٽرار ڪري سنڌ ۾ رکيو ويو. 1921ع ۾ سٺي ڪم ڪار
ڪري سرڪار طرفان کيس خانصاحبيءَ جو لقب مليو.
1923ع ۾ کيس خانبهادريءَ جو لقب مليو. انهيءَ کان
پوءِ کيس سوسائٽين جو ڊپٽي رجسٽرار ڪيو ويو، جنهن
عهدي تي هو 22 جنوري 1921ع کان 31 مئي 1930ع تائين
رهيو. پوءِ 1934ع ۾ وري روينيو کاتي ۾ ميرپور خاص
جو ڪليڪٽر ڪري کيس رکيو ويو. ان کان پوءِ هو
مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس ٿي رهيو. ڪجهه وقت سرڪار
طرفان بمبئي ڪائونسل تي نامزد ميمبر به ٿي رهيو.
نيٺ 1937ع ۾ پينشن تي لٿو. پر سرڪار کيس وري ڳوٺ
سڌار هلچل جي پروپئگڊا لاءِ 1938ع ۾ عملدار ڪري
مقرر ڪيو، جنهن ڪم جي سلسلي ۾ هي سڪرنڊ تعلقي ۾
شورا ڳوٺ (کنيارون) ۾ گشت ڪندي دل جي بيهڻ ڪري 19
ڊسمبر 1938ع تي وفات ڪري ويو.
خانبهادر عظيم خان زونئرن مان شادي ڪئي هئي، جتي سندس ٻه ڀينرون
به شادي ڪري ڏنل هيون، کيس هڪ فرزند عنايت علي ان
نالي هو، جو 10 ڊسمبر 1961ع تي، لاولد وفات ڪري
ويو.
قاضي ميان عبدالواحد کي خانبهادر جي همشيره مان هڪ فرزند قاضي
محمد افضل هو، جنهن کي خانبهادر عظيم خان نياڻي
پرڻائي هئي، ان مان کيس هڪ پُٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون،
هن وت سندس ملڪيت جا اهي وارث آهن.
سنڌ جي اڪثر مصيبتن جا ڪارڻ پير، زميندار ۽ جاگيردار ۽ ڪاموري
ڪلاس جا ماڻهو رهيا آهن. پيرن مان اڪثر بداخلاق،
خودمطلب، غريبن جو رت چوسڻ واريون ڄورون ٿي ڪم ڪن
ٿا، زميندار طبقو زياده تر بزدل، خود مطلب، ظالم ۽
هر حاڪم جو موچڙي ڪٽ غلام ٿي رهيو آهي. سنڌي
ڪامورن جي ته ڳالهه ئي نه ڪجي. هو اڪثر رشوتي،
طاقت جا سلامي، خود غرض، ملڪ ۽ عوام جا دشمن ۽ وڏا
طوطي چشم ئي رهيا آهن. ايتري قدر جو سنڌيءَ ۾ هي
عام چوڻي ٿي ويئي آهي ته ”ڪامورو نه دوست، اوجهري
نه گوشت،. پر ان صحرا ۾ ڪيئي ناياب ۽ قداور درخت
پيدا ٿيا، جن نه صرف ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ آسائش جو ڪم
ڏنو، پر رشوت کان پري، محبتي، اديب، صاحب اخلاق ۽
مهذب ٿي گذريا آهن. اڳئين وقت جي ڪامورن، ديوان
ڏيارام، ديوان ڪوڙو مل، قادر داد خان، سردار محمد
ابراهيم، سردار محمد يعقوب، مرزا قليچ بيگ صاحب
وغيره کي ڇڏي، تازي دور جي عملدار تي اچبو ته
خانبهادر عظيم خان جو درجو منجهن وڏو ليکجڻ ۾
ايندو. هو رشوت کان پري، عوام جو خادم، ڪوآپريٽو
تحريڪ جو مشنري، ملڪ جو خير خواهه، مدبر، دوستيءَ
جو سچو، ڪم آزار، مهل سر ڪم
ايندڙ ۽ ملڪ جي اڪثر ڀلي جي ڪمن ۾ اندروني مدد ڪندو هو. موجوده
دؤر جي اڪثر سياستدانن سان هن جا دوستاڻا تعلقات
هئا، ڪو ڪانگريسي هو يا مسلم ليگي، شهري هو يا
ٻاهر وارو- هر هڪ جي واتان سندس تعريف ٻڌڻ ۾ ايندي
هئي. جڏهن به ڪاموري ڪلاس جي ڪافر ماجراين تي نظر
پوندي آهي ته دل تي ايڏو غصو ايندو آهي، جو ڀانئجي
ته انهن ڏي منهن کڻي نه نهارجي، پر خانبهادر جهڙا
ماڻهو جڏهن ياد اچن ٿا ته اهو غصو گهڻو گهٽجي
ويندو آهي.
مون سان سندس واقفيت 1922ع ڌاري سن ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جي غرض
سان اچڻ وقت ٿي.جڏهن آءُ 1925ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ
ڪراچيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيس، ۽ ملڪ جي
سياسي، سماجي ۽ تعليمي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳس، ته
هن زور ڪري اچي مون سان دوستاڻا تعلقات قائم ڪيا ۽
اصرار ڪري، هن مون کي سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ
(انهن ڏينهن ۾ سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽو بئنڪ) جو
ڊائريڪٽر چونڊايو، نه صرف ايترو، پر انهيءَ بئنڪ
تي ٻيا ڊائريڪٽر به منهنجي صلاح سان چونڊايائين.
ان سان گڏ ملير ڪوآپريٽو سوسائٽي،حيدرآباد
زمينداري بئنڪ ۽ ٻين اڪيچار ڪوآپريٽو ادارن ۽
جماعتن ۾ حصي وٺن لاءِ مون کي کي رضامند ڪيائين.
اسان جي ايتري دوستي ٿي ويئي ۽ هن جي اثر مون کي
ايترو راغب ڪيو، جو ساڻس گڏ آءُ به ڪوآپريٽو
تحريڪ جو مکيه ڪارڪن ٿي پيس.
سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ، مسلمانن جي آدمشماريءَ کي پوري
لکائڻ جي ڪوشش، مسلمانن جي انگريزي اخبار جاري ڪرڻ
جي تجويز، ڳوٺ سڌار تحريڪ، سڀ ۾ خانبهادر جو مخفي
هٿ ڪم ڪندو هو. سنڌ جي اڪثر ڪامورن ۽ زميندارن سان
سٺا تعلقات هئڻ سبب، انهن جي ذريعي، ماڻهن جا
اڪيچار ڪم ڪرائيندو هو. مون لاءِ محبت ۽ عزت هوندي
هيس ۽ مون کي به سندس لاءِ ساڳي محبت ۽ عزت هوندي
هئي. هن جا سوين خط مون وٽ محفوظ آهن، جن مان پتو
پئجي سگهندو ته هو ڪهڙيءَ طرح منهنجي همت افزائي
ڪندڙ هو.
اڄ خانبهادر نه آهي، نه سندس اولاد مان ڪو آهي- سواءِ سندس
ڀاڻيجي منور حسين جي، جو پندرهن سالن جي عمر جو
ڪاليج ۾ سائنس پڙهي رهيو آهي. ليڪن سندس نالو،
ناموس ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هو کنيارن وارن
بزرگن جو، قاضين جي لاڳاپي ڪري، مريد هو. مخدوم
صاحب هالا ۽ سنڌ جي جملي مکيه خاندانن سان سندس
گهرا تعلقات هئا.
2- سردار بهادر شيخ محمد بخش الاهي بخش
(شڪارپور: حيدرآباد)
هن جا وڏا اصل ڀاڳناڙي، بلوچستان جي طرف جا ويٺل هئا. سندس ڏاڏو
شيخ ميان قادر بخش سنڌ ۾ منصف جي عهدي تي مقرر
ٿيڻ ڪري، لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺو هو، جتي سندس
فرزند شيخ ميان الاهي بخش پڙهي، روينيو کاتي جي
نوڪريءَ ۾ گهڙيو، جتان آهستي ٿي، ڊپٽي ڪليڪٽر جي
عهدي تي پهچي پينشن تي لٿو، ۽ هن پنهنجي رهائش
شڪارپور ۾ ئي قائم رکي. کيس پنج فرزند ٿيا: 1. شيخ
ميان محمد بخش، 2. شيخ ميان ڪريم بخش، 3. شيخ ميان
رحيم بخش، 4. شيخ ميان عبدالرحمان، ۽ 5. شيخ
عبدالغفور.
شيخ ميان محمد بخش 1891ع ۾ ڄائو هو. سندس ابتدائي تعليم ۽
سيڪنڊري تعليم شڪارپور ۾ ٿي. هن 1908ع ڌاري مئٽرڪ
پاس ڪئي. ان کان پوءِ سندس والد کيس بمبئي جي
ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو، جتي چار سال
پڙهي، 1912ع ۾ هي گريجوئيٽ ٿيو. پوءِ لا ڪاليج ۾
ايل. ايل. بي جو پهريون سال پاس ڪيائين. انهيءَ
وقت ڌاري 1913ع ۾، سندس والد وفات ڪري ويو. سندس
والد باوجود ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان پينشن ۾ وڃن
جي، گهڻي ملڪيت پوئتي ڇڏي ڪو نه ويو هو. هي پنج
ئي ڀائر تعليم وٺي رهيا هئا. انهن جي خرچ جي
پورائيءَ ۽ گهر ۽ جائداد جي سنڀال جو سمورو بار،
والد کان پوءِ گهر جي وڏي هئڻ ڪري، اچي مٿس پيو.
ان ڪري حال پڙهڻ ڇڏي هو ڳوٺ ويهي رهيو. ان وچ ۾ هي
سچل فقير جي سجاده نشين سخي قبول محمد جو طالب ٿيو
۽ سلسله ء طريقت مان واقفيت پرايائين. ان عرصي ۾
سندس والد جي دوست مستري ميان محمد عمر سومري
(خانبهادر الهه بخش مرحوم جي والد) هنن سان گهڻي
همدردي ڪئي.
نيٺ هن 1916ع ۾ وري بمبئيءَ مان ايل. ايل. بي جي ٻئي سال جو
امتحان ڏيئي، وڪالت جي سند ورتي. 1917ع ۾ هن کي
پهرين نوابشاهه ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ڪري رکيو يو.
سگهو ئي ٻئي سال، 1918ع ۾ کيس اضافو ڏيئي، ڊپٽي
ڪليڪٽر ڪيو يو. پهرين کيس هالا ڊويزن تي رکيو
ويو، جتي هن خانبهادر عظيم خان جي مدد ڪري، گهني
تعداد ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيون کولرايون. چوريءَ کي
بند ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪيائين. مخدوم صاحب، هالا
۽ پير صاحب، ڀٽ ۽ پير صاحب مٽياريءَ وارن سان
دوستاڻا تعلقات قائم ڪيائين. ان کان پوءِ، سنڌ جي
جدا جدا جاين تي نوڪري ڪري، 1929ع ۾ميرپور خاص
ويو. 1933ع ڌاري هي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جو پرسنل
اسسٽنٽ هو، جتي 1937ع ۾ به هو. 1938ع کان 30 مئي
1939ع تائين دادوءَ جو ڪليڪٽر رهيو. وري ٻئي دفعي
دادوءَ ۾ 10 اپريل 1941ع ۾ آيو، پر سگهو ئي ٽن
مهينن کان پوءِ بي چاڪ ٿي ويو هليو. ٿوري وقت کان
پوءِ ساڳئي سال ۾ کيس حيدرآباد جو ڪليڪٽر ڪري رکيو
ويو، جتي 1946ع تائين رهندو آيو ۽ اتان ئي پينشن
تي ويو. سگهو ئي ٻئي سال پاڪستان قائم ٿيو. هندو
وڃڻ لڳا، ان ڪري مکي منگهارام کيس اليڪٽرڪ سپلاءِ
ڪمپنيءَ جو جنرل مئنيجر ڪري رکيو، جتي هو 1947ع
کان 1951ع تائين رهيو.
هي انتظامي نقطه نگاهه ۽ لڳ لاڳاپن ڪري، ڪارگر عملدار ثابت ٿيو،
جنهن ڪري سرڪار، سندس خدمتن کي نظر ۾ رکي، پهرين
کيس خانبهادريءَ جو خطاب ڏنو، پوءِ سردار بهادر
ڪيو. هن جون نوڪريءَ جي ڏينهن يا ان کان پوءِ،
صحت، سماجي ڪمن، سهڪار ۽ تعليم جي سلسلي ۾ ڪيتريون
خدمتون ڪيل آهن، جن مان ڪن مکيه خدمتن جو بيان
هيٺ ڏجي ٿو:
1. 1918ع کان 1920ع تائين هالا، حيدرآباد ۽ ٽنڊي الهيار ۾
خانبهادر عظيم خان کي مدد ڏيئي، گهڻو تعداد
ڪوآپريٽو سوسائٽين جو قائم ڪرائڻ:
2. 1941ع کان 1945ع ڌاري ڊسٽرڪٽ پرچيز ۽ سيل سوسائٽي، حيدرآباد
۾ قائم ڪرائڻ:
3. 1941ع کان 1945ع ڌاري ضلعي حيدرآباد جي تعلقي هيڊ ڪوارٽرن يا
وڏن ڳوٺن ۾ ويم گهر ۽ اسپتالون قائم ڪرائڻ؛
4. سنڌ ڪوآپريٽو انسٽيٽيوٽ جو 1949ع کان 1957ع تائين صدر ٿي
ڪوآپريٽو تحريڪ کي زور وٺائڻ:
5. انجمن حمايت اسلام قائم ڪري، ابتدائي تعليم کان وٺي ڪاليج جي
تعليم تائين ادارا ان جي سهاري هيٺ قائم ڪري
هلائڻ:
6. ريجنل ڪوآپريٽو بئنڪ حيدرآباد، ڪوآپريٽو هول سيل سوسائٽي
حيدرآباد ۽ سچل سرمست هائوسنگ سوسائٽيءَ جو
ڊائريڪٽر ٿي رهڻ: ۽
7. ڪوئيٽا جي زلزلي وقت مصيبت زدن جي امداد لاءِ مسٽر جمشيد
ميهتا جي سهاري هيٺ قائم ڪيل رليف فند ۾ مدد ڪرڻ،
وغيره وغيره.
هيَ سڀ سندس مکيه ڪارناما آهن؛ ليڪن سڀ کان وڏي ڳالهه، جنهن مون
کي سندس زندگيءَ جي احوال کي هن ڪتاب ۾ لکڻ لاءِ
تحريص ڏياري، اها سندس سچل فقير عليھ رحمت جي
درگاهه جي طالب هئڻ جي ڳالهه آهي. سنڌ جي پڙهيل
طبقي مان هي پهريون ماڻهو هو، جنهن ان رند بي ريا
جو پيغام حيدرآباد جي پڙهيل هندن تائين پهچايو.
آءُ هميشھ هن عقيدي جو رهيو آهيان ۽ ان کي زباني
توڙِ لکت ۾ هميشھ پئي ظآهر ڪيو اٿم ته، ”سنڌ سندس
درويشن جي اعليٰ تعليم ڪري بين الاقوامي اتحاد،
امن ۽ ترقيءَ جي پيغامبر آهي.“ هن دؤر ۾ جڏهن
دنيا دوئي،خوف ۽ نفرت جي مرضن ۾ گرفتار ٿي،
تباهيءَ جي ڪناري کي اچي ويجهي ٿي آهي؛ دنيا جا
مذهبي ڪارڪن سندن بنيادي وحدت جي تعليم وساري،
فروعي اختلافن جي جنگ جدال ۾ مشغول آهن: روحانيت ۽
دهريت جا نظريا پوريءَ طرح هڪ ٻين جي مخالفت ۾
زور لڳائي رهيا هجن؛ ان وقت اهو سنڌي درويش جو
پيغام ئي آهي، جو دنيا جي رهبري ڪري سگهي ٿو. شاهه
لطيف ۽ سچل سرمست انهيءَ پيغام جا مکيه علمبردار
آهن.
حقيقت ۾ هي ٻيئي عظيم انسان هڪ تصوير جا ٻه پهلو آهن. جا ديڳ
شاهه لطيف رڌي، اها سچل فقير کولي وڌي. جيئن روايت
ڪئي وڃي ٿي ته رسول مقبول صه علم جو شهر هو، علي
رضه ان جو دروازو هو؛ اهڙي ساڳي حالت هتي آهي.
شاهه سائينءَ جي سمجهڻ لاءِ سچل سائينءَ جو سهارو
ضروري آهي. سچل سائينءَ مذهبي ۽ روحاني دنيا ۾،
عرب، ايران يونان، يورپ ۽ هند جي مخفي مامرن کي
بنا خوف خطري جي کولي کڻي ظاهر ڪيو، منصور، عطار،
شمس تبريز ۽ ابن عربيءَ جي نقطن کي هن پنهنجي ڪلام
۾ پيش ڪيو. اهڙيءَ بزرگ جو سچو طالب ٿيڻ رواجي
ڳالهه نه آهي- خصوصاً انهيءَ دور ۾ جڏهن هندو ۽
مسلمانن جو تعليم يافته طبقو، چند نوڪرين ۽
اقتصادي سهوليتن خاطر هڪ ٻئي جا ڳلا گهٽي رهيو
هجي، ملڪ ورهائي ٽڪرا ڪيو هجين، هڪ ٻئي جي خون ۾
هٿ رڱيا هجنن، باهمي تعصب ڪري مذهبن جو پيغام محبت
وساري ڇڏيو هجين: ان وقت انهيءَ پيغام جي پکيڙڻ
لاءِ سچل سرمست يادگار ڪميٽي قائم ڪرڻ، جيئن سردار
بهادر مرحوم ڪيو، هڪ اهڙو ڪم آهي، جو صاحب دل
ماڻهن لاءِ نهايت اهميت رکي ٿو.
اڪثر آفيسر پينشن وٺڻ کان پوءِ باقي زندگيءَ جا ڏينهن آرام ۾
گذارڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، ليڪن هي انهن ماڻهن مان
هو، جن بمصداق
موجيم ڪه آسودگيءَ مان عدم ماست،
ما زنده به آنيم که آرام نگير يم.
سک ڦٽائي، آّخر تائين خدمت خلق ڪندو آيو.
منهنجي ساڻس اوائلي واقفيت 6 آڪٽوبر 1924ع تي درگاهه درازا تي
شيخ بهاءُ الدين مرحوم جي معرفت ٿي. ان کان پوءِ
اڪثر پيا ملندا هئاسون: پر ٻنهي جا زندگيءَ ۾ پارٽ
اهڙا هئا، جو باوجود نزديڪ هئڻ جي دور رهندا
آياسون. هو سرڪاري عملدار هو ۽ آءُ سرڪار جو مخالف
هوس.
”اٺا مينهان دا ڪيها ميلا- او، چرن جهنگ او چرن ٻيلا.“
ليڪن ڪا تار ڳنڍيل پئي رهي آهي- ٻنهي جي ڪراچيءَ واري، رهائش
سچل فقير روڊ تي هئي، جو شاهراهه بندر روڊ کان
شاهه لطيف روڊ مان نڪتو ٿي. 1958ع ۾ مارشل لا لڳڻ
کان پوءِ مون کي نظربند ڪري ڪراچيءَ جيل ۾ رکيو
ويو. سنڌ جي خود اختياري اڳ ۾ کسجي ويئي هئي،
جمهوري طرز حڪومت ۽ انساني بنيادي حق به کسجي ويل
هئا. طبيعت ٺيڪ نه پئي رهي. علامه ڊاڪٽر دائود
پوٽي جي وفات جي خبر اڳ ۾ مايوسي پيدا ڪئي هئي.
نيٺ هيءَ خبر به پئي ته سردر محمد بخش صاحب 20
ربيع الاول 1379هه، مطابق 24 سيپٽمبر 1959ع ت وفات
ڪري ويو. پوءِ ڳالهه ياد پيئي ته ”غم ايندا آهن ته
ڪٺا ايندا آهن.“
سندس ڀائرن مان، شيخ ميان ڪريم بخش صاحب تعليم کاتي ۾ آڦيسر هو،
جو آخر ۾ ڊي. پي . آءِ جو پرسنل اسسٽنٽ هو، ۽
جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سندس ٻيو ڀاءُ شيخ رحيم
بخش صاحب ڊسٽرڪٽ جج جي عهدي تان 1953ع ۾ پينشن تي
ويو، ۽ هن وقت انجمن حمايت اسلام جو پريزيڊنٽ ٿي،
پنهنجي وڏي ڀاءُ جا قائم ڪيل ادارا هلائيندو
اچي.ٽيون ڀاءُ شيخ عبدالرحمان سرڪاري وڪيل آهي ۽
شڪارپور واري زمين ۽ جائداد سنڀالي رهيو آهي. سندن
چوٿون ڀاءُ شيخ عبدالغفور هن وقت انجنيئري کاتي م
گدو بئراج پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي چيف انجنيئر
آهي. شيخ صاحب سردار بهادر محمد بخش مرحوم جي پڳ
سندس فرزند شيخ الاهي بخش کي ٻڌائي ويئي ۽ درازن
جي درگاهه جي خلافت جو ڪم هاڻي ان کي سونپيل آهي.
3- ميان محمد عبدالقادر بن محمد حافظ ميمڻ
(حيدرآباد)
شخصي زندگي:
هن جو ڏاڏو سيٺ محمد حافظ ٺٽي کان لڏي حيدرآباد ۾ اچي ويٺو هو.
سندس وڏو چاچو، سيٺ حاجي محمد وريل حيدرآباد ۾
لکاپتي واپاري ٿي گذريو آهي. هن جو والد پنهنجي
وڏي ڀاءُ سان گڏ سون ۽ هيرن جو واپار ڪندو هو.
سندن قبيلي جا ماڻهو حيدرآباد جا مشهور واپاري
هئا سندن محلي کي اڃا تائين سيٺ محمد حافظ جي
نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن جا وڏا خواجه
عبدالرحمان عليھ رحمت سرهنديءَ جا مريد هئا. ٽکڙ
جا منعمائي سيد به انهن جا مريد هئا. ميان محمد 12
مئي 1887ع مطابق، 18 شعبان 1304هه تي ٻين بجي صبح
جو ڄائو هو. انهيءَ رات چوڻ ۾ اچي ٿو ته سيد حافظ
ميران محمد شاهه (وڏو) ٽکڙ وارو سيٺين وٽ مهمان
هو، جنهن ٻالڪ ميان محمد کي دعا ڪئي ته خدا کيس
دين ۽ دنيا ۾ موچارو ڪري.
ميان محمد جي ابتدائي تعليم مير ڪرم علي خان جي مسجد ۾ حافظ
محمد لقمان وٽ ٿي. پوءِ حيدرآباد اڪيڊمي ۾
پڙهيائين. پوءِ پنهنجي پڦاٽ (علامه) امداد علي
قاضيءَ سان گڏ عليڳڙهه ۾ پڙهڻ ويو ٿو ڏسجي، جتان
موٽي اچي، بمبئيءَ ۾ ڪجهه وقت رهي، مئٽرڪ پاس
ڪيائين. پوءِ ڪجهه وقت اتي بمبئيءَ ۾ تعليم خاطر
مسلم هاسٽل ۾ رهيو. 1907ع جي مارچ ۾ پنهنجي پڦاٽ
(علامه) امداد علي قاضيءَ سان گڏجي انگلينڊ ڏي
قانون جي تعليم لاءِ ويو. 1910ع ۾ بئريسٽريءَ جي
ڊگري وٺي، واپس سنڌ ۾ آيو. 1911ع کان ميان غلام
محمد خان ڀرڳڙيءَ جي فرم ۾ داخل ٿي، وڪالت ڪرڻ
لڳو. ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ بعد موٽي وڃي
پنهنجي قديم اَباڻي ڳوٺ ٺٽي ۾ وڪالت ڪيائين.
پهرين مهاڀاري لڙائي پوري ٿيڻ بعد جڏهن برٽش سرڪار مسلمانن کي
نوڪرين ۾ داخل ٿيڻ لاءِ همٿائڻ شروع ڪيو، ته 1919ع
ڌاري سنڌ جي ڪمشنر، مسٽر لارينس، کيس سڌو ڊپٽي
ڪليڪٽر جي عهدي تي مقرر ڪيو. اول ۾ هن کي ڪراچيءَ
۾ ايڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ڪري رکيو ويو. هن انهيءَ
عهدي تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ نوڪري ڪئي. هر هنڌ
مڪاني خاندانن سان سٺا تعلقات رکيائين. هي 1942ع
۾ سرڪاري نوڪريءَ تان پينشن تي لٿو. ان کان پوءِ
ڪجهه وقت ٽنڊي الهيار جو ائڊمنسٽريٽر ٿي ڪم ڪيائين
۽ ڪجهه وقت حيدرآباد ميونسپالٽيءَ طرفان ڪيسن
هلائڻ جو مئجسٽريٽ ٿي رهيو. هن وقت حيدرآباد شهر ۾
تلڪ چاڙهيءَ تي پوهو کنياڻي بلڊنگ ۾ گوشه نشينيءَ
جي زندگي گذاري رهيو آهي.
سياسي زندگي:
سندس بيان ڪيل احوال مان ائين پيو معلوم ٿئي ته ننڍپڻ کان هن کي
سياسي ڳالهين سان دلچسپي پئي رهي آهي. 1904ع ۾
بمبئي ۾ گڏ ٿيل آل انڊيا ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت
ڪئي هئائين. ۽ 1906ع ۾ ڪلڪته ڪانگريس جي اجلاس ۾
شرڪت جو به ذڪر ڪري ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته
ولايت جي قيام جي دؤر ۾ هن لنڊن جي مسلم ليگ
برانچ، جنهن جو صدر جسٽس سيد امير علي هو، آنرري
سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو هو. وڌيڪ سندس چوڻ آهي ته اتي
علامه اقبال سان سندس واقفيت ٿي- جن ڏينهن ۾
علامه صاحب زنده دل ۽ رنگين مزاج نوجوان هو،
ولايت مان واپس اچڻ بعد به، هن جي ساڳيءَ طرح
سياست ۾ دلچسپي هلي آئي. سندس چوڻ موجب هن 1910ع
جي ڊسمبر ۾ الهه آباد واري آل انڊيا نيشنل ڪانگريس
جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ رئيس ڀرڳڙي به
ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ رئيس
ڀرڳڙيءَ جي ڪري سنڌ مان 58 ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا هئا.
انهيءَ اجلاس جي صدارت سر وليم رويڊبرن ڪئي هئي،
رئيس ڀرڳڙيءَ جي فرم ۾ وڪالت ڪرڻ، خود سندس سياسي
تربيت ۽ لاڙي جو ڪافي ثبوت آهي.
1913ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اجلاس ڪٺو
ٿيو هو ته ان ۾ چڱو بهرو ورتل ه ٿو ڏسجيس، ان
اجلاس جي صدر نواب محمد خان صاحب سان مکيه عيوضين
جي نڪتل فوٽي ۾ هي به شامل آهي. ان اجلاس ۾ شرڪت
ڪري، هي وري سنڌ جي عيوضين سان گڏجي، آگري ۾ گڏ
ٿيل آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس (30-31 ڊسمبر
1913ع) ۾ شرڪت لاءِ ويو، جو مسلم ليگ جي سنڌي
عيوضين جي لسٽ ۾ سندس نالو آيل آهي. اهو مسلم ليگ
اجلاس سر ابراهيم رحمت الله جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو
هو. مڪاني طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته رئيس ڀرڳڙي،
جيرامداس دولترام ۽ غلام علي چاڳلا سان گڏجي پئي
ڪم ڪيو اٿس. وري جڏهن 1915ع جي ڊسمبر 30-31 ۽
پهرين جنوريءَ تي آل انڊيا مسلم ليگ جو اٺون اجلاس
بمبئيءَ ۾ ڪٺو ٿيو، جنهن جي صدارت مولوي مظهرالحق
ڪئي هئي، ان۾ سنڌ جي عيوضين رئيس غلام محمد خان
ڀرڳڙي، مسٽر غلام علي چاڳلا ۽ سر غلام حسين هديت
الله سان گڏ هن جو نالو به سنڌ جي عيوضين ۾ لکيل
نظر اچي ٿو. انهن ڏينهن ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾
اڪثر ساڳيا مسلمان شريڪ ٿيندا هئا؛ ٻنهي جماعتن جي
پاليسين ۾ گهڻو اختلاف نه هو، تنهن ڪري هي ه ٻنهي
جماعتن ۾ حصو وٺندو رهيو. ان کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ
بمبئيءَ ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اجلاس لارڊ
سنها جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو، ان ۾ به شرڪت ڪئي
هئائين. ان وقت ٻنهي جماعتن ۾ به اهڙا گهاٽا
تعلقات هئا، جو ڪانگريس طرفان لارڊ سنها، ڊاڪٽر
ايني بيسنت، مسٽر بئنر جي مسٽر سروجني نائڊو، پنڊت
مالويه وغيره انهيءَ ليگ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا هئا.
انهيءَ زماني ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ ملڪي سوالن
تي سمجهوتي لاءِ ڪوشش هلي رهي هئي، رئيس غلام محمد
خان ڀرڳڙيءَ انهيءَ صلح جي ڪوشش ۾ مکيه حصو ورتو
هو؛ انلاءِ هڪ ٻن جاين تي هي به ساڻس گڏ ويل هو.
وري 26 ڊسمبر 1916ع تي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اجلاس لکنؤ ۾
بابو امبيڪا چرن مجمعدر جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو ۽ آل
انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس به ساڳئي شهر ۾ 30 ڊسمبر
1916ع تي مسٽر محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو
هو، جتي هندو- مسلمانن ۾ سمجهوتو ٿيو، جو پوءِ
لکنؤ پئڪٽ جي نالي سان مشهور ٿيو. انهن ٻنهي
اجلاسن ۾ حافظ صاحب سنڌ جي عيوضين سان گڏ شرڪت ڪئي
هئي ۽ رئيس ڀرڳڙيءَ سان گڏ راجا سر علي احمد خان
محمود آباد جو مهمان ٿي رهيو هو. 1916ع يا 1917ع ۾
جڏهن مهاتما گانڌي ڪراچيءَ ۾ آيو هو، ته ان جي شهر
واسين طرفان وڏي آجيان ڪئي ويئي هئي. ان وقت به
هن ان ۾ چڱو بهرو ورتو. ان موقعي تي ورتل فوٽي ۾
هي به بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
معلوم ائين ٿئي ٿو ته جڏهن ڊاڪٽر ايني بيسنت هوم رول ليگ ٺاهي
۽ سنڌ جا ڪيترا ٿياسافسٽ ان ۾ شريڪ ٿيا، تڏهن هي
به ان ۾ حصو وٺڻ لڳو. پوءِ ان جي اڪثر پوئلڳن
وانگر، عدم تعاون ۽ قطع تعلقات جي هلچل ۾ هيءُ
شريڪ نه ٿيو ۽ بيڪار ويهڻ کان نوڪري ڪرڻ شروع
ڪيائين.
وري جڏهن 1942ع ۾ نوڪريءَ کان پينشن تي ويو ته ڪجهه وقت ٺٽي
ميونسپالٽيءَ ۾ شريڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.آل انڊيا مسلم
ليگ جي اپريل 1943ع ۾ دهليءَ واري اجلاس ۾ مون سان
گڏجي هليو ۽ مسلم ليگ ڪراچيءَ واري ڊسمبر 1943ع جي
آخري اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي هئائين.
مذهبي رجحان:
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مذهبي ڳالهين ۾ هن جو اول کان تصوف طرف لاڙو
هو، جنهن جي شروعات 1913ع کان هالن ۾ وڪالت جي ڪم
سان وڃن ڪري، حافظ عبدالغنيءَ جي صحبت ۾ اچڻ سان
ٿيس. ان کان پوءِ هي حيدرآباد ۾ ٿياسافيڪل
سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيو، جتي جملي مذهبن بنسبت
رواداري ۽ صوفيانه تعليم جو درس مليو ٿي. 1918ع ۾
جڏهن هي ٺٽي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو ته اتي جي پير سيد
ميان شرف علي شاهه چشتي قادريءَ جي هٿ تي بيعت
وٺي، ذڪر ورتائين. ان کان پوءِ هي اڪثر صوفين ۽
عالمن جي صحبت مان مستفيد ٿيندو رهيو. ڊاڪٽر ايني
بيسنت، ڪرشنا مورتي، راڌا سوامي مت جي مهنت، سخي
قبول محمد درازن واري، قاضي بصرالدين سيوهاڻي،
مطلب ته هر درويش جي صحبت ۽ ست سنگت مان فائدو
وٺندو رهيو.
مون سان واقفيت:
مون سان سندس واقفيت ڪوٽڙي ڊويزن ۾ 1929ع ڌاري ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي
اچڻ بعد ٿي. ان کان پوءِ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي
درويشن جي مجلسن ۾ اڪثر گڏ هوندا هئاسون. سندس
نوڪريءَ جي وقت ۾ جڏهن منهنجو ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر
مسٽر گبسن سان اختلاف ٿي پيو هو، ته هي باوجود
سرڪاري عملدار هئڻ جي به، مون سان نهايت دوستاڻو
طريقو هليو. هي جتي به پئي ويو آهي، خاندانن ۽
شريف ماڻهن سان دوستاڻا تعلقات پئي رکيا اٿس. خدا
ترس، مذهبي تعصب کان ٻاهر، سلوڪ وارو، راڳ سان
پيار رکندڙ، محبتي ۽ محب درويش ماڻهو آهي. سندس
صحبت ۽ ڪچهريءَ مان روح کي راحت ايندڙ آهي. ڪنهن
وقت حيدرآباد ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو صدر هو.
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي،
تون تنين سان ڪٽ اوڏااڏي پکڙا.
هن وقت، پيرسن هئڻ ڪري بستري نشين آهي. |