سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو :5

 

 

18- پير علي بخش شاهه، پير لطف علي شاهه

(ڀٽ شاهه)

سندس ٻيو نالو ”علڻ سائين“ هو. تخلص ”علڻ“ هوس. پاڻ 1871ع ڌاري ڄائو هو. سنڌي ۽ فارسي تعليم ميان محمد ڀٽيءَ وٽ حاصل ڪيائين. مٽياري سيدن جي جرار پوٽا خاندان مان، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَواري جي اولاد مان، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ستون نمبر سجاده: نشين هو. سندس والد 1317هه مطباق 1899ع ۾ وفات ڪئي ۽ وڏي فرزند هئڻ ڪري هي سجاده نشين ٿيو. هي فقير طبع ۽ شاهه جي ڪلام جو سوز سان ڳائيندڙ هو. اڪثر جمعي رات جي راڳ وقت پاڻ به فقيرن سان گڏ ڳائيندو هو، شاعر به هو، ليڪن سندس ڪلام گڏ ٿي نه سگهيو آهي. نماز  روزي جو پابند هو. انهيءَ وقت جي سجاده نشين وانگر، هي به راڳ ۽ ملاکڙي ۾ دلچسپي وٺندڙ هو. خاندانن سان لاڳاپن وڌائڻ ۾ چڱو بهرو ورتائين، راڳ جي  ڄاڻ هوندي هيس. سنڌ جا اڪثر مکيه ڳائڻا ۽ طوائفون راڳ ڳائڻ لاءِ وٽس ايندا هئا ؛ جنهن ڪري کيس مختلف راڳڻين، وڄت ۽ تال جو پورو پتو هوندو هو. درگاهه ۽ مسجد جي اڪثر تعمير سندس دؤر ۾  ٿي. ملاکڙي ۾ ڪافي دلچسپي ورتائين. ڪيترا ناميارا ملهه سندس دسترخوان ۽ پئسي مان مستفيد ٿيندا هئا. ڄام مٺا خان جوڻيجو، درگاهه جي خاص معتقدن مان هو. هو ملهن کي انعام ڏيڻ ۾ خاص شهرت حاصل ڪري چڪو هو. ڀٽ شاهه جي ميلي تي پير صاحب ۽ ڄام صاحب  جي ڪوششن سان ملاکڙو زور وٺي ويو، جنهن ڪري ماڻهن جي آمد ۾ به اضافو ٿيو ۽ ميلو وڌي ويو.

پير صاحب کي عمدن گهوڙن ڌارڻ جو خاص شوق هوندو هو. هزارين رپيا خرچ ڪري گهوڙا وٺندو هو، هن صاحب جو اهل تشيعت طرف گهڻو لاڙو هو، ان ڪري شاهه صاحب جي ڪلام ۾ صوفيانه پهلوءَ کان وڌيڪ سرفروشي، قرباني ۽ سوز گداز جي نقطي نگاهه کي اهميت ڏنائين ٿي. شاهه جي ڪلام کي اهڙي نقطي کان ڏسڻ وارن جي خيال موجب، هر مذهب ۽ قربانيءَ کي بنيادي اهميت حاصل آهي. حضرت ابراهيم خدا ڪارڻ پٽ جي قرباني ڪرڻ گهري ته سندس اولاد مان سوين نبي پيدا ٿي سگهيا ؛ حضرت عيسيٰ پنهنجي قرباني ڏني ته دنيا ۾ هر طرف سندس تعليم پکڙجي ويئي ؛ اهڙيءَ طرح اسلامي تعليم کي نئين سر زندهه ڪرڻ لاءِ امام حسين رضي الله عنھ پنهنجي ڪٽنب سميت پاڻ قربان ڪيو.

سختي شهادت جي نسورو ئي ناز،

ڪي رند پروڙين راز، قضيو ڪربلا جو.

(شاهه)

دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،

انهيءَ ۾ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.

(شاهه)

ٻي ڳالهه جا هنن شاهه جي ڪلام مان چونڊي، سا هئي لياقت جي، جنهن تي اهل تشيعت جو مدار آهي، جنهن ڪري هو حضرت علي رضي الله عنھ کي فضيلت ڏين ٿا. ”انامدينة العلم علي بابها“ ان جي دليل ۾ پيش ڪن ٿا. شاهه جي ڪلام مان ڪيئي بيت دليل ۾ ڏين ٿا.

”جو ملن کي ميهڻو، سوئي مون سردار.“

”حيدر جي هٿان، وڙهه ته ويري مارئين.“

امام حسين رضي الله عنھ لاءِ هيٺيون بيت حجت طور پيش ڪن ٿا؛

”چار تراريون چيلهه سان، ٻڌائين ٻه پاڳوڻ،

اڳين جون آڳون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيون.“

(شاهه)

هنن درد ۽ فراق کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ٿي سمجهيو؛

”جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي،

اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو.“

(شاهه)

ماتم کي سوز ۽ گداز وڌائيندڙ سمجهي، هنن ماتم حسين کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ڄاتو ٿي.

شاهه عبدالڪريم بلڙي ۽ شاهه لطيف جي خليفن، انهيءَ ڪري، سندن دستار جو رنگ ڪارو ڪيو هو. محرم جي ڏينهن ۾ هو ماتم ڪندا هئا. اهو شاهه  صاحب جي فلسفه حيات جو هڪ پهلو هو ؛ ٻيا نقطه نگاهه به نڪري سگهيا ٿي. جيئن قرآن شريف جي مختلف تشريحن ڪري مسلمانن ۾ ڪيترا فرقا پيدا ٿي پيا، تيئن شاهه صاحب جي به  مختلف نقطه نگاهن سان تشريح ٿيڻ لڳي هئي. هڪڙن رسالن ۾ خدا ۽ رسول صلّي الله عليھ وسلم جي ساراهه کان سواءِ ٻيا بيت نه هئا، ته ٻين ۾ وري شاهه صاحب کي سني ثابت ڪرڻ لاءِ چئن صحابن جي تعريف جا بيت شامل ڪيا ويا آهن. ۽ سُر ڪيڏاري کي رسالي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهيءَ فرقي بنديءَ جي اختلافي سيلاب ۾ شاهه صاحب جهڙي ڪثرت ۾ وحدت ڏسڻ واري بزرگ جا گادي نشين به لڙهي ويا، ۽ انهيءَ جي زد کان علاوه آءِ  آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جهڙا عالم به بچي نه سگهيا.

منهنجي ساڻس اوائلي وافقيت قاضي محمد ڪامل، هالن پراڻن واري، جي معرفت ٿي هئي. هو صاحب به اهل تشيعت هو. وڌيڪ لاڳاپا  سن ۾،  مٽياري سيدن جي ڪانفرنس لاءِ دعوت ڏيڻ وقت پيدا ٿيا. جڏهن آءٌ ڀٽ شاهه ۾ ان ڪم لاءِ وٽس ويس ته هن صاحب چيو ته ”بابا، آءٌ ڪانفرنس ۾ اچڻ لاءِ تيار آهيان، پر شرط اهو آهي ته ان جو صدر ڪو عالم ۽ خادم ملڪ ڪيو وڃي ۽ سجاده نشين يا وڏو خاندان سيد نه ٿئي. تنهنجا انهيءَ ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ ڪهڙا به اوچا مقصد ڇو نه هجن، پر اڄڪلهه جا اڪثر سادات ۽ پير ذاتي اقتدار، عزت ۽ بزرگيءَ جي مرضن ۾ ڦاٿا پيا آهن. اسان سڀني کي نفس آهي. هڪ گاديءَ وارو اهو نه گهرُ هندو ته ٻئي گادي نشين جي اڳواڻيءَ هيٺ رهي. مون ان ڳالهه کي واجبي ڄاڻي، کيس  يقين ڏياريو ته آءٌ  حتي الامڪان انهيءَ اصول مطابق ڪانفرنس جي رهبري ڪندس. پر جڏهن جملي سيد اچي ڪانفرنس ۾ ڪٺا ٿيا، ته باوجود منهنجي ڪوشش جي، مٽياري سيدن ووٽن جي زور تي سخي هاشم شاهه جي سجاده نشين، پير الهيار شاهه کي ڪانفرنس ۽ انجمن جو پريزيڊنٽ چونڊي ڇڏيو. هي صاحب ان وقت پنهنجن  همدردن ۽ عزيزن سميت مجلس مان احتجاج طور اٿي ويو، گهڻيءَ منٿ سماجت بعد پٽ ۽ ڀائرن کي مجلس ۾ اچڻ جي اجازت ڏنائين، ليڪن پاڻ نه آيو. هي اهل تشيعت هو. مٽيارين وارا سيد سني هئا.

ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن منهنجي ساڻس گفتگو ٿي، ته چيائين ابا، مسلمانن ۾ اصل کان لياقت ۽ تعداد جي  فوقيت تي اختلاف رهندا پئي آيا آهن. رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جي وفات بعد مسلمان فطري لاڙن ڪري ورهائجي ويا. هن وقت اهل طريقت جا مرڪز پنهنجي  بنيادي روحاني مقصد کان هٽي، دنيوي شان شوڪت ۽ بزرگيءَ جا اڏا بڻجي پيا آهن، انهيءَ حالت ۾ تون ڪهڙيءَ طرح سان اقتدار جي جنگ کي ختم ڪرائي اعليٰ معيارن تي جماعت قائم ڪرائي سگهندين. هن جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. جيڪڏهن اسين قاضي اسد الله شاهه مرحوم جهڙي خادم  خلق ۽ عالم فاضل کي صدر بنايون ها ته انجمن سادات مٽياري“ جي مقصدن  حاصل ڪرڻ ۾ شايد ڪاميابي ٿي وڃي ها. اهي مقصد سيدن جي اخلاقي اصلاح، روحاني ترقي ۽ معاشرتي سڌاري ۽ کين خدمت خلق طرف رجوع ڪرڻ جا هئا. ليڪن انهيءَ بنيادي غلطيءَ ڪري، هيءَ سوشل جماعت، ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ جي اختلافن سبب، ڪامياب ٿي نه سگهي.

پير ميان علڻ سائينءَ ٽي شاديون ڪيون هيون:  پهرين شادي، شڪارپور جي سيدن مان ڪيل هئي، جنهن مان علي اڪبر شاهه، ڏنل شاهه، بچل شاهه ۽ يار محمد شاهه پيدا ٿيا ؛ ٻي کوکرن جي سيد بقا دار شاهه ميرڻ پوٽي جي نياڻيءَ سان ڪيل هيس، جنهن مان وڏو فرزند شاهه ڏنو شاهه ۽ امام علي شاهه پيدا ٿيا ؛ ۽ ٽين شادي،  سالاري جي سيدن مان ڪئي هئائين، جنهن مان غلام شاهه ٿيو، سندس ننڍو ڀاءُ جڙيل شاهه عرف گهوٽ سائين اڃا تائين زندهه آهي، جنهن کي اولاد نه آهي. پير علڻ سائينءَ 18 مئي 1933ع مطابق 14 محرم 1353هه تي وفات ڪئي. هن کان پوءِ سندس جاءِ تي ان جو وڏو فرزند ميان شاهه ڏنو شاهه گادي نشين ٿيو آهي. ميان شاهه ڏنو 1894ع ۾ چائو هو. خدا کيس وڏي حياتي ڏني، محبتي، روزي نماز جو پابند، طبع جو حليم آهي. ان کي ٽي فرزند آهن، جن مان وڏي جو نالو ميان غلام شبير شاهه عرف الهه بخش شاهه آهي. ميان شاهه ڏني شاهه کي ”شاهن سائين“ به ڪري سڏيندا آهن. ان  ٻه شاديون ڪيون آهن، هڪ بيچانجيءَ جي پٺاڻن وٽان، جنهن مان ميان غلام شبير شاهه آهي ۽ ٻي شادي مرزا غلام حسين حيدرآباد واري وٽان ڪيل اٿس، جنهن مان الطاف حسين شاهه ۽ غلام محمد شاهه آهن.

19- پير ميان ڀلڻ شاهه ولد ميان آگيڏنو شاهه جيلاني

(نورائي، ٽنڊو محمد خان)

هي شاهه اسماعيل عليھ رحمت جي اولاد مان هو، جنهن لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڏهين صدي هجريءَ جي اول ۾ ”هامه“ (شام) مان لڏي اچي سنڌ ۾ نورائي، نالي ڳوٺ ٻڌي ويٺو ۽ نهن جي مزار هاڻوڪي نورائيءَ واري ڳوٺ کان چار ميل پنڌ تي آهي. سندس نسب جي شجري بابت هيٺين حقيقت ملي سگهي آهي: پير ڀلڻ شاهه بن پير آگيڏنو شاهه بن پير ياسين شاهه بن پير حسين شاهه بن پير ياسين شاهه بن پير مولا بخش شاهه، بن پير بقادار شاهه، بن پير شاهه سيدو، بن شاهه ميرڪ، بن شاهه محمود، بن شاهه اسماعيل عليھ رحمت.

پير ڀلڻ شاهه، 1890ع ڌاري، نورائيءَ ۾ ڳوٺ ۾ ڄائو هو. کيس هڪ ننڍو ڀاءُ ميان ياسين شاهه هو، جو لاولد وفات ڪري ويو هو. پير ميان ڀلڻ شاهه، شاهه اسماعيل جو تيرهون سجاده نشين هو، ليڪن هن کي پوءِ بدين جي شاهه شهاب الدين عليھ رحمت جي گادي به  ملي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ درگاهه جي سجاده نشينن مان ڪو به اولاد نه  بچيو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه شهاب الدين کي فرزند احمد شاهه نالي ٿيو. ان کان پوءِ، پير ناٿن شاهه گاديءَ تي ويٺو، جو لاولد وفات ڪري ويو. چون ٿا ته قديم مائٽيءَ جي لحاظ کان، شاهه اسماعيل جي اولاد مان ڪو پير صاحب وڃي ان جي گاديءَ تي ويٺو هو، جنهن جي اولاد مان آخري سجاده نشين پير ڀاون شاهه ٿيو، جنهن کي پير علي قطب شاهه فرزند ڄائو، جو به لاولد وفات ڪري ويو.

پير ميان ڀاون شاهه کي ٻه ڀائر هئا: هڪ ميان جڙيل شاهه ۽ ٻيو ميان غلام شاهه. ٻيئي پير آگيڏني شاهه وٽان پرڻيل هئا. پير غلام شاهه   لاولد وفات ڪري ويو.

پير جڙيل شاهه کي اولاد ڪو نه ٿيو، ليڪن هڪ ويهاريل عورت مان پُٽ علي ڏني نالي سان ٿيو، جنهن کي حويليءَ جي بيبين ۽ مريدن تسليم نه ڪري، پڳ، پير ڀلڻ شاهه کي ٻڌائي، جو سندن ڏاڏي مان هو. ٻنهي گادين جا مريد گهڻا هئا، جي بدين، ٽنڊي باگي، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، شاهبندر، جاتيءَ ميرپور بٺوري، سجاول ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي ڪن حصن ۾ پکڙيل هئا.

پير ڀلڻ شاهه جيتوڻيڪ پڙهيل ڪو نه هو، ليڪن سندس ڪتبخاني ۾ ڪتابن جو ڪافي ذخيرو گڏ ٿيل هو، جن کي پڙهائي، معلومات حاصل ڪندو هو. ٻنهي گادي نشينن هئڻ ڪري، پير ڀلڻ شاهه جو اثر گهڻو هوندو هو. هي قادري سلسله ۽ طريقت جو پير هو، پر سنڌ جي اڪثر گادي نشينن وانگر هن به زهد ۽ تقويٰ، ورد وظائف ۽ ذڪر فڪر سان واسطو نه  رکيو. هي به، ٻين پيرن وانگر، مريدن کان نذر وٺڻ ۽ سندن  دنيوي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ جي ڳالهين ۾ مشغول رهيو. مريدن جي ڪم اچڻ ۾ پير صاحب ڪارائتو ثابت ٿيو. ڇاڪاڻ ته هن جا سنڌ جي مکيه سياستدانن سان سٺا تعلقات هوندا هئا، جي ووٽن جي لالچ ڪري، سندس مريدن جي مدد ڪندا رهندا هئا.

سندس زمين ميرن جي جاگيرن ۾ هئي، اڳئين وقت ۾ جڏهن ميرن طرفان زميندارن جي مخاديمي حقن هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪا نه هئي ته معاملو ٺيڪ هلندو آيو، ليڪن سردار بهادر مير حسين بخش خان جي ڏينهن ۾ جڏهن زميندارن کان خوشيءَ يا زور سان مخاديمي حقن کسڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ٽنڊي جا مير حڪومت ۾ طاقتور بڻجي ويا ۽ ڪامورا سندن چوڻ موجب مخاديمن کي ستائڻ لڳا، تڏهن هڪ گروهه مخاديمن جو، پير ڀلڻ شاهه جي اڳواڻيءَ هيٺ نڪري، ميرن جي مخالفت ڪرڻ لڳو. هاري ڪميٽيءَ وارن انهيءَ سان مدد ڪرڻ شروع ڪئي. منهنجا انهيءَ ڪميٽيءَ سان تعلقات هئا. ان ڪري پير صاحب سان به گهاٽا تعلقات ٿيڻ لڳا. سندن خاندان سان اسان جو اڳي ئي مائٽاڻو ۽ دوستاڻو رستو هو، ۽ لوڪل بورڊ جي چونڊن ۾ هن اڪثر مون کي مدد پئي ڪئي هئي، جڏهن ميرن جي طاقت زور ٿي هئي ۽ ٻيا اڪثر مخاديم وڃي ميرن جي پيش پيا هئا، تڏهن هي آخر وقت تائين سندن پيش نه پيو، ۽ مقابلو ڪندو آيو. 1945ع ۾ مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ سان منهنجا اختلاف ٿي پيا ۽ ساريءَ سنڌ ۾ اسان سرڪاري ليگ جي مخالفت ۾ اميدوار بيهاريا. بدين مان مير غلام علي خان ٽالپر جي مقابلي ۾، پير ميان عالي شاهه کي بيهاريو ويو. هن جا پير عالي شاهه سان خانداني اختلاف هئا، پر کيس سمجهائي، پاڻ سان گڏ بدين ۽ ٽنڊي  باگي تعلقن ۾ ورڪ ڪرايم. سرڪاري عملدارن جي دست اندازيءَ ڪري، پير عالي شاهه نه کٽي سگهيو، پر مقابلو خوب ٿيو.

سگهو ئي، مسلم ليگ وزارت کي بچائڻ خاطر، گورنر  موديءَ اسيمبليءَ کي ختم ڪري، نيون چونڊون ڪرايون، اڳئين مقابلي کان ڊڄي، ميرن پير عالي شاهه کي ڪنهن طرح پنهنجي پاسي ڪري، پنهنجي ان تڪ تان هٿ کڻائي، نيئي کيس شاهبندر طرف اميدوار بيهاريو. پير عالي شاهه بهرحال ميرن ڏانهن لاڙو کاڌو، پر هيءُ مرد مجاهد مقابلو ڪندو رهيو. سندس سڌو سياست سان لاڳاپو نه هو، پر دوستاڻا تعلقات هئڻ ڪري، اسان کان ڪڏهن جدا نه ٿيو.

هي، ٻين سنڌ جي مکيه پيرن وانگر، شڪار جو شوقين هو. وٽس عمدا ڪتا ۽ بندوقون هونديون هيون، جن سان شڪار ڪندو  رهندو هو. ملاکڙي کي زور وٺائڻ ۾ خاص دلچسپي هيس. پنهنجي درگاهن جي ميلن تي، پري پري کان ملهه گهرائيندو هو. خود پاڻ به ڪي ملهه رکي، انهن جي پرورش ڪندو هو، جهڙوڪ ؛ مور شيدي ۽ ٻيا. راڳ جو به شوقين هو. ڪيترا گويا ۽ طوائفون وٽس ميلي جي موقعن تي راڳ ڳائڻ ايندا هئا. انهيءَ ڪري راڳ مان چڱي واقفيت پرائي ويو هو. هي صاحب واعدي جو سچو، بيڊپو، دوستيءَ جو پڪو ۽ زبان جو ڇڙواڳ هو.

سنڌ جي گهڻن خاندانن سان سندس دوستاڻا تعلقات هوندا هئا. خانبهادر خير محمد خان چانڊئي سان سندس گهرو دوستيءَ جو ناتو هو، جو درگاهه جي معتقدن مان هو.

هن چار شاديون ڪيون هيون، پر اولاد ڪو نه ٿيس. پاڻ 4 جنوري 1948ع، مطابق 22 صفر 1368هه تي وفات ڪري ويو. انهيءَ طرح شاهه اسماعيل ۽ شاهه شهاب الدين عليھ رحمت جي پيڙهين جو خاتمو ٿي ويو.

سندس مزار نورائيءَ جي شهر ۾ ، سندس رهڻ واري بنگلي ۾“ ڦليليءَ جي ڪپ تي آهي.

نورائيءَ ۾ ٻيا پير به، ميان نورالدين شاهه  هامه واري جي  اولاد مان رهن ٿا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ پير صاحب جا ٻه فرزند- ميان فتح محمد شاهه ۽ ميان برخودار شاهه- هتي سنڌ ۾ اچي نورائيءَ ۾ رهيا، جن مان فتح الدين شاهه، ميان سيدو شاهه سجاده نشين شاهه اسماعيل جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن جو گهڻو اولاد ٿيو، جن مان آخر وقت ۾ پير ميان سخي بچل شاهه مشهور ٿي گذريو آهي. هن سن شهر ۽ آسپاس ۾  مريد ڪيا ۽ ميان حسن بخش شاهه محرابپور واري جي ڏاڏي ميان جيئندل شاهه کي به مريد ڪيو. ميان بچل شاهه جي پڳ ميان حاجي شاهه سندس وڏي پُٽ کي ملي، جنهن جي پڳ هن وقت ميان  بچل شاهه عرف محمد بخش شاهه تي آهي. هو دستاربند مولوي، طبيعت جو حليم، ڪم آزار، شريف الطبع ماڻهو آهي، سندس ڀاءُ ميان زين العابدين شاهه،  شاعر ۽ ذڪر ۽ فڪر جو صاحب آهي. هي نوان مريد ڪرڻ لڳو آهي. ميان حسن بخش شاهه هن وقت ميان  زين العابدين کنيارن واري جي مريد ٿيڻ ڪري، سندس مريديءَ کان ٻاهر نڪري ويو آهي. باوود ان جي، مائٽاڻا مقرر ڪيل نذر نياز ڏيندو اچي ٿو.

 

20- سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه، سيد ميان الهه بخش  شاهه

(ٽکڙ،  ٽنڊو محمد خان)

ٽکڙ جا سيد مٽياري سيدن جي جرار قبيلي جي منعمائي پاڙي مان آهن، جيتوڻيڪ هو ڪن ڀر وارن زميندارن وانگر ايڏا وڏيءَ ملڪيت وارا نه هئا، ليڪن علم، همت، سياسي شعور ۽ لڳ لاڳاپي ڪري چڱي حيثيت پيدا ڪري ويا هئا. انهن مان به سيد ميان الهه بخش شاهه جا پنج فرزند پنهنجو مَٽ پاڻ هئا؛ 1. سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه، 2. سيد حاجي اسدالله شاهه، 3. سيد حاجي علي اصغر شاهه، 4. سيد حاجي غلام شاهه ۽ 5. سيد حاجي محمد حافظ شاهه.

سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه سڀ کان وڏو هو. هي ٽکڙ ۾ 14 محرم 1281هه، مطابق 19 جون 1864ع ت ڄائو هو. تعليم مڪاني استادن وٽ حاصل ڪيائين، سندس والد 9 ذوالحج 1310هه، مطابق 5 جولاءِ 1893ع تي وفات ڪئي. خاندان جي وڏي هئڻ ڪري، زمينداري ڪاروبار، شهر ۽ راڄن جا فيصلا، لڳ لاڳاپن قائم رکڻ جو سمورو بار اچي سندس ڪلهن تي پيو، جنهن کي هن نهايت خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڪيو. کيس شهر ۽ آسپاس ۾ سيد وڏي جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هي آزاد خيال زميندار، محبتي، باهمت ۽  رهائيءَ وارو  بزرگ هو. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي خاص مددگارن ۽ دوستن مان هو. سنڌ جي اڪثر زميندار طبقي وانگر هي سرڪار پرست ڪو نه هو، خلافت تحريڪ جي زماني ۾ هنن ڀائرن ان ۾ چڱو بهرو ورتو. جڏهن خانبهادر نبي بخش محمد حسين، ان وقت اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، جي اشاري تي، مولوي فيض الڪريم مورائيءَ، مڪي جي شريف حسين کي خليفو تسليم ڪرڻ ۽ ترڪن خلاف سندس ڪيل بغاوت کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ فتويٰ لکائي، حڪومت طرفان ان تي صحيحون پئي ورتيون، ته ڪيترن مکيه گادي نشينن ۽ وڏن خاندانن ان تي صحيحون ڪيون ؛ ليڪن  هنن ڀائرن ان کان انڪار ڪيو.

مون سان حاجي اسد الله شاهه جي لاڳاپي، سيدن جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ خلافت تحريڪ ۾ حصي وٺڻ ڪري، خاص محبت هوندي هيس، ايتري قدر جو 1933ع ۾ جڏهن آءٌ ضلعي  لوڪل بورڊ ڪراچيءَ لاءِ اميدوار بيٺو هوس ۽ مڪاني  زميندار ارباب ولي محمد ٻٻر، مقابلي ۾ اميدوار، ڪنهن به حالت ۾ هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هو، ته هن هڪ گوشه نشين بزرگ ميان عبدالرحيم درس کي، جو ويهه سال کن پنهنجي لوڙهي کان ٻاهر نه نڪتو هو، چاڙهي اچي ارباب کان هٿ کڻايو هو.

هن ميان ستار ڏني شاهه راهوٺ واري جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ فرزند فتح علي شاهه پيدا ٿيو ۽ ٻيو پٽ سيد ملوڪ شاهه عرف محمد سليم شاهه اڳينءَ شاديءَ مان هوس

شاهه صاحب صوم صلوات جو پابند، دوستيءَ جو سچو، اخلاق حميده جو صاحب ۽ حضرت خواجگان سرهندين جو سچو معتقد هو.

پاڻ 11 ذوالقعد 1353هه، مطابق 15 فيبروري 1935ع تي وفات ڪيائين، سندس وفات کان پوءِ جڏهن اڪثر سيد ۽ ٻيا معزز ماڻهو ٽکڙ مان لڏي وڃي ٻين ڳوٺن ۾ سڪونت پذير ٿيا، ته سندس ٻئي فرزند ٽکڙ ۾ ڏيئو ٻاريو ويٺا هئا ؛ ليڪن ٽکڙ ”سيد وڏي“ کان پوءِ حقيقي معنيٰ ۾ گذاري ويئي هئي، دريا جي اڳي ئي ساڻس دشمني هئي. هي ڳوٺ اصل ۾ ميان ملوڪ شاهه وڏي ٻڌايو هو، جنهن  ڪري کيس ”وسي ملوڪ شاهه“ سڏيندا هئا. ٻه دفعا درياءُ اڳي پائي ويو هوس، هي ٻيون پَٽُ هوس.

ڪچي جي آباديءَ جي گهٽتائيءَ ۽ وقتي ٻوڏن، منجهانئس رونق ڪڍي ڇڏي آهي. اهو ڳوٺ جنهن ۾ علمي مجلسون، شعر شاعريون، ڪچهريون ٿينديون هيون، سو هڪ معمولي ڳوٺڙو وڃي رهيو آهي. ويتر سيد ميان ملوڪ شاهه ولد حاجي عبدالحڪيم شاهه جي 1947ع ۾ وفات ان کي هڻي هيڻو ڪري ڇڏيو. ان شهر کي سيد ملوڪ شاهه ولد شهمير شاهه (متوفي 1232هه، مطابق 1817ع) ٻڌو ۽ زور وٺايو، ۽ پوئين ملوڪ شاهه جي وفات ان جو هيڻو حال ڪري ڇڏيو.

21- سيد حاجي عبدالرحيم شاهه، سيد محمد رحيم شاهه

(سجاول)

نسب: شاهه صاحب مٽياري سيدن جي خاندان مان هو. سندس پاڙو جررار پوٽا يا مير حسن پوٽا هو. ان جو پتو مٽياري خاندان جي شجري جي تفتيش بعد پئجي سگهندو. سندن وڏن جا نالا هيٺينءَ طرح ملي سگهيا آهن.

سيد جرار شاهه کي قاسم شاهه فرزند ٿيو. سيد قاسم شاهه کي فرزند سيد محمد شاهه ٿيو، جنهن کي ٻه نياڻيون ۽ ٻه فرزند، محمود شاهه ۽  قبول محمد شاهه پيدا ٿيا. سيد محمود شاهه کي ٽي فرزند: سيد فتح محمد شاهه، مقيم شاهه ۽ محمد رحيم شاهه پيدا ٿيا. سيد محمد رحيم شاهه کي ٽي نياڻيون ۽ ٽي فرزند پيدا ٿيا، جن جا نالا هن ريت آهن: فرزند- سيد هاشم شاهه، سيد حاجي عبدالرحيم شاهه ۽ سيد نواز علي شاهه ؛ نياڻيون – بيبي خديجا عرف کتل، بيبي فاطمه ۽ بيبي رحمت.

سندس ويجها عزيز هيٺيان هئا؛ سندس ڏاڏي ميان محمود شاهه جي ڀاءُ قبول محمد شاهه کي ميان بچل شاهه  فرزند ڄائو، جنهن جي گهر ۾ ميان عبدالرحيم شاهه جي همشيره بيبي رحمت هئي، جنهن کي ٽي نياڻيون پيدا ٿيون: بيبي آمنت، بيبي مريم عرف مرل ۽ بيبي  خديجا. انهن مان پهرين ميان فتح محمد شاهه ولد علي محمد شاهه جي گهر ۾ آئي. ٻي ميان نواز علي شاهه سان پرڻي ۽ ٽين ميان علي قطب شاهه ولد ميان غلام علي شاهه جي گهر ۾ آئي.

ميان علي محمد شاهه ۽  ميان غلام علي شاهه ٻئي ميان قادر ڏني شاهه جا فرزند هئا، جن جو شاهه صاحب جي زندگيءَ جي احوال ۾ گهڻو ذڪر ايندو، ۽ جنهن جي گهڻي وقت کان هن خاندان سان مٽي مائٽِي هلندي آئي هئي، قوي گمان آهي ته اصل ۾ هڪ ڏاڏي جا هئا. ٻيا سندس ويجها عزيز سندس چاچي ميان مقيم شاهه جا ٻه فرزند هئا: سيد محسن شاهه ۽ سيد عمر شاهه، سيد محسن شاهه کي سيد بصر شاهه مست پٽ ٿيو، جنهن کي اولاد ڪو نه ٿيو. ميان عمر شاهه جي گهر ۾ حاجي صاحب جي همشيره بيبي خديجا هئي، جنهن مان کيس سيد محمد علي شاهه پيدا ٿيو، جنهن جي  نياڻي بيبي زيب النساءَ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي گهر ۾ آهي.

ٽيون سندس ويجهو عزيز، ميان فتح محمد شاهه، سندس چاچو هو، جنهن کي ٻه نياڻيون پيدا ٿيون؛ بيبي جمال خاتون، جا سيد حاجي هاشم شاهه، شاهه صاحب جي وڏي ڀاءُ، جي گهر ۾ آئي ۽ ٻي بيبي الهه بچائي عرف بيبي بچل، جا سيد علي محمد شاهه ولد قادر ڏني شاهه جي  نڪاح ۾ آئي.

چوٿون  سندس عزيز سيد قادر ڏنو شاهه هو، جنهن جي نسب جو هيٺيون احوال ملي سگهيو آهي. ميان جرار شاهه کي فرزند ميان احمد شاهه ٿيو. احمد شاهه جو فرزند ڪريم ڏنو شاهه ٿيو، جنهن جي گهر ۾ شاهه صاحب جي ڏاڏي محمود شاهه جي همشيره بيبي سنڌ هئي. انهيءَ کي سيد ملوڪ شاهه نالي فرزند ڄائو. جنهن کي ميان قادر ڏنوشاهه فرزند ٿيو. ميان قادر ڏني شاهه جي گهر ۾ شاهه صاحب جي ٽين همشيره، بيبي فاطمه هئي، جنهن مان کيس ٻه فرزند ڄاوا: سيد ميان علي محمد شاهه بئريسٽر ۽ ميان غلام علي شاهه، ميان علي محمد شاهه بئريسٽر کي ٻه فرزند: فتح محد شاهه ۽ غلام حسين شاهه ۽ هڪ نياڻي زهرا ٿي. ميان غلام علي شاهه کي چار فرزند- علي قطب شاهه، قادر ڏنو شاهه، غلام مصطفيٰ شاهه (ڊائريڪٽر تعليم) ۽ نجم الدين شاهه ۽ هڪ نياڻي، بيبي فاطمه تولد ٿيا.

شاهه صاحب جي والد ميان محمد رحيم شاهه ٻه شاديون ڪيون. هڪ سندس پڦيءَ جي نياڻي بيبي عائشھ سان، ۽ ٻي مڪاني ماڻهن مان، پهرئين گهر مان سيد حاجي محمد هاشم شاهه ۽ شاهه صاحب پيدا ٿيا، ۽ ٻئي گهر مان سيد نواز علي شاهه ڄائو. انهن جي ولادت جون تاريخون هيٺيون آهن:

1. سيد حاجي محمد شاهه، پهرين جمادي الثاني 1291هه مطابق 26 جون 1874ع.

2. سيد حاجي عبدالرحيم شاهه، 4 ربيع الاول 1295هه، مطابق 18 مارچ ڊسمبر 1875ع.

3. سيد نواز علي شاهه، 11 ربيع الاول 1303هه، مطابق 18 ڊسمبر 1885ع.

چوڻ ۾ اچي ٿو ته سيد حاجي محمد رحيم شاهه کي اول ۾ ڪا وڏي زمينداري نه هئي، ليڪن هن محنت ۽ ڪفايت شعاري ڪري، ٺٽي شهر جي هڪ هندو ڀاٽئي کان قهرڪي نالي مڪان تعلي سجاول ۾ خريد ڪيو، جنهن مان ملڪيت وڌائي، هن ساري زمين هٿ ڪئي. هن جا وڏا ڪڏهن سجاول ۾ اچي ويٺا، ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، ليڪن معلوم ائين ٿئي ٿو ته سندس والد ميان محمود شاهه بٺوري يا گوني طرف کان لڏي هتي آيل هو.

زندگيءَ جو احوال:

شاهه صاحب ميان محمد رحيم شاهه سندس ٻنهي وڏن فرزندن کي ماستر عبدالڪريم مٽيارين واري وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، جنهن محنت ڪري کين پنجين درجي سنڌيءَ تائين پڙهايو. ان کان پوءِ کين حافظ آخوند محمد عثمان ميمڻ جي مڪتب ۾، قرآن شريف ۽ فارسي تعليم لاءِ ويهاريو ويو. ٿوري وقت بعد، سندن وڌيڪ تعليم لاءِ، شاهه صاحب ٻيلي جي ڳوٺ مان مولوي حماد الله  صاحب کي لڏائي، اچي سجاول ۾ ويهاريو، ديني مدرسو کولائي ڏنو، جتي هي ٻيئي ڀائر پڙهڻ لڳا.

ٿوري وقت گذرڻ بعد، شاهن جي ننڍي هوندي ئي سندن والد سيد محمد رحيم شاهه 1888ع ڌاري هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، جنهن تي سندن عزيز ۽ ڀيڻوئي سيد ميان قادر ڏني شاهه اچي سندن ڪاروبار سنڀاليو، جو هڪ اعليٰ منظم، ديانتدار ۽ وڏي رهوڻيءَ وارو شخص هو. کين اهڙيءَ طرح هو تعليم ڏياريندو ۽ پرورش ڪندو رهيو، جهڙي والد جي ڏينهن  ۾ ملندي هين.

شاهه صاحب ميان قادر ڏنو شاهه، جيتوڻيڪ گوني تعلقي ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو، ليڪن هن امانت جي بار پوڻ ڪري، مورڳو گهڻو وقت اچي سجاول ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. انهيءَ عرصي ۾ هن نه صرف صاحبزادن جي ملڪيت جي نگهداشت، سندن پرورش ۽ تعليم ۾ دلچسپي ورتي. بلڪه راڄن ۽ آسپاس جي خاندانن سان لڳ لاڳاپا اهڙيءَ طرح قائم رکيا، جهڙا محمد رحيم شاهه رکندو  آيو هو. اها لک ئي ڪا نه پيئي ته شاهه صاحب ڪو وفات ڪري ويو آهي، ٻيئي ڀائر ميان قادر ڏني شاهه جي نگرانيءَ هيٺ مولوي حماد الله صاحب وٽ تعليم وٺندا رهيا“ وڏي ٿيڻ تي، کين زمين سنڀالڻ جي به تربيت ملي.سگهو ئي مولوي حماد الله لڏي وڃي پنهنجي ڳوٺ ويٺو، ميان قادر ڏني شاهه پنهنجن فرزندن، ميان علي محمد شاهه ۽  غلام علي شاهه کي به سجاول ۾ رهڻ ڪري، ابتدائي تعليم ساول جي پرائمري اسڪول ۾  ڏياري. ميان محمد هاشم شاهه ۽  ميان عبدالرحيم شاهه جي وڏي ٿيڻ تي، ميان قادر ڏني شاهه ملڪيت سندن حوالي ڪئي، ليڪن اولاد وانگر سندن ڪمن تي نظر رکندو آيو. اُن وقت تائين اهي مٽي مائٽيءَ ۾ گڏجي چڪا هئا. شاهه صاحبن جي همشيره سان ميان قادر ڏني شاهه جي شادي ميان محمد رحيم شاهه جي ڏينهن ۾ ٿيل هئي، جنهن مان ميان علي محمد شاهه 25 ربيع الآخر 1300هه، مطابق 5 مارچ 1883ع تي ۽ ميان غلام علي شاهه پهرين شعبان 1302هه، مطبق پهرين مئي 1885ع تي ڄاوا هئا.

معلوم ائين ٿئي ٿو ته ميان ملوڪ شاهه ۽ محمد رحيم شاهه جا، عزازت کان سواءِ، دوستاڻا تعلقات به هئا، ميان ملوڪ شاهه جي انتقال بعد، ميان محمد رحيم شاهه نه رڳو ميان قادر ڏني ششاهه  جي پرورش ۾ دلچسپي ورتي هئي، ليڪن کيس پنهنجي نياڻي به پرڻائي  هئائين. ساڳيءَ طرح ميان قادر ڏني شاهه، پنهنجي مربيءَ ۽ سهري جي وفات بعد پنهنجي صغيرسن سالن جي پرورش ڪئي. حاجي ميان محمد هاشم شاهه، ميان عبدالرحيم شاهه جي وڏي ڀاءُ، جي پهرين شادي 15 ذوالحج 1309هه، مطابق 11 جولاءِ 1892ع تي، ميان فتح محمد شاهه جي نياڻيءَ سان ٿي، سمورو انتظام ميان قادر ڏني شاهه ڪرايو. وقت گذرڻ بعد، جڏهن ان مان اولاد نه پيدا ٿيو ته ميان هاشم شاهه جي ٻي شادي، سجاول شهر جي بخاري سيدن مان سيد ميان پير محمد شاهه جي همشيره ۽ سيد ميان اسماعيل شاهه جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس ٻه فرزند ڄاوا: 1. سيد نظير حسين شاهه، تاريخ ولادت 17 محرم 1311هه،  مطابق 21 جولاءِ 1894ع، 2. مير حسن شاهه، تاريخ ولادت 7 ربيع الاول 1315هه، مطابق 9 سيپٽمبر 1897ع.

اهي ٻيئي صغيرسنيءَ ۾ وفات ڪري ويا. نظير حسن شاهه 28 آڪٽوبر 1897ع تي ۽ مير حسن شاهه ترت ئي پوءِ.

سيد حاجي عبدالرحيم شاهه جي  شادي، ٺٽي شهر جي بخار سيدن مان، سيد تاج محمد شاهه جي نياڻيءَ ۽ حاجي علي بخش شاهه جي همشيره سان، 17 ذوالحج 1318هه، مطابق 8 مارچ 1901ع تي، وڏي ڌوم ڌام سان، سيد ميان قادر ڏني شاهه جي نظرداريءَ هيٺ ٿي.

سيد ميان قادر ڏنو شاهه نهايت دانشمند ماڻهو هو. هن ٽنهي ڀائرن کي زمين ابتدا کان ورهائي، جدا ڪري ڏني هئي. هو کاڌي پيتي، جاين وغيره ۾ علحده رهندا هئا، ليڪن پهرين ٻن ڀائرن جون دليون اهڙيون ڳنڍيل هيون، جو لوڪ لکا ڪا نه هئي ته هو جدا هئا. ميان نواز علي شاهه زمين جي سانگي لڏي وڃي، ميرزي لغاريءَ جي ڳوٺ ويٺو هو. هن محنت ۽ سرجوشيءَ سان زمين وڌائي ورتي، ايتريقدر جو ساري شاهبندر ڊويزن ۾ مکيه زميندارن مان شمار ٿيڻ لڳا هئا. سيد حاجي عبدالرحيم ۽ سندس وڏو ڀاءُ، ٻيئي خوش هئا: پر وڏو ڀاءُ، اولاد کان سواءِ، چوونجاهه ورهين جي ڄمار ۾، 21 محرم 1337هه، مطابق 26 آڪٽوبر 1918ع تي وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ ميان عبدالرحيم شاهه، باوجود هر سک  جي، پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو. هن ڳالهه کيس وڏو صدمو پهچايو. سندس عزيز ميان قادر ڏنو شاهه اڳيئي  1912ع ڌاري وفات ڪري ويو هو، پنهنجي ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾ هن هڪ مذهبي درسگاهه قائم ڪرڻ چاهيو. انهيءَ واسطي هن مولوي محمد سليمان ٻنوي، مولوي محمد صادق کڏي واري ۽ مولوي فتح محمد سيوهاڻيءَ جي مشوري سان، سجاول شهر ۾ ”مدرسه هاشميه“ قائم ڪيو. ان لاءِ هن اول ۾ 230 ايڪڙ زمين وقف ڪري، ٽرسٽ بورڊ ٺاهي، ان جي حوالي ڪئي. انهيءَ مدرسي لاءِ سيد ميان هاشم شاهه جو عمدو بنگلو بورڊ جي حوالي ڪيائين ۽ ان کان پوءِ ان جي جاين ۽ ملڪيت ۾ ويو اضافو ڪرائيندو، بورڊنگ هائوس، استادن جي رهڻ جون جايون، سڀ ٺهرايائين، شهر ۾ هڪ عاليشان جامع مسجد،  دڪانن سميت ٺهرايائين، مدرسه هاشميه جو بنياد 19 جمادي الاول 1339هه، مطابق 30 جنوري 1921ع تي پيو. جامع مسجد سجاول 1344هه، مطابق 1925ع جي آخر ڌاري ٺهي  راس ٿي.

شاهه  صاحب سنڌي توڙي فارسيءَ مان بخوبي واقف هو. قرآن شريف بامحاوري معنيٰ سان پڙهيل هو. سندس هٿ اکر نهايت سهڻا هئا، نماز روزي جو پابند هو. اشراق، تهجد نمازون به پڙهندو هو. علم ۽ عالمن سان گهڻي دلچسپي هوندي هيس. سندس دسترخوان اهل علم، دوستن ۽  آسپاس جي خاندانن لاءِ هميشه کليل رهندو هو. غريبن ۽ مسڪينن کي دل کولي خيرات ڏيندو هو. عام زميندارن وانگر آفيسرن ۽ ڪامورن جي خوشامد کان پري هو. سندس مجلس جو رنگ- متانت وارو هوندو هو. خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو هئائين. سرڪار جو ڪو به  لقب نه ورتائين، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولوي محمد سليمان ٻنويءَ ۽ مولوي فتح محمد صاحب سيوهاڻيءَ جي صحبتي هئڻ ڪري، هن جو ”جمعيت العلماءِ هند“ سان واسطو هو. ان جي ڪيترن ڪانفرنسن ۾ شرڪت به ڪئي هئائين ؛ انهيءَ ڪري مولانا ڪفايت الله دهلوي. مولانا حسين احمد مدني، مولانا ابوالڪلام آزاد، ۽ ٻين هندستان جي جمعيت العلمائي عالمن سان هن جا گهرا تعلقات هوندا هئا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 1930ع ۾ بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ لاءِ چونڊائڻ جو سهرو به سندس سر تي هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org