سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو :6

 

مذهبي لاڙو: پڙهندڙن کي معلوم ٿي ويو هوندو ته شاهه صاحب، مولوي حماد الله جي اثر هيٺ پڪو مذهبي ماڻهو بنجي پيو هو. نماز روزي جو پابند هو. پهريون دفعو حج تي، 1324هه، مطابق 1906ع  جي آخر ڌاري، اهل عيال ۽  ٻين رفيقن سميت ويو،، سندس ڀاءُ حاجي محمد هاسم شاهه به اهڙي خيال جو ماڻهو هو. ٻئي سال هو به سيد ميان قادر ڏني شاهه، مولوي محمد سليمان   ٻنويءَ ۽ ٻين رفيقن سان حج تي ويو.

حاجي عبدالرحيم شاهه وري ٻيو دفعو 1912ع مطابق 1330هه ۾، عراق کان زيارتون ڪندي، حج وڃڻ گهريو، ليڪن رستي ۾ سلامتي نه هئڻ ڪري، زيارتون ڪري، حج کان سواءِ واپس آيو، حياتيءَ ۾ هن جملي ڏهه حج ڪيا، مديني شريف ۾ مسجد ٺهرايائين، سفر تي هر دفعي اڌ لک کن  رپيا خرچ ڪندو هو. هو پڪو مذهبي ماڻهو هو، سنت جماعت جو پوئلڳ ۽ دارالعلوم ديوبند جي عالمن طرف لاڙو رکندڙ هو، جي پاڻ کي ترقي پسند مذهبي جماعت جا ڪارڪن سڏائين ٿا. انهن مان ڪن جو لاڙو وهابيت ڏانهن هو، ته ڪي اعتدال پسند هئا. هي پوئين گروهه جو حامي هو. هندستان جي سير وقت هو اڪثر درگاهن جي زيارتن لاءِ هلندو هو ۽ درگاهن جي مجاورن طرفان جڏهن سڪل مانيءَ جا ٽڪر ”روٽ“ طور ۽ ڪپڙي جون ليڙون ”دستار“ طور اسان کي ڏنيون وينديون هيون، ته منهنجي انهيءَ ڳالهه تي نڪته چيني ڪرڻ تي رنج ٿيندو هو. ان مان ائين پئي ظاهر ٿيو ته هو درويشن ۽ بزرگن ۾ اعتقاد رکندڙ هو. اهڙيءَ طرح ورد وظائف ۾ به اعتقاد هوس.

سندس سرپرستيءَ هيٺ شاهبندر  ڊويزن جي عالمن هڪ جماعت ”دارالفتويٰ“ قائم ڪري،  فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا هئا، جنهن ڪري مُلن جو انهيءَ حد ۾ زور وڌي ويو هو، جيڪو سندن فيصلو نه مڃيندو هو، تنهن تي سوشل بائيڪاٽ لاءِ ”نيڪالي“ جاري ڪندا هئا. عام ماڻهن تي ان جو اهڙو اثر ويٺل هوندو هو، جو انهيءَ بائيڪاٽ جي ڊپ کان ڪو به ملن جي فيصلي مڃڻ کان انڪار نه ڪري سگهندو هو. کيس روايتي مذهبي اعتقادن ۾ پورو ويساهه هو. کيس ساريءَ ڪائنات جي خالق جي انصاف پسنديءَ ۾ مختار ڪل هجڻ ۾ پورو يقين هو.  ڏهه دنيا ستر آخرت، جي بنياد تي هن عبادتون ڪيون، ورد وضائف ڪڍيا، حج ڪيا، مذهب جي زور وٺائڻ لاءِ ديني مدرسو کولايو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هر طرح جي ٻي ڪوشش ڪئي.

آخري دؤر:

مٿي ڄاڻائي آيا آهيون ته سندس مربي ۽ سرپرست ڀيڻوئي جي 1912ع ۾ وفات، ۽ بعد ۾ 1918ع ۾ سندس وڏي ڀاءُ حاجي محمد هاشم جي وفات کيس وڏو صدمو رسايو؛ ليڪن اهڙي بزرگ ۽ خدا پرست ماڻهوءَ کي اڃا وڌيڪ صدما سهڻا هئا. سندس سڀ عزيز ان کان پوءِ سندس حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا.

1. سيد محمد شاهه ولد مقيم شاهه، سڳي سئوٽ، سيد محمد علي شاهه جي والد ۽ ڀيڻوئي، 27 صفر 1336هه، مطابق 13 ڊسمبر 1917ع تي وفات ڪئي.

2. سيد غلام علي شاهه ولد مرحوم قادر ڏني شاهه، سندس ڀاڻيجي، 17 رجب 1348هه، مطابق 18 ڊسمبر 1929ع تي وفات ڪئي.

3. سيد بچل شاهه ولد قبول محمد شاهه، سندس ڀيڻوئي ۽ سيد نواز علي شاهه ۽ فتح محمد شاهه جي سهري، 4 شعبان 1348هه، مطابق 5 جنوري 1930ع تي وفات ڪئي.

4.سيد علي محمد شاهه  بئريسٽر ولد سيد قادر ڏني شاهه، ڀاڻيجي، 25 رمضان 1348هه، مطابق 26 فيبروري 1930ع تي وفات ڪي.

5. سندس ڀيڻ، بيبي رحمت، زوجه سيد ميان بچل شاهه، پهرين ربيع الاول 1361هه، مطابق 19 مارچ 1942ع تي وفات ڪئي.

6. بيبي جمال بنت فتح محمد شاهه، زوجه حاجي محمد هاسم شاهه 14 رمضان 1363هه، مطابق 3 سيپٽمبر 1944ع تي وفات ڪئي.

7. سيد وسايو شاهه ولد نواز علي شاهه، شاهه صاحب جي ڀائٽي، 1936ع ۾ وفات ڪئي.

8 . سيد نواز علي شاهه ولد محمد رحيم شاهه،  شاهه صاحب جي رهيل ويڳي ڀاءُ، 1936ع ۾ وفات ڪئي.

9. سيد محمد علي شاهه ولد ميان عمر شاهه، ڀاڻيجي ۽ سؤٽ جي پٽ، 4 محرم 1366هه، مطابق 29 نومبر 1946ع تي وفات ڪئي. انهن سڀني صدمن کيس گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو.

شاهه صاحب جي زندگيءَ ۾ اهو ڏينهن به لکيل هو، جڏهن هن جي ٺٽي جي شهر مان ميان تاج محمد شاهه جي نياڻيءَ سان شادي ٿي. انهيءَ بيبيءَ آهستي آهستي ڪري، پنهنجي اثر ۾ آڻي، کيس عزيز خويشن کان پاسيري رکڻ جي ڪوشش ڪئي. قدرت به پنهنجو ڪم ڪيو، ۽ شاهه صاحب جا ويجها عزيز پاڻ وٽ گهرائي ورتا.  بيبي صاحبه ٺٽي وارو بنگلو  پنهنجي ڀاءُ ۽ ان کان پوءِ سندس وارثن جي حوالي ڪيو. ميان مهر علي شاهه کي شاهه صاحب جي ڪم ۾ مئنيجر ڪري رکايائين ۽ ڪجهه زمين پنهنجي ۽ عزيزن جي نالي ۾ لکائي ورتائين ؛ حقيقي وارثن لاءِ باقي ڪجهه نه رهيو. آخر ۾ شاهه صاحب کي ڪراچيءَ ۾ نيئي، بيماريءَ جي اوٽ ۾، مهيننن تائين ڪنهن سان ملڻ نه ڏنو ويو. شاهه صاحب 2 شعبان 1366هه مطابق 22 جون 1947ع تي وفات ڪئي. شاهه صاحب کي سندس مائٽاڻي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي عيوض بيبي صاحبه جي مائٽاڻي مڪليءَ واري قبرستان ۾ دفن ڪرايو ويو. شاهه صاحب زمين جو گهڻو حصو وقف ڪري ويو هو. ان کي به پنهنجن مصلحتن ڪري گهڻي وقت تائين مخفي رکيو ويو، بيبي صاحبه جي پڄاڻي به عبرت آميز ٿي، جن عزيزن لاءِ هن هيترو ڪجهه ڪيو، تن ساڳين آخر کيس چريو ٺهرايو. بيبي صاحبه 1957ع ۾ وفات ڪئي.

 

منهنجا تعلقات

آءٌ پهريون دفعو شاهه صاحب سان 8 جنوري 1925ع تي، سندس حج تان واپس اچڻ بعد، ڪراچي ضلعي زميندار ائسوسيئيشن جي سلسلي ۾ مليس، جنهن جو بعد ۾ کيس صدر چونڊيو ويو. هن مون ۾ مشفقانه دلچسپي ورتي. 1925ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جي پريزيڊنٽيءَ تي مون کي چونڊائڻ ۾ سندس خاص هٿ هو. ان کان پوءِ ڪراچي زميندار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري ۽ مدرسه هاشميه جي ٽرسٽيءَ جي حيثيت ۾ سندس ماتحت ڪم ڪرڻ ۽ اسڪول  بورڊ ۽ ضلعي لوڪل بورڊ ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن جي مون سان خاص محبت ٿي ويئي هئي. خط پٽ هڪ ٻئي کي لکبا رهبا هئا. سندس خطن جو ڪافي مجموعو مون وٽ محفوظ آهي، جنهن ۾ سندن طرفان منهنجي لاءِ محبت ۽ شفقت جا اظهار ڪيل آهن.

هندستان جي سير وقت آءٌ ڏيڍ مهينو کن ساڻس  هوس. سندس مذهبي اعتقادن تي پختگي ۽ منهنجي طرفان مذهب جي رسمي عقيدن خلاف  جرح ۽ ڪده تي هو تمام ناراض ٿيندو هو ؛ ليڪن سندس پدرانه شفقت وري به مون کي خيالن جي ناپختگيءَ جو فائدو ڏيئي، معاف ڪري ڇڏيندي هئي، سندس حياتيءَ جي پڄاڻي افسوسناڪ ٿي. عزيزن ۽ دوستن سان گڏ، مون کي به سندس ملڻ کان محروم رکيو ويو هو. اهو ارمان دل ۾ رهجي ويو ؛ ليڪن ڇا ٿي ڪري سگهيس: ”پنهنجي ڪئي جو ويڄ نه طبيب“ وارو سوال هو.

هن وقت جڏهن اڪثر مذهبي مسئلن بنسبت مون کي شڪ پيدا ٿي پيا آهن، ۽ اعتقادن جي ديوار ڌوڏي ۾ اچي ويئي آهي، تڏهن اڪثر هي سوال اٿي ٿو ته مذهبي  نقطه نگاهه کان  حاجي صاحب جهڙو بهترين انسان هن وقت مشڪل ملي سگهندو، ليڪن باوجود عبادتن، خيراتن، اخلاق حميده، پخته عقيدن جي، سندس پڄاڻي افسوسناڪ ٿي. ٻئي  طرف جناح صاحب جي زندگيءَ جو مثال اکين اڳيان سامهون آهي، جيڪڏهن انهيءَ تي مذهبي ڪسوٽيءَ سان نظر ڪبي ته نه هن روزا رکيا، نه عبادت ڪئي، نه خير خيرات ڪيا. نه مذهبي مدرسا ٺهرايائين، نه حج ڪيائين. نه مُلن جي نقطه نگاهه کان راسخ العقيده مسلمان هو. پر اڄڪلهه ان جي مزار مرجع عام بنيل آهي. ڪروڙين رپيا سندس مقبري تي خرچ ٿي رهيا آهن. انهن ڳالهين تي غور ڪندي پتو نٿو پوي ته پڪي ۽ راسخ العقيده مسلمان ٿيڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟ ڏهه دنيا ستر آخرت ڪهڙيءَ طرح حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي؟ يا  ته انهيءَ عقيدي جي صحت ۽ افاديت کان انڪار ڪرڻو  پوندو يا قدرت جي ڪاروبار جي ماهيت معلوم ڪرڻ کان پاڻ کي معذور ڄاڻي، شاهه لطيف وانگر چوڻو پوندو :

”انهيءَ ۾ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي!“

22- سيد ميان ٻڍل شاهه ولد سيد ميان نواب شاهه“

(نوابشاهه)

هي صاحب مٽياري سيدن جي سنائي شاخ جي اميناڻي پاڙي مان هو. سندس جنم نوابشاهه ۾، 1894ع ڌاري ٿيو، ابتدائي تعليم مقامي اسڪول ۾ ورتائين، کيس سيد غلام حيدر شاهه نالي ڀاءُ هو. هي ننڍا ئي هئا ته 1904ع ڌاري سندن والد وفات ڪري ويو. انهيءَ زماني ۾ نوابشاهه طرف جون زمينون اڃا پوريءَ طرح آباد ڪين ٿيون هيون، سگهو ئي سدا واهه، ناري واهه جي نڪرڻ ڪري، هي خطو سر سبز ۽ آباد ٿي ويو ۽ انهيءَ ڪري سندن ملڪيت ۽ پيدائش به وڌي ويئي، نوابشاهه شهر ضلعي جو هيڊ  ڪوارٽر ٿيو. اهو شهر سندس والد جي نالي تي ٻڌل آهي.

وڏي ٿيڻ کان پوءِ هن آسپاس جي زميندارن سان دوستاڻا تعلقات وڌايا. نوابشاهه جو شهر، ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر هئڻ ڪري، ماڻهن جي  آمدرفت جو مرڪز بڻجي ويو. سندس بنگلو سدائين مهمانن سان ڀريو پيو هوندو هو، جن جي خاطر  تواضع ڪرڻ تي، دل پيئي خوش ٿيندي هيس. ٿوري وقت اندر سندس سنگت جو هڪ وڏو گروهه بنجي ويو، جنهن ۾ وڏيرو خان محمد کڏهري،وڏيرو الهه اوڀايو ڪيريو، وڏيرو علي خان ڪيريو، ميان محمد معصوم  کنيارن وارو، هسو خان گپچاڻي، وڏيرو محمد فاضل لاکو، شهمير خان راهو، دين محمد جويو ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو شامل هئا. ميان خير شاهه سان ڀائرن جهڙو رستو هوس. هي مرد ماڻهو، مهل سر سنگت کي ڪم ايندڙ، بااثر، بي ڊپو، زمانه شناس ۽ بامذاق شخص هو. نوابشاهه شهر ۽ تعلقي، سڪرنڊ ۽ شهدادپور تعلقي جي ٽڪرن ۾ خاص  اثر رکندو هو. ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر، تعلقي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيڊنٽ  ۽ پهرين جولاءِ 1940ع کان 10 فيبروري 1942ع تائين، نوابشاهه ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو.

اسان جي قبيلي مان هئڻ ڪري، منهنجو ساڻس اڪثر پيو ملڻ ٿيندو هو. سن ۾ 1924ع مارچ ڌاري سڏايل مٽياري سيدن جي ڪانفرنس ۾، پنهنجي پاڙي جي مڙني سيدن سميت شرڪت ڪئي هئائين. هن جي پاڙي جا اسان سان نهايت گهاٽا تعلقات هئا.

چوڻ ۾ اچي ٿو ته ميرن جي حڪومت جي شروعات ڌاري، لڪياري سيدن ۽ سنائي سيدن جي وچ ۾ لڙائي لڳي هئي. اهو حملو اوچتو ٿيو هو ۽ سن وارن کي اطلاع مليل ڪو نه هو. انهيءَ وقت سيد ميان دينو شاهه ڇر ۾ ويٺل هو، جنهن ان ڏينهن جهنگل ۾ بازن سان پئي شڪار ڪيو. اتان هڪ ماڻهو اچي لنگهيو، جنهن طعنو ڏيئي چيس ته، ”هتي شاهه صاحب پيو موجون ماڻي، هوڏانهن سن مٿان پيون  گوليون وسن! “  احوال ٻڌندي ئي، هن فيصلو ڪيو ته، سن هلبو. طعني ڏيندڙ کي چيائين ته، ”سن کي گولين ۾ ڪين ڇڏيندس. ان تان ڏوڪڙ ٿي گهوربس.“ نوڪرن کيس چيو ته، ”سائين، تياري ڪري هلو.“ چيائين ته: ”ان وچ ۾ هوڏانهن الاجي ڇا ٿي گذري.“ پوءِ جيڪي ماڻهو بروقت هٿ اچي سگهيا، انهن سان گهوڙن تي چڙهي، دريا اُڪري، سن پهتو، ڳوٺ مخالف ڌر جي گهيري ۾ آيل هو. جيئن هن ڳوٺ ۾ اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن بندوق جي گولي لڳڻ ڪري، شهيد ٿي پيو. سندس مزار شاهه حيدر رحه جي مقام ۾ آهي.

ميان ٻڍل شاهه به، اڳين وانگر، ساڳيا تعلقات رکندو آيو. منهنجو ساڻس گهڻو پير هوندو هو. هو نوابشاه ضلعي ۾ دست راست جو ڪم ڏيندو هو. سندس طبيعت ذيابيطس ڪري ٺيڪ نه رهڻ لڳي ۽ اٺيتاليهه  سالن جي عمر ۾، 22 جنوري 1942ع مطابق 22 محرم 1361هه تي وفات ڪيائين، کيس هڪ فرزند ميان نواب شاهه نالي ٿيو، ليڪن اهو مستانو هو، ڪجهه نه ٻاريئين. ان کي هڪ فرزند آهي. سندس ڀاءُ ميان غلام حيدر شاهه، وڏي ڀاءُ کان پوءِ، ملڪ راڄ سان منهن ڏيڻ لڳو هو. هٿ جو پڪو ۽ ڪفايت شعار هو. ملڪيت گهڻي وڌائي ويو. ميان ٻڍل شاهه جهڙو اثر نه رهيو هوس، پر ڏيئو ٻاريو ويٺو هو.

ميان غلام حيدر شاهه نوابشاهه ميونسپالٽيءَ ۽ تعلقي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيڊنٽ رهي چڪو هو، نوابشاهه ميونسپالٽيءَ جو، هڪ دفعي 13 آگسٽ 1947ع کان 10 آڪٽوبر 1949ع تائين، ٻئي دفعي 21 ڊسمبر 1952ع کان 20 ڊسمبر 1957ع تائين، پريزيڊنٽ رهيو. 1953ع کان ون يونٽ ٿيڻ تائين، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي رهيو. سندس دوستيون ۽ لاڳاپا به گهڻو ڪري ساڳين ماڻهن سان رهيا، ڀاءُ جي گذرڻ کان پوءِ، هن جي طبيعت به ٺيڪ نه رهي. اڪثر بيمار گذاريندو هو. نيٺ 11 فيبروري 1963ع، مطابق 15 رمضان 1382هه تي، نوابشاهه ۾ وفات ڪيائين. افسوس جو سندس عذر خواهيءَ لاءِ نظربنديءَ ڪري بروقت وڃي نه سگهيس. کيس ٽي فرزند آهن؛ ميان غلام رسول شاهه، امير حسن شاهه ۽ نواز علي شاهه.

2- خانبهادر حاجي امام بخش جتوئي، خانبهادر غلام رسول خان جتوئي

(مورو)

هي صاحب 15 رجب 1299هه، مطابق 25 جولاءِ 1881ع تي، ڳوٺ ملڪ تعلقي موري ۾ ڄائو هو. 2 مارچ 1891ع تي، ڳوٺ جتوئيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو، ۽ وري سگهو ئي مئي مهيني ۾ اتان نڪري، قاضي عبدالرئوف وٽ قرآن شريف ۽ عربي فارسيءَ جي تعليم وڃي ورتائين، وري  ٻيهر، 2 جنوري 1897ع تي، ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٽئين درجي ۾ وڃي  داخل ٿيو. سندس ذهن تيز هو، ان ڪري سنڌي، فارسي ۽ ڪجهه عربيءَ ۾ چڱي دسترس ڪري ويو. سندس اکر سُٺا ۽ خطن جا مضمون نهايت اديبانه هئا. شعر مان چڱي واقفيت هيس. سندس شعرن جو ديوان موجود آهي، تخلص ”صابر“ هوس. شڪل جو ڪڻڪ  رنگو، قدآور، نڪ ڊگهو، ڏاڙهي چاپهين هيس. ڪلي تي پٽڪو پائيندو هو ؛ ڪڏهن ترڪي ٽوپي به پائيندو هو. رئيس علودي خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، تنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿيا. پاڻ جوانيءَ ۾ حج ڪري آيو هو. طب جي علم مان به ڪجهه واقفيت هيس. صوفي طبع ۽ راڳ جو شوقين هو.

سندس والد خانبهادر غلام رسول خان، 1905ع ۾ وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ زمين ۽ راڄن جو سمورو ڪاروبار هن جي سنڀال هيٺ آيو. سندس والد مرحوم جي ڪامورن وٽ وڏي پهچ هئي، جنهن ڪري سٺو اثر ۽ رسوخ قائم ڪري ويو هو. محنت ۽ ڪوشش سان جائداد به وڌائي هئائين. ان جي وفات کان پوءِ، پهرين ائين پئي سمجهڻ ۾ آيو ته خاندان جو ساڳيو اوج نه رهندو، ليڪن هن صاحب پنهنجي ڪشادي هٿ، مهمان نوازيءَ، ڪامورن سان لاڳاپي، يارن دوستن سان مهل سر ڪم اچڻ جي  صفتن ذريعي جلد ئي ساڳي طاقت قائم ڪري ورتي. سندن اصل ڳوٺ کي 1930ع ۾ دريا پائي ويو، ته پاڻ نئون ڳوٺ ٻڌايائين. سرڪار طرفان کيس 1912ع ۾ خانصاحب جو لقب مليو، ۽ 1926ع ۾ ’خانبهادر‘ ٿيو. 1916ع کان 1938ع تائين هو اسپيشل مئجسٽريٽ ٿي رهيو. 1921ع کان 1932ع تائين، بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي رهيو. 1933ع کان 1936ع تائين، نوابشاهه ضلعي لوڪل بورڊ اسڪول بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو.

منهنجي ساڻس واقفيت،  رئيس فقير بخش  خان ڪاڇيءَ وٽ، جولاءِ 1921ع ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ خط ڪتابت جو رستو قائم رهيو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سندس والد مرحوم جو منهنجي والد سان دوستاڻو رستو هو، جنهن جو حوالو سندس لکيل خط، تاريخ 12 جولاءِ 1923ع ۾ موجود آهي. سندس اڪثر خط مون وٽ محفوظ آهن. ڊسمبر 1933ع ۽ جنوري 1934ع ۾  نوابشاهه ۾ کيڙا ۽ جتوئي گروهن جي وچ ۾ صلح آڻڻ لاءِ، جامع مسجد ۾، منهنجي صدارت هيٺ ميٽنگ ٿي هئي ؛ ان وقت تائين ساڻس ڪافي رستو ٿي ويو هو.

هو باهمت، وعدي جو پڪو، مهل سر ڪم ايندڙ، يارويس، عاشق مزاج، سخي، نياز وارو ۽ مجلس جو مور انسان هو. وڏيءَ عمر ۾، دم جي بيماريءَ ۾ گهڻو وقت رهي، 20 آڪٽوبر 1938ع تي، حيدرآباد علاج لاءِ ويو، پر اتي فائدي نه پهچڻ ڪري واپس ڳوٺ اچي، 7 نومبر 1938ع، مطابق 14 رمضان 1357هه تي وفات ڪيائين. سندس مزار سيد صابر شاهه جي مقام ۾ آهي.

کيس ٻه ڀائر، رئيس شادي خان ۽ رئيس ڌڻي بخش خان هئا. سندس فرزند حاجي غلام رسول خان ڪفايت شعاريءَ ۽ محنت سان ملڪيت گهڻي وڌائي، خانبهادر مرحوم جي ڏينهن ۾ ملڪيت ۽ پيدائش جام هجڻ جي باوجود سندس فراخ دستيءَ ۽ مهمان نوازيءَ ڪري بچت ڪا نه هوندي هئي؛ ليڪن سندس فرزند لکها رپيا ڪٺا ڪيا. سندس پوٽو ميان غلام مصطفيٰ خان ڪجهه وقت صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر هو ۽ هن وقت نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر آهي.

24- وڏيرو الهڏنو  ولد ميان محمد صديق ميمڻ

(دڙو، ميرپور بٺورو)

هن جو ڏاڏو، ميان محمد خان، اصل وڏيري ڇتي خان کڏي جي ڳوٺ، تعلقي سجاول، جو ويٺل هو، سندس زمين ديهه ڪرم پور تپي آراڙيءَ ۾ هئي، جتان 1850ع ڌاري لڏي اچي دڙي جي ڳوٺ ۾ ويٺو. ميان الهڏنو 1884ع ڌاري  ڄائو هو. ابتدائي تعليم دڙي جي پرائمري اسڪول ۾ ورتائين. خوش خلق، حاضر جواب ۽ باهمت ماڻهو هو. خانبهادر عظيم خان، ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽو سوسائٽيز کي سنڌ ۾ ڪوآپريٽو تحريڪ پکيڙڻ جو جنون سر ۾ سمايل هو، تنهن کيس ڪارآمد سمجهي ڪراچي ضلعي جي شاهبندر ڊويزن لاءِ آنرري آرگنائيزر مقرر ڪيو، جنهن ۾ هي اٺاويهه سالن تائين ڪم ڪندو رهيو. ڏهن ٻارهن سالن کان مٿي، سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽو بئنڪ ۽ پوءِ سنڌ پراونشل بئنڪ جو ڊائريڪٽر ٿي ڪم ڪيائين. هڪ ٽرم لاءِ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر به ٿي رهيو. آخر ۾ هن کي ڪراچي ڪوآپريٽو يونين جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن ڪتاب ۾ سندس ذڪر درج ڪرڻ جو باعث سندس مٿيون ڳالهيون نه آهن، پر ڪوآپريٽو تحريڪ ۾ گڏجي ورهين جا ورهيه ڪم ڪرڻ ڪري، سندس تعلقات ۽ ڪچهرين جي ياد تازي ڪرڻ آهي. دڙي جي شهر ۾ هن کان وڌيڪ شاهوڪار، وڏا زميندار ۽ اثر رسوخ وارا ماڻهو ٿي گذريا آهن. ليڪن جڏهن به دڙي شهر ۾ وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن سندس ملاقات لاءِ دل پيئي ڇڪيندي هئي. جنهن  مجلس ۾ ويهندو هو، اها پيئي  ٻهڪندي هئي. مون کي پوريءَ طرح ياد آهي ته 1930ع ڌاري، ڪراچي ضلعي ۾ گشت ۾، جڏهن جاتي تعلقي جي بدين- جاتي رستي ڏسڻ لاءِ موٽر ۾ چڙهي پئي ويس، تڏهن وڏيرو صاحب به مون سان ساڻ هو. سارو ملڪ سنسان هو. مون چيومانس ته ”وڏيرا، خدا من اهو ڏينهن به اکين سان ڏيکاري، جڏهن هي ملڪ آباد هجي، رستي جي ڀر ۾ وڻ لڳل هجن، انهن هيٺان بئنچون رکيل هجن، ڳوٺ ڳوٺ ۾ اسڪول هجن، انهن ڳوٺن جا  ٻار صاف سٿري پوشاڪ پهري، ڪتاب هٿن ۾ کڻي، هوا خوريءَ لاءِ وڻن  هيٺان ويٺا پڙهندا هجن!“ هن کلي ڏنو ۽ چيائين ؛ ڳالهيون ته شيخ چليءَ واريون ٿو ڪرين! پوءِ اڪثر ماڻهن کي منهنجي اها گفتگو ٻڌائي چوندو هو ته : شاهه صاحب پنهنجي خياليءَ دنيا ۾ رهي ٿو، جنهن جو حقيقتن سان واسطو نه آهي، جيتوڻيڪ سندس ڳالهيون ظاهري اڻ ٿيڻ جهڙيون پيون ڏسڻ ۾ اچن، پر ملڪ ۾ عوام لاءِ سندس  محبت ۽ نيڪ نيتيءَ جو ان مان پتو پئجي سگهي ٿو. هو چار پٽ ۽ ٽي نياڻيون پويان ڇڏي ويو. وڏي پٽ جو نالو ميان محمد خان آهي، جو ڪجهه وقت لوڪل بورڊ ۾ ڍڪ منشي هوندو هو. ان جو پٽ، ڊاڪٽر حسين بخش، هن وقت ميرپور بٺوري ۾ خانگي اسپتال هلائي رهيو آهي. ٻيو فرزند: محمد صديق 1940ع ۾ وفات ڪري ويو. ٽيون: ميان ولي محمد ايگريڪلچرل کاتي جي نوڪريءَ ۾  آهي. چوٿون: ميان شفيع محمد، زمينداري ڪم هلائي رهيو آهي.

وڏيرو ميان الهڏنو نماز روزي جو پابند، مهمان نواز، بي ريا، ۽ صاف گو ماڻهو هو. 21 نومبر 1941ع ، خميس ڏينهن، ستين بجي شام جو دڙي جي شهر ۾ وفات ڪيائين.

25- رئيس امام بخش علي بخش خان ڳاهو

(گهوڙا ٻاري)

رئيس امام بخش خان جا وڏا اصل حيدرآباد ضلعي جي تعلقي ٽنڊي  الهيار جا رهاڪو هئا، جتي ديهه ڳاهڪيءَ ۾ ڳوٺ ڪامل ڳاهو ۾ رهندا هئا. اتان ڪلهوڙن جي حڪومت  جي آخر ۽ ٽالپرن جي شروعات ڌاري لڏي، گهوڙا ٻاري تعلقي ۾ پنهنجو ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺا. سندن پڙڏاڏي جي نالي سان ديهه حيات ڳاهو، پتڻ حيات ڳاهو ۽ ٻيلو حيات ڳاهو اڃا تائين يادگار آهن. ميرن جي دؤر حڪومت ۾، هن قبيلي مان ڪيترا ميرن جا ڪارندا  ٿي رهيا، جن مان رئيس ڪامل خان ڳاهو خاص هو، جنهن کي فرزند  رئيس حيات خان پيدا ٿيو، جنهن جي نالي جا  يادگار مٿي ذڪر ٿي چُڪا آهن.

رئيس حيات خان کي رئيس نور محمد خان نالي فرزند پيدا ٿيو، جنهن کي چار فرزند ٿيا: 1. رئيس آگيڏنو خان، 2 رئيس صاحبڏنو خان، 3. رئيس م ڪامل خان ۽ 4. رئيس يار محمد خان موجوه ڳوٺ تي نالو انهيءَ آگيڏني خان جي ڪري پيو.

رئيس آگيڏني خان کي ست فرزند ٿيا، جن مان ميان علي بخش خان کي ٻه فرزند ٿيا: رئيس امام بخش خان ۽ رئيس الهڏنو خان.

رئيس امام بخش خان 4 جنوري 1902ع تي ڄائو. ابتدا ۾ قرآن شريف پڙهيائين، پوءِ ستين درجي تائين سنڌي پڙهي، سڪندر نامي تائين فارسي پڙهيائين، انهيءَ تعليم حاصل ڪرڻ بعد، هن زمينداري ڪم ۾ دلچسپي وٺي، زمين سڌاري ۽ ملڪيت وڌائي.

سال 1928ع ۾، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ٽيهن سالن تائين لاڳيتو ميمبر چونڊيو آيو. ڪجهه وقت تعلقي گهوڙا ٻاريءَ جو پريزيڊنٽ ۽  1933ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيو، سنڌ جي عام زميندار ڪلاس وانگر، هي ڪامورن  سان لاڳاپي ۽ طاقتور گروهه سان دوستي رکڻ جو اختيار ڪندو آيو، جنهن ڪري کيس 1931ع ۾ ڪمشنر صاحب جي درٻار جي ڪرسيءَ جي سند ملي. 1943ع ۾ وائسراءِ هند کان، قيصر هند جو تمغو انعام مليس. ان کان سواءِ کيس ٻيا ڪيترا آفرين ناما به عطا ٿيا. سال 1942ع ۾ کيس ’خان صاحب‘ جو لقب مليو. انهيءَ وقت کان جي پي به ٿيو. ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ ۾ جڏهن منهنجو مسٽر گبسن ڪليڪٽر ڪراچيءَ سان اختلاف ٿي پيو، تڏهن هي صاحب قاضي عبدالرحمان، چيف آفيسر لوڪل بورڊ، جي سرڪاري گروهه جو سرگرم رڪن ٿي رهيو.

جڏهن سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ، مسلم ليگ جماعت زور وٺڻ لڳي، تڏهن هي ان ۾ داخل ٿي ويو. هڪ وقت تعلقي مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ ۽ صوبي مسلم ليگ جو ميمبر ٿي رهيو. آخر ۾ جڏهن چڱو اثر ۽ رسوخ حاصل ڪري ويو، تڏهن ڳاهن گڏجي، کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي.

هن اڪثر طاقت ۾ آيل ماڻهن سان دوستاڻا تعلقات رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. وڏيرو محمد عثمان سومرو ۽ قاضي عبدلرحمان سندس شخصي دوستن مان هئا، ازانسواءِ سردار واحد بخش خان ڀٽي ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي سان به چڱا تعلقات هئس، جن کي انهيءَ حد ۾ زمين به خريد ڪرائي ڏنائين.

کيس چار فرزند آهن: آگيڏنو خان، نور محمد خان، پير محمد خان ۽ محمد حيات خان.

26- رئيس علي مردان خان ولد رئيس غلام شاهه خان لغاري

(سڪرنڊ)

هي لغارين جي سيرڪاڻي قبيلي مان هو، جي ديري غازي خان جي طرف کان ميرن جي صاحبيءَ ۾ لڏي اچي، خيرپور ۾ ويٺا هئا، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان هن جي ڏاڏي رئيس سعيد خان کي سبزل ڪوٽ جو نواب مقرر ڪيو هو. ان جي فرزند ميان مير خان کي ميرن طرفان سڪرنڊ جي ڀر ۾ جاگير ملي، جنهن ڪري هن اتان لڏي اچي سڪرنڊ جي ڀر ۾ سندس نالي سان ڳوٺ ٻڌو، جو اڃا تائين مير خان لغاري ڳوٺ جي نالي سان سڏجي پيو. رئيس مير خان کي بختيار خان نالي فرزند  پيدا ٿيو، جنهن جا ٻه پٽ ٿيا: ميان مير خان ۽ ميان غلام شاهه، رئيس علي مردان خان، رئيس غلام شاهه جو ڏاڏي پوٽيءَ گهر واريءَ مان فرزند هو. ان کان سواءِ کيس هڪ داشته مائيءَ مان به ٻه فرزند ٿيا: ميان هادي بخش خان ۽ ميان رسول بخش خان، ميرن هن  خاندان کي جملي ٽي جاگيرون ڏنيون، جن ما ٻه خيرپور ناٿن شاهه طرف، هڪ ”ڪرڪٽ“ ۽ ٻي ”گوزو“ جاگيرون هيون ۽ ٽين جاگير پاٺي تعلقي سڪرنڊ ۾ هئي. حمل خان لغاري، سنڌ جو مشهور شاعر، رئيسن جو استاد هو.

هن  خاندان جا اسان جي شاهن سان گهڻي وقت کان دوستاڻا تعلقات هئا. رئيس ميان بختيار خان جو منهنجي وڏي ڏاڏي ميان ڇتن شاهه سان گهاٽو دوستاڻو رستو هو. ڏاڏي محمد شاهه  ولد ميان ڇتن  شاهه، سندس والد جي ڏينهن  ۾ وفات ڪئي هئي.

سگهو ئي ميرن کان انگريزن صاحبي ورتي. ميان ڇتن شاهه حلف وفاداري کڻي، انگريزن کان جاگيرون نيون ڪرائڻ کان انڪار ڪيو هو، سگهو ئي پاڻ وفات ڪيائين. ان وقت سندس پوٽا، سيد داد محمد شاهه ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه صغير هئا. ٻيو ڪوبه نزديڪ عزيز سنڀال لهڻ جهڙو ڪونه هو. پيدائش جا ذريعا محدود هئا. ان وقت رئيس ميان بختيار خان شاهن جي مائٽن وانگر سنڀال ڪئي. سندس وفات بعد ميان غلام شاهه جا ڏاڏي داد محمد شاهه سان ڀائرن جهڙا تعلقات هلندا آيا. انهيءَ تعلقات جي بنياد تي منهنجو والد به رئيس ميان علي مردان خان سان ڀائرن جهڙو رستو رکندو آيو. رئيس علي مردان جي شادي به منهنجي والد، سندس مريدن مان، ميان قادر بخش خان ناريجي جي نياڻيءَ سان ڪرائي، جو سرائي ڪوڙي خان جي اولاد مان هو، جنهن جي نالي اڃا حيدرآباد ۾ چاڙهي سڏبي اچي. ان گهر مان رئيس علي مردان خان کي رئيس فتح محمد خان نالي فرزند ڄائو.

مون کي يادگيري آهي ته پنهنجن جاگيرن، ڪرڪٽ ۽ گوزي طرف وڃڻ مهل، رئيس صاحب سن ۾ اچي رهندو هو. ساڻس وڏو  اٽالو هوندو هو. سواريءَ مهل پيٽ کي سندرو ۽ ٽنگن کي پٽيون ٻڌندو هو. سامان کڻڻ لاءِ چمڙي جا ٿيلها ساڻ هوندا هئا، پنج ڇهه نوڪر ساڻ کڻندو هو.

رئيس صاحب 12 رجب 1345هه، مطابق 16 جنوري 1927ع تي وفات ڪئي. سج ٻه پاڇا آهن، اڄ نواب سعيد خان جي پڙپوٽي رئيس ميان فتح محمد خان جي حالت سقيم آهي. هن زمين اڳ ۾ سموري وڪرو ڪري ڇڏي هئي، ويتر جو جاگيرون بنا معاوضي جي موجوده سرڪار رد ڪيون، تنهن سندس حالت ويتر مسڪين بڻائي ڇڏي. انگريزن ٽالپري دؤر جي پيدا ڪيل حڪمران طبقي کان طاقت کسي، پنهنجي هٿ ۾ رکي، ليڪن سندن گذر معاش جي جاگيرن کي هٿ نه لاتو. انهن جي وڃڻ کان پوءِ سندن پيدا ڪيل ڪامورا شاهيءَ هنن کان جاگيرون به کسي ڇڏيون، ۽ پنهنجي طبقي جي ماڻهن کي ورسائڻ شروع ڪيو آهي. اڳتي هلي انهيءَ طبقي جو ڪهڙو حشر ٿيڻ وارو آهي، ان جو پتو مستقبل جي تاريخدانن کي پئجي سگهندو.

رئيس فتح محمد خان کي اولاد ڪو نه آهي. هن وقت صرف اڳوڻن رئيسن جا قبا سندن قديم اوج جي نشاني وڃي رهيا آهن.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org