صفحو : 20

باب-

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

سيڪشن؛  شخصيات

 

 سياستدان

مسٽر هوشنگ نادر شاهه ايدلجي ڊنشا

(ڪراچي)

هي پارسي برادريءَ جي ڊنشا پاڙي مان، هڪ شاهوڪار واپاري خاندان مان آهي. سندس ڏاڏو، مسٽر ايدلجي ڊنشا، اٽڪل هڪ سؤ کن ورهيه اڳ، پوني کان لڌي اچي ڪراچيءَ ۾ مقيم ٿيو، جتي واپار ۾ ترقي ڪري وڏي جائداد ٺاهي ويو. کيس نادر شاهه نالي فرزند ٿيو، جنهن به والد جي ڇڏيل ڪاروبار کي نه صرف سنڀاليو، پر ترقي وٺائي. هن سڪندر آباد مان مسٽر جمشيد چينائيءَ جي نياڻيءَ، خورشيد ٻائيءَ سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس چار فرزند پيدا ٿيا: 1. رستم نادر شاهه ڊنشا، 2. منوچهر نادر شاهه  ڊنشا، 3. فريدون نادر شاهه ڊنشا، ۽ 4. هوشنگ نادر شاهه ڊنشا.

مسٽر نادر شاهه، گهڻي ملڪيت ڇڏي، نومبر 1922ع ۾ وفات ڪئي.  سندس فرزندن مان، مسٽر هوشنگ نادر شاهه ايدلجي ڊنشا، 24 مئي 1884ع تي، ناناڻن ۾، حيدرآباد دکن رياست جي سڪندر آباد شهر ۾ پيدا ٿيو. ثانوي تعليم نارائڻ جگنناٿ (اين. جي. وي) هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ ورتائين، ۽ 1905ع ۾ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪيائين.

1908ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو، جنهن تي 1936ع  تائين هلندو آيو. ان کان پوءِ، سندس قبيلي جا نوجوان ميونسپالٽيءَ تي

 

 

 

 

چونڊجڻ لڳا. هن ۽ سندس ڀائرن، پيءُ جي يادگار قائم رکڻ لاءِ، ڪراچيءَ ۾ انجنيئرنگ ڪاليج کولڻ ۾ وڏو عطيو ڏنو، جنهن ڪري ان تي نادر شاهه ايدلجي ڊنشا (اين. اي. ڊي) انجنيئرنگ ڪاليج نالو رکيو ويو. اهو ڪاليج 1922ع ۾ قائم ٿيو. اهڙيءَ طرح ميونسپالٽيءَ کي عطيو ڏيئي، لارينس روڊ تي، نادر شاهه ايدلجي اسپتال کولارايائون. ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ به گهڻو عطيو ڏنانئون. ڪراچيءَ جي اڪثر خيراتي ڪمن ۾ هنن ڪشاده دليءَ سان چندو پئي ڏنو آهي. نه رڳو تعليم، صحت ۽ سماجي خدمتن جي ادارن ۾ سندن سخاوت ڪم ايندي رهي آهي، بلڪه ڪيترين سياسي جماعتن کي به هنن جي مدد پهچندي رهي آهي. مسلم ليگ ۽ هاري پارٽيءَ کي گهڻي مدد پئي ڪئي اٿن. اڪثر ڪري سندن مدد مخفي ۽ بنا شهرت رهي آهي ۽ ”هڪ هٿ سان ڏجي ته ٻئي کي خبر نه پوي“ واري خيرات جي اصول تي سندن عمل پئي رهيو آهي.

مسٽر هوشنگ ڊنشا آزاد خيال، بيڊپو، خوش خلق، رلڻو ملڻو ڪارڪن آهي ۽ چڱن ڪمن ۾ دل کولي عطيا پئي ڏنا اٿس. لالچ ۽ ڊپ کان ٻاهر پئي رهيو آهي. ڪيترن ئي سماجي ۽ تجارتي ادارن جو ميمبر رهي پئي خدمت ڪئي اٿس، جن مان ڪن جا نالا هي آهن:

1. ٽرسٽي، ليڊي ڊفرن اسپتال ۽ ميمبر، مئنيجنگ ڪاميٽي.

2. ميمبر، حسيني اڪيڊمي (پوءِ  ڪراچي اڪيڊمي).

3. ميمبر، بئرس ائنڊ شپرس ايسوسيئيشن.

4. وائيس پريزيڊنٽ، فيڊريشن آف ڪامرس ايسوسيئيشن.

5. ڊائريڪٽر، انڊسٽريل فنانس ڪارپوريشن.

6. ميمبر، سنڌ ڊيلميٽيشن ڪميٽي فار سنڌ  سيپريشن (بمبئيءَ کان سنڌ جي علحدگيءَ لاءِ حدبندي ڪاميٽي).

7. پاڪستان سرڪار پاران نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو  ٿاڦيل پريزيڊنٽ، 1952ع کان اڄ تائين.

سر حاجي عبدالله هارون، مسٽر جمشِد ميهتا، مسٽر غلام علي چاڳلا، حاتم علوي، قائداعظم مسٽر محمد علي جناح ۽ ٻين ڪيترن مکيه ملڪ جي ليڊرن سان سندس دوستاڻا تعلقات رهيا آهن. هن وقت 1963ع ۾ مسٽڙ هوشنگ 79سالن جي عمر ۾ آهي. طبيعت جي ٺيڪ نه گذارڻ جي باوجود، اڪثر جهونن دوستن سان  ملندو رهندو آهي.

راءِ بهادر شيوارام ڏيونمل وزيراڻي

(ٺٽو: ڪراچي)

هي صاحب ٺٽي جي مشهور  وزيراڻي ديوانن مان هو، جي ميرن جي ڏينهن ۾ خاص عهدن تي هئا. پاڻ ٺٽي شهر ۾، 17 سيپٽمبر 1883ع تي ڄائو هو. سندس والد راءِ بهادر ديوان ڏيونمل کيمچند، سنڌ جي ڪمشنر جو اسستنٽ ٿي رهيو هو، جو عهدو انهن ڏينهن ۾ اهم ليکيو ويندو هو. سندس چاچو، ديوان ٽهلرام کيمچند، سي، آءِ اي، ناميارو وڪيل هو ۽  ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڏهن سالن تائين پريزيڊنٽ ٿي رهيو هو.

ديوان شيوارام ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم ڪراچيءَ ۾ ورتي. سندس ڪٽنب انهيءَ وقت ڌاري ٺٽي مان لڏي، ڪراچيءَ ۾ ٺٽائي ڪمپائونڊ، بندر روڊ تي پنهنجون جايون ٺهرائي اچي ويٺو  هو. ٺٽي ۾ زمين خاطر يا لڳ لاڳاپي لاءِ ويندا هئا. نه ته سندن دائمي رهائش ڪراچيءَ ۾ هئي. ديوان ڏيونمل کي چار پٽ ٿيا: 1. ديوان شيوارام، 2. ديوان وشنداس، 3. ديوان جمناداس، ۽ 4. مسٽر ديويداس.

وڏي ٿيڻ بعد، ديوان شيوارام زمينداري ۽ واپار جو ڪم ڪندو هو. سگهو ئي  ٻاويهن ورهين جي ڄمار ۾، شهري ڪمن ۾ دلچسپي وٺن لڳو، جنهن ڪري کيس 1906ع جي آڪٽوبر ۾ سرڪار پاران ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر نامزد ڪيو ويو، جنهن تي وري 5 مئي 1909ع ۾ نامزد ٿيو، ساڳئي سال ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ تي ميمبر نامزد ٿيو. جڏهن 1912ع ۾ سرڪار طرفان ڪراچي شهر ۾ آنرري مئجسٽريٽ مقرر ڪيا ويا، ته هن کي به آنرري مئجسٽريٽ ڪري رکيو ويو. 1934ع ۾ اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ مقرر ٿيو، انهيءَ وقت کان هي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ ايتريقدر مشهور ٿي ويو جو 1913ع ۾ جيڪو آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس سنڌ ۾  ٿيو، تنهن جي مرحبائي ڪاميٽيءَ  تي مسٽر ڏيپچند اوجها سان گڏ کيس خزانچي مقرر ڪيو ويو هو. هي ديوان ٽهلرام کيمچند، ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي پهرئين نان آفيشل پريزيڊنٽ (جو 1896ع  ۾ پريزيڊنٽ مقرر ٿيو ۽ 1905ع ۾ سندس ديهانت تائين انهيءَ عهدي تي رهيو) جو ڀائٽيو هو.

1920ع ۾ ديوان صاحب ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو پهريون چونڊيل پريزيڊنٽ ٿيو، جنهن مان انهيءَ وقت ڌاري ضلعي جي مسلمان ميمبرن تي سندس اثر ۽ سرڪاري عملي سان لاڳاپن جو اندازو ٿي سگهي  ٿو. ضلعي لوڪل بورڊ ۾ مسلمان ميمبرن جي اڪثريت هوندي هئي. ٻين لائق مسلمان ميمبرن جي هوندي، 1920ع کان 1928ع تائين هن جي پريزيڊنٽ چونڊجڻ مان سندس خوشخلقي، رهائيءَ ۽ لاڳاپي جو پتو پئجي سگهي ٿو. پاڻ ”برهمو سماج جماعت“ جو ميمبر هو، جا آزاد خيال هندن جي جماعت هئي. ان ۾ مذهبي تعصب جو ڀيد ڀاءُ ڪو نه هوندو هو. ان جو باني راجا رام موهن راءِ، اسلام جو ڄاڻو ۽ آزاد خيال صوفي منش ماڻهو هو.

آءُ پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان جو  ههڙي لائق ماڻهوءَ جي جاءِ تي چونڊجي آيس. مون کي ياد آهي ته هي ڪڏهن به ان جاءِ تان هٽي نه سگهي ها، جيڪڏهن ديوان هرچند راءِ، سندس سؤٽ جي جوانيءَ واري جوش ڪري راءِ بهادر جي مخالفت پيدا نه ٿئي ها. پر وري 10 اپريل  1937ع ۾، سنڌ جدا ٿيڻ بعد، هي ٻئي دفعي ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ نامزد ٿي ويو. خانبهادر الهه بخش سومري جي وزارت، لوڪل بورڊ ۽ ميونسپالٽين  مان، سرڪار پاران ميمبرن کي نامزد ڪرڻ وارو  سرشتو ڪڍي ڇڏيو ته هن کي به پريزيڊنٽيءَ جي جاءِ خالي ڪرڻي پيئي.

1921ع ۾ کيس ”راءِ صاحب“ جو  خطاب مليو ۽ 1927ع ۾ ”راءِ  بهادر“ جو. ٺٽي- سجاول جو نئون جهاز هن جي ڏينهن ۾ ٺهيو هو، ان ڪري مٿس سندس نالو هو، جو پوءِ محمد يوسف چانڊئي جي پريزيڊنٽيءَ جي وقت  ۾ بدلائي کهڙي صاحب جي نالي ڪيو ويو.

راءِ بهادر شيوارام، 1. ڪراچيءَ ۾ لوئيس لارينس انسٽيٽيوٽ جي بانين مان هو، 2 ڪراچي ميونسپل گارڊن ڪاميٽيءَ جو ڪيترا سال چيئرمين ٿي رهيو، 3. ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو 1927ع کان 1930ع تائين چيئرمين  ٿي رهيو: ۽ ٻين هيٺين ادارن تي ڪم ڪيائين:

1. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، 1924ع.

2. ريلوي ائڊوائيزري ڪاميٽي. 1924ع.

3. ڪراچي سينٽرل جيل ڪاميٽي، 1923ع کان 1927ع تائين.

4. ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر؛ 1921ع کان 1928ع تائين.

5. ڪراچي بئنڪ جو چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر، 1919ع کان 1929ع تائين.

6. ڊي. جي سنڌ ڪاليج بورڊ جو ميمبر، 1917ع کان 1928ع تائين.

7. ڪراچي ڪلب جو پريزيڊنٽ، 1926.

8.”سنڌ آبزرور“ انگلش ڊيلي لميٽيڊ جي بورڊ جو چيئرمين.

9. ڪراچي جي هندو جيمخاني جو آنرري خزانچي.

10. سنڌ پراونشل ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جو آنرري خزانچي.

11. ڪراچي سول اسپتال ايسوسيئيشن جو ميمبر.

12. ڪراچي ايئرو ڪلب جو ميمبر.

13. انڊين روڊس ائنڊ ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن ڪراچي برانچ جو چيئرمين.

راءِ بهادر شيوارام، ڪم آزار، خوش خلق، وقت سر ڪم ايندڙ، وسيع لاڳاپن جو مالڪ، سچو دوست، بغض ۽ دشمنيءَ جي خرابيءَ کان خالي هو. ان جو پتو ان مان پئجي سگهي ٿو ته جڏهن آءُ سندس سخت مخالفت ڪندي به، سندس جاءِ تي ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊجي ويس ۽ سرڪاري آفيسرن جي چرچ تي چيف آفيسر جي گروهه منهنجي مخالفت شروع ڪري ڏني، تڏهن راءِ بهادر اڳيون سڀ ڳالهيون وساري، مون سان مڪمل ساٿ ڏنو ۽ آخر وقت تائين دوستاڻا تعلقات قائم رکيو آيو.

سندس فرزند، مسٽر ڀوڄراج، پوءِ به پاڪستان اندر سرڪاري نوڪريءَ ۾ رهندو آيو، جتان رٽائر ڪرڻ بعد، والد جي انتقال سبب وڃي  بمبئيءَ ۾ رهيو؛ اتي واپار ڪري، چڱي حيثيت ٺاهي ويو آهي. راءِ بهادر جو ڀاءُ، ديوان جمناداس، ڪسٽم کاتي ۾ آفيسري عهدي تان رٽائر ڪري،  بمبئي هليو ويو. مسٽر ڀوڄراج کان سواءِ، راءِ بهادر جا ٻيا ٽي فرزند آهن: مسٽر فتح چند، مسٽر موهن لعل ۽ مسٽر وشنداس جي سڀ واپار ۽ نوڪرين ۾ چڱي حيثيت ڪري ويا آهن.

 

3- سيد ميران محمد شاهه ولد زين العابدين شاهه

(ٽکڙ: حيدرآباد)

خاندان جو احوال:

شاهه صاحب مٽياري سيدن جي منعمائي پاڙي جي ٽکڙ ۾ ويٺل ساداتن مان هو. سندن وڏي ڏاڏي، سيد عبدالحڪيم شاهه شهيد (جنهن جي ڀاءُ سيد شهمير شاهه ٽکڙ جو ڳوٺ ٻڌو هو)، کي  ٻه فرزند ٿيا: سيد بادو شاهه ۽ سيد قاسم شاهه.

(الف) سيد بادي شاهه جي فرزند سيد عبدالحڪيم شاهه مان، سيد اسدالله شاهه وڏو ڄائو، جنهن کي وري سيد الهه بخش شاهه فرزند ٿيو. سيد الهه بخش شاهه جا پنج فرزند ٿيا: 1. سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه، 2. سيد حاجي غلام شاهه، 3. سيد حاجي قاضي اسدالله شاهه، 4. سيد حاجي محمد حافظ شاهه، ۽ 5. سيد حاجي علي اصغر شاهه. انهن مان پهرئين ۽ ٽئي جي زندگيءَ جو احوال  هن ڪتاب ۾ اڳي ڏنل آهي.

(ب) سيد عبدالحڪيم شاهه شهيد جي ٻئي فرزند، سيد قاسم شاهه کي چار فرزند ٿيا: 1. سيد چڱل شاهه، 2. سيد محمد شاهه حڪيم، 3. سيد شرف علي شاهه، ۽ 4. سيد حسين شاهه. انهن مان پهريون لاولد وفات ڪري ويو ۽ پوئين جو اولاد اڳتي هلي بند ٿيو. ٽئين جي اولاد مان سيد عبدالهادي شاهه، لطف علي شاهه ۽ حاجي غلام احمد شاهه آهن. نمبر ٻئي، سيد محمد شاهه حڪيم، کي ڇهه فرزند ٿيا: 1. سيد غلام نبي شاهه، 2. سيد چڱل شاهه، 3. سيد حافظ  ميران  محمد شاهه وڏو، 4. سيد حاجي محمد رحيم شاهه، 5. سيد فيض محمد شاهه، ۽ 6. سيد حاجي غلام نبي شاهه حڪيم. انهن مان پهريون، ٻيو، چوٿون ۽ پنجون  لاولد ٿيا، ڇهين جي اولاد مان سيد فيض محمد شاهه وارا ٿيا. ٽئين نمبر فرزند، سيد حاجي ميران  محمد شاهه حڪيم (متوفي 1309هه، مطابق 1845ع) کي چار فرزند ٿيا: 1. سيد محمد شاهه مجذوب، 2. سيد زين العابدين شاهه عرف چڱل شاهه، 3. حاجي عبدالقادر شاهه، ۽ 4. سيد محمد شاهه ٻيو. حاجي سيد عبدالقادر شاهه جي اولاد ۾ حاجي محمد رحيم شاهه ۽ ٻيا ٿيا. سيد محمد شاهه ٻئي مان سيد محمد اڪرم شاهه ۽ محمد اشرف شاهه ٿيا. سيد زين العابدين شاهه کي ٻه فرزند ٿيا: سيد ميران  محمد شاهه ۽ سيد محمد قاسم شاهه، هتي سيد زين العابدين جي پهرئين فرزند، سيد ميران محمد شاهه جي زندگيءَ جو مختصر احوال پيش ڪجي ٿو.

شخصي زندگي:

سيد ميران محمد شاهه، 19 مارچ 1898ع تي، ڳوٺ ٽکڙ تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم حافظ محمد يوسف ۽ حافظ هارون وٽ حاصل ڪيائين، پوءِ پرائمري اسڪول مان چار درجا پاس ڪري، ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي مان، 1921ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ هو ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان بي. اي ۽ ايل . ايل. بي جا  امتحان ڏيئي، 1924ع ڌاري، حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. اول ۾ مسٽر سنتداس منگهارام وڪيل جي فرم ۾ داخل ٿي وڪالت ڪرڻ لڳو. وڪالت ۾ معمولي قابليت ڏيکاريائين. سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ٻه ٽي دفعا ڪوشش ڪيائين، پر ڪا نه ملي سگهيس. وڪالت جي سلسلي ۾، هو لڏي اچي  حيدرآباد ويٺو، جتي ااڃا تائين سندس خاندان وارا رهن ٿا. کيس مائٽاڻي زمين ۽ وڪالت مان جيڪا پيدائش ٿيندي هئي، سا سندس والد جي ڪفايت شعاريءَ جي باوجود پوري ڪا نه ٿيندي هئي. آخري وقت ۾ هو حيدرآباد ۾، بيمار ۽ سياست کان ٻاهر زندگي گذاري رهيو هو. کيس هڪ فرزند سيد قبول محمد شاهه ٿيو، جو جوانيءَ ۾ ئي کيس فراقت جو داغ ڏيئي ويو؛ ٻيو ڪو نرينو اولاد ڪو نه ٿيس، کيس ٻه نياڻيون ٿيون، جن مان هڪ سيد حاجي غلام احمد شاهه جي گهر ۾، ۽ ٻي سندس ڀائٽيي قمر الزمان جي گهر ۾ آهي. سندس والد 1950ع تي وفات ڪئي.

سماجي ۽ سياسي زندگي:

شاهه صاحب ننڍي هوندي کان وٺي، پنهنجي عزيز ۽ بزرگ حاجي  اسدالله شاهه مرحوم جي خلافت تحريڪ ۾ حصي وٺڻ واري وقت کان،  باوجود پڙهڻ جي، سياسي ماحول ۾ پليو هو. مارچ 1924ع ۾ سَنَ ۾، مٽياري سيدن جي ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين ۽ ان کان پوءِ سنڌ ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس، منعقد حيدرآباد جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.

1925ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو، انهيءَ سال ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اسڪول بورڊ حيدرآباد جو چيئرمين چونڊيو، 1928ع ۾ سر غلام  حسين هدايت الله جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر مقرر ٿيڻ بعد، سندس خالي ٿيل جاءِ تي شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مرزا سڪندر بيگ جي مقابلي ۾، بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊيو. 1929ع ۾ حيدرآباد ضلعي لوڪل  بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو. تنهن وقت بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ طرفان جيڪي هوشيار ۽ تعليم يافته ميمبر چونڊيل هئا. شاهه صاحب انهن مان هڪ هو.

بمبئي صوبي طرفان ”سائمن ڪميشن“ کي مدد ڏيڻ لاءِ جا ڪاميٽي مقرر ٿي هئي، تنهن تي به شاهه صاحب ميمبر ٿي ڪم ڪيو. ڪاميٽيءَ اڳيان جڏهن سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪري، خودمختيار صوبي بنائڻ جو سوال آيو،  ته سنڌ جي هڪ ميمبر، سر شاهنواز خان ڀٽي، سرڪاري رپورٽ تي سنڌ کي جدا ڪرڻ جي خلاف ووٽ ڏنو؛ پر ميران محمد شاهه ان تي اختلافي نوٽ لکي، سنڌ کي جدا ڪرڻ تي زور ڏنو. پاڻ سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري به ٿي رهيو هو.

شاهه صاحب 1936ع تائين بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو؛ ان کان پوءِ هڪ سال لاءِ، سنڌ ڪائونسل جو ميمبر هو؛ ۽ 1937ع ۾ جڏهن  آزاد سنڌ جي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون ته مسٽر نور محمد وڪيل ۽ مرزا سڪندر بيگ جي مقابلي ۾ ؛ حيدرآباد شهر ۽ تعلقي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. ڪجهه وقت سر غلام حسين جي وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري هو ۽ پوءِ ديوان ڀوڄ سنگهه اسپيڪر جي انتقال ڪرڻ تي، 1938ع ۾ کيس سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. پاڻ 1946ع تائين انهيءَ عهد تي رهيو.  ان کان پوءِ سنڌ سرڪار ۾ وزارت جي عهدي تي مختلف چيف منسٽرن جي وزارتن ۾، 1952ع تائين هلندو آيو. کيس 1952ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان اسپين جو سفير مقرر ڪيو ويو. 1953ع ۾ حڪومت جي سفارتي عهدن تي سرڪاري عملدارن کي مقرر ڪرڻ واريءَ پاليسيءَ سبب کانئس اهو عهدو واپس ورتو ويو. ان بعد کيس ڪراچي امپروومينٽ ٽرسٽ جو چيئرمين مقر ڪيو ويو، جنهن تي 1957ع تائين رهيو.

شاهه صاحب ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو 1940ع کان 1952ع تائين چيئرمين رهيو، ۽ پوءِ ميمبر رهندو آيو. ڪجهه وقت بورڊ جو آنرري سيڪريٽري به ٿي ڪم ڪيائين.

1932ع ۾، شاهه عبداللطيف جي ميلي جي موقعي تي پاڻ ڀٽ شاهه ۾ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو بنياد وڌائين. 1950ع ۾ وزير ٿيڻ تي، شاهي رستي کان ڀٽ شاهه تائين پڪو  رستو ٺهرايائين ۽ ادبي ڪانفرنس کي خوب زور وٺايائين. ڪيترو وقت شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽيءَ جو چيرمين ٿي رهيو. جڏهن کان مسلم  ليگ طاقت ۾ آئي، شاهه صاحب مسلم ليگ جو ميمبر رهندو آيو، سندس سياسي ڪردار سنڌ جي اڪثر تعليم يافته ميمبرن وانگر، شخصي قتدار جي بنياد تي ٻڌل پئي رهيو.

ادبي ۽ ثقافتي زندگي:

سيد ميران محمد شاهه ننڍي هوندي کان شعر چوندو هو. سندس تخلص ”مير“ ۽ ”مهجور“ رهيا آهن. ڪافي ڪلام چيو اٿس، جنهن ۾  غزل ۽ ڪافيون شامل آهن. نثر جو تمام عمدو ليکڪ هو، پر چند مضمونن کان سواءِ، ڪو مڪمل ڪتاب ڪو نه لکيو اٿس. 1924ع کان وٺي، مون سان واقف ٿيڻ بعد، مختلف جڳهين تان مون کي جيڪي  خط پئي لکيا اٿس، تن مان ڪڍي چونڊي مون ڪي ڪتابي صورت ۾ آندا آهن ۽ اُهي سنڌي ادبي بورڊ پاران ”رهاڻ“ جي نالي سان شايع ٿي چُڪا آهن. انهن مان سندس شخصيت، طبيعت ۽ مزاج جي رنگينيءَ سان گڏ، سندس قلم جي روانيءَ جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو.

تعليم سان کيس خاص دلچسپي هوندي هئي. سنڌ مدرسه بورڊ، سنڌ ڪاليج بورڊ، سنڌي ادبي بورڊ، بمبئي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي ۽ اهڙن ٻين ادارن لاءِ ڪم ڪرڻ مان، انهيءَ طرف ڏانهن سندس طبيعت  جي لاڙي جو پتو پئجي سگهي ٿو. سنڌ يونيورسٽي ٺاهڻ لاءِ جا ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي هئي. شاهه صاحب ان جو چيئرمين ٿي ڪم ڪيو هو، پر سندس زندگيءَ جو نمايان ڪم شاهه عبداللطيف جي ميلي جي موقعن تي ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس جو بنياد وجهڻ ۽ موجوده ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، جي تجويز تيار ڪري، ڪوشش وٺي ان جي تعمير جي شروعات ڪرائڻ هو.

شاهه صاحٻ راڳ جو خاص شوقين ۽ ڄاڻو هو. شاهه لطيف ۽ روميءَ جو شارح ۽ پوئلڳ هو. سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ سندس  ڪوششون وسارڻ جهڙيون هرگز نه آهن، زنده دل، رنگين مزاج ۽ يار ويس شخص هو.  شخصي دوستيءَ جو سچو ۽ محبتي انسان هو.

مون سان تعلقات:

مون سان سندس پهرئين دفعي واقفيت، مارچ 1924ع ۾ سن ۾ سڏايل مٽياري سيدن جي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي، جا وڌي وڃي گهريءَ دوستيءَ جي درجي تي پهتي. سياسي، سماجي ۽ ادبي ڪمن ۾ گڏ پئي رهياسون. سنڌ اسيمبليءَ ۾ اتحاد پارٽيءَ طرفان ميمبر چونڊجڻ بعد جڏهن هن وڃي غلام حسين جي وزارت سان شموليت ڪئي، تنهن کان پوءِ اسان جا سياسي لاڙا جيتوڻيڪ جدا  پئي رهيا آهن، پر شخصي، ادبي ۽ ثقافتي بنيادن تي کڙا ٿيل دوستاڻا تعلقات ڪڏهن به نه ٽٽا. ڪيترا دفعا آءُ ساڻس سخت بياني ۽ سخت ڪوشيءَ سان پيش آيو هوندس، پر هن ڪڏهن  به  منهن نه مَٽيو. سندس سياسي خامين ۽  ڪوتاهين جو حساب مون کي وٺڻو نه آهي؛ انهن عيبن کان آءُ به خالي نه آهيان. هتي هي بيان ڪرڻ ڪافي ٿيندو ته باوجود طبيعتن جي فرق ۽ اختلاف جي، هڪ تار ڳنڍيل هئي، جا اسان کي آّخر تائين ڳنڍيو پئي آئي، سا تار ”لطيف“ جي محبت ۽ لاڳاپي جي هئي:

”وڏي وَسَ“ هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾.“

آءُ اڃا سندس لکيل خطن کي ڪتابي صورت ڏيئي کيس ملاحظي لاءِ موڪلڻ وارو هوس ته اوچتو تاريخ 16 نومبر 1963ع، مطابق 28 جمادي الثاني 1383هه، ڇنڇر ڏينهن، شام جي ساڍي چئين بجي، مفارقت جو داغ ڏيئي، انهيءَ طرف ڏانهن روانو ٿي ويو، جتان ڪو به نه موٽيو آهي.

مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا،

ڪڏهن ڪو آئيو، تن پنوهارن پهي،

ويڙا سي وهي، جَنبُ گذاريم جن سين!

 

 

حاجي محمد هاشم ولد ميان فيض محمد گزدر

(ڪراچي)

هي صاحب راجپوتن جي سسوڊيا قبيلي جي اُڌيپور واريءَ شاخ مان آهي. سندس وڏا، انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، راجپوتانا کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا هئا. سندس والد جو نالو مييان فيض محمد ۽ والده جو نالو رحمت ٻائي آهي. پاڻ پهرين فيبروري 1895ع تي، جيسلمير (راجپوتانا) ۾ ڄائو هو. 1903ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ 1910ع ۾ اتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. پوءِ ڊي، جي سنڌ ڪاليج ۾ 12-1911ع تائين پڙهي، انٽر جو امتحان ڏنانيئن. اتان پونا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهڻ ويو ۽ بي. اي سول  برانچ جو امتحان پاس ڪيائين. کيس راندين جو گهڻو شوق هو ۽ اسڪول ۽ ڪاليج جي وقت ۾ فوٽبال، هاڪي، ڪرڪيٽ ۽ ٽينس راندين ۾ بهرو وٺي، خاص شهرت حاصل ڪئي هئائين.

تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، هو انڊيا جي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرس جو ميمبر بڻيو، ۽ پهرين بهاولپور رياست جي چولستان صحرا جي سروي کاتي ۾ نوڪري ڪيائين، جو ستلج پروجيڪٽ ٺهڻ وارو زمانو هو. ان کان پوءِ، اتان نڪري حيدرآباد دکن ۾ عثمان ساگر ۽ حمايت ساگر جي نون پراجيڪٽن ۾ وڃي نوڪري ڪيائين، جتي تعميراتي ڪمن ۾ چڱو تجربو پرايائين. ان کان پوءِ، بمبئي ۾ مزدور ڪلاس لاءِ گهرن ٺهرائڻ واري اسڪيم ۾ وڃي ڪم ڪيائين، جتان پوءِ بئڪ- بي اسڪيم ۾ ڪم  جو تجربو حاصل ڪيائين. سکر بئراج ٺهڻ وقت، سنڌ جي انجنيئري کاتي ۾ به نوڪري ڪيائين.

بمبئيءَ وارين اسڪيمن تي ڪيل خرچ تي مسٽر نريمان، بمبئي ڪائونسل جي ميمبر، سخت نڪته چيني ڪئي، جنهن تي انڪوائري ڪئي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏا عملدار ته ڇٽي ويا، پر ڪن ننڍن عملدارن کي صدقي جي ٻڪري بنائي، نوڪريءَ کان رخصت ڏني ويئي. جن مان  مسٽر گزدر به هڪ هو. 1929ع کان 1933ع تائين، مسٽر گزدر ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو انجنيئر ٿي رهيو. ان وقت ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو آءُ پريزيڊنٽ هوس. منهنجي پريزيڊنٽيءَ جي دؤر کان پوءِ، خانبهادر الهه بخش خان گبول جي پريزيڊنٽيءَ جي زماني ۾، ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر مسٽر گبسن کيس نوڪريءَ مان ڪڍائي ڇڏيو.

انهيءَ سال جي آخر ۾ حاجي مير محمد بلوچ، بمبئي ڪائونسل جو  ميمبر انتقال ڪيو، ۽ 1934ع جي شروعات جي ضمني چونڊ ۾ مسٽر گزدر بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي چونڊجي ويو، جتي سنڌ جدا ٿيڻ تائين ميمبر رهيو، هڪ سال سنڌ ڪائونسل جو ميمبر رهيو، ۽ سنڌ  اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ وري ميمبر چونڊجي آيو، انهيءَ وقت ڌاري ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميمبر چونڊيو ۽ 1958ع تائين هلندو آيو. انهيءَ وچ ۾ ڪجهه وقت ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر ٿي به ڪم ڪيائين ۽ ڪارپوريشن جي مختلف مکيه ڪاميٽين تي رهي، چڱو تجربو پرايائين ۽ ڪارپوريشن ۾ عام ماڻهن جي خدمت ڪيائين. ازانسواءِ گزدر صاحب ٻين به ڪيترن ادارن ۾ رهيو آهي، جن مان مکيه هي آهن:

1. ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي فنانس ڪاميٽيءَ جو چيئرمين:

2. ڪراچي حج ڪاميٽيءَ جو چيئرمين، 1934ع کان 1958ع تائين؛

3. سنڌ مدرسه بورڊ جو ميمبر ۽ پوءِ پريزيڊنٽ، سالن جا سال، 1958ع تائين

4. نارٿ ويسٽرن ريلوي جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جو ميمبر، اٺ سال؛

5. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ٽرسٽي، 10 سال،

سنڌ اسيمبليءَ ۾ گذدر صاحب پهريائين اتحاد پارٽِءَ جو ميمبر هو، پر پوءِ جڏهن اتحاد پارٽِ ۽ سر غلام حسين جي وزارت پارٽي گڏجي ڊيموڪريٽڪ ڪوليشن پارٽي ٺاهي ته هي وزارت سان گڏ رهيو. جڏهن اتحاد پارٽيءَ هندو ميمبرن سان گڏجي، سر غلام حسين جي وزارت ڊاهي، الهه بخش جي وزارت وجود ۾ آندي ته هي مخالفت ۾ ويو؛ وري جڏهن سڀئي مسلم ليگ ۾ داخل ٿياسون ته هي به داخل ٿيو. 1942ع ۾ الهه بخش جي وزارت ڊسمس ٿيڻ بعد، سر غلام حسين جي هٿ هيٺ جا مسلم ليگ وزارت ٺهي، ان ۾ خانبهادر کهڙي سان گڏ هي به وزير ٿيو؛ هوم منسٽريءَ جي چارج کيس ڏني ويئي. ٿوري وقت کان پوءِ سنڌ مسلم ليگ ۽ سر غلام حسين جي گروهه ۾ اختلاف پيدا ٿيا  ته هن جماعت جو طرف ورتو، جنهن ڪري سر غلام حسين کيس وزارت مان ڪڍي ڇڏيو. وري جڏهن جناح صاحب جي زور بار پوڻ تي مسلم ليگ جماعت وزارت اڳيان پيش پيئي ته سر   غلام حسين هن کي وزارت ۾ رکڻ کان انڪار ڪيو ۽ محمد علي شاهه کي وزير بنايو ويو. جڏهن ٻيهر صوبائي مسلم ليگ ۽ هاءِ ڪمانڊ جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو ته هن ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي اثر ڪري ان جو طرف ورتو ۽ صوبائي مسلم ليگ جي نائب صدر هئڻ ڪري، جيڪا ائڊهاڪ مسلم ليگ ڪاميٽي ٺاهي ويئي، تنهن جو کيس چيئرمين ڪري رکيو ويو، پوءِ سمورو وقت هي مسلم ليگ سان وابسته رهيو آهي.

1946ع جي چونڊن بعد، گزدر صاحب ڪانسٽيٽيوئنٽ اسيمبلي آف انڊيا تي سنڌ اسيمبليءَ طرفان چونڊجي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد، ان جي ڪانسٽيٽيوئنٽ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪيائين، جتي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو ۽ ون يونٽ ٿيڻ تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. وري 1955ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ تي چونڊجي آيو. 1958ع جي آڪٽوبر تائين ان جو ميمبر رهيو، تان جو ملٽري ۽ سول سروس وارن گڏجي، ملڪ جي آئين کي رد ڪري، مارشل لا  هيٺ حڪومت هلائڻ شروع ڪئي. هن کي حڪومت جي تختي اٿلائڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري، جيل اُماڻيو يوو. 1961ع ۾ پريزيڊنٽ سندس سزا معاف ڪئي، جنهن ڪري هي آزاد ٿيو. هن وقت جيڪي سياستدان سياست ۾ حصي وٺڻ کان خارج ڪيل آهن، تن مان هي به هڪ آهي. تازو وري مٿس بغاوت جو ڪيس هلي رهيو هو، جنهن مان انصاف جي اميد نه ڏسي، سياست کان گوشه نشين ٿيڻ جي وعدي تي آزاد ٿيو آهي.

مون سان تعلقات :

 گزدر صاحب جا مون سان تعلقات، سندس ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي انجنيئر ٿيڻ وقت پيدا ٿيا. مون هن کي لوڪل بورڊ ۾ انجنيئر مقرر ڪرايو ۽ هي مون سان وفادار ٿي، لوڪل بورڊ ڪاروبار ۾ چيف آفيسر سندس گروهه ۽ مسٽر گبسن ڪليڪٽر طرفان پوندڙ رنڊڪن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪندو رهيو. ان کان پوءِ، ضلعي جدا ٿيڻ بعد جڏهن کيس لوڪل بورڊ جي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ته به  هي پنهنجا دوستاڻا تعلقات ساڳيءَ ريت قائم رکندو پئي آيو آهي، جيتوڻيڪ سياسي طور هي مسلم ليگ جماعت جو رڪن رهيو آهي ۽ آءُ مخالف گروهه، عوامي محاظ يا نيشنل عوامي پارٽِءَ جو ڪارڪن پئي رهيو آهيان، ته به اسان جي تعلقات ۾ ڪو به تفاوت  نه آيو آهي.

هي دوستيءَ جو سچو، همت وارو، صاف گو، بيڊپو ۽ سچو سنڌي ڪارڪن پئي رهيو آهي. هن لالچ ڪري، جماعتي رنگ ڪڏهن نه بدلايو آهي. هڪ وقت هو ڪائونسل مسلم ليگ جو طرفدار هو، پر سرڪاري ڪنوينشن ليگ جو ميمبر نه هو. هن وقت هو سياست کان ٻاهر آهي، پاڻ نماز روزي جو سخت پابند ۽ اسلامي فقھ جو پڪو حامي آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org