سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 14

 

انهن حالتن کي ڏسي، هندستاني مسلمانن ۾ سخت بيچيني پيدا ٿي. حڪومت انهيءَ کي هٽائڻ لاءِ ڪيئي طريقا اختيار ڪيا. سنڌ ۾، ڪن ڪامورن جي معرفت، مولوي فيض الڪريم موري واري کان هڪ رسالو لکايو ويو، جنهن ۾ ترڪن جي خلافت کي غلط ٺهرائي، انگريزن جي اشاري تي ترڪن سان بغاوت ڪندڙ شريف حسين جي تائيد ڪيل هئي. انهيءَ تي سنڌ جي مولوين ۽ پيرن کان ڪامورن ڊيڄاري صحيحون پئي ورتيون، رئيس کي جڏهن لنڊن ۾ انهيءَ ڳالهه جو پتو پيو ته ”الامين“ اخبار ذريعي هڪ خط  ۾ پيرن کي سندن بزدليءَ تي سخت تنبيهه ڪئي هئائين، جنهن تي ڪيترا مٿس ناراض ٿي پيا هئا.

جنوري 1920ع تي، بمبئيءَ ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي صدارت لاءِ کيس چونڊيو ويو. ان ڪانفرنس ۾ ڏهاڪو هزار ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. مرحبائي ڪاميٽيءَ جو صدر سيٺ ڇوٽاڻي هو. کيس صدر چونڊڻ لاءِ  دستوري تجويز مولانا عبدالباريءَ پيش ڪئي هئي، ۽ سر فضل ڀائي ڪريم ڀائي ان جي تائيد ڪئي هئي. انهيءَ اجلاس ۾ جن مکيه ماڻهن شرڪت ڪئي هئي، تن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا، جن مان پتو پئجي سگهندو ته ڪهڙن بزرگن کيس صدارت جو لائق سمجهي، انهيءَ لاءِ چونڊيو هو:1. مولانا عبدالباري فرنگي محلي،2. مولانا ابوالڪلام آزاد، 3. مولوي ظفر علي خان لاهوري، 4. ڊاڪٽر سيف الدين ڪلچو،5.  مسٽر گورڌنداس، 6. مولانا آزاد سبحاني، 7. مولانا فضل حسين حسرت موهاني، 8. پير رشدالله شاهه جهنڊي وارو، 9. مولانا شاهه سلمان ڦلواري، 10. مولوي ابوالقاسم فضل الحق بنگال وارو، 11. جمناداس دوارڪا داس، 12. سر فاضل ڀائي ڪريم ڀائي، 13. مسٽر محمد علي جناح، 14. مولانا دائود غزنوي ۽ حاجي عبدالله هارون وغيره

ابتدا ۾ سيٺ ڇوٽاڻيءَ استقباليه ڪاميٽيءَ طرفان خطبو پڙهيو. ان کان پوءِ رئيس صاحب پنهنجي صدارتي خطبي ۾، جو ڪافي تفصيلي هو، فرمايو ته ترڪيءَ جو مسئلو سڄيءَ دنيا جي قومن جي باهمي تعلقات ۽ برطانوي سلطنت جي مفاد جي خيال کان  نهايت اهم آهي، تنهن ڪري برطانيه سرڪار کي دنيا جي مسلمانن جي جذبات کي ڏکوئڻ نه گهرجي؛ هنن کي گهرجي ته سندن ذميدار حاڪمن طرفان ڪيل واعدن کي پاڻي ڏين. پوءِ بمبئي سرڪار کي استدعا ڪيائين ته سندس ڪي ڪامورا خلافت تحريڪ جي مخالفت ڪري، سرڪار کي بدنام ڪري رهيا آهن، تن کي سزا ڏني وڃي. مسلمانن کي مشورو ڏنائين ته تحريڪ کي مؤثر بنائڻ لاءِ يورپ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ان مسئلي جي اهميت جي پرچار طرف توجهه ڏنو وڃي.

ان اجلاس ۾ جيڪي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، انهن مان مکيه هيٺيان هئا:

1. مولانا محمد عليءَ جي سرڪردگيءَ ۾ ولايت موڪليل  وفد ۾ اعتماد جو اظهار ڪيو يو.

2. ولايت موڪلڻ جي لاءِ ٻئي وفد جي تجويز پاس ٿي.

3. ٽيون وفد عرب ملڪن ۾ موڪلڻ جو ٺهراءُ پاس ٿيو، جو اتي وڃي منجهانئن باهمي اختلافن کي دور ڪرائي،  صلح ڪرائڻ وارو هو.

4. ٽيهه لک رپيا انهيءَ ۽ ٻئي خلافت تحريڪ جي ڪم لاءِ گڏ ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ٿيو.

5. برٽش سرڪار کي عرض ڪيو ويو ته جزيرة العرب مان پنهنجون فوجون واپس گهرائي وٺي.

6. بمبئي سرڪار کي استدعا ڪئي ويئي ته جن آفيسرن خلافت جي سوال ۾ دست اندازي ڪئي آهي، تن کي سزا ڏئي.

7.عالمن ۽ پيرن کي عرض ڪيو ويو ته جزيرة العرب ۽ خلافت جي حفاظت لاءِ معتقدن کان بيعت وٺن.

8. رئيس ڀرڳڙيءَ جي ولايت ۾ رهائش واري وقت دوران، مسئله خلافت لاءِ ڪيل خدمتن جي شڪر گذاري ڪئي وئي.

1920ع ۾، نون رفارمس موجب، صوبي ۽ مرڪزي ڪائونسلن جون چونڊون ٿيون، ڪانگريس بائيڪاٽ جو ٺهراءُ پاس ڪري چڪي هئي. جيتوڻيڪ سندس نرم گروهه ڪائونسل ۾ وڃڻ قبول ڪيو هو پر  رئيس  انهيءَ ٺهراءُ جو احترام ڪري، چونڊ ۾ نه بيٺو. ان کان پوءِ سرڪار کيس ڪائونسل آف اسٽيٽ، تي نامزد ڪيو، ۽ هن دوستن جي اصرار تي اتي رهڻ قبول ڪيو ؛ ليڪن اڳتي هلي، سرڪار جي سختيءَ واري پاليسيءَ تي احتجاج ڪندي، استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين. ان وچ ۾ جيئن ته سڀ نرم ڌر وارا پوئتي رهجي ويا هئا ۽ گرم  ڌر وارا ڪانگريس تي قبضو ڪري ويا هئا، تنهن ڪري هي به ماٺ ۾ رهيو. سندس ڪن دوستن وڃي عهدا ورتا، جهڙوڪ: راجا صاحب محمود آباد گڏيل علائقن ۾ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر ٿيو.

سيٺ هرچند راءِ وشنداس، 1920ع ۾ ڪانگريس جي بائيڪاٽ هوندي، هند اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيهي چونڊجي ويو. وري 14 نومبر 1923ع ۾، ٻئي دوست مرڪزي اسيمبليءَ ۾ اميدوار بيهي چونڊجي ويا ۽ جناح صاحب جي ”انڊپينڊنٽ پارٽيءَ“ ۾ شريڪ ٿيا، باوجود انهيءَ رخ جي، هو هميشھ قومي سوالن ۾ برک  ڪم ڪندا هئا.

31 مارچ 1923ع تي، لکنؤ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس ڪٺو ٿيو، جنهن جي صدارت رئيس ڀرڳڙيءَ ڪئي. ان ۾ مکيه ڪارڪنن مان ڪيترا شريڪ نه ٿي سگهيا. ڪي جيل ۾ هئا ۽ ڪيترا اُن کي نرم جماعت سمجهڻ لڳا هئا. ان  ۾ مکيه ماڻهو رڳو  سندس دوست سر علي محمد صاحب راجا آف محمود آباد شريڪ ٿيو، جو ان وقت يو پي سرڪار جو هوم ميمبر هو. انهيءَ اجلاس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين شيخ شاهد حسين، تعلقدار گديه هو. شيخ صاحب اهو وڏو خطبو پڙهيو، جنهن ۾ مختلف پهلوئن تي بحث ڪيل هو. ان کان پوءِ رئيس صاحب هڪ ڊگهو خطبه صدارت 58 صفحن تي مشتمل پڙهيو، جو نهايت عالمانه ۽ همه گير هو.

اول ۾ هن مسئله خلافت تي روشني وڌي ۽ پوءِ مسٽر لائڊ جارج وزيراعظم انگلستان جي مسلم آزار پاليسيءَ جو  ذڪر ڪيائين. هن چيو ته لائڊ جارج جي وزيراعظميءَ تان لهڻ بعد کيس اميد هئي ته برطانيا سرڪار جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪجهه تبديلي ايندي، ليڪن ’لوزان معاهدي‘ جي آڇيل شرطن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها اڃا نه بدلي آهي. اميد اهي ته ترڪ انهن کي موجوده حالتن ۾ گهڻيءَ تبديليءَ کان سواءِ قبول نه ڪندا.

ان کان پوءِ هن ترڪيءَ ۾ ڌارين ملڪن جي رهاڪن کي مليل رعايتن جي نقصانن جو ذر ڪري، انهن  کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو.

پوءِ ڳچيءَ سمنڊن جي آزاديءَ واري سوال تي بحث ڪندي، انهيءَ اصول کي سٺو ٺهرائيندي، هن چيو ته مغربي ملڪ دره دانيال جي کليل ۽ گڏيل قبضي رکڻ تي ڇو زور ڏيئي رهيا آهن ۽ جبرالٽر، اوهيو، منڊپ، ملاڪا ۽ نهر سويز وغيره کي به اهڙيءَ طرح آزاد ڪرڻ تي زور ڇو نٿو ڏنو وڃي. صرف دره دانيال تي زور ڏيڻ مان سامراجي منصوبي جي بوءِ اچي ٿي.

پوءِ هن ترڪيءَ ۾ اقليتن جي سوال تي بحث ڪيو، ۽ چيائين ته هندستان وانگر انهن کي جداگانه چونڊ ۽ نمائندگي ڏيڻ لاءِ گفتگو ٿي  سگهي ٿي، ليڪن کين ملڪ جي حصي ڏيڻ لاءِ مغربي طاقتون زور لڳائي رهيون آهن، سا ڳالهه قابل قبول ٿي  نٿي سگهي.

رئيس عرب ملڪن جو ذڪر ڪندي چيو ته عرب ملڪن ترڪي سلطنت خلاف بغاوت ان لاءِ  نه ڪئي هئي ته ترڪن جي حڪومت کان نڪري، مغربي حڪومتن جي تسلط هيٺ اچن. دنيا جي مسلمانن جو فرض آهي ته کين انهيءَ  نئين غلاميءَ مان آزادي ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. هن اميد ظاهر ڪئي ته جلد عرب ملڪ گڏجي پنهنجون آزاد متحده رياستون  قائم ڪندا.

مغربي طاقتن جي ايشيا ۽ آفريقا تي تسلط جو ذڪر ڪندي، ظاهر ڪيائين ته ان مصيبت کان ڇٽڻ لاءِ واحد علاج اهو  آهي ته مشرقي ملڪ پاڻ ۾ اتحاد ڪري، ”ليگ آف نيشنس“  وانگر، پنهنجي ايشيو- آفريقي جماعت ٺاهي، ۽ انهيءَ ذريعي سان آزديءَ لاءِ جدوجهد ڪن. هن چيو ته پاڻ اسلامزم جو نظريو فرسوده ٿي ويو آهي ۽ ترڪن پڻ مجبور ٿي ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هندستان ۾ ان کي نئين سر آلاپڻ مان هڪ طرف ملڪ جي آزاديءَ ۾ دير پوندي، ته ٻئي طرف هندستان  جي غير مسلم رهاڪن کي اسان ۾ سامراجي منصوبن بابت شڪ ٿيندا.

پوءِ هندستان جي سياسي مسئلن تي روشني وجهندي، رئيس صاحب ان کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو: 1. سرڪار ۽ عوام جي وچ  جو مسئلو ۽ 2. هندستان جي مختلف فرقن ۽ جماعتن ۾ اختلاف جو مسئلو.

پهرئين مسئلي تي گفتگو ڪندي، راءِ ظاهر ڪيائين ته جيتوڻيڪ کيس  ”ترڪ موالات“ ۽ ”سول نافرمانيءَ“ جي ”تحريڪ سان اختلاف ناهي، ليڪن اُن جو علاج اهو ڪو نه آهي، جو انگريزي حاڪمن اختيار ڪيو آهي. جيترو هو عام راءِ کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪندا، اوترو ئي هو ملڪ جو اعتبار وڃائيندا. عوام جي جذبات کي، جي حڪام جي نقطئه نگاهه کان کڻي غلط هجن، ته به سمجهائي ٿڌو ڪري سگهبو، نه انقلابي قدم کڻي انهن کي ڪچلڻ جي ذريعي.

ٻئي مسئلي يعني هندستانين جي باهمي سياسي اختلاف ۽ تعلقات تي گفتگو ڪندي، تجويز ڏنائين ته باوجود اختلاف راءِ جي، سڀني گڏجي، مختلف طريقن سان  ساڳئي مقصد لاءِ لڙي سگهن ٿا، باهمي اختلاف ۽ شڪر رنجيءَ جو ضرور نه آهي، جدا چونڊن کي هن بُرو سڏيو، پر چيائين ته ڪنهن وقت برائيءَ کي به مصلحت خاطر ملڪ ۽  باهمي اتحاد جي نقطه نگاهه کان برداشت ڪرڻ ضروري ٿيو پوي.

ڪائونسلن جي بائيڪاٽ واريءَ پاليسيءَ بابت ظاهر ڪيائين ته اهو   حربو ناڪامياب ٿيو آهي ۽ ان تي دوباره غور ڪرڻ گهرجي.

هندو- مسلم  اتحاد لاءِ اپيل ڪندي، پڇاڙيءَ ۾ رئيس صاحب مسلم ليگ جماعت ۾ درستين لاءِ ڪي تجويزون پڻ  پيش ڪيون.

شخصي زندگي:

رئيس صاحب باوجود سارو وقت سياسي ڳالهين ۾ مشغول رهڻ جي، پنهنجي زمينداريءَ کي چڱو سڌاريو، پيدائش وڌايائين ۽ ڦٽين ٽاڻڻ جي فيڪٽري قائم ڪيائين، پر پنهنجي وڌي ويل خرچ کي گهٽائي نه سگهيو. سندس ذاتي خرچ ايترو گهڻو ڪو نه هو، پر سياسي ڳالهين تي گهڻو خرچ ٿيندو هو. ”الامين“ اخبار جو سمورو خرچ پاڻ ڪندو هو. ”سنڌ واسي“ اخبار کي مدد ڪندو هو. سنڌ جا اڪثر قومي ڪارڪن سندس مهمان نوازيءَ ۽ مدد سان مستفيد ٿيندا هئا. غريب شاگردن کي تعليم لاءِ اسڪالرشپون پنهنجي هڙان ڏيندو هو. وڪالت مان ڪا پيدائش ڪا نه هيس ۽ اڪثر ڪيس مفت کڻندو هو. شيخ عدالمجيد سنڌيءَ جي  خلاف هندن جو ڪيس پاڻ هلايائين ؛ حرن کي لوڙهن مان آزاد ڪرائڻ جو ڪيس هلايائين ؛ ”الحق“ اخبار جي ايڊيٽر تي، ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپال تي ڪيل نڪته چينيءَ جي سلسلي ۾ جڏهن بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو ويو ته رئيس اهو پڻ هلايو ۽ جڏهن مئجسٽريٽ، ايڊيٽر کي ڏوهي ٺهرائي 500 رپيا جرمانو وڌو ته اهو پاڻ ادا ڪيائين. اهڙا سندس سخاوت جا ڪيئي مثال آهن.

هو اميراڻي ٺٺ سان رهندو هو، ليڪن دل فقيراڻي هوندي هيس. ريل جي فرسٽ ڪلاس ۾ سامان رکي، اڪثر ٿرڊ ڪلاس ۾ دوستن ۽ عام ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو. ڪولهين، مينگهواڙن، هارين سان گڏ پٽ تي ويهي رهاڻيون ڪندو هو. هڪ دفعي ڪنهن مينگهواڙ کي ڏسي چيائين ته، ”آءٌ تنهنجو ڀاءُ آهيان.“ تنهن تي هن چيس ته، ”جي ائين آهي ته منهنجي هٿ جو پاڻي پيءُ!“ رئيس صاحب پاڻي وٺي پي ويو.

پاڻ ”سنڌ  زميندار ايسوسيئيشن“ جو باني هو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جماعت جي شاخ 1918ع ۾ پهرين هن ئي قائم ڪرائي. حيدرآباد نيشنل ڪاليج کي  ڪامياب بنائڻ ۾ هن  گهڻي سرجوشي ڏيکاري. ورهين جا ورهيه ان جي بورڊ جو چيئرمين رهيو.

ماڻهن ۾ هن لاءِ ايترو قرب ۽ پيار هوندو هو جو اڪثر مسئلا وٽس اچي پيش ڪندا ۽ فيصلا ڪرائيندا هئا. هڪ ڀيري ميڊيڪل اسڪول حيدرآباد جي شاگردن ۽ هيرآباد عاملن جي وچ ۾ سخت تڪرار ٿي پيو پر رئيس جي وچ ۾ پوڻ ڪري صلح ٿي ويو.

رئيس مذهبي معاملن ۾، تصوف ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي اثر ڪري، آزاد خيال ۽ فرقي بنديءَ کان پري هو، کيس مذهبن جي پويان بنيادي وحدت جو پتو پيل هو، ان ڪري سڀني مذهبن جي پوئلڳن سان سندس سٺو سلوڪ هوندو هو. ڪٽرپڻو سندس ويجهو به نه هو. هُو محبت جو مجسمو هو. سندس خاص مقررين مان مسٽر غلام علي نانا. پير غلام نبي شاهه اُلهندي ڪَچي وارو، مرحوم نور محمد وڪيل، محمد صالح صديقي، ڄيٺمل پرسرام، کيمچند مهتاڻي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جيرامداس دولترام، مسٽر سنتداس منگهارام هئا. سياسي دوستن مان سيٺ هرچند راءِ وشنداس، غلام علي چاڳلا، مسٽر محمد علي جناح ۽ راجا  صاحب محمود آباد هئا.

رئيس موصوف نمونيا جي بيماريءَ  ۾ گهڻو وقت مبتلا رهي. 9 مارچ 1924ع تي وفات ڪئي. سندس وفات وقت حيدرآباد جا هزارين شهري، هندو ۽ مسلمان مرد ۽ زالون، سندس جنازي سان ماتم ۾ هليا، کيس ڊينگاڻ، مائٽاڻي مقام ۾ دفن ڪيو ويو.

سندس ڀاءُ رئيس جان محمد خان، بمبئي ڪائونسل جو، ٿرپارڪر ضلعي مان ڪجهه وقت ميمبر چونڊيل هو. هو خوش خلق، يارويس، مهل سر ڪم ايندڙ ۽ مهمان نواز هو، کيس اولاد ڪو نه ٿيو.

رئيس غلام محمد خان کي ٽي فرزند ٿيا: رئيس عبدالقيوم خان، رئيس غلام رسول خان ۽ رئيس غلام مصطفيٰ خان. پهريون سگهو ئي وفات ڪري ويو. پويان ٻه زندهه آهن، جي پنهنجي والد مرحوم جي روايتن کي قائم رکيو اچن.

رئيس غلام محمد خان مرحوم جي وفات ڪري سنڌ جي سياست ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو اڃا ڀرجي نه سگهيو آهي. هن جي سياست اصول پرستيءَ اخلاص، حب الوطنيءَ ۽ خدمت خلق جي بنيادن تي ٻڌل هئي. سندس زندگي پوين لاءِ مشعل راهه ٿي سگهي ٿي.

2- شيخ عبدالمجيد ليلارام سنڌي

(ٺٽو: ڪراچي)

شيخ صاحب جهڙيون مقتدر ۽ نامور هستيون صدين کان پوءِ مشڪل سان پيدا ٿين ٿيون. اهي ملڪ ۽  قومون خوش نصيب آهن، جن ۾ ههڙا ماڻهو پيدا ٿين ٿا. سندن خدا داد لياقتن مان پورو  فائدو نه وٺڻ ۽ انهن جي خدمتن جي قدر شناسي نه ڪرڻ، قومن کي عذاب جو مستحق بنائي ٿو. حقيقت ۾ اهڙيءَ بزرگ هستيءَ جو بيان ڪرڻ لاءِ هڪ علحدي ڪتاب ۽ شبلي نعمانيءَ جهڙن عالمن جي قلم جي ضرورت آهي ؛ هتي چند صفحن ۾ سندس زندگيءَ کي قلمبند ڪرڻ ڪمال بي ادبي آهي، ليڪن سندس مدح خوانن مان هڪ هئڻ جي حيثيت ۾، اها جرئت ۽ گستاخي ان لاءِ ڪري رهيو آهيان ته جيئن هن پنهنجيءَ طويل، بي مزي ۽ غير دلچسپ ڪهاڻيءَ کي پسنديده ۽ دلچسپ بنايان، خدايا! روز حساب تي هن فرض ناشناس قوم کي، جنهن جي خدمتگارن جي زمري ۾ اسين سڀ داخل آهيون، انهيءَ ڪري سزاياب نه ڪج جو هنن ههڙن دوالي بند، فاقه ڪش ۽ بينظير قومي خادمن جو قدر نه ڪري، سامراجين جي نمڪ پروردن، فرعون صفت، خود مطلب ۽ جاهل فردن کي  حاڪم ۽ اسلام جو علمبردار بنايو ۽ هڪ اهڙي اسلام جي شيدائيءَ جو قدر نه سڃاتو، جنهن پنهنجي ترقي يافته، شاهوڪار ۽ قدر شناس قوم کي خيرباد چئي، پاڻ کي صرف حلقهء غلامان محمد ۾ ان لاءِ داخل ڪيو جو ان پسمانده ۽ مسڪين قوم کي خادمن جي گهڻي ضرورت هئي. آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته ڪي آهن، جي هن کي سڃاڻن به ٿا ۽ قدر به ڪن ٿا. هي براعظم هند- پاڪ ۾ غير معمولي صلاحيتن، سياسي قابليت ۽ ملڪي تدبير جو چونڊ فرد آهي. خدا سائينءَ جي درگاهه ۾ دعا آهي ته کيس عمر دراز عطا فرمائي، ۽ سنڌ جي مظلوم ۽ مسڪين قوم کي پنهنجن جي  بي مروتيءَ ۽ مسڪينيءَ جي اوڙاهه مان ڪڍي، آزاد ۽ خوشحال بڻائي! (آمين)

جڏهن مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي وفات کان پوءِ سنڌ جي زميندار ۽ وڪيل طبقي جي اڪثر سياستدانن لالچ ۽ خود غرضيءَ ۾ وڪامجي، ظالم جي رعب، دٻدٻي ۽ دڙڪي کان هيسجي، قوم کي وساري  ڇڏيو هو، ان وقت هي ئي فرد واحد هو، جو گذريل چاليهه سالن جي سياسي عرصي ۾ نه ڪنهن  طاغوتي طاقت کان ڊڄي حق گوئيءَ کان ڪناره ڪش ٿيو ۽ نه وري عهدن جي لالچ، پئسي جي حرص، عزت جي بک ۽ فاقه ڪشيءَ جي تڪليف کيس گمراهه ڪري سگهيا. هي صاحب گذر جي تنگيءَ ۽ عوام جي بيقدريءَ ۽ حڪومت جي مخالفت جي باوجود پنهنجو آواز بلند ڪندو رهيو آهي. سنڌ جي اڪثر سياستدانن جا عمدا ڪارناما تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ وجهبا ۽ شيخ صاحب  جا ٻئي پُڙ ۾، ته شيخ صاحب جو پاسو سوايو ٿي ويندو. سندس زندگيءَ جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:

شيخ صاحب جا وڏا اصل سيوهڻ کان لڏي، ٺٽي ۾ اچي ويٺا هئا.  هو قانون گو عامل ڪٽنب جي نرياڻي پاڙي مان هو. سندس والد، ديوان ليلا رام، ٺٽي جو رهاڪو هو. شيخ صاحب جو اصل نالو  ”جيٺانند“ هو،. پاڻ تاريخ 7 جولاءِ 1889ع مطابق 8 ذوالقعد 1306هه، آچر ڏينهن ڄائو هو. ابتدائي تعليم اتي ئي ورتائين. خدا جي مهربانيءَ سان سندس طبيعت جو لاڙو ننڍپڻ کان وٺي حق جي ڳولا  طرف رهندو هو. هميشھ پنڊتن ۽  بزرگن جي مجلس ۽ صحبتن جو خواهشمند هوندو هو. هيٺيان ٽي واقعا سندس زباني ٻڌل، مٿينءَ حقيقت جي ثبوت ۾ پيش ڪجن ٿا.

1. ننڍي هوندي جڏهن اسڪول ويندو هو ته بي تحاشا مسڪين شاهه رحمت الله عليھ جي مقبري جي ڀر ۾، بنا سمجهه ۽ ويچار جي بيهي ان طرف ڏسي، پوءِ اڳتي ويندو هو.

2. هڪ دفعي هندن جي ٻن فرقن، سناتن ڌرم ۽ آريا سماج، جي وچ ۾ مذهبي بحث مباحثي لاءِ سميلن ڪٺو ٿيو، جنهن ۾ هي به ٻڌڻ ويو. اتي ڏٺائين ته ٻيئي هڪ طرف هڪ ٻئي تي سخت نڪته چيني ڪري رهيا هئا، جا ڳالهه هن کي پسند نه آئي ۽ غمگين ٿي گهر پهتو. سندس وڏيءَ ڀيڻ  هن کان ان جو سبب پڇيو. پاڻ حقيقت ٻڌائي، چيائين ته: مذهبي ڳالهين ۾ هڪ ٻئي  کان جدا راءِ رکڻ تي حملا ڪرڻ ٺيڪ ڪم نه آهي. ڏسو، مسلمان جدا مذهب رکن ٿا، پوءِ انهن کي برو ڀلو چئبو ڇا؟ سندس ڀيڻ جواب ڏنس ته: ادا، ٺيڪ ٿو  چوين، هر مذهب ۾ پنهنجون خوبيون آهن؛ مسلمانن ۾ به ڪي نهايت عمديون ڳالهيون آهن. ڀيڻ جي اها ڳالهه کيس ڏاڍي وڻي.

3. هڪ دفعي کيس ٻه ڪتاب مليا: بائيبل ۽ قرآن شريف. اهي وڃي هن ميز تي رکيا ۽ پڙهڻ لڳو. هندو ڇوڪرا قرآن ڏسي مٿانئس کلون ڪرڻ لڳا ته تون مسلمان آهين جو اهو ڪتاب رکيو اٿئي. سندن اهڙيءَ بيجا روش تي سندس دل ۾ سخت ردعمل پيدا ٿيو.

جڏهن مئٽرڪ پاس ڪيائين، تڏهن مسٽر ڏيپچند اوجها وڪيل وٽ وڃي ڪلارڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. اهو زمانو هو، جڏهن مذهبي تعصب جي خلاف هن ۾ ردعمل پيدا ٿيڻ لڳو هو.

سنڌ ۾ هزارين ورهين کان مذهبي رواداريءَ جو سبق ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن، هندو يوگين ۽ مسلمان صوفين جي ذريعي عام دلين تي ويهاريل هو. ليڪن هن زماني ۾، سياسي اثرن هيٺ، آريا سماجي هڪ طرف هندو مذهب کي زور وٺائڻ لاءِ پرچار ڪرڻ لڳا هئا. ته ڪن مسلمان مولوين وري انهن جي رد ۾ تبليغ شروع ڪئي هئي، جيئن ته هي هندو گهر ۾ پيدا ٿيو هو، تنهن ڪري سندس دل ۾ اتي جي ماحول خلاف ردعمل پيدا ٿيڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾ هڪ ميونسپل آڪٽراءِ جي ڪلارڪ، مسٽر تاج محمد مير محمد بلوچ سان، هن جي وڏي ڀاءُ جي معرفت، سندس واقفيت ٿي ويئي، جنهن سان پاڻ اسلام جي خلاف هندن جو نقطه نظر پيش ڪرڻ لڳو. جنهن تي هن کيس اسلام جي خوبين کان واقف ڪرڻ شروع ڪيو. سندس دل  دنيائي خيال ۾ ڪو انقلابي قدم کڻڻ لاءِ تيار بيٺي هئي، صرف ان کي عملي جامو پهرائڻ جي دير هئي. 10 فيبروري 1908ع تي، هن يڪا يڪ فيصلو ڪيو ته هو سلمان ٿيندو. نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي، مليل پگهار جا پئسا وهاڻي هيٺان رکي، چٺي لکي، هي همراهه غائب ٿي وڃي، حيدرآباد ۾ مرحوم شيخ عبدالرحيم وٽ نڪتو، پئسا پوئتي ان لاءِ ڇڏيائين ته متان چون ته پئسن جي لالچ تي مسلمان ٿيڻ ويو آهي. شيخ عبدالرحيم مرحوم انهن ڏينهن ۾ نوجوان تعليم يافته هندن کي مسلمان بنائڻ جي مهم ۾ رڌل هو، تنهن کيس مسلمان ڪري، سندس نالو عبدالمجيد رکيو. هندن جي شور کان حذر ڪري، کيس مهيني  ٻن لاءِ لڌياني طرف موڪليو ويو، جتان موٽي ڪراچيءَ آيو، پر اتي حالتون سازگار نه ڏسي، موٽي اچي حيدرآباد رهڻ لڳو.

رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ انهن ڏينهن ۾ ”الامين“ اخبار جاري ڪرائي هئي، شيخ عبدالمجيد کي ان جي چارج ۾ ايڊيٽر ڪري رکيو ويو. اڳتي هلي رئيس صاحب کيس پنهنجو سياسي ڪمن لاءِ سيڪريٽري به بنايو ۽ 1914ع کان 1916ع تائين پاڻ انهن ڪمن کي سنڀاليندو رهيو.

ان کان اڳ، مولانا عبيدالله سنڌيءَ ملڪ جي آزاديءَ خاطر، جڏهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جنگ شروع ٿيڻ بعد انگريزن کي گرفتار ڪرڻ چاهيو ته هو چند دوستن سان گڏ سرحد  ٽپي افغانستان وڃي پهتو، جتان هندستان جي سياسي ڪارڪنن سان رابطي قائم رکڻ خاطر وقت بوقت پيو خط و ڪتابت ڪندو هو. ان وقت مولانا سنڌيءَ هڪ خط ريشمي ڪپڙي تي لکي، قميص جي اندران سبي، هندستان موڪليو، جو پڪڙجي پيو. اهو بعد ۾ ”سِلڪ ليٽر منصوبو“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان ۾ ڄاڻايل ڪارڪنن يا واسطي  رکندڙ ماڻهن مان شيخ عبدالمجيد کي به هڪ سمجهي، ڪيس هلائي، 1916ع ۾ کيس ٽي سال رتناگري جيل  ۾ رکيو ويو، جنهن مان فيبروري 1919ع ۾ آزاد ٿيو. پر سگهو ئي مٿس ٻيو ڪيس احمدآباد ستياگرهه جي ڏينهن ملهائڻ ڪري، مکي ڄيٺانند، ڊاڪٽر چوئٿرام، سوامي گووند آنند ۽ مسٽر ڄيٺمل پرسرام سان گڏ داخل ڪيو ويو، جو پوءِ ٽن مهينن کان پوءِ سرڪار تنبيهه ڏيڻ بعد ڪڍائي ورتو.

شيخ صاحب سان منهنجي پهرين واقفيت لاڙڪاڻي واريءَ خلافت ڪانفرنس (7، 8، 9 فيبروري، 1920ع) جي موقعي تي ٿي. ان کان پوءِ سگهو ئي جڏهن سن ۾ 17 مارچ 1920ع تي مون خلافت ڪانفرنس سڏائي ته ان موقعي تي شيخ صاحب به آيو. اتي ساڻس دوباره واقفيت ٿي ۽ سندس پرجوش  تقريرن مان  ڏاڍو حظ حاصل ڪيم.

ان کان پوءِ سگهو ئي، خلافت هلچل جي سلسلي ۾ مٿس ڪيس هلائي، 121 ا پ ڪ قلم هيٺ کيس ٻن سالن جي سزا ڏني ويئي، جا ڪاٽي، 23 جون 1923ع تي آزاد ٿي، وري به اچي خلافت ۽ ملڪ جي آزاديءَ جي ڪمن ۾  حصو وٺڻ لڳو. حڪومت ناراض ٿي، کانئس ٻارهن مهينن لاءِ سياسي سرگرمين کان پري رهڻ جي ضمانت گهري، جا نه ڏيڻ ڪري، وري به کيس ٻارهن مهينن لاءِ جيل اُماڻيو ويو. اتان هو ڊسمبر 1924ع ۾ آزاد ٿيو. ان وچ ۾ مهاتما گانڌيءَ جي سول نافرمانيءَ تحريڪ، بند ڪرڻ، هندو- مسلم اختلاف پيدا ٿيڻ ۽ ترڪن جي خلافت کي ”ختم ڪرڻ سبب، ملڪي فضا بدلجي چڪي هئي ۽ سياسي ڪارڪنن پنهنجو  توجهه سماجي ڪمن طرف موڙي ڇڏيو هو. شيخ صاحب به زياده تر وقت هيٺين ٽن ڪمن ۾ صرف ڪيو:

1. ”الوحيد“ اخبار ذريعي جا 1920ع ۾ شروع ٿي چڪي هئي، عوامي  بيداري ۽ مسلمانن جي تعليم ۽ تنظيم لاءِ پرچار ڪندو رهيو.

2. هڪ تنظيمي پروگرام تيار ڪري سنڌ ۾ ورهايائين ۽ ”الوحيد“ ذريعي مسلمانن کي ان تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪيائين.

3. سنڌ اندر ڪيئي نوجوان پڙهيل هندو، مسلمان ٿي چُڪا هئا ۽ ٿيندا ٿي رهيا. انهن لاءِ روزگار جي وسيلن مهيا ڪرڻ، تعليم  ڏيارڻ، آباد ڪرڻ، تنظيم هيٺ آڻڻ، ۽ کين اسلام جي صحيح تعليمات کان آگاهه ڪرڻ لاءِ 1926ع ۾، پاڻ هڪ ”نو مسلم ڪانفرنس“ سڏايائين.

شيخ صاحب ”الوحيد“ کي مسلمانن جي بيداريءَ ۽ تنظيم لاءِ هڪ ادارو بڻائي ڇڏيو. سنڌ مان ڪيئي نوجوان ڪارڪن ڇڪي آڻي ان ۾ گڏ ڪيائين. شيخ عبدالسلام، مير الهه بخش خان، ٽالپر، قاضي خدا بخش، قاضي عبدالرحمان، دين محمد عليگ، دين محمد وفائي، سڀ انهيءَ اداري جا سرگرم ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳا.

خلافت تحريڪ جي وقت ۾ مولانا شوڪت علي ۽ مولانا محمد عليءَ سان جا واقفيت پيدا ٿي هيس، تنهن ڪري کيس ٻاهر هندستان جي وڏن سياسي جلسن ۽ مجلسن ۾ گهرائڻ جي ڇڪ ٿيڻ لڳي. انهيءَ سلسلي ۾ شيخ صاحب جن مکيه اجلاسن ۾ حصو ورتو يا ٻين طريقن سان نمائندگي ڪئي، تن مان ڪي هيٺ ڄاڻائجن ٿا:

1. آل انڊيا آل پارٽيز ڪانفرنس. 16 نومبر 1929ع، الهه آباد، ۾ مسلم پارٽيز جي نمائندي طور شامل ٿيو.

2. آل پارٽيز مسلم يونٽي ڪانفرنس جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪيائين، ۽ ٻئي ۾ شريڪ رهيو، جنهن جي صدارت راجا آف سليمپور ڪئي هئي.

3. آل انڊيا خلافت ڪانفرنس، اجمير جي صدارت ڪيائين.

4. ڪراچيءَ ۾ 18 اپريل 1930ع تي، آزاد سنڌ ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت ڪيائين.

5. ”الوحيد“ دواران ۽ آل انڊيا جماعتن ۾ ٺهرائن پيش ڪرڻ وسيلي، سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ لاءِ سر ٽوڙ ڪوشش ڪيائين.

10. سيپٽمبر 1930ع تي، بمبئي ڪائونسل جي چونڊ ۾ مسلمان ووٽرن شيخ صاحب کي ڪراچي ضلعي جو نمائندو ڪري موڪليو. ان وقت سندس چونڊجڻ تي جا خوشي ٿي، تنهن جو اظهار ڪراچي ضلعي جي هڪ بزرگ، سيد حاجي عبدالرحيم شاهه سجاول واري، مون ڏانهن لکيل هڪ خط ۾ هن ريت ڪيو آهي:

”شيخ صاحب جي عظيم فتحيابيءَ جون لک لک مبارڪون هجنوَ. حقيقت ۾ اها ڪاميابي اوهان صاحبن جي ڪوششن جو نتيجو آهي. خدا صاحب جا بيشمار احسان، جنهن غريب فرقي کي فتح ڏني. هميشه زمانه سابق کان غريبن کان ئي مدد حاصل ٿيندي هئي.  وري فتح به اها، جا خواب نه خيال ۾ هئي... خدا صاحب جي فضل جي پالوٽ ٿي ويئي آهي، اسان کي شاڪر هئڻ گهرجي. ووٽن بعد تار نه ڪيوَ. ان جي ميار اٿوَ.“

1933ع ۾ غازي عبدالقيوم نالي هڪ پٺاڻ، نٿورام نالي هڪ هندوءَ کي، پيغمبر خدا حضرت محمد صلّي الله عليھ وسلم خلاف توهين آميز ڪتاب لکڻ ڪري، چيف ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي، قتل ڪري ڇڏيو. مٿس ڪيس هليو ۽ کيس ڦاسيءَ جي سزا ملي. مسلمانن  هن کي پروانه رسول ۽ غازي تصور ڪري، سندس جنازي کي، جو  ڦاسي ڏيڻ بعد حڪومت قبرستان ۾  وڃي دفن ڪيو هو. قبر مان ڪڍي، جلوس ڪڍيو، حڪومت کي خطرو ٿيو ته متان ان تان هندو- مسلم فساد ٿي پوي، تنهن ڪري انهيءَ جلوس تي بندش وڌي ويئي. پر جوشيلن مسلمانن حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ آخرڪار پوليس جلوس تي گولي هلائي، جنهن ۾ 64 کن مسلمان شهيد ٿي ويا. سمجهدار ماڻهن جو چوڻ هو ته شهيد کي اهڙيءَ جڳهه تي دفن ڪرائجي ها، جو اُن جو جنازو جوشيلن ماڻهن جي هٿ نه چڙهي ها، پر جڏهن لاشو مسلمانن  ڪڍي سرگس ڪڍيو هو ته پوءِ گهڻي پوليس ساڻ ڪري، صرف مسلمان پاڙن مان لنگهائي، ان کي ٻيهر دفن ڪرايو وڃي ها. يا وڌ ۾ وڌ لاٺي چارج يا ڳوڙهن واريءَ گئس جي وسيلي ان مجموعي کي منتشر ڪيو وڃي ها؛ پر جنهن صورت ۾ هڪ خردماغ انگريز مسٽر گبسن اهو ڪم ڪرايو هو، تنهن ڪري انگريز حڪومت انتظام خاطر، پنهنجي ماڻهوءَ خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار نه هئي. مسلمانن انڪوائري ڪاميٽي ويهارڻ جي گهر ڪئي. ليڪن سرڪار ان ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. اهڙين حالتن ۾، بمبئي ڪائونسل ۾ ويل سنڌ جي سڀني مسلمان  عيوضين مان ڪنهن کي صدمو نه آيو، ۽ اهو صرف شيخ عبدالمجيد هو، جنهن سرڪار جي ان بي پرواهيءَ تي احتجاج طور، 1933ع ۾ استعيفيٰ ڏني ۽ مسلمانن کيس بنا مخالفت جي وري اسيمبليءَ ۾ چونڊي موڪليو. سنڌ جي جدائيءَ تائين پاڻ بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي عوام جي  صحيح نمائندگي ڪندو رهيو. حالانڪه سنڌ جا اڪثر ميمبر شخصي عرضن يا عهدن ۽ لالچن خاطر قومي سوالن ۾ اکيون پوري سرڪار جو ساٿ ڏيندا آيا. سنڌي مسلمان ميمبرن جي ليڊر، سر شاهنواز ڀٽي کي اها  جرئت ٿي جو بمبئيءَ کان سنڌ کي جدا ڪرڻ جو سوال جڏهن صوبائي  رفارمس ڪاميٽيءَ اڳيان پيش ٿيو ته ان جي خلاف ووٽ ڏنائين، صرف ميران محمد شاهه اختلافي نوٽ ۾ سنڌ جي جدائيءَ جي حمايت ڪئي. آخر 1937ع ۾، جڏهن 1935ع جي آئين مطابق سنڌ کي علحده صوبو تسليم ڪيو ويو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جون پهريون چونڊون ٿيون ته سر شاهنواز ڀٽي کي سندس گهر جي تڪ ۾ گورنر جي صلاحڪار هئڻ جي باوجود، شيخ  صاحب شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پاڻ سنڌ آزاد پارٽيءَجي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو هو. اُن جا ٽي ميمبر چونڊجي آيا. هڪ پاڻ، ٻيو محمد يوسف چانڊيو ۽ ٽيون پير غلام حيدر شاهه بلڙيءَ وارو، پر چونڊن کان پوءِ اهي ڦري وڃي سرڪار جي طرف ٿيا. شيخ صاحب سر غلام حسين هدايت الله کان مسلم ليگ ۾ اچڻ جو وعدو وٺي، سندس طرفدار ٿيو. ان کان پوءِ هو سمورو وقت مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن رهندو آيو.

1938ع ۾ جيڪا شاندار مسلم ليگ ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي هئي، اُن جي سڏائڻ ۾ شيخ صاحب جو خاص هٿ هو. اُها ڪانفرنس جناح صاحب جي صدارت هيٺ ٿي هئي، جنهن ۾ سر سڪندر حيات، مسٽر فضل الحق، سردار  اورنگزيب، سر سعدالله خان، نواب اسماعيل خان، چوڌري خليق الزمان وغيره شريڪ ٿيا هئا. شيخ صاحب انهيءَ ڪانفرنس ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جو ”پاڪستان“ جي لاءِ پهريون ٺهراءُ چئجي ته بجا آهي. ان کان پوءِ مسلم ليگ مخالفت ۾ رهي. جڏهن 1939ع ۾ سکر جي منزلگاهه مسجد تان فساد ٿيا ته هندن مصلحت سمجهي مسلم ليگ کي وزارت ۾ آندو،  جنهن ۾ مير بنده علي خان، شيخعبدالمجيد، خانبهادر کهڙو ۽ آءٌ، مسلمان وزر هئاسون. شيخ صاحب جي هٿ ۾ مالي کاتو ۽ بعد ۾ تعليمي کاتو رهيو. ان وقت پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي هڪ سال لاءِ ميمبر هو.

پوءِ جي حالتن هيٺ، جڏهن سندس اکين ڏٺو ته مسلم ليگ انگريزن جي نمڪ پرورده ۽ خود مطلب، سرمائيدار ماڻهن جي خود غرضيءَ جو  آکاڙو بڻجي چڪي آهي،  تڏهن ان مان استعيفيٰ ڏيئي علحده ٿي ويو. اسان کي به سگهو ئي ان مان ٻاهر نڪرڻو پيو. پوءِ مسلم ليگ کان ٻاهر جملي مسلمان پارٽين کي گڏڻ لاءِ جا ڪوشش ٿي، شيخ صاحب ان جي اڳواڻن سان ڪجهه وقت شامل رهيو. اڳتي هلي  آل انڊيا آئيني مسئلن تي هڪ تجويز پيش ڪيائين، جنهن تي ان وقت جي اختلافن سبب ڪنهن به توجهه نه ڏنو. جي اُن کي قبوليو وڃي ها، ته جدا ٿيڻ بعد به ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ موجوده اختلاف نه رهن ها. اها تجويز هيءَ هئي ته هڪ جيترن ووٽن تي ٻيئي يونين هڪ ڪانفيڊريشن ۾ رهن. پاڪستان بنجڻ بعد شيخ صاحب حڪومت سان بنا لالچ جي تعاون ڪرڻ جو مون سان گڏ اعلان ڪڍيو، پر ارباب حڪومت طاقت جي نشي ۾ ان جو جواب ڪو نه ڏنو.

1949ع ۾ آل پاڪستان عوامي جماعت خان عبدالغفار خان جي اڳواڻيءَ هيٺ ٺهي. سنڌ ۾ اُن جي شاخ جو صدر شيخ صاحب ٿيو. پوءِ 1953ع ۾، سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ وقت عوامي محاذ جماعت ٺهي ته شيخ صاحب ان جو به صدر رهيو. اڳتي هلي جڏهن سنڌ کي پنجاب سان گڏي ون يونٽ قائم ڪيو ويو، تڏهن  شيخ صاحب هڪ ڪتاب لکيو ۽ ائنٽي ون يونٽ“ ڪانفرنس گهرائي، جنهن جي سنڌ برانچ جو صدر به شيخ صاحب هو.

بعد ۾ پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي لاهور ۾ قائم ٿي، جنهن جو خان عبدالغفار خان صدر ٿيو ۽ ان جي سنڌ شاخ جو شيخ صاحب صدر چونڊيو ويو. آخر ۾ جڏهن مولانا ڀاشاني عوامي ليگ کان علحدو ٿيو ۽ ان جي مشوري سان ڍاڪا ۾ ڪنوينشن سڏائي، آل پاڪستان نيشنل عوامي پارٽِ ٺاهي ويئي، تڏهن شيخ صاحب ان جو به نائب صدر ۽ سنڌ شاخ جو صدر ٿيو.

خان عبدالغفار خان ۽ مولانا ڀاشاني براعظم هند- پاڪ جا بهترين سياسي ڪارڪن، سڀ کان گهڻي قرباني ڪرڻ وارا، ۽ محبوب عوامي ليڊر آهن، جن جي فهم ۽  فراست جو هرڪو قائل آهي. پر اهي به شيخ صاحب جي صلاح کي هر سياسي مسئلي لاءِ ضروري سمجهن ٿا.

منهنجي حالت ته اها آهي، جيڪا حضرت عمر رضي الله عنھ، حضرت علي  ڪرم الله وجھ بابت ظاهر ڪئي ته، ”علي نه هجي ها ته عمر گمراهه ٿي وڃي ها.“ جيڪڏهن  شيخ صاحب جي صلاح ۽ رهبري مون کي نصيب نه ٿئي ها، ته شايد مون کان ڪيئي وڏيون غلطيون ٿي وڃن ها، جن جو ازالو ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ها.

هن وقت شيخ صاحب مخالف ڌر جو مکيه ڪارڪن آهي، تازو صدارتي چونڊن ۾ هن محترمھ فاطمھ جناح جي مدد ۾ تقريرون ڪيون. هن وقت مٿس ٻين پاڪستان جي مکيه ڪارڪنن سان گڏ بغاوت جو ڪيس هلي رهيو آهي. باوجود ان جي، هو ون يونٽ کي ٽوڙائي سنڌ جي صوبائي خودمختياري وٺي ڏيڻ، جمهوري آئين بحال ڪرائڻ ۽ بنيادي انساني حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد هلائي رهيو آهي.

شيخ صاحب کي ٽي فرزند آهن: محمد انور، خالد ۽ طارق.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org