سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 21

 

6-قاضي عبدالرحمان ولد ميان محمد صديق

(ڪراچي)

 هن جو والد ميان محمد صديق، نوابشاهه ضلعي جي ڳوٺ اڇي مسجد جو ويٺل هو. ڪجهه وقت هو درٻيلي ۾ اسڪول ماستر هو، پوءِ ڪجهه زمين وٺي پنهنجي ڳوٺ رهڻ لڳو. کيس چار فرزند ٿيا: 1. قاضي ميان عبدالڪبير، 2. قاضي ميان عبدالرئوف، 3. قاضي عبدالرحمان، ۽ 4. قاضي عبدالله، سندس فرزندن مان، قاضي عبدالڪبير نوشهري ۽ جيڪب آباد جي اسڪولن ۾ ماستر ٿي رهيو هو ۽ آخري ڏينهن ۾ وڪالت ڪندو هو. ان جو فرزند، قاضي محمد الياس، خيرپور رياست ۾ ڪجهه وقت سيشن جج هو. ٻيو فرزند ميان عبدالرئوف سب انسپيڪٽر  پوليس هو، جو همت وارو ۽ يار ويس هو: مولائي ڪري سڏبو هو. چوٿون فرزند زمينداري ڪندو آهي.

قاضي عبدالرحمان جو ٽيون فرزند، 1898ع ۾ ڄائو هو، کيس ابتدائي  تعليم درٻيلي ۽ نوشهري ۾ وڏي ڀاءُ جي نظرداريءَ هيٺ ملي، ٽئين درجي انگريزيءَ کان پوءِ، ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان 1914ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جو مئٽرڪ امتحان ڏيئي پاس ٿيو. وڌيڪ تعليم لاءِ جهونا ڳڙهه جي بهاءُ الدين ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان 1920ع ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

واپس اچڻ بعد، قاضي صاحب کي ”الوحيد“ اخبار جو ايڊيٽر ڪري رکيو يوو، جتي هن سٺي نموني سان ايڊيٽريءَ جا فرض بجا آڻي نالو ڪڍيو. 1924ع ۾ اتان هن هڪ هفتيوار انگريزي اخبار، ”مسلم ائڊووڪيٽ“ نالي سان ڪڍي. ان ۾ مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ مضمون لکندو رهيو. صحافت سان کيس مدرسي جي ڏينهن کان وٺي دلچسپي هوندي هئي، تن ڏينهن ۾ به هو اخبارن کي مضمون موڪليندو رهندو هو. سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ سٺو لکندڙ هو. ”الوحيد“ جي ايڊيٽريءَ جي وقت ۾ هن خلافت ۽ ڪانگريس هلچل ۾ بهرو ورتو. سندس اهڙي هڪ بيباڪانه مضمون جي بنا تي، ڪيس هلائي جنوري 1921ع ۾، سرڪار کيس ٻارهن مهينا جيل جي سزا ڏني. سزا ڪاٽي، وري اچي ساڳئي ڪم ۾ مشغول ٿيو، ۽ 1922ع ۾ کيس سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو، جتي 1924ع تائين ڪم ڪيائين، جڏهن هندو- مسلم ڇڪتاڻ ڪري ڪيترائي قومي ڪارڪن ڪانگريس کان علحده ٿيڻ لڳا ته ان وقت هي به علحده ٿي ويو.

1923ع کان 1928ع تائين ”الوحيد“ ۾ ڪم ڪرڻ سميت  قاضي صاحب، حاجي عبدالله هارون جي سياسي سيڪريٽري طور به ڪم ڪندو رهيو. ڪجهه وقت سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي به ڪم ڪيائين.

آڪٽوبر 1928ع  ۾، قاضي عبدالرحمان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو چيف آفيسر چونڊيو. ساڳئي سال نومبر ۾ آءُ ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيس، جتي 1933ع تائين گڏجي ڪم ڪرڻ جو موعو مليو. لوڪل بورڊ ۾ 1936ع تائين هي چيف آفيسر ٿي رهيو. 1927ع کان 1930ع تائين پاڻ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر هو ۽ انهيءَ عرصي ۾ هن ميونسپالٽيءَ جي ورڪنگ ڪاميٽي، هيلٿ ڪاميٽي ۽ اسڪول بورڊ تي به ميمبر ٿي ڪم ڪيو.

چيف آفيسريءَ واري دؤر ۾ سرڪاري عملدارن سان سندس سٺا تعلقات ٿي ويا هئا، جنهن ڪري سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽين مان سنڌ ائڊمنسٽريشن ڪاميٽيءَ  تي کيس سرڪر طرفان مقرر ڪيو ويو ۽ 1933ع جي ٻوڏن ۾ کيس فلڊ رليف ڪاميٽيءَ تي به ميمبر ڪري کنيو ويو. 1940ع ۾، ڪراچي ضلعي جي ”وار ڪاميٽيءَ“ ۾ آنرري سيڪريٽري ٿي وار بليٽن ڪڍندو رهيو. 1945ع ۾ کيس وري ”الوحيد“ ۾ ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽڙ ڪري رکيو  ويو.

1947ع ۾ سر غلام حسين ( جنهن سان هن جا سٺا تعلقات هئا) هن کي ڊائريڪٽر آف انفارميشن ڪري سرڪري نوڪريءَ ۾ رکيو، جتي 1951ع تائين رهندو آيو.

1952ع ۾ قاضي صاحب تي فالج جو حملو  ٿيو، ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد جڌهن چاڪ ٿيو ته 1955ع ۾ مون کيس ”نئين سنڌ“ اخبار ۾ مئنيجر ڪري رکيو، جتي ڪجهه وقت رهي، وري صحت جي خرابيءَ ڪري ڳوٺ هليو ويو، جتي ٺارو شاهه جي ڀر ۾، پنهنجي ڀائٽئي محمد صديق وٽ، 24 جون 1958ع مطابق، 5 ذوالحج 1377هه تي وفات ڪيائين.

مون سان قاضي صاحب جي واقفيت ڪانگريس  ۽ خلافت هلچل جي زماني کان هئي. اسان جا تعلقات دوستاڻا پئي رهيا، البت جڏهن هو ڪراچي لوڪل بورڊ جو چيف آفيسر هو ۽ آءُ پريزيڊنٽ، تڏهن اسان جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا.

مسٽر گبسن ۽ ٻين عملدارن سان لاڳاپي ڪري، کيس ڪي اهڙا ڪم ڪرڻا پيا، جيڪي سندس ماضيءَ جي روايتن جي خلاف هئا. تاريخ جي ورقن تي نظر ڊوڙائبي ته اهڙا ڪيئي مثال ملندا، جن ۾ ڪن ملڪي ۽ قومي ڪارڪنن وقتي حالتن کان مجبور ٿي پنهنجو طريقه ءِ ڪار پئي بدلايو آهي. روزگار جو مسئلو، رنگين صحبت جو ماحُل، قومي ڪارڪنن لاءِ عوام جي بي توجهي، ماڻهن ۾ سياسي شعور جي ڪمي، دنياوي لالچ ۽ ڊپ- اهي ڳالهيون سندن مجبوريءَ جا مکيه جزا پئي رهيون آهن. قاضي صاحب مرحوم جهڙي عمدي ڪارڪن جو اهڙن اثرن هيٺ اچڻ نهايت افسوسناڪ ڳالهه هئي، ليڪن باوجود اختلافن جي اسان رواداري، ظاهر داري ۽ رسمي تعلقات کي نه ٽوڙيو، منهنجي صلح ڪن پاليسي، ۽ سندس   دانشمندي ۽ اعتدال پسنديءَ کي ان ۾ وڏو دخل هو. سنڌيءَ ۾ مثال مشهور آهي ته ”وڙهندي اهو ڪجي، جو پرچندي ڪم اچي.“ اهو ئي سبب هو جو آخر عمر ۾ وري به مون سان گڏجي، ”نئين سنڌ“ اخبار جو ڪاروبار سنڀاليائين.

 قاضي صاحب يارويس، وسيع لاڳاپي وارو، دوستن جي ڪم ايندڙ،  نهايت هوشيار ۽ قابل ڪارڪن هو. هيءَ هڪ حقيقت آهي ته مرحوم سنڌ جي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ نمايان حصو ورتو ۽ سندس اوائلي خدمتن کي وسارڻ احسان فراموشي ٿيندي.

سيد ميان محمد ڪامل شاهه ولد سيد ميان قبول محمد شاهه

(سعيدپور: ڪراچي)

شاهه صاحب مٽياري سيدن جي مئين پوٽي پاڙِ مان هو. سندس وڏي ڏاڏي، ميان محمد سعيد شاهه، ٻارهين صديءَ جي وچ ڌاري، هنڱورن جي ڳوٺ مان لڏي اچي ٽنڊي محمد خان جي ويجهو پنهنجو ڳوٺ ٻڌايو، جو سندس نالي پويان سعيدپور سڏجي ٿو. هن صاحب 1119هه مطابق 1785ع ڌاري وفات ڪئي، جفاڪشي ۽ ڪفايت شعاريءَ سان، چڱي ملڪيت ۽ زمين گڏ ڪيائين. ان جي پڙپوٽي، سيد ميان قبول محمد شاهه کي ٽي فرزند ٿيا: 1. ميان محمد ڪامل شاهه، 2. سيد محمد سليم شاهه، ۽ 3 سيد محمد حفيظ شاهه.

ميان محمد ڪامل شاهه 1874ع ڌاري ڄائو هو. ابتدائي تعليم مڪاني طرح ورتائين. فارسي مولوي محمد ابراهيم قريشيءَ وٽ پڙهيو. پنهنجي والد، ميان قبول محمد شاهه جي 1889ع ۾ وفات  کانپوءِ، سمورو ڪاروبار سندس مٿي تي آيو، پنهنجي لياقت، محنت ۽ لڳ لاڳاپي سبب هو آسپاس ۾ وڏو اثر پيدا ڪري ويو. سگهو ئي ضلعي لوڪل بورڊ تي ميمبر چونڊيو ۽ گهڻي عرصي تائين ڪنهن عهدي جي لالچ بنا، عام ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو. جڏهن 1921ع ۾ نون سڌارن موجب سنڌ کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي وڌيڪ عيوضي مليا، ته انهيءَ سال کان هي زميندار ۽ جاگيردار تڪ تي ميمبر چونڊجڻ لڳو، جو 1936ع تائين هلندو آيو، بمبئي ڪائونسل تي سنڌ طرفان چونڊيل ميمبرن ۾ هن جي وڏي عزت هوندي هئي.

کيس شخصي لالچ ڪا نه هوندي هئي. هو ٽنڊي محمد خان ڊويزن جي زميندار ۽ آبادگار ايسوسيئيشن جو سالن جا سال پريزيڊنٽ چونڊيو آيو. سرڪار ۾ سندس هلنديءَ ۽ اثر مان، لآڙ ڊويزن جا عام زميندار ۽ آبادگار فائدو وٺندا هئا، تعلقي ٽنڊي محمد خان جي لوڪل بورڊ جو به ڏهاڪو سال کن پريزيڊنٽ رهيو. پاڻ وڏو مهمان نواز هو ۽ سندس شڪار لاءِ رکيل ڍنڍن تي ڪيترا ڪامورا شڪار تي ايندا هئا. انهن جي شاندار نموني خاطر تواضع ڪرائيندو هو، پر شخصي ڪم  لاءِ وٽن ڇڊو ويندو هو، جيڪڏهن لقبن ۽ مئجسٽريٽي عهدن جي خواهش ڪري  ها ته اهي بنا تڪليف جي کيس ملن ها، پر هن ان طرف توجهه نه ڪيو. آخر 1934ع ۾ وات کائي اک لڄائي، موجب کيس بنا گُهر جي ”خانبهادريءَ“ جو لقب مليو. مرحوم چوندو هو ته کيس ”شاهه صاحب“ مان لاهي ”خان صاحب“ بنائي ڇڏيو اٿن، ٽنڊي محمد خان ڊويزن ۾ کيس وڏو اثر هو، بلڪه ائين چئجي ته بي تاج بادشاهه هو، سندس دستر خوان سدائين کليل هوندو هو. عمدي بنگلي، عمدي فرنيچر، عمدي کاڌي، عمدن برتنن ۽ بسترن جو رواج ان طرف پهرين هن وڌو.

بمبئي ڪائونسل ۾ هو پنهنجيءَ حد مان جنهن کي مدد ڪندو هو، سو ڪامياب ٿي ويندو هو.سر غلام حسين ۽ ميان  نور محمد وڪيل سندس مدد سان چونڊبا هئا. پاڻ سنگت جو سچو، وعدي جو پڪو، مهل سر ڪم ايندڙ، خوش خلق ۽ وڏيءَ همت جو صاحب هو. رئيس  غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جو دوست هو. ميران محمد شاهه لاءِ سڀئي سيد گڏجي وٽس وياسون ته کيس بمبئي ڪائونسل ۾ مدد ڪري، کيس خبر هئي ته آيل مڙئي صاحبن جي ناراضگيءَ ڪري کيس سندس چونڊ ۾ نقصان پوڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف مسٽر نور محمد کان هن کي ڪنهن به مدد ملڻ جي اميد  ڪا نه هئي، پر هن صاف گوئيءَ کان ڪم وٺي، سڀني کي جواب ڏنو ته هو مسٽر نور محمد کي مدد ڪندو ۽ نه ميران محمد شاهه کي.

مون سان شاهه صاحب جي خاص محبت هوندي هئي. سن ۾ جڏهن مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏائي هيم ته پنهنجي فرزند قبول محمد شاهه کي ان ۾ شرڪت لاءِ موڪليو هئائين. مان جڏهن به حيدرآباد ويندو هوس ته اڪثر ساڻس ملندو هوس. سندس مجلس مُرڪ ۽ متانت واري هوندي هئي. 1928ع ۾، لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽيءَ يا جهرڪ تڪ مان لوڪل بورڊ ۾ ميمبر بيهڻ وقت، منهنجي هن گهڻي مدد ڪئي هئي. مون به هر اليڪشن ۾ سندس مدد پئي ڪئي.

سندس ڀاءُ، ميان محمد سليم شاهه، جنهن سان هن جي گهڻي محبت هئي، ڳچ وقت بيمار گذارڻ بعد 15 اپريل 1926ع تي، رات جي ٻارهين بجي، حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. ان هن کي وڏو صدمو پهچايو، ۽ ان کان پوءِ پاڻ به اڪثر بي  چاڪ گذاريندو هو.

ميان محمد ڪامل شاهه ٻه شاديون ڪيون هيون. هڪ عزيزن مان ۽ ٻي هڪ ڪرستان عورت سان . پهرينءَ مان سيد قبول محمد شاهه فرزند ٿيس ۽ ٻيءَ مان سيد محمد عادل شاهه، محمد عادل شاهه کي  ولايت پڙهڻ لاءِ موڪليائين، جنهن اتان شادي ڪئي؛ کيس هڪ فرنزد ٿيو، جو اتي ئي رهجي ويو ۽ سندس پتو نه آهي. محمد عادل شاهه واپس اچڻ بعد بي چاڪ ٿي، جلد ئي وفات ڪري ويو. شاهه صاحب جو وڏو فرزند، ميان قبول محمد شاهه، ڪتابن جي مطالعي ۽ راڳ جو وڏو شوقين هوندو هو. ميان محمد ڪامل شاهه جي حياتيءَ ۾ ٽنڊي محمد خان  وارا مير اڃا طاقتور ڪين ٿيا  هئا، جيستائين هلڻ چلڻ جهڙو هو، تيستائين سندس طاقت کي ڪو به لوڏي نه سگهيو. ليڪن آخري عمر ۾ بيمار ٿي پيو ۽ هلڻ چلڻ ۾ تڪليف ٿيندي هيس، ميان قبول محمد شاهه آسائشي ۽ عياشي زندگي گذارڻ ڪري، عوام سان والد جهڙو لاڳاپو پيدا ڪري نه سگهيو، نتيجو اهو  نڪتو جو سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ بعد جيڪا اليڪشن ٿي، تنهن ۾ مير گهڻي تعداد ۾ چونڊجي آيا، ۽ قبول محمد شاهه ناڪامياب ٿي پيو.

سيد محمد ڪامل شاهه 29 اپريل 1937ع مطابق، 17 صفر 1356هه تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ ميان قبول محمد شاهه تي پڳ آئي. سيد محمد سليم شاهه جا فرزند، محمد سعيد شاهه ۽ عبدالعليم شاهه ننڍا هئا. سردار بهادر مير حسين بخش خان جي فرزند، مير غلام الله خان، جي وفات بعد اسان وري قبول محمد شاهه کي چونڊائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ميرن جي طاقت، پئسي ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ غلام حسين جي گڏيل  طاقت اڳيان اسين ڪامياب ٿي نه سگهياسين.

ميان قبول محمد شاهه پهرين جولاءِ 1951ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ  انهيءَ طرف جي ڪم ڪار جي واڳ سندس سؤٽ محمد سعيد شاهه جي هٿ ۾ آئي. هو هڪ وقت مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر هو.

 

7-خانبهادر الهه بخش خان ولد خدا داد خان گبول

(ڪراچي)

هي گبولن جي ”اکواني“ پاڙي مان ميان خدا داد گبول جو فرزند آهي، جنهن محنت ۽ ڪفايت شعاريءَ سان ڪافي ملڪيت ڪٺي ڪئي هئي. روڪڙي پئسي کان سواءِ، ڪراچي شهر ۾ جايون ۽ آسپاس ۾ زراعتي زمين خريد ڪئي هئائين. ڪراچي شهر ۾ گوشت پهچائڻ لاءِ مال خريد ڪرڻ واسطي سندس طرفان ڪيترائي سوداگر سندس پئسي تي سنڌ جي گوشي گوشي ۾ مال خريد ڪندا نظر ايندا هئا. الهه بخش خان گڏاپ جي ديهه ۾ 15 آگسٽ 1895ع تي ڄائو هو، ٿوري سنڌي تعليم وٺڻ بعد سنڌ مدرسي ۾ چئن درجن تائين تعليم حاصل ڪيائين. اتان نڪرڻ بعد مائٽاڻو ڌنڌو ڪرڻ لڳو.

هن کي ابتدا کان وٺي عملدارن سان رهائي رکڻ جو ڍنگ اچي ويو هو. هي 1925ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ ڪرچيءَ جو ميمبر ۽  پوءِ پريزيڊنٽ ٿيو. هي مسٽڙ ڊسلوا، پرسنل اسسٽنٽ ڪليڪٽر، ڪراچيءَ جي سنگت وسيلي مسٽر گبسن، ڪليڪٽر، ڪراچيءَ جو منظور نظر بنيو، جنهن ڪري 1927ع ۾ سيڪنڊ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ ۽ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر نامزد ٿيو. 1928ع ۾ جڏهن آءُ ڪراچي ضلعي جو پريزيڊنٽ چونڊيس، تڏهن هي وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو. جڏهن منهنجي پريزيڊنٽيءَ جي ايام ۾ عملدارن جو مون سان اختلاف ٿي پيو، تڏهن اهو سارو وقت هيءَ عملدارن جي تعلق خاطر قاضي عبدالرحمان چيف آفيسر جي پٺڀرائيءَ ۾ رهيو، جڏهن اسان جو تعلقو ڪوٽڙي، دادو ضلعي ۾ شامل ٿيو، تڏهن 1933ع جي نئين چونڊ ۾ کيس ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊايو ويو. سگهو ئي هن کي ”خان صاحب“ ۽ ”خانبهادر“ جا لقب ملييا. باوجود ان جي ته هي پوري انگريزي نه ڄاڻندو هو مسٽر گبسن کيس بمبئي ڪائونسل تي مسٽر جمشيد نسروانجيءَ سان گڏ 1933ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن بل پاس ڪرڻ وقت قانوني ماهر طور نامزد ڪيو.

1933ع ۾ غازي عبدالقيوم پٺاڻ کي، چيف ڪورٽ ۾ هڪ هندو نٿورام کي قتل ڪرڻ جي سبب ڦاسيءَ جي سزا ملي ۽ سرڪار ان کي ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن ڪرايو، جيئن ته ان هندو رسول مقبول جي خلاف هڪ ڪتاب لکي گستاخانه الفاظ ڪتب آندا هئا، تنهن ڪري مسلمانن اُن جي قاتل کي شهيد سمجهي، جنازو ڪڍي، شهر ۾ گشت ڪرڻ شروع ڪيو هو. هندو- مسلم فساد جي ڊپ کان حڪومت سرگس کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ماڻهن جي نه روڪجڻ ڪري گوليبازي ٿي، جنهن لاءِ چؤٻول هليو ته جن مئجسٽريٽن ۽ ٻين طرفان پوليس کي گوليباري ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو هو، انهن مان خانبهادر گبول به هڪ هو. ان گوليباريءَ ۾ 64 ماڻهو شهيد ٿيا. ان وقت سندس خلاف لياري، ڪوارٽر جي مسلمانن ۾ ايترو اشتعال ڦهليل هو، جو کيس لڏي شهر جي ٻين ڪوارٽرن ۾ رهڻو پيو، ليڪن هن جو  بخت ايترو زور هو. جو انهيءَ ساڳئي ڪوارٽر طرفان مسلمان ووٽرن، ٿورو ئي پوءِ، حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مقابلي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو کيس ميمبر چونڊي ڇڏيو. ان مان پتو پئجي سگهي ٿو ته عوام جو حافظو ڪمزور به آهي ۽ منجهن عام طور سياسي شعور جي به ڪمي رهي آهي.

خانبهادر گبول ڪجهه عملدارن جي مدد ۽ ڪجهه پنهنجي همت ۽ ڪوشش سان ڪيترن ادارن جو ميمبر پئي رهيو آهي، جن مان چند هيٺيان  آهن:

1. ڪراچي ڪارپوريشن، 2. ان جون مختلف ڪاميٽيون، 3 حج ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ وائيس چيئرمين، 4 سنڌ مدرسه  بورڊ، 5. ڪراچي سول اسپتال، 6 ليڊي ڊفرن اسپتال، 7 راءِ بهادر گورڌنداس اکين جي اسپتال، 8 ريلوي صلاحڪار ڪاميٽي، 9 ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، 10 ڪراچي ڪلب، 11 فري ميسنري، ۽ 12 ڪراچي ريس ڪورٽ وغيره ازانسواءِ ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر، سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ۽ سر غلام حسين وزيراعليٰ، سنڌ جو چيف پارليامينٽري سيڪريٽري به ٿي رهيو آهي. مارشل لا جي زماني ۾ مغربي پاڪستان صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر به نامزد ٿيو هو. هي اهڙو هوشيار ۽ خوش قسمت پئي رهيو آهي جو انگريزي حڪومت جو دؤر هو يا سر غلام حسين جي وزارت يا پاڪستاني حڪومت جو وقت يا موجوده حڪومت، سڀني ۾ هي اڳرو پئي رهيو آهي.

کيس باوجود گهڻي خرچ ڪرڻ جي، پئسي جي تنگي نه پئي رهي آهي، جيستائين مائٽاڻي ملڪيت هيس، اها خرچ ڪيائين، پوءِ ڪراچي جي آسپاس سندس پيل زمين، وقت بوقت مختلف ڪمن لاءِ سرڪار کانئس پئيي حاصل ڪئي آهي، انهيءَ جا ڪافي چڱا عيوضا پئي ملندا آيا. اٿس. مطلب ته هن سان هميشھ بخت ياور رهندو پئي آيو آهي.

باوجود پوڙهپڻ جي، شاديون به وقت بوقت پئي ڪيون اٿس. هو هڪ خوشمزاج، خرچ پکي و ڇوٽ، عيش ڪوش ۽ طبع جو لاپرواهه پئي رهيو آهي، کيس هميشھ هيءَ ڳالهه خيال ۾ پئي رهي آهي ته زندگيءَ مان کيس ڇا وٺڻ گهرجي. ۽ ان لاءِ نظرين يا اصولن جي جهنجهٽ ۾ هن پاڻ کي ڪڏهن به ڪو نه پئي وڌو آهي. آزاد منش آهي، پنهنجن شرطن تي زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ پئي چاهيو اٿس ۽ ان لطف اندوزيءَ لاءِ ضرورت وقت پنهنجن شرطن تان هٿ کڻڻ ۾ به  ڪڏهن تامل نه پئي ڪيو اٿس. ڪراچيءَ جي مٿئين طبقي جي عيش ڪوش زندگيءَ ۾ خانبهادر گبول جي شروع کان هڪ خاص جڳهه پئي رهي آهي ۽ اڄ تائين اها جڳهه پنهنجي شان مان سان، هو والاريو بيٺو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org