سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 10

 

41- سيد شاهنواز شاهه، سيد نجف علي شاهه شڪر الاهي

(ٺٽو)

شاهه صاحب شڪر الاهي  رضوي سيدن جي خاندان مان آهي، جن جو ڏاڏو سيد شڪر الله شاهه  سن 928 هه مطابق 1522ع ۾، شاهه بيگ ارغون جي  ڏينهن ۾، هرات کان سنڌ ۾ آيل هو. ان سان گڏ شاهه محمد مبين عرف منبو ۽ شاهه ڪمال به آيل هئا. هن کي شاهه حسن ٺٽي جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو، جنهن عهدي تي هو 937هه مطابق 1531ع تائين رهيو. پوءِ عمر رسيده ۽ ڪمزور ٿيڻ ڪري استعيفيٰ ڏئي، ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿيو، ان جي جاءِ تي، سندس سفارش تي، ميان محمد مبين کي شهر جو قاضي ۽ شيخ الاسلام مقرر ڪيو ويو. انهيءَ خاندان ۾ ڪيئي مکيه صاحب قلم ٿي گذريا آهن. سيد علي شير  ”قانع“ سنڌ جي تاريخ ”تحفة الڪرام“ ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن جو لکندڙ، به انهيءَ خاندان مان هو.

ميان شاهنواز شاهه جو والد، سيد ميان نجف علي شاهه، ٺٽي شهر جي مکيه زميندارن، ۽ عزت وارن ماڻهن مان هو. انگريزي حڪومت جي ڪامورن ۾ سندس چڱي  رهائي هئي، کيس پنج فرزند ٿيا: 1. سيد شاهنواز شاهه، 2. سيد صاحبڏنو شاهه، 3. سيد ڪريم ڏنو شاهه، 4. سيد جان علي شاهه، 5. سيد نظر علي شاهه.

سيد شاهنواز شاهه 16 سيپٽمبر 1898ع تي ڄائو هو. 1905ع ڌاري ٺٽي جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان چار درجا پڙهي، وري اتي ئي انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان ٿوري وقت بعد ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ ويو، ڪجهه عرصو اتي رهي، وري حيدرآباد ۾ هيرانند اڪيڊميءَ ۾ اچي پڙهڻ لڳو، جتان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان  سواءِ موٽي ڳوٺ اچي پنهنجي ڪم ڪار ۾ مشغول ٿيو. سيد ميان نجف علي شاهه 1926ع ۾ وفات ڪئي. هن پوين لاءِ چڱو پئسو ۽ سڌريل پيدائش واري زمين ورثي ۾ ڇڏي.

شاهنواز شاهه، وڏو فرزند هئڻ ڪري، ساري ڪاروبار کي سنڀالڻ لڳو. 1928ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر ٿيو، ۽ ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽيءَ لاءِ اميدور بيٺو، جنهن تان دوستن جي سمجهائڻ تي، ضلعي لوڪل بورڊ ۽ اسڪول بورڊ جي چيئرمينيءَ لاءِ مدد جو واعدو وٺي، دستبردار ٿي ويو ۽ مون کي مدد ڪيائين. هي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو 1929ع ۾ چيئرمين چونڊيو ويو، جتي چار سال کن رهيو.

ساڳئي سال ۾ ٺٽي ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ به ٿيو. چيئرمين ٿيڻ بعد، ڪراچي شهر ۾ مانڪ اسٽريٽ ۾، سيٺ آدم سومار واري بنگلي ۾، بيوڪ موٽر رکي، وڏي ٺٺ ۽ شان شوڪت سان رهڻ لڳو.

ڪراچي لوڪل بورڊ جو چيف آفيسر قاضي عبدالرحمان ساڻس گڏ انهيءَ بنگلي ۾ رهندو هو. وٽن وڏيون  مجلسون ۽ محفلون ڪٺيون ٿينديون هيون. شاهه صاحب کي  سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ جي گهڻي سڌ هئي. قاضي عبدالرحمان، خان صاحب الهه بخش گبول، ۽ مسٽر ڊسلوا ڪليڪٽر ڪراچيءَ جي پرسنل اسسٽنٽ جي سنگت کي هُن اِن ڳالهه لاءِ ڪارگر سمجهي، انهيءَ جي صحبت اختيار ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ڪلب جي ميمبري، کائڻ  پيئڻ ۽ عيش عشرت جا ڪم شامل هئا. شروع کان مون ساڻس دوستانا تعلقات قائم رکڻ گهريا، پر سندس سنگت مون کي هن جو سياسي رقيب قرار ڏيئي، هن جي ۽ منهنجي نزديڪ اچڻ ۾  رنڊڪون وڌيون ۽ هي سندن گروهه ۾ رهي، منهنجي مخالفت ڪرڻ لڳو. ڪراچيءَ جو شهر هو. ان ۾ سادگي ۽ سٺي صحبت ئي ڪارآمد ٿي سگهي  ها. هي ٻنهي کان محروم رهيو، تعليم ۽ پئسي  ۾ مون کان زياده هو. سنگت هوشيار ۽ چالاڪ هيس. پر کاڌي کوهه کٽيو وڃن. سو ٿوري وقت اندر شاهه صاحب وڏي جو ڪٺو ٿيل پئسو کپي ويو. سندس سؤٽ، دعويٰ داخل ڪري، ملڪيت جو حصو ورهائي ورتس، وڌندڙ خرچ کي ڏسي، ڀائر به آهستي آهستي ٿي جدا ٿيڻ لڳس، نتيجو اهو نڪتو جو پاڻ وڏي قرض هيٺ اچي ويو. سندس سنگتي سک جا سانگي هئا، تن کيس ڇڏي ڏنو، جنهن ڪري اچي مون سان تعلقات رکيائين. مون سندس مالي حالت درست ڪرڻ لاءِ بئنڪ کان قرض وٺائي. زمين تي آباديءَ لاءِ مشن لڳارائڻ ۾ سندس مدد ڪئي. پر مالي حالت درست ٿي ڪا نه سگهيس ۽ مجبور ٿي کيس سياسي زندگيءَ کان ڪناره ڪشي ڪرڻي پيئي. هن طبيعت کي اعتدال تي هيرائڻ جي عادت ڪا نه سکي هئي.

هو سياست کان پري ٿيو ته  يڪدم وڃي فقيري اختيار ڪيائين. 1940ع ڌاري، فقير ميان  غلام محمد کهنباٽي حيدرآباد واري جي اثر هيٺ، ڀنگ پيئڻ سان گڏ، قلبي ذڪر  پچائڻ لڳو. ڏاڙهي رکيائين ۽ ٺٽي جي هڪ ڪنڊ ۾ عوام  کان علحدو ٿي، ذڪر فڪر ۾ گذارڻ لڳو. مشرق جي اڪثر ماڻهن ۾ ، ملڪ  جي گرميءَ سبب ۽ ڪمن جي ڪثرت کان پوءِ، ردعمل طور دنيا کي ترڪ ڪرڻ جو رجحان گهڻي وقت کان هلندو رهيو آهي. منهنجا ڪي دوست به انهيءَ جذبي جو شڪار ٿيا آهن، جن مان هڪ شاهنواز شاهه ۽ ٻيو سيد حسن بخش شاهه آهي. مون کي به ڪيئي مرتبا اهڙا خيال آيا ته هن ڪرم جي دنيا کان علحده ٿي، ياد خدا ۾ گذاريان، پر عقل جي  رهبريءَ ۽ مادي تعليم جي مهابي، اڃا پاڻ جهليو اچان.

سيد شاهنواز شاهه، مرحوم محمد ضياءَ سبزپوش، ڊائريڪٽر، پوسٽ ٽيليگراف، سنڌ- بلوچستان، جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، نرينو اولاد ڪو نه اٿس، هڪ نياڻي، تارڪ دنيا ۽ مجذوب اٿس. چئن ڀائرن منجهان ٽي ڀائر، سيد صاحبڏنو شاهه، سيد ڪرم ڏنو شاهه ۽ سيد نظر علي شاهه لاولد وفات ڪري ويا آهن، جن مان نظر علي شاهه 1914ع ۾، صاحبڏني شاهه 1946ع ۾، ۽ ڪريم ڏني شاهه 1950ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڀائرن مان ميان جان علي شاهه حيات آهي ۽ دنياوي ڪم ڪار، سياست ۽ دوستاڻن تعلقاتن رکڻ ۾ ڪوتاهي ڪو نه ٿو ڪري. عوامي محاذ ۽ نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ اسان سان شريڪ رهيو آهي. هاڻ سرڪاري مسلم ليگ ۾ آهي. هو 1905ع ۾ ڄائو هو. کيس ست فرزند آهن. ٻه شاديون ڪيائين. هڪ سيد پيار علي شاهه وٽان۽ ٻي ڌارين مان، پهرينءَ مان سيد شفيع محمد شاهه فرزند اٿس، ٻيءَ مان وڏو سيد نظر علي شاهه اٿس. نظر علي شاهه اٿڻ، ويهڻ، ڪم ڪار ۾ باخبر ڏسجي ٿو. خدا والد سميت کين وڏي حياتي ڏئي! جان علي شاهه سياسي طرح سمجهو، سياسي ڪارڪن ۽ طبيعت ۾ اعتدال رکندڙ آهي. شاهنواز شاهه گهڻو وقت منهنجي مخالفت ۾ رهيو ۽ سياسي طرح غير معتدل هو، ليڪن هن جي مون سان ڪا مڙيئي تار ڳنڍيل رهي ٿي، جنهن ڪري سدائين ياد رهي ٿو.

42- ميان قلندر بخش صاحب ولد حاجي محمد صاحب صوفي

(ڍورو نارو)

هي فقير محمد صديق عليھ رحمت، تخلص ”صادق“ سومري جي اولاد مان هو، جنهن جي درگاهه ڳوٺ صوفي تعلقي عمر ڪوٽ ۾ آهي، جنهن کي اڳ ”اهر شريف“ سڏيندا هئا. فقير ”صادق“ شوال 1180هه مطابق، 1762ع ۾ ڄائو ۽ پنجانوي ورهين جي عمر ۾ 11 رمضان 1265هه مطابق، 1847ع تي هن وفات ڪئي. هن جا وڏا اصل رياست ڪڇ جي ڀُڄ شهر جا رهاڪو هئا، پوءِ جڏهن جهوڪ جي درگاهه تان فيض ورتائين، ته مرشد جي حڪم موجب ”اهر“ نالي ديهه ۾ ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو هو. فقير  محمد صديق، شاهه عنايت صوفي جهوڪ واري جي خاص خليفن مان هو، ۽ وڏو شاعر به هو، اڪثر شعر مرشد جي ساراهه ۾ چيا اٿس. هن بيعت شاهه عنايت رحه جي سجاده نشين، حضرت شاهه قلندر فضل الله جي هٿ تي ڪئي هئي. هن کي ميان نظام الدين نالي فرزند ٿيو، جنهن جو وڏو فرزند فقير حاجي محمد صوفي ٿيو، جنهن چڱو نالو ڪڍيو، فقير حاجي محمد شڪار جو خاص  شوقين هو، خاص ڪري شينهن جي شڪار جو، سنڌ جي خاندانن سان دوستاڻا تعلقات هئس، وڏي ملڪيت ۽ جائداد ٺاهيائين. سندس بخت سڪندري هو. گهر جون جايون ۽ بنگلا نهايت عمدا ٺهرايائين.

فقير ميان قلندر بخش صاحب، فقير حاجي محمد صوفيءَ جو وڏو فرزند هو، جو 12 صفر 1297هه مطابق، 25 جنوري 1880ع ڌاري ڄائو هو. هن قرآن شريف گهر م پڙهي پورو ڪيو. سنڌي تعليم صوفي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ورتائين، سندس ابتدائي فارسي تعليم مولوي عبدالرحيم سمي، مٽيارين واري وٽ ٿي. ٽن درجن تائين انگريزي ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ پڙهيائين. سندس وڌيڪ فارسي تعليم لاءِ سندس والد، فقير صاحب وڏي، ميان محمد هاشم، ”مخلص“ ولد حافظ حامد ٽکڙ واري کي مقرر ڪيو، جنهن وٽ هن ”سڪندر نامي“  تائين تعليم حاصل ڪئي. ننڍي هوندي کان عبادت ۽ رياضت طرف لاڙو هوندو هوس. سال بسال هميراڻي ڀڙي ۾ وڃي، اعتڪاف رکندو هو، جتي حبس دم پچائيندي، هڪ دفعي ته ذري گهٽ سندس وفات جو هل ”ڦهلجي ويو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هي بهادر، بي ڊپو، رحمدل، سخي ۽ بي ريا شخص ٿي گذريو آهي. سيرت خواه صورت جو  سهڻو هو. هن وڏي کان وڏي عملدر اڳيان به ڪڏهن سر نه نمايو. ارادي جو پڪو، وعدي جو وفادر، قول جو سچو ۽ مستقل مزاج شخص هو.

فقير صاحب پنهنجي زندگيءَ جو جيڪو طور طريقو اختيار ڪيو، تنهن ۾ آخري وقت تائين ڦير ڦار ڪا نه ڪيائين. رات جي ماني کائي، سمهاڻي نماز ۽ وظيفو پڙهي، آرام ڪري، اڌ رات جو اٿندو هو، تهجد نماز پڙهي، قادري طريقي تي ڏاڍيان ذڪر ڪري ؛ قرآن شريف پڙهي، صوفيانه بيت پڙهندو هو. صبح جي نماز پڙهي، گهمڻ نڪرندو هو، تسبيح هميشه هٿ ۾ هوندي هيس. فجر نماز کان اشراق تائين، ۽ وري وچينءَ کان شام تائين گفتگو ڪا نه ڪندو هو. اشراق بعد نيرن ڪري، بنگلي ۾ قديم دستور موجب، شينهن جي کل تي ڪانڀ ڪڍي ويهندو هو، جتي راڄن جا فيصلا به ڪندو رهندو هو ۽ پنهنجو زمينداري ڪاروبار به هلائيندو هو. جوانيءَ ۾ شڪار، ورزش ۽ گهوڙن جو شوقين هوندو هو. سندس لاڳاپا پالن  پور، سيروهي ۽ جوڌ پور جي راجائن سان هوندا هئا. گهوڙا اڪثر  ڳڙهي کان ڀلا ڀلا گهرائي، سواريءَ لاءِ رکندو هو. ورزش ۾ اڍائي مڻ کن بار تريءَ تي کڻي ويندو هو. ٻنپهرن جو ماني کائي، آرام ڪري اڳين نماز پڙهي، وري اچي بنگلي ۾ ڪچهري ڪندو هو. وچينءَ تائين اتي رهي، پوءِ وري نماز ۽ وظيفي ۾ مشغول ٿيندو هو. سانجهي نماز کان پوءِ، ڪم ڪار لاءِ حڪم احڪام ڏيئي، سمهاڻي پڙهڻ بعد، آرام ڪندو هو.

فقير صاحب ابتدا ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ۽  بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به ٿيو، پر طبيعت  ۾ سخت ۽ خود سر  هئڻ سبب، سندس سخت ڪوشي ۽ سختگيري نه عملدارن کي پسند پيئي ۽ نه جمهوري سرشتي موجب زميندارن کي قبول پيئي. نتيجو اهو نڪتو جو خوشامد طلب، تواضع سان هلڻ وارا، وچولي اخلاق ۽ ابن الوقت طرز جا ماڻهو هن کان گوءِ کڻي ويا، ۽ هن کي مجبوراً سياست کان  رٽائر ڪرڻو پيو. هي سندس خانداني مرشد، شاهه عنايت صوفيءَ وانگر، وڏي استقلال جو ماڻهو هو. ”سرداد نداد دست در دست يزيد“ سندس زندگيءَ جو متو ٿي ويو هو. سندس غنا جي  اها حالت هئي جو سندس دسترخوان جي مک به حاتم جهڙي سخيءَ جي دروازي تي وڃڻ لاءِ تيار نه هئي، اڄڪلهه انهن  صفتن وارا ماڻهو ڇٽا آهن. زميندار زده سوسائٽيءَ جو ماحول بلند اخلاقيءَ کان هيٺ ڪري چڪو هو، جنهن ۾ خود مطلبي، خوشامد، چاپلوسي، آفيسر پرستي ۽ بزدليءَ جون عادتون گهر ڪري ويل هيون، انهيءَ ماحول ۾ هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو ؛  ان ڪري خدمت خلق، عبادت ۽ ادبي ذوق سان زندگي گذارڻ لڳو. هي حد درجي جو سخي هو، ڪو به سوالي سندس در تان خالي نه ويندو هو. آسپاس جي غريبن ۽ بيواهه عورتن کي گهر ويٺي مدد پهچائيندو هو.

فقير صاحب سنڌ جي قدميم تاريخ جو هڪ نسخو لکيو هو. جو ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ وارن، چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڇپايو هو.

هو بدن ۾ ڀريل، قد جو پورو پنو هو. ڪشادي پيشاني، وڏو نڪ، وڏيون اکيون، چاپئين ڏاڙهي رکندو هو ؛ سندس وار ٻٽوئان هوندا هئا. سندس  لباس عمدو ۽ اميراڻو هوندو هو. ڪيمخواب جو ڪوٽ، مشهدي لونگي اڪثر پائيندو هو. ويس نوابي پهريندو هو، ليڪن دل درويش هيس، دنيا ۽ دين کي گڏي هلائڻ ٿي گهريائين. زماني سازيءَ جي سُتي ڪا نه پيل هيس.

سنڌي سياست ۾ اڪثر ماڻهو اهي داخل ٿيا هئا، جن جا مقصد شخصي اقتدار ۽ ذاتي مطلب حاصل ڪرڻ هئا. عام ماڻهن ۾ سياسي شعور پيدا ٿيل ڪو نه هو، کري کوٽي جو پتو ڪو نه هون : تنهنڪري، مخلص قومي ڪارڪن کي به ”زمانه با تو نسازد، تو بازمانه بساز“ موجب هلڻو پوندو هو. ليڪن صوفي صاحب جي طبيعت اها ڳالهه برداشت ڪري نٿي سگهي، نتيجو اهو نڪتو ته عزيز خويش به برخلاف ٿي پيس. آخر، جمعي ڏينهن 9 محرم 1349هه، مطابق 7 جون 1930ع تي، زمين جي پاڻيءَ جي سوال تان، سندس عزيزن جي اشاري تي، ڏينهن ڏٺي جو کيس شهيد ڪيو ويو. کيس سندن والد جي ڀر ۾، ۽ فقير محمد صديق جي پيرانديءَ کان مدفون ڪيو ويو. سندس خط ۽ تصوير مون وٽ محفوظ آهن.

منهنجي ساڻس پهرين ملاقات مخدوم  ميان غلام محمد صاحب هالا جي مجلس ۾ ٿي، اهو واقعو وسري نٿو سگهي،  فقير صاحب وڏي بنگلي ۾ مهمان هو. آءٌ مخدوم صاحب جي  ڪچهريءَ ۾، سندس بنگلي اٺاس ۾ ويٺو هوس، اطلاع آيو ته فقير صاحب ملڻ اچن ٿا، مخدوم صاحب جا صوفي راڳيندڙ فقير، صوفي صاحب کي ٻاهرئين دروازي کان راڳ سرود سان وٺي مجلس تائين پهتا. پوءِ مجلس ۾ سڀ ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺا رهيا. اڌ ڪلاڪ تائين راڳ هلندو رهيو. ڪجهه به گفتگو ڪا نه ٿي. ان کان پوءِ صوفي صاحب موڪلايو. ان تي مخدوم صاحب چيو ته: فقيرن جون مجلسون ائين ٿينديون آهن- يعني بي زبانيءَ جي زبان سان حال احوال ٿي ويا. انهيءَ ڳالهه مون تي گهڻو اثر ڪيول غالب جي مصرع ”بي زباني هي زبان ميري“ عملي صورت ۾ اکين اڳيان هئي. هن وقت فقير قلندر بخش حيات نه آهي. ليڪن سندس نالو نه مئو آهي. سندس وڏي دودي سومري. وانگر سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجي سڪي جا نشان ڇڏي ويو آهي.

 

43- ارباب حاجي خميسو ولد وڏيرو گل محمد ميمڻ

(دڙو)

هي دڙي جي ڳوٺ، تعلقي ميرپور بٺوري  ۾ ويٺل هو. 1870ع ڌاري ڄائو هو، کيس تعليم پوري پني هئي. زميندار به وڏو ڪو نه هو، ليڪن انجنيئري مقاطعن مان چڱو پئسو ڪمايائين، ڪفايت شعاريءَ ۽ محنت سان ملڪيت به چڱي ٺاهي ويو. ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ چڱي رهائي ۽ اثر پيدا ڪري وڃڻ ڪري، ضلعي لوڪل بورڊ ڪرچيءَ تي ڪيترن سالن تائين ميمبر چونڊبو آيو. حاجي محمد جعفر خواجي سان گهاٽي دوستي هوندي هيس. حاجي عبدالرحيم شاهه سجاول واري  سان سٺا تعلقات هئس. آهستي آهستي ڪري ايڏو اثر پيدا ڪري ويو، جو ڪجهه وقت لاءِ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي ويو.

منهنجي ساڻس پهرين واقفيت ڊسمبر 1924ع ۾، حيدرآباد ۾ سنڌ تعليمي ڪانفرنس جي موقعي تي، خانبهادر سيد غلام نبي شاهه جي معرفت ٿي.  سگهو ئي سندس مدد سان ڪراچي ضلعي جي زميندار، آبادگار ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو ويو. 1925ع جي آخر  ۾، ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي چونڊ ۾ آءُ وائيس پريزيڊٽ سندس مدد سان چونڊيس. پوءِ سارو ٽرم هن ۽ اسان هڪ گڏيل گروهه ۾ رهي ڪم ڪيو.

پريزيڊنٽ چونڊيس ته ان وقت بيمار رهڻ ڪري، هي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر نه چونڊيو، ۽ سندس فرزند ارباب سليمان سندس جاءِ تي ميمبر چونڊيو، جنهن به مون کي مدد ڪئي. انهيءَ منهنجيءَ چونڊ لاءِ حالات پيدا ڪرڻ واسطي سيٺ محمد جعفر خواجي،  حاجي عبدالرحيم شاهه ۽ خانبهادر خير محمد خان چانڊئي سان گڏ، هن جو به وڏو هٿ هو.

ارباب صاحب خوش خلق، يار ويس، مهل سر ڪم ايندڙ، زمانه ساز، پر مذاق بزرگ هو. سندس سنڌ جي گهڻن خاندانن سان دوستاڻا تعلقات هئا.

هن 27 رمضان 1347هه مطابق، 17 فيبروري 1929ع تي وفات ڪئي، کيس ٻه فرزند ٿيا: هڪ ارباب سليمان ۽ ٻيو گل محمد، ارباب سليمان ڪجهه وقت ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر هو. ليڪن آخر ۾ فقيري طرف رُخ رکي، دنيوي ڪمن کان گوشو اختيار ڪيائين، ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد، جوانيءَ ۾ وفت ڪري ويو. هن وقت سندس فرزند، ارباب خدا بخش پنهنجو وارو وڄايو بيٺو آهي. هو والد ۽ ڏاڏي وانگر، مون سان ۽ ساريءَ سنگت سان سٺا تعلقات رکندو اچي.

44- سردار واحد بخش خان ولد ميان الاهي بخش خان ڀٽو

(نئون ديرو، لاڙڪاڻو)

چوڻ ۾ اچي ٿو ته سردار صاحب جو خاندان اصل پنجاب جي طرف کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺو هو. سنڌ ۾ اول سندن پڙ ڏاڏو محمد خان آيو هو. هنن بابت ڪيئي روايتون ٻڌجن ٿيون. ڪن جو چوڻ آهي ته هي آرائين قبيلي جي شاخ هئا، ٻيءَ روايت موجب، هي اصل جيسلمير جي راجپوت گهراڻي جي ڀٽي قبيلي مان هئا، جن مان سندن هڪ وڏي وڃي پنجاب ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي ۽ انهيءَ رهائش جي دوران آرائين نسل جي ماڻهن سان مٽي مائٽيءَ ۾ گڏيا هئا.

سنڌ ۾ مثال مشهور آهي ته ”سنڌ سمون، ڪاڇي چنو، ڀٽي جيسلمير- چوٿون ڀاءُ چغدو، جنهن جو پيڙهيءَ مٿي پير. ”ٽاڊ صاحب جي ”تاريخ راجستان“ ۾ ڀٽين جو ذڪر آيل آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڀٽي يادون قوم جي ڇاونجاهه ڪُلن مان هڪ ڪُل آهي، چندر بنسي گهراڻي جي بادشاهه، هر ڪرشنا جي اٺن زالن مان رڪمڻي نالي وڏي زال هئي، جنهن مان کيس وڏو پٽ پرائيڊيما“ نالي پيدا ٿيو، جنهن جي شادي شهزادي ”بدوربا“ سان ٿي، جنهن مان کيس ٻه پٽ، انڙ ۽ بجر نالي پيدا ٿيا، کيس پوئين پٽ بجر مان جيڪو اولاد ٿيو، سي ڀٽِ سڏجڻ لڳا، جن جي اڳت هلي هڪ شاخ ڀٽا نالي سان سڏجڻ لڳي، جن جو سردر بان ۾ رهندو هو.

هي سنڌ ۾ ڪهڙي وقت آيا، تنهن جو پورو پتو نٿو پئجي سگهي، سندن وڏي مٺا خان، پنهنجو ڳوٺ ٻڌايو هو، جنهن جا نشان اڃا تائين رتيديري ۽ نئين ديري جي شاهراهه تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ان کان پوءِ وڏيري پير بخش خان پنهنجي نالي پٺيان پنهنجو ڳوٺ ٻڌايو، جنهن ۾ هو اڄ تائين رهن ٿا.

هنن جو بخت وڏيري دودا خان جي ڏينهن ۾ وريو، جنهن پنهنجي محنت، ڪفايت شعاريءَ قابليت سان زمينداري ۽ ملڪيت وڌائي. ان کي هڪ فرزند، الاهي بخش خان ٿيو، جو پنهنجي وقت ۾ وڏي اوج ۽ عزت سان رهيو. ان کي به فرزند ٿيا: واحد بخش خان ۽ نبي بخش خان، ٻيئي ڀائر نهايت ناز نعمت سان پليا.

واحد بخش خان 1898ع ڌاري ڄائو هو. ابتدائي تعليم مڪاني اسڪول ۾ وٺي، پنج درجا انگريزي پڙهيو. ميان الاهي بخش خان جڏهن سال 1910ع ۾ وفات ڪئي ته سموري ڪاروبار جي واڳ واحد بخش خان جي هٿ ۾ آئي.

پهرين مهاڀاري لڙائي پوري ٿي چُڪي هئي، اناج جا اگهه چڙهيل هئا. سندن زمين گهڻو ڪري ساريال هئي. زمين زرخيز ۽ گهڻي هين. بخت شامل هو. زمين جي پوريءَ طرح نظرداري ڪرڻ سبب، پيدائش تمام گهڻي ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري هي نوابي شان سان گذارڻ لڳا. سندن پاڙي مان سر شهنواز خان ڀٽو اڳي ئي ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو  پريزيڊنٽ، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر، ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو پريزيڊنٽ ۽ اسپيشل مئجسٽريٽ هو ۽ سرڪاري عملدارن سان سٺن لاڳاپن هئڻ ڪري، شهرت حاصل ڪري چڪو هو. هي سياست کان ٻاهر رهندا ٿي آيا. اول ۾ سردار واحد بخش خان سنڌ جي خاندانن سان دوستاڻا تعلقات پيدا ڪيا. شڪار ۽ راڳ ۾ خاص دلچسپي ورتائين، ان ڪري هندستان جي ڪيترن راڄواڙن سان به دوستاڻا تعلقات ٿي ويا هئس. هي گهر اڳ ۾ ڀٽن جو مکيه گهر ڪري سڏبو هو، جنهن ڪري وڏيرا سڏبا هئا. پر آهستي ٿي، وڏيرو لفظ عام ٿي ويو. خود نواب غيبي خان ۽ مگسي قيصر خان وڏيرا سڏبا هئا. ساڳئي وقت بلوچن جي رواج کي ڏسي، واحد بخش خان کي سندس قبيلي 1924ع ۾ پڳ ٻڌائي، س”سردار“ سڏڻ شروع ڪيو، جنهن کان پوءِ هو انهيءَ لقب سان سڏجڻ لڳو.

1926ع ۾ سردار صاحب زميندارن طرفان مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيٺو، جنهن ۾ تڪليف کان سواءِ چونڊجي ويو.

منهنجي سساڻس واقفيت رئيس فقير بخش خان ڪاڇيءَ جي معرت ٿي هئي، جو به ڀُٽي قبيلي جو سڏائيندو هو. اها واقفيت وڌي وڃي دوستاڻن ناتن تي بيٺي. مون 1926ع ۾ کيس اسيمبليءَ ۾ مدد ڪئي هئي. هن تي انهيءَ عرصي ۾ هڪ مائي، خانزادي ابڙيءَ نالي، جي گم ٿي وڃن جي سلسلي ۾ ڪيس ٿيو هو، جنهن ۾ محمد عثمان سومرو ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر به شريڪ ڪيو ويو هو. ڪراچي  لوڪل بورڊ ۾ هجڻ ڪري منهنجا محمد عثمان سومري سان تعلقات هوندا هئا، ان ڪري انهيءَ ڪيس کي دلچسپيءَ جي نظر سان ڏسبو هو.

1930ع ۾ بمبئي ڪائونسل جون چونڊون ٿيون، انهيءَ وقت ڪائونسل آف اسٽيٽ جي چونڊ به ٿيڻ واري هئي. سردار واحد بخش خان ان لاءِ  آنربل علي بخش محمد حسين جي سامهون بيٺو. پر پوءِ صلح ٿيڻ تي، خانبهادر غلام محد خان اسراڻ بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ تان هٿ کڻي، اُها جڳهه سردار صاحب کي ڏني.

جڏهن سر شاهنواز خان ڀٽو گول ميز ڪانفرنس لاءِ لنڊن ٿي ويو، تڏهن سردار صاحب گانڌي گارڊن ۾ کيس پهرين آڪٽوبر 1930ع تي تمام شآندار نموني ائٽ هوم ڏنو، جنهن ۾ اٽڪل پنج سؤ کن مهمان گهرايل هئا.

هي هٿ جو سخي، مهمان نواز، همت وارو ۽ يار ويس ماڻهو هو. غريب شاگردن کي اسڪالر شپون ڏيئي پڙهائيندو هو، نئين ديري ۾ مئٽرنٽي هوم کولرايو هئائين. انهيءَ وقت ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو نالي وارا ماڻهو هئا. پر ائين پئي معلوم ٿيو ته جي عمر وڏي ٿئيس ها ته پئسي، لاڳاپي ۽ ڪشاده دستيءَ سان هي به لاڙڪاڻي جي سياست ۾ پنهنجي علحده جاءِ والاري ها، ليڪن سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ جوانيءَ ۾ ٽيٽيهه سالن جي عمر ۾ 25 ڊسمبر 1931ع مطابق 14 شعبان 1350هه تي وفات ڪيائين.

کيس هڪ فرزند پير بخش نالي آهي، جو هن وقت قبيلي جو چڱو مڙس آهي. هو يونين ڪائونسل پير بخش  ڀٽو جو چيئرمين آهي. تازو پهرين سيپٽمبر 1963ع تي، وڏيءَ اڪثريت سان، عبدالحميد جتوئيءَ (ميهڙ، دادو) کي شڪست، ڏيئي، نيشنل اسيمبليءَ ۾ ميمبر چونڊجي ويو آهي. انهيءَ چونڊ ۾ قاضي فضل الله ۽ خانبهادر کهڙي جي گڏيل مدد جتوئيءَ کي هئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org