حوالا
(1) بروهي، اي، ڪي، سنڌ جو روح (مضمون)، سنڌ صدين
کان، مرتب ممتاز مرزا، شاهه عبدللطيف ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز 1982، ص-25.
(2) آڏواڻي، ڀيرومل مهر چند، سنڌي ٻوليءَ جي
تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو
ڇاپو،
1966، ص-23.
(3)
Wheeler, Sir Mortimer, Early India and Pakistan,
D.B Tara-porewala Sons and Co. Ltd. Bombay—pp.15
(4) آڏواڻي ڀيرو مل مهر چند، قديم سنڌ، سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد، 1957، ص- 43-44.
(5)
Poliakov, Leon, The Aryan Myth, Translated by
Edmin Howard. New American Library, New York
pp.188
(6)
Nautiyal, K. p, Proto- Historic India, Agam Kala
Prakashan, Dehli 1989, pp.44
(7) صديقي محمد ادريس، سنڌو ماٿر جي سڀيتا، مترجم،
شمس سرڪي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1979، ص –
16.
(8)
Bhutto, Z. A, Preface, Sindh- Land of Legands-
Moinuddin, National Book Foundation- Karachi
pp.IX
(9) علي جعفري، اوائلي آريائي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي
(مضمون)، سنڌ صدين کان، مرتب ممتاز مرزا، ص – 108.
(10)
Lambrick, H. T, Sind Before the Muslim Conquest
Vol. II
Sindhi Adabi Board Hyderbad 1973 pp. 68
(11)
Lambric, H.T, Sind A General Introduction- Vol.
I, Sindhi Adabi Board Hyderbad 1964—pp. 100
(12) تاج صحرائي، سنڌو تهذيب جا خالق (مضمون)
مقالا، مرتب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيو ۽ محمد قاسم
ٻگهيو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1988، ص -153.
(13)
Wheeler, Sir Mortimer, Early India and Pakistan
pp.97
(14)
Swami Sankarananda, Rigvedic Culture of the
Prehistoric Indus Vol. I. Abhedanada Academy of
Culture, Calcutta 1946, pp 41
(15)
Ibid. pp. 43
(16)
Ibid. pp. 41
(17) سبط حسن، پاڪستان مين تهذيب
کان ارتقاءَ، مکتبه دانيال، ڪراچي، 1989، ص – 69.
(18) سراج الحق، سنڌي ٻولي، عظيم پبليڪشن،
حيدرآٰباد 1964، ص -86.
(19)
Nautiyal, K.p. Proto- Historic India—pp.54
(20)
Mojumdar R.C. The Vedic Age, Bharatiya Vidha
Bhawan Bomby 1988—pp. 175
(21)
Ibid. pp.179
(22) سبط حسن، پاڪستان مين تهذيب کا ارتقا، ص –
67.
(23) صديقي محمد ادريس، سنڌ ماٿر جي سڀيتا، مترجم،
شمس سرڪي، ص-111.
(24)
Lambrick, H.T. Sindh Before the Muslim Conquest
pp.16
(25)
P.Thomas – Indian Women Through the Ages, Asia
Publishing House Bombay 1946. pp. 7
(26) موتي پرڪاش، سنڌي شعر ۾ استريءَ جو چٽ،
بمبيءَ يونيورسٽي ۾ پيش ٿيل پي ايڇ ڊي ٿيسز 1980،
ص – 19.
(27) ايضاً، ص -4
(28) نقوي سيد سخي حسن، همارا قديم سماج، ترقي
اردو بيورو نئي دهلي، 1972، ص -118.
(29)
P. Thomas, Indian Women Through the Ages, pp. 45
(30)
Ibid. pp. 46
(31) نقوي، سيد سخي حسن، همارا قديم سماج، ص -119.
(32)P.
Thomas, Indian Women Through the Ages. pp. 48
(33) آڏاواڻي، ڀيرومل، مهر چند، قديم سنڌ، ص 247،
249.
(34) موتي پرڪاش، سنڌي شعر ۾ استريءَ جو چٽ، ص -52
(35) ايضاً
(36)
P. Thomas, Indian Women Through the Ages. pp.62
(37) نقوي، سيد سخي حسن، همارا قديم سماج، ص -119.
(38) موتي پرڪاش، سنڌي شعر ۾ استريءَ جو چٽ، ص-26.
(39) نقوي، سيد سخي حسن، همارا قديم سماج، ص -128.
(40) موتي پرڪاش، سنڌي شعر ۾ استريءَ جو چٽ،27.
(41) نقوي، سيد سخي حسن، همارا قديم سماج، ص -126
(42)
P. Thomas, Indian Women Through the Ages. pp. 38
(43)
Ibid. pp—84
(44) مولائي شيدائي رحميداد خان، تاريخ تمدن سنڌ،
سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد 1959، ص-138.
(45)
Dayaram Gidu Mal, Introduction. The Chachnama-
Ali Kufi, Translated by Mirza Kalich Beg, Scinde
Classics Sarnagali, Karrachee 1900.pp.IX
(46) قانع، مير علي شير، تحفته الڪرام، مترجم امير
احمد، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد. ص-57.
(47) مولائي شيدائي، تاريخ تمدن سنڌ، ص – 298.
(48) ايضاً،
(49) ايضاً، ص -421
(50) ايضاً، ص – 426
(51)
T. Postans, Personal Observation of Sindh, Indus
Publications, Karachi 1973. pp41
(52)
Ibid.pp.58
(53)
Ibid. pp.51
(54)
Thomas, R. Hugh, Memoirs of Sindh, Karim Sons,
Karachi 1979. pp 640
(55) برٽن، رچرڊ، سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ
قومون، مترجم محمد حنيف صديقي سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد 1976، ص -135.
(56) ايضاً، ص -244، 245.
(57)
P. Thomas—Indian Women Through the Ages
pp.285-286
باب ٻيو
شاعري
1-
لوڪ ادب ۾ عورت جو روپ
2-
روايتي شاعري ۾ عورت جو روپ
3-
شاهه لطيف کان اڳ جي اساسي شاعريءَ ۾ عورت
شاعري
دنيا جي وڏن وڏن ڄاڻو اديبن، نقادن ۽
محققن اها راءِ قائم ڪئي آهي ته هر ڪنهن ٻوليءَ ۾
سڀ کان اڳ پيدا ٿيندڙ ادب شاعريءَ جي روپ ۾ رهيو
آهي. جتي به ڪنهن آڳاٽي تهذيب جو ادب محفوظ رهي
سگهيو آهي ته اهو گهڻو ڪري سڀئي شاعريءَ جي صورت ۾
آهي.
“Where a civilized peoples early literature is
preserved. It is found to be almost entirely
poetical in form” (1)
شروعاتي شاعري محض ماڻهن جي گروهه جي گڏيل
جذبي جو اظهار هئي، پوءِ ان ۾ سندن وهم وسوسا،
جادو ۽ مذهب جي صورت ۾ آيا، جن ڏند ڪٿائن کي جنم
ڏنو. بهادريءَ جي قصن ۽ عشق محبت جي جذبن ان ۾
جاءِ والاري، جيڪي سڀ ڳالهيون گڏجي شروعاتي دور جي
ماڻهن جي زندگي ۾ ايندڙ تبديلين جي سماجي حقيقت تي
روشني وجهن ٿيون.
“It is a social reality. The phantasy of poetry
is a social image, therefore the phantastic
world of poeticritual, myth or drama expresses a
social truth about the instincts of man, such
truths are necessarily phrased, therefore, in
the language of the emotion.” (2)
اها جذبن جي زبان شاعري ئي آهي جيڪا انسان جي
جبلتن جي سچاين کي به ڏيکاري ٿي ته ٻيا سچ به ظاهر
ٿي ڪري. دنيا ۾ جتي به ڪا قوم، ڪو سماج ظهور پذير
ٿيو ۽ ٻولي سندس اظهار جو ذريعو بڻي تڏهن جيڪا به
ساهت جي رچنا ٿي سا سُر ۾ هئي، تڏهن ته چوندا آهن
ته:
Poetry is one fo the earliest aesthetic
activities of human mind. (3)
شاعري انسان جي ذهن جي بنهه شروعاتي دور
جي جمالياتي تحريڪ يا عمل آهي. شاعري انسان جو
سڀني کان آڳاٽو تخليقي
(creative)
عمل به آهي. ”علماءَ کا خيال تو يه هي کي ناچ اور
گاني کي ابتدا هي زراعت کي رسمون سي هوئي هي اور
يه واقعه هي که پراني قومون کي سبهي تهوار کهيتي
باڙي هي سي تعلق رکهتي هين.(4)
هزارين سال پراڻين اهڙين تهذيبن مان
اهڙيون ثابتيون مليون آهن. (موهن جي دڙي جي سماج ۾
به زراعت موجود هئي) سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي
قدامت ۽ اصل نسل بابت مختلف نظريا ٿي سگهن ٿا پر
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻين ٻولين وانگي هتي به
ادب جي ابتدا شعر سان ٿي هوندي. شعر شديد ۽ ڀرپور
جذبن جي اظهار جو مناسب ذريعو آهي ۽ ورڊس ورٿ جو
گهڻو ورجايل جملو هتي ٺهڪي ٿو اچي ته ”شاعري اڌمن
جي اٿل جو ٻيو نالو آهي“ شاعري دل جي گهراين مان
اڀرندڙ آواز آهي. اها هڪ قسم جي فطري ٻولي آهي
جنهن ۾ قديم تاريخون محفوظ ٿي وينديون آهن.
شاعري لطيف فن آهي ۽ ان کي هر قسم جي لطيف
فنن کان اتم درجو مليل آهي. اها ڄڻ ته سڀني لطيف
فنن جو روح آهي. شاعر فنڪار آهي ۽ هو پنهنجي فن
سان سونهن کي تخليق ڪري ٿو ”اعليٰ فن اهي آهن جيڪي
پنهنجي تڪميل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ مادري ذريعا استعمال
ڪندا هجن.“ (5) شاعري جذبي ۽ فڪر جو فني اظهار
آهي. جيئن ته هر ڪو تخيليقي فن فنڪار جو اندروني
تجربو آهي جنهن کي هو مختلف مادي وسيلن سان ظاهر
ڪري ٿو. شاعري به هڪ لطيف فن آهي. جنهن جي اظهار
جو مادي وسيلو لفظ آهن. سڀني لطيف فنن مان دل ۽
دماغ لطف پرائين ٿا پر سڀ کان اثرائتو ۽ ڪارائتو
فن شاعري جو آهي.
“The end of poetry is to produce excitement in
co-existance with over balance of pleasure”. (6)
شاعريءَ جو هڪ سماجي ڪارج به آهي. اها
پنهنجي دور جا سماجي سچ ظاهر ڪرڻ جو وسيلو به آهي
ته سماج جي اتقاءَ جو رڪارڊ به رکي ٿي ۽ انهي ۾
نواڻ ۽ تبديلي آڻڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري ٿي.
شاعري نازڪ احساسن ۽ ڪومل جذبن سان گڏوگڏ
خوبصورت خيالن ۽ سوچن جو به سهڻن ٻولن ۾ ٻولڻ جو
نالو آهي. خوبصورت خيالن ۽ ڪومل جذبن جي ڪا مادي
شڪل ته هوندي ڪانهي ان ڪري اها ڏيکارڻ هڪ مشڪل فن
آهي. شاعري جذبات ۽ احساسات جي اڻ ڏٺل دنيا آهي
جيڪا شاعري ٻين کي لفظن ذريعي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري
ٿو، جن سان انهن جذبن کي هم آهنگ ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن
وٽس ڪو انتهائي نفيس ۽ لطيف نڪتو يا ڪو اعليٰ خيال
آهي ته اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ تمثيلون تلاش ڪندو ۽
علامتون ڳوليندو يا پنهنجي پاران نيون علامتون
نيون تمثيلون تخليق ڪندو. ”گويا شاعر کي پنهنجي
تجربي سان گڏ ان جي اظهار لاءِ زبان جي به تخليق
ڪرڻي آهي. ان جي معنيٰ هيءَ ٿي ته شاعر زبان جي
موجود لفظن ۾ نئين معنيٰ ٿو پيدا ڪري. شاعري ان
ڪري معنويت جو فن آهي. لفظن جي ڪيميا گري آهي.“
(17) انهيءَ لفظن جي ڪيمياگريءَ ذريعي جن به جذبن
۽ احساسن جو اظهار ٿيو آهي انهن سڀني مان سڀ کان
وڌيڪ نازڪ ۽ نرمل احساس ”پيار“ جو آهي. پيار جو
جذبو انساني جذبن ۾ سڀ کان اتم جذبو آهي جيڪو فطري
۽ جبلتي بنياد کان شعوري عشق جي درجي تي پهچي
اعليٰ شاعريءَ جو به موضوع بڻيو آهي. انهي جذبي
هيٺ شاعرن پنهنجي پيار جي محور، پنهنجي محبوب جي
سونهن ۽ مجسم کي پنهنجو موضوع بڻايو آهي. هونءَ به
سڀني لطيف فنن ۾ حسن جو هئڻ لازمي آهي. جنهن کي
(aesthetic beauty)
جمالياتي حسن چئجي ٿو.
حسن بابت گهڻئي قول اقوال ملندا، مثلاً
چيو ويندو آهي ته حسن اصل ۾ ڏسڻ واري جي اک ۾
هوندو آهي.
Beauty lies in the eyes of the beholder
يا وري ائين به چوندا آهن ته هڪ حسين شي
زندگيءَ جي دائمي خوشي آهي.
“.A thing of beauty is a joy for ever”
ڪن جو خيال آهي ته اصل ۾ اهو ڏسڻ واري جي پنهنجي
ذهني ڪيفيت جو عڪس آهي.
“Kant defines the beautiful as that which
through the harmony of its form with the faculty
of human knowledge awakens a disinterested,
universal and necessary satisfaction” (3)
ڪانٽ جي خيال ۾ خوبصورت اهو آهي جيڪو پنهنجي شڪل
جي انساني ڄاڻ سان هم آهنگيءَ کانپوءِ هڪ قسم جي
ضروري ۽ آفاقي تسڪين ڏئي. ”نيچر يا فطرت جي
تخليقات وانگر ادب ۽ فن جي تخليق ۾ به ڪنهن جسماني
صورت جو هئڻ ضروري آهي.“ (9)
(10)
Poetry ministers to the love of beauty
شاعري انهيءَ حسن سان پيار جو اظهار ڪري
ٿي. شاعريءَ ۾ عموماً اها صورت محبوب جي وجود ۾
ملندي ۽ ڇاڪاڻ جو دنيا جي ادبي اتهاس ۾ گهڻو ڪري
مرد شاعرن جو ذڪر ملي ٿو ۽ انهن جي شاعريءَ جا
نمونا ميسر آهن، ان ڪري اهو محبوب جو تصور عورت
سان لاڳو آهي. سيفو، ميران ٻائي يا هندي سنڌيءَ ۾
عورت واتان ڪيل شاعريءَ جو محبوب مرد آهي.
هونءَ ته سارو سنسار ئي سونهن سان ڀريو
پيو آهي ۽ ان جي ذري ذري ۾ حسن موجود آهي. پر هڪ
شاعر کي عام ماڻهو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪشش ڪري ٿو ڇاڪاڻ
جو هو عام ماڻهو کان وڌيڪ احساس ۽ ادارڪ رکي ٿو.
ان سموري جڳ ۾ پکڙيل سونهن مان سڀ کان وڌيڪ
ساراهيو ۽ ڳايو ويو آهي، عورت جي وجود جي سونهن
کي!
دنيا جي مختلف سماجن ۾ سونهن جا ماڻ ۽
ماپا يا معيار مختلف آهن. هر شاعر جي پنهنجي احساس
جي سطح هوندي به، شاعريءَ جا مختلف انداز بيان هئڻ
جي باوجود، دنيا جي شاعرن عورت کي ئي سونهن جو
اهڃاڻ ڪري کنيو آهي.
چوندا آهن ته هڪ سهڻي شي هر ڪنهن کي پياري
لڳندي آهي. پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته جيڪا شي هڪ
کي سهڻي لڳي سا ٻئي کي نه وڻي.
“The recognition of beauty is an individual and
personal experience and it means high
pleasure—what is beautiful to one may be ugly or
without meaning to another”. (11)
حسن سڃاڻڻ هر ڪنهن جو شخصي ۽ انفرادي تجربو آهي ۽
ان جو مطلب گهڻي خوشي ماڻڻ آهي پر جيڪا شي هڪ لاءِ
سهڻي آهي ٻئي لاءِ ڪوجهي يا بي معنيٰ ٿي سگهي ٿي.
البت ائين چوڻ صحيح آهي ته هڪ سهڻي شي هر ڪنهن کي
پياري لڳي نه لڳي، هڪ پياري شي هرو ڀرو به سهڻي
لڳندي آهي. جيئن هڪ ماءُ کي پنهنجو ٻار سهڻو لڳندو
آهي پوءِ ڀل ته ٻين جي نظر ۾ اهو ڪيترو ئي ڪوجهو
ڇو نه هجي. يا هڪ عاشق کي سندس معشوق ساري دنيا
کان سهڻو لڳندو آهي. ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي
ٿو ته حسن جي احساس ۽ ادارڪ لاءِ عشق جو هئڻ ضروري
آهي ۽ جي عاشق شاعر به هجي ته هو اها سونهن ٻين کي
به پسائي سگهي ٿو.
ڇاڪاڻ جو شاعريءَ ۾ سونهن ۽ عورت
هڪ ئي حوالي سان ايندا آهن ان ڪري ان ڏس ۾ سنڌي
شاعريءَ ۾ ان جي ذڪر ۽ ان جي تاريخ تي نظر وجهڻ
تمام ضروري آهي.
سنڌي شاعري
سنڌي شاعري يقيناً سنڌي قوم ۽
سندس ٻوليءَ جي اسرڻ سان گڏ اسري هوندي. جنهن جي
هڪ دور جو ساکي موهن جو دڙو آهي، جنهن ۾ ٻين سڀني
لطيف فنن جا اهڃاڻ موجود آهن پر ان جي لکت نه
پڙهجي سگهڻ ڪري شاعريءَ جي باري ۾ ڪا راءِ ڏئي نٿي
سگهجي.
ادبي اتهاس ۾ سنڌي شاعريءَ بابت
سڀ کان اول حوالو ”آچاريه اديوتن سوريءَ جي اٺين
صديءَ عيسويءَ ۾ لکيل ڪتاب ”ڪوليه مالا ڪٿا“ ۾ ملي
ٿو جنهن ۾ هن سنڌي شاعرن ۽ سندن ٻوليءَ جي وڏي
واکاڻ ڪئي آهي. چي: اسان اهي سنڌي ڏٺا جيڪي پنهنجو
ديس چت ۾ رکندي، ڳائڻ سان پريت ڪندي نزاڪت سان،
ميٺاج سان ۽ ڍلي پد يعني ڍار سان نهايت ئي سٺو
ڳائيندا هئا. انهيءَ مان ثابت آهي ته عيسوي اٺين
صديءَ ۾ سنڌين جي ٻولي کي الڳ نالو نشان ۽ حيثيت
هئي. ان ۾ اعليٰ قسم جي قومي شاعري ٿيندڙ هئي ۽
پنهنجي اعليٰ ادب جي ڪري انهيءَ زماني جي برک
ڀارتي ٻولين ۾ ان پنهنجو مثال قائم ڪيو هو.“ (12)
اٺين صدي عيسوي (712ع کانپوءِ) ۾
عربي دور حڪومت هو، ڪيترن عرب سياحن سنڌ بابت لکيو
آهي پر سنڌي ادب بابت ڪو حوالو ڪونه ٿو ملي. اهو
اچاريه اديوتن جنهن راجا جي درٻار ۾ رهندو هو ان
جي پٽ يا پوٽي جي درٻار ۾ نائين ۽ ڏهين صدي
عيسويءَ جي زماني ۾ لاڙ جو هڪ عظيم شاعر ڪويراج
سيکر رهندو هو جنهن جا هڪ ڊزن کن ڪتاب عروض، ادب،
تاريخ ۽ تنقيد وغيره تي مشهور آهن. ان لاءِ ”راج
سيکر دنيا جو حيرت انگيز شاعر“ جهڙا لفظ تاريخ ۾
ملن ٿا. ان سنڌ (لاڙ) جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
”هي مڙني ملڪن جو چٽ آهي، جتي جا ماڻهو سنسڪرت کي
ڌڪارين ٿا، پنهنجي سوڀيا وان ديسي ٻولي ڏاڍي ميٺاج
۽ نزاڪت سان ڳالهائيندا آهن. هتي جون زالون به
ڳالهائڻ جي نزاڪت ۽ لطافت جي ڪري توجهه لائق آهن.
هتي جي انوکي ادبي خوبي ته لاڙ جي ئي شاعرن لاءِ
مخصوص آهي. سندن شاعريءَ جي پياري ۽ پسنديده طرز،
جنهن جي خصوصيت رنگيني ۽ ظرافت آهي سا لاڙي طرز جي
ئي نالي سان مشهور آهي. راج سيکر کانپوءِ ڏهين
يارهين صديءَ ۾ سنڌ جو مشهور شاعر، سمنگ چارڻ ٿي
گذريو آهي. ان جون ڳاهون ۽ دوها جيڪي مليا آهن سي
به صاف سنڌيءَ ۾ آهن.“ (13)
ان کانپوءِ جو دور ۾، يارهين
ٻارهين صديءَ کانپوءِ، سومرن جي دور ۾ ڀٽن ڀانن ۽
چارڻن جي ڪيل شاعريءَ کانسواءِ پير صدر الدين جا
گنان به ملن ٿا جن جو ذڪر اڳتي ايندو پر ڪجهه ٻيو
اڳاٽو ادب ديوناگري لپيءَ ۾ اهڙو به مليو آهي جيڪو
شاهه لطيف کان ڪجهه صديون اڳ جو آهي، ان جو ذڪر
ڪرڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ جو ادبي تاريخن ۾ ان جو ذڪر
ڪونه ٿو ملي پر ان کي سنڌي شاعري جي سلسلي جي ڪڙي
چئي سگهجي ٿو. محترم سراج الحق اهو برٽش ميوزيم
مان هٿ ڪيو هو. جنهن تي ميوزيم وارن پاران 1685ع
جي تاريخ لڳايل آهي. جيڪا شاهه لطيف جي جنم کان اڳ
جي تاريخ هئڻ ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو ان کان به
اڳ جو هوندو ۽ ان تاريخ تي ميوزيم وارن کي مليو.
ان ۾ گهڻائي ڏوهيڙا ۽ بيت موجود آهن جن مان ڪجهه
مثال هت ڏجن ٿا.
ماڻڪ مٽ ڪيوم، اونداهيءَ ۾ اوجرو
هلندي در حبيب ڏي، سمر سو ٿيومِ
تيلائين ٿيوم (ٿيوس) اگوندرو عالم
۾ (14)
ان ڪتاب ۾ هڪ ٻي توجهه طلب ڳالهه
اها آهي ته شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف کان اڳ ئي هن ۾
سُرن جي ورڇ نظر اچي ٿي. عورت جي ڪردار تي روشني
وجهندڙ هڪ بيت آهي:
لڪَ چڙهيو روءِ، منڌ من پير هٿن سين
ولاڙيو واڪا ڪري، دانهون ڪري روءِ
الله ڪارڻ ڪوءِ، مون کي هوتن ڏانهن
نئي. (15)
هي سڌو سنئون سسئيءَ جي داستان
مان بيت آهي ۽ هن ۾ سسئي جو ڪردار سامهون اچي ٿو
جيڪا لڪ چڙهي آهي من سان. هتن سان، پيرن سان ۽ پئي
هوتن لاءِ روئي رڙي. ماڻهن کي منٿون ڪري ته الله
ڪارڻ ڪو مون کي اوڏانهن وٺي هلي. هتي هن ڪردار ۾
ڪٿي آهي شاهه واري سسئي جي همت حوصلو ۽ ڏاڍن
ڏونگرن سان وڙهڻ وارو جذبو؟
حوالا
(1)Caudwell
Christopher, ‘Birth of Poetry’, IIIusion and
Reality Peoples Publishing House Bombay, pp12
(2)
Ibid pp.27-28
(3)
Ibid pp.12
(4) سبط حسن، ماضي کي مزار، دانيال، کراچي، 1984.
ص -67.
(5) خليل، ڊاڪٽر محمد ابراهيم، ”ادب ۽ تنقيد“ زيب
ادبي مرڪز، حيدرآباد، ص -19.
(6)
W. Wordsworth—The True Voice of Feelings,
Herbert Reed, Faber and faber London pp.39
(7) شمشير الحيدري، سنڌي آزاد نظم جي اوسر، حيدري
انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر اينڊ آرٽس ڪراچي، 1987، ص
-65.
(8)
Dudley Louise—The Study of Literature, Houghton
Muffin Company Cambridge 1982, pp.332
(9) سنڌي شعر ۾ استري جو چٽ، موتي پرڪاش، پي ايڇ
ڊي ٿيسز، ص-7
(10)
Dudley Louise—The Studay of Literature pp.332
(11)
Ibid pp. 333
(12) محرم خان، پروفيسر، پراڪرتي شاعريءَ جي
شروعات ۽ سنڌ، مهراڻ، 4/1968، ص -147.
(13) محرم خان، پروفيسر، پراڪرتي شاعريءَ جي
شروعات ۽ سنڌ، مهراڻ، 4/1968، ص -148، 149
(14) سراج، سنڌيءَ جو آڳاٽو ادب، نئين زندگي،
فيبروري 1971 ص، 23
(15) ايضاً ، ص -26.
لوڪ ادب ۾ عورت جو روپ
لوڪ ادب نج عوامي ادب کي چيو وڃي ٿو جنهن
۾ عام ماڻهوءَ جا تمام عام جذبا ۽ احساس، سوچ ۽
سونهن نظر اچن ٿا ۽ جيئن ته ان جي پاڙ عوام جي
دلين ۾ آهي ان ڪري ان جي حفاظت ۽ سانڍڻ جو عمل به
انهن دلين جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو آهي نه ڪي ڪنهن
تاريخي علمي ڪتابن ذريعي. سادن ماڻهن جي هن سادي
اظهار جي حفاظت به سندن سادن ذهنن پيڙهيءَ کان
پيڙهيءَ تائين ڪئي آهي. ساده هوندي به انهيءَ ۾
عقل ۽ سمجهه جو سمنڊ ڇوليون هڻندو نظر ايندو.
”جنهن ۾ سندن روشن خيالي ۽ قوت مشاهده عالي پئي
للڪاريندي آهي. اهي پٺن اگهاڙا، پيرين پيادا،
کڙيءَ گهه لڳل، ليڙن لپيٽيل، سادي قوت وارا جڏهن
به صدري خزاني وارا موتي هاريندا تڏهن ٻڌندڙ دنگ
رهجي ويندا ته سادي سيني مان ڪهڙا نه ملهه مهانگا
موتي ملن ٿا. هر ملڪ جي ادب جو سينگار اهي ئي لوڪ
ادب جا ماڻڪ موتي لعل آهن.“ (1)
”لوڪ ادب“ معنيٰ عوام جو ادب يعني جو لوڪ
جو ادب سو ملڪ جو ادب. ”لوڪ“ لفظ انگريزي جو
folk
جرمني ۾
volk
جي جيئن تيئن معنيٰ ته ڪونهي پر گهڻي قدر ان جي
مفهوم کي ادا ڪري ٿو
folk lore
به ساڳئي قسم جو لفظ آهي ۽ اهو اصطلاح ويلم جان
ٿامس 1947ع ۾ ايجاد ڪيو، ”لوڪ ادب مان مراد آهي
عام ماڻهن جو ادب، يعني اهو ادب جو تصنع، هٿ ناٽ ۽
جڙتو ڪاريگرين کان صاف هجي، هن جو مقابل آهي
معياري ادب“ (2)
لوڪ ادب ۾ نثر توڻي نظم اچي وڃن ٿا پر نظم
جي تاريخ نثر کان آڳاٽي سمجهي. اهي نظم واندڪائيءَ
جي وندر توڻي مقصديت رکن ٿا. جيتوڻيڪ لوڪ ادب جي
ابتدا ۽ ارتقاءَ بابت ڪا گهڻي ڳالهه نٿي ڪري
سگهجي، تڏهن به ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو انسان
لکڻ پڙهڻ جي فن جي ڄاڻ کان اڳي تخليق ڪيو هوندو.
بلڪ اڃا به ائين کڻي چئجي ته جڏهن کان انسان شعور
ماڻيو ۽ لفظن ذريعي اندر جي اظهار ڪرڻ جي شروعات
ڪئي ۽ ٻولي وجود ۾ آئي تڏهن کان لوڪ ادب به جنم
ورتو، ان ڪري ان کي تخليق ڪندڙن بابت به ڪا ڄاڻ
ڪانهي، ۽ اهو عوام جي دلين مان اڌمو کائي اظهار جي
مختلف روپن ۾ مختلف زمانن مان گذرندو اسان تائين
پهتو آهي. ان جي خاصيت اها به آهي ته هر دور جي
ماڻهوءَ ان جي ارتقاءَ ۽ تبديليءَ ۾ حصو ورتو آهي
۽ ان ۾ عوامي اجتماعي زندگيءَ جا اهڃاڻ آهن. ان
ڪري مختلف دورن جا واقعا، حوالا ٻوليءَ جون ڦيريون
گهيريون، سوچ ۽ سمجهه جي ارتقا جون مختلف منزلون،
اسان کي ان ۾ نظر اچن ٿيون. اهو عوام جي ۽ سماج جي
ارتقا تي پڻ روشني وجهي ٿو، سماجي زندگيءَ ۾ فردن
جي مختلف طبقن جي گڏيل توڻي ڌار ڌار حيثيت ۾ ڪيل
اظهار مان ان وقت جي ڪيترين روايتن بابت اندازو
لڳائي سگهجي ٿو.
Poetry is written in language and language is a
social product, thus the study of poetry sources
can not be separated from the study of society.
(3)
ٻولي شاعريءَ جو وسيلو آهي ۽ ٻولي سماج
مان ئي پيدا ٿيل آهي ان ڪري شاعري جي بنياد جو
اڀياس سماج جي اڀياس کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. لوڪ
شاعري ته اڃا به سماج جي بنهه نج ۽ بنيادي سوچ ۽
جذبي جي عڪاس آهي ان ڪري ان ۾ سماجي حقيقتون به
چٽيءَ ريت ڏسي پسي سگهجن ٿيون.
What in fact is this emotional complex in such
poetry?
It is a social reality, it expresses the social
relation of man’s instinct to the ungathered
fruit. (4)
اهڙيءَ شاعريءَ ۾ جذبن جي اهڙيءَ ريت اڻت
جا ڪيترائي سبب آهن، انهن ۾ سب کان نمايان سماجي
حقيقت آهي ۽ ان ۾ انسان جي بنيادي جبلتن جو ناتو
سندس اڻ ميڙيل حاصلات سان آهي. اهڙي قسم جي
شاعريءَ جي دنيا ئي مختلف آهي.
The phantastic world of ritual, myth or drama
expresses a social truth, a truth about the
instinct of a man. (5)
شاعري جي ان شاندار دنيا جي شاعرانه جشن،
ديومالائي ۽ ڊرامائي انداز مان هڪ سماجي سچ ظاهر
ٿئي ٿو ۽ انسان جي جبلتن بابت حقيقتن جي پروڙ پوي
ٿي. لوڪ ادب ۽ ان جي باري ۾ هيئن به بيان ڪيو
ويندو آهي. ”لوڪ ادب جهنگ ۾ پاڻمرادو اسريل گل
آهي، اهڙو گل جنهن کي ڪنهن ماليءَ جي هٿ نه ڇهيو
هجي. فطرت جي هنج ۾ پليل، شبنم جي آرسيءَ ۾ پنهنجي
سونهن ڏسندو آهي. لوڪ ادب جبلن جو ٿڌو ۽ فرحت
ڏيندڙ چشمو آهي. لوڪ ادب ۾ نڪور تشبيهون، نوان عڪس
۽ نين علامتن جي ڪا کوٽ ڪانهي. ... اهو ورثو
اجتماعي لاشعور جي ذريعي ايندڙ نسلن ۾ منتقل ٿيندو
رهي ٿو. لوڪ ورثو ڇو جو ملاوٽ ۽ بناوٽ کان پاڪ
هوندو آهي، ان ڪري ان ۾ انسان جي سوچ، خوشيون، ڏک،
غم پنهنجي اصل صورت ۾ ملندا.
..... اهو ڌرتيءَ ڄاين جو ادب آهي ان ڪري
ان ۾ ڌرتي سان لاڳاپيل هر شيءِ گل ڦل، وڻ ٽڻ هن
لاءِ ڪردار آهن جن سان هو پاڻ کي جذباتي طرح ڳنڍيل
سمجهندو آهي..... انهن کي پنهنجو همدرد دوست ۽
غمگسار سمجهندو آهي.... لوڪ گيتن جي فرحت ڏيندڙ
سندرتا، ڪوملتا اسان جي قوم جي ٿڪل احساسن کي قوت
ڏيئي ٿي.“ (6)
انسان جي بنيادي جبلتن ۾ پيار به هڪ آهي ۽
پيار رڳو مرد ۽ عورت جي حوالي سان نه پر سڀني رشتن
ناتن جي حوالي سان انسان جي جبلت ۾ شامل آهي. اسان
جي سماج جو وڏي ۾ وڏو سچ اهو آهي ته عورت ان جذبي
کي هميشه مان ڏنو آهي ۽ هوءَ ان جو اظهار دل جي
گهرائي سان ڪندي آهي. سنڌي سماج ۾ سندس ڪهڙي به
حيثيت رهي هجي هوءَ پنهنجو ڪردار نباهيندي آئي
آهي. سنڌي لوڪ شاعري ۾ به اهڙا مثال ملن ٿا. لوڪ
ادب جون اهڙيون صنفون جيڪي خالص عورتن جي جذبات جي
ترجماني ڪن تن ۾ سندس جيڪو تصور يا
image قائم ٿئي ٿو اهو
سماجي تاريخ جي مطالعي لاءِ اهم آهي. ٻين صنفن ۾
به سندس ڪردار کي گهڻو اجاگر ڪيو ويو آهي. ان تي
روشني وجهڻ سان سنڌي سماج جي تصوير چٽي ڪري سگهجي
ٿي. خالص عورتاڻيون يا زنانيون صنفون ڳيچ (سهرا،
لاڏا) ۽ لولي آهن، جيڪي سندس بيحد ڪومل ۽ لطيف
جذبن جي عڪاسي ڪن ٿيون. ان کان سواءِ ٻين به اٽڪل
سڀني صنفن ۾ عورت جو ڪردار نمايان ٿي اڀري ٿو،
بلڪه منهنجي اندازي مطابق گهڻو ڪري ۽ اڪثر صنفن ۾
عورت جو ڪردار موجود آهي. ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، لوڪ
گيت هجن يا سينگار بيت اهي عورت جي ذڪر کانسواءِ
اڻپورا آهن. ”سنڌي لوڪ ادب سنڌي عوام جي مزاج جو
آئينو آهي. سنڌي لوڪ ادب سنڌ جي عوام جي تهذيب،
تمدن ريتن رسمن ۽ ثقافت جو دفتر آهي.“ (7) ”لوڪ
گيت جي پيدائش ادب (ساهت) جي پيدائش کان، ايتريقدر
جو آئيوٽيا کان به پهريائين آهي.“ (8) ”اهي هر ملڪ
۽ ان جي ٻولي جي ادب جو اهم ۽ قيمتي سرمايو آهن.
سنڌي لوڪ گيت سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌين جي عوامي ادب
جو آئينو آهن. جن ۾ سنڌ وارن جي عام زندگي جو عڪس
نظر اچي ٿو.“ (9) |