سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :19

لمب مان چانور ڪيو چاڙهين چوڻ مان چانورن (اَن) لاءِ خواهش به ظاهر ٿي ٿئي جيڪي رڳو مٿئين طبقي کي ميسر هئا ۽ جڏهن چوي ٿو ”پلاءُ نه پاڙين عمر آراڙيءَ سين“ تڏهن محروميءَ جو انتهائي نقش سامهون ٿو اچي وڃي. غيرت ۽ خود داري پنهنجي جاءِ تي پر اهو احساس ٿو پيدا ٿئي ته آخر هڪڙا آراڙيءَ تي ڇو گذارو ڪن؟ جڏهن ته ٻيا پلاءُ پيا کائين! ٻئي بيت ۾ ٻڌائي ٿو ته هڪ طرف سُڃ لڳي پئي آهي، ماڻهن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻيءَ ڦڙو ڪونهي ۽ هو اُڃ پيا مرن ۽ ٻئي طرف شربت ۽ ٻيا مشروب آهن. احساس کي جهنجهوڙڻ لاءِ اهي تضاد ڏيکاريا اٿس. اهو ته ٿيو پيٽ جو حال وري اچون ته ڏسون ته هو پنهنجو تن ڪيئن ٿا ڍڪين ۽ ميسر ڇا اٿن؟

  ورسي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن
  گولاڙا گگريون، اوڇڻ اباڻن
  ويڙهيا گهمڻ وليين،، جهانگي منجهه جهنگن
  مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾.
 

        ارم هد مَ اوڍيان، پٽولا پٽ چير
        ٻانڌوڻا ٻن ڏيان، ارغچ ۽ عنبير
        ماروءَ سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير.
        اندر اُڃ اُڪير، مون کي پرين پهنوار جي.
 

        شابس آهي منهنجي وطن ڄاين کي، منهنجن ماروئڙن کي، جو ههڙي حال ۾ پيا گذارين! سُڃ انهن جو نصيب آهي، هڪ طرف اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ وليون ويڙهيندا وتن، ولهه ۾ پائڻ لاءِ سولو اوڇڻ ڪونه اٿن، صحرا ۽ سڃ سيج ۾ مليل اٿن – اها آهي عام ماڻهوءَ جي حالت ته ٻئي طرف ضرورت کان زياده اُچا ڪپڙا ارم، پٽ، پٽيهر ۽ ٻانڌوڻا آهن. خوشبوئن، عطرن عنبيرن جا انبار آهن. عياشي لڳي پئي آهي. آهي ڪو سوچڻ وارو؟

        وري جي سندن رهڻ سهڻ جي فرق تي نظر ٿو وجهي ته هڪ طرف پهنوارن جا پکا آهن، ڪکايون جهوپڙيون آهن ۽ ٻئي طرف محل ۽ ماڙيون آهن، بنگلا ۽ ڪوٺيون! جيتوڻيڪ اهي پکن جي پريت ماڙين سان مٽڻ نٿا چاهين تڏهن به ايڏو تفاوت ڇو هجي؟

ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائين سون تي

اچي عمر ڪوٽ  ۾،  ڪنديس  ڪانه  ڪريت

پکن جي   پريت،   ماڙين   سين   نه   مٽيان.

        اهو آهي سندن اٽي، لٽي ۽ اجهي جو احوال جيڪي انسان جون بنيادي ضرورتون آهن. ڏسو ٻن طبقن ۾ ڪيڏو تضاد ڪيڏي وڇوٽي آهي! اهو طبقن جو تضاد سنڌ جي پهرين زرعي سڌارڪ، شاهه عنايت جهوڪ واري دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر کيس شهيد ڪرايو ويو هو (25).

        شاهه لطيف سياستدان ته هو ڪونه جو ماڻهن کي گڏ ڪري سندن اڳواڻي ڪري ها. هو هڪ شاعر هو، فنڪار هو، مفڪر هو. هن جي پهچ ۾ ماڻهو نه پر سندن ذهن هئا ۽ هو منجهن ذهني سجاڳي ۽ پرماريت جو احساس پيدا ڪري ٿي سگهيو. معاشي آزادي لاءِ تڙپ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي سگهيو. ان لاءِ به نعريبازي ۽ پرچار جي ضرورت ڪانه هئي، نه ئي هو ڪو اهڙو شاعر هو. هن جي شاعري ”اسان جي دور جي متحرڪ قوتن جي تخليقي عمل سان هم آهنگ ۽ فڪري طور اڳواڻي ڪندڙ“ (26)، نظر اچي سگهي ٿي ۽ ان ۾ پورهيت عوام جي حالت ۽ ان جو پس منظر به ڏسي سگهجي ٿو پر اهو سڀ ڪجهه ان دور جي حوالي ۽ context ۾ ڏسڻ گهرجي. ”شاهه جي شاعري تاريخ جي هر دور جي ترقي پسند شاعري آهي“ (27). شاهه جي شاعري ۾ زندگيءَ سان وابستگي، ڪمٽمنٽ يا سرسيتائي آهي، اجتماعيت سان سر سيتائي آهي، ان ڪري اها ترقي پسند آهي. روايت پرستيءَ جي مخالفت، وقت جي دقيانوسي يا قدامت پسند، رجعت پسند ۽ اقتدار پسند قدرن جي نفي شاهه ۾ موجود نظر اچي ٿي.

        اهڙا قدر جيڪي اجتماعي قدر آهن، اجتماعي مقصد رکن ٿا ۽ اڳتي وڌڻ کي، نواڻ کي، تبديل کي، غالب اقتدار جي بت ڀڃڻ کي ضروري سمجهن ٿا، سي شاهه جي شاعريءَ ۾ موجود نظر اچن ٿا. اهي قدر ترقي پسند (Progressive) انقلابي (revolutionary) يا اقتدار خلاف (anti-establishment) ٿيندا آهن. سُر مارئيءَ ۾ اهي ٻين سڀني سُرن کان وڌيڪ چٽا آهن، شاهه جنهن جي ”ذهن ۾ هڪ آزاد، با وقار، خود مختار، خوشحال ۽ پرماريت کان پاڪ سماج ( ۽ وطن) جو تصور آهي“. (28) مارئي جي ڪردار ذريعي اهو تصور (concept) ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هو سماجي تبديلي (social change) ضروري ٿو سمجهي ۽ اها تبديلي آڻڻ لاءِ سنڌي سماج جي سڀ کان هيٺئين سڀ کان وڌيڪ ڏتڙيل ۽ محروم ماڻهن جو مثال ٿو کڻي.

        دنيا جي شاعرن ۽ خاص ڪري انگريزي، هندي ۽ اردو ٻولين جي شاعرن تي نظر ٿي وجهجي ۽ اسين شاهه جي انهيءَ فلسفي جي ڀيٽ ساڳئي دور جي حوالي سان انهن شاعرن سان ٿا ڪري ڏسون ته خبر ٿي پوي ته 18 صديءَ تائين اهڙو ڪوبه خيال اسان کي انهن جي ادب ۾ نٿو ملي.

        انگريزي شاعريءَ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان جيڪو شاعرن جو سلسلو چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ چاسر (Chaucer) کان شروع ٿو ٿئي سوسندن ادب جي نشاط ثانيه (Renaissance) جي تياري کان پڇاڙي تائين (1660-1561ع) ڏيڍ سو سالن جي عرصي ۾ ڦهليل آهي. ان دور جا وڏا شاعر ۽ ڊرامه نگار مثلاً وياٽ (Wyatt) ، سري (Surrey) ، للي (Lyly) ، سڊني (Sidney)، اسپينسر (Spenser)، ڊينيئل (Danial)، ڊريٽن (Drayton)، مارلو (Marlowe)، شيڪسپيئر (Shakespeare)، چئپمئن (Chapman)، برائون (Browne)، بيومانٽ (Beaumont)، فليچر (Fletcher)، بن جانسن (Ben Jonson)، ۽ جان ڊن (Jhon Donne) تائين ڪنهن به شاعر اهڙو ڪوبه خيال ڪونه ڏنو آهي جنهن کي ان ڏس ۾ نمايان ڪجي، انهن جا ڪردار مٿئين طبقي جا آهن ۽ سندن موضوع گهڻو ڪري مذهب“ يا ”عشق“ آهي. ڊريٽن (Drayton) حب الوطني جي موضوع کي ڇهيو آهي پر محض انگريزي تاريخ مان ڪجهه ڪردارن، بادشاهن ۽ راڻين جي هڪ ٻئي ڏانهن خطن جي صورت ۾ اهو ذڪر ڪيو اٿس. ٻيو ماڻهو شيڪسپيئر آهي. جنهن جي ڊرامن ۾ بادشاهه ۽ لارڊن سان وفاداري ۽ سندن انگلنڊ سان تعلق تي فخر کان وڌيڪ ڪو اهڙو خيال نٿو ملي جنهن مان سمجهجي ته هو هيٺئين طبقي جي ماڻهن يا عوام سان به محبت ٿو ڪري. جيتوڻيڪ اهو به حب الوطني جو هڪ انداز آهي، جنهن کي رومانوي حيثيت ڏني اٿس پر هن جي ان اظهار ۾ مذهبيت (theocracy) ۽ تصوف (mysticism) نظر اچن ٿا. 1660ع کانپوءِ واري دور ۾ ڏسبو ته ملٽن جهڙا وڏا شاعر به انهيءَ موضوع ڏانهن نه لڙيا آهن. سترهين صديءَ ۾ (1660 کانپوءِ) جيڪو دور شروع ٿيو تنهن ۾ ڪجهه ڪجهه سماجي زندگيءَ جا عڪس ادب ۾ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

“At this point in its curve (in English literary history) the government, the social life and the manners are undergoing a process of transformation so that the aesthetic tone of the period corresponds with that affected in the domain of outward reality.(29)

        انگريزي ادبي تاريخ ۾ هن موڙ تي حڪومت، سماجي زندگي ۽ طور طريقن ۾ تبديلي ايندي نظر اچي ٿي ته جيئن هن دور جو جمالياتي انداز معروضي حقيقت سان ٺهڪي اچي. پر اهو ايترو واضح نظر نٿو اچي ڇاڪاڻ جو بادشاهت، دربار ۽ اقتدار تمام مضبوط هئا ۽ مڊل ڪلاس جو واپاري طبقو پنهنجيءَ ۾ پورو هو. هن دور ۾ بورجوا مڊل ڪلاس ۽ هيٺئين طبقي جا ڪجهه شاعر به پيدا ٿيا.

“There is an increasing number of writers being recruited from among the ranks of the middle or lower bourgeoisie and even from among the people”

        پر انهن به هيٺئين طبقي کي ادب ۾ ڪابه نمائندگي ڪانه ڏني. سترهين صديءَ جي پهرين اڌ جو ادب ان خيال کان مختلف هو ۽ پوئين اڌ ۾ انگلنڊ ۾ آيل انقلاب (1668ع) جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ادب بلڪل ئي جدا نوعيت جو ٿي ويو ۽ پراڻي رجحان بدران جيڪي نوان رجحان پيدا ٿيا انهن ڪلاسيڪيت (classicism) جي تحريڪ کي زور وٺرايو. ڊرائڊن (Dryden) بنين (Bnuyan) کان ورڊس ورٿ (Wordsworth) جي سريلن گيتن (Lyrical Ballads) تائين جو سمورو دور ڪلاسيڪل دور آهي ۽ ڏٺو وڃي ته بلڪل اهوئي ساڳيو دور اسان جي سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور آهي. شاهه لطيف جي جنم (1690) کان اڳ ئي اسان جو ڪلاسيڪي ادب قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم جي شاعريءَ سان شروع ٿي چڪو هو ۽ اهو پنهنجي اوج تي لطيف جي دور ۾ پهتو.

        انگريزي ادب جي ڪلاسيڪل دور ۾ جيڪي مکيه شاعر نظر اچن ٿا تن وٽ گهاڙيٽو (Form) ۽ خيال (reason) جذبات نگاري (emotions) جي ڀيٽ ۾ فني اڪائي (Artistic unity) لاءِ وڌيڪ اهم سمجهيا ويا. هن دور ۾ مڊل ڪلاسن ڪجهه زور ورتو ۽ ڪلاسيڪيت انهن کي ڀانءِ پيئي.

“classicism reassured the vital instinct of the middle classes, who were in positon of control”. (31)

        هن دور ۾ ڊرائڊن جا بيت (couplets) سندس دور جي ٿوري گهڻي سياسي سماجي حالت تي روشني وجهن ٿا، پر اسان وٽ هتي سنڌ ۾ مڊل ڪلاس ته جهڙوڪر هوئي ڪونه، جيڪي واپاري ۽ وڻجارا هئا ۽ ڪنهن وقت ڪنهن حيثيت ۾ هئا سي به صدين جي غلامي ۽ ڦرلٽ گهڻي قدر تباهه ڪري ڇڏيا هئا ۽ شاهه جهڙن شاعرن جو هينئون لوڻ ٿي ٿيو انهن کي انهن جي بازارين جو حال ڏسي ۽ درد مان دانهن ٿي ڪيائون ته:

”ڏسيو بازاريون، هينڙو مون لوڻ ٿئي“

        انگريزيءَ ۾ هن ئي دور ۾ ڪلاسيڪيت جا اصول سخت ڪيا ويا ۽ مصنوعي موضوعن جي ڀرمار ٿي وئي ۽ ايئن نئون ڪلاسيڪي دور (Neo-classicism) شروع ٿيو ۽ ”پوپ جهڙن شاعرن شاعريءَ جا اصول سخت ڪري ڇڏيا ۽ موضوعن جي به پابندي وجهي ڇڏي ۽ انهن ڊرائنگ رومن ۾ ويهي، وڏن ماڻهن جي باري ۾، انهن جي زالن جي باري ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ائين اصل ڪلاسيڪيت جو روح ختم ٿيندو ويو. پوپ جي تمام ڊگهي نظم“ “The rape of the lock” تي هڪ نظر وجهي سگهجي ٿي.... ڪنهن لارڊ هڪ مغرور ليڊيءَ جي وارن جي جوڙي مان ڪجهه حصو قينچيءَ سان ڪپي ڇڏيو، شاعر ان واقعي کي ڪجهه اهڙي ريت بيان ڪيو آهي ڄڻ اها ڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي خبر هئي.“ (32) پوپ ۽ ان کانپوءِ جو زمانو گهرائپ بدران هلڪڙائي (superficiality) جو زمانو هو. اهوئي زمانو هو جنهن ۾ وڏا وڏا تنقيد نگار پيدا ٿيا ۽ اختلاف جو جذبو (spirit of controversy) ظاهر ٿيو. هن زماني ۾ نثر ۾ گليور جي سفر وارو سئفٽ (Swift) ۽ رابنسن ڪروسو وارو ڊيفو (Defoe) پيدا ٿيا جن ننڍن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪيو، (وڏن ماڻهن سان گڏوگڏ سو به هڪ قسم جو مزاحيه طنزيه (satiric) انداز ۾ ۽ ان کان پوءِ جذبات نگاري (sentimentalism) جو دور شروع ٿيو جنهن جي پڇاڙي نتيجي طور رومانويت جنم ورتو ۽ ورڊس ورٿ پهريون دفعو سريلن گيتن جي مهاڳ (Preface to Lyrical Ballads) ۾ ان حقيقت جو اعتراف ڪولرج سان گڏجي ڪيو ته شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻي زندگي، فطرت نگاري ۽ عام رواجي ڪردارن کي جاءِ ڏئي سگهجي ٿي. اهو دور (1850-1780) جو هو.

“The Lyrical Ballads and the poems of the same group are a series of intrinsic value… The occasion for these analytical studies is provided by the every day life, not of the elegant and refined classed, but of the people, and above all of the peasants. Wordsworth’s realism is a complex product in which, along with the desire for truth, is love of nature and simplicity and a reaction against false nobleness, comingly with a social faith in the diginity of the humblest lives.” (33)

        ”سريلن گيتن“ ۽ انهي گروهه جي ٻين شعرن ۾ عام زندگيءَ بابت معلومات ملي ٿي ۽ وڏن ۽ نفيس ماڻهن ۽ چکي مکيءَ وارن طبقن بدران هارين نارين جو احوال ملي ٿو. ڪوڙي وڏ ماڻهپائيءَ بدران معمولي ماڻهن جي زندگين جي شان ۾ اعتماد ملي ٿو، سچ سادگي ۽ فطرت سان پيار ملي ٿو.

        هن مٿئين سموري تفصيل ڏيڻ جو مطلب اهو ثابت ڪرڻ آهي ته شاهه لطيف جي دور تائين سموري انگلستان جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به هيٺيون طبقو، انهن جون پيڙائون ۽ انهن جي حالت جي باري ۾ ڪا هڪ سٽ به ڪانه ٿي ملي. ائين ته ٿي نٿو سگهي ته انهن وٽ اهو طبقو هوئي ڪونه، بلڪه شاعري عموماً وڏن ماڻهن جو مشغلو هئي يا وري وڏن ماڻهن جي چوڌاري گهمندي ڦرندي هئي. هنن ڪڏهن به عام ماڻهوءَ تي نظر ئي ڪانه وڌي.

        ”شاعري فقط ورسايل طبقن جي ميراث هئي. شعر ۾ فقط انهن ئي طبقن جي ماحول ۽ امنگن جو اظهار ڪيو ويندو هو. عام ماڻهن جي ٻولي توڙي جذبا گهٽ اهميت وارا هئا ۽ ”عظيم“ شاعرن انهن کي ڌيان لائق ئي نه سمجهيو. عظيم شاعرن جي شاعريءَ جا موضوع، سورما ۽ سورميون ورسايل طبقي جي انسانن مان هوندا هئا. يا ته ماڳهين انسان کان به مٿانهان ۽ ديويون ۽ ديوتا هوندا هئا“ (34)

        ”تلسي داس جي رامائڻ ۾ عام ماڻهن جو ذڪر گهٽ ديوين ديوتائن، انهن جي محبوبائن، راڻين ۽ فوجي سالارن جو ذڪر وڌيڪ آهي. هنن شاعرن وٽ جي عام ماڻهوءَ جو يا ان جي زندگيءَ جو ذڪر يا بيان آهي به ته ان کي ثانوي حيثيت آهي. عام ماڻهو يا ته فوجي جرنيلن جا سپاهي آهن يا ته ديوين ديوتائن جا پوڄاري.“ (35) هنن جي ڪابه اهڙي حيثيت ناهي جو هو پاڻ وهيڻا هجن يا هنن کي پنهنجا احساس يا امنگون هجن. اهو صرف تلسي داس لاءِ رايو ڪونهي بلڪ جيڪڏهن اسان هندي ۽ اردو ادب جي تاريخن تي نظر وجهي انهيءَ مان شروعاتي دور کان شاهه لطيف جي دور تائين جي شاعرن تي نظر وجهنداسين ته به اها ئي تصوير اڀري بيهندي، اهي شاعر يا ته ويراڳي ۽ صوفي هئا يا اهي جيڪي امير طبقي سان تعلق رکندا هئا ۽ زندگيءَ جي هڻ هڻان سان انهن جو ڪو تعلق ڪونه هو. آشرمن يا حجرن ۾، درٻارن يا اميرن جا چائنٺ تي پيل اهي عالم ۽ اديب زندگيءَ جا مسئلا سمجهڻ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. سو انهن مان عوامي ادب يا عوامي مسئلن جي اپٽار جي اميد ڪرڻ بلڪل بيڪار ٿيندو. ائين ضرور آهي ته ”انهن مان ڪي ڀڳتي تحريڪ جا علمبردار اديب اهڙا ضرور هئا جيڪي اميرن جا دست نگر نه هئا ليڪن انهن مان اڪثر دنيا کان بي نياز هئا، جنهن جي جهلڪ سندن ڪلام ۾ موجود آهي. نظير اڪبر آباديءَ جهڙو ڪو ڪو اديب هوندو جنهن گهمي ڦري پنهنجو گذر سفر ڪري زندگيءَ کي محبوب جي گهٽيءَ ۾ رهي نه پر قدرت جي نگار خاني ۾ رهي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.“ (36)

        مزي جي ڳالهه ته جيڪڏهن ڪٿي عوام جو، ماڻهن جو ذڪر آيو به هوندو ته ان مان ان جي اهڙي شڪل ٿي اڀري ڄڻ ته اهي انسان ئي نه هجن. پوري سنسڪرت ۽ هندي شاعري کڻي ڏسو ”اساطير اور افسانون کان ورق ورق الٽ جائي شازو نادر هي کهين عوام کا ذڪر آتا هي اور وه بهي نفرت و حقارت کي ساتهه البت راجائون کو رعايا پروري اور عدل گستري کي تعليم دي جاتي هي کيونکه رعايا کي خوشنودي هي قيام حکومت کي ضامن هي.“ (37)

        سنسڪرت جا ڪتاب پڙهڻ وارن کي خبر آهي ته انهن جو پهريون قاعدو اهو هوندو آهي ته سڀ کان پهرين ڀڄن ۽ پرارٿنا پڙهندا آهن. ”وه ديوتائون کي ذکر کي علاوه حکومت اور برهمن کي خير کي دعا سي شروع هوتي هين.“ (38)

        انهن ڪتابن جي مطالعي مان جيڪي خاص ڳالهيون ان ڏس ۾ نوٽ ڪري سگهجن ٿيون سي اهي آهن ته شُودرن کي هر هر سمجهايو وڃي ٿو ته برهمڻن ۽ ٻين اُچي ذات وارن جي فرمانبرداري ۽ خدمت سندن ڌرمي فرض آهي.

        وري پوءِ جي دور جي شاعري جيڪا شرنگار رس (سينگار رس) ۽ شانت رس سڏي وئي آهي ان کي ڏسو ته اها امير جي جنسي جذبن جي تسڪين لاءِ عورتن جي جسماني عضون ۽ ٻين اهڙين ڳالهين سان ڀري پئي آهي ۽ ”محبوبائن ۽ معشوقائن جا قسم بيان ڪيا ويا آهن. جن کي ”نائڪه ڀيد“، ”نک سک“ ۽ ”نن“ جي نالن سان سڏي شاهوڪارن جي شهوت پرست ذهنيت جي تسڪين ڪئي وئي آهي.“ (39) اصل بنياد کان وٺي ائين نظر اچي ٿو، ٻه اڍائي هزار سال اڳ به ائين ئي هو. ڪاليداس سنسڪرت جو مايه ناز اديب ۽ شاعر آهي. سندس انداز بيان، منظر نگاري ۽ تصوير نگاري انتهائي اعليٰ درجي جي آهي. سندس لفظ لفظ منڊيءَ تي ٽڪ مثل آهي. سندس ڪيترا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن، جن مان نل دمينتي ۽ شڪنتلا گهڻا مشهور آهن، پر انهن ۾ به عوام نظر نٿو اچي، پورهيت ڪونه آهن، هيٺيون پورهيت طبقو غائب آهي. انهن ۾ راجا، مها راجا آهن، ديوتا  ديويون آهن. پروهت پريزاد آهن، گرو ساڌو ۽ انهن جا چيلا آهن، رشي مها رشي آهن. ليکڪ اڳيان انسانيت جو مقصد اهو آهي ته ”نيک ديوتائون، رحمدل راجائون هٺ دهرم رشيون کي پوجا کري، شکنتلا مين جا بجا برهمنون کي عظمت کا اعلان کيا گيا هي، قدرت کي استبداد اور سماج کي مظالم کي خلاف وه کچهه نهين کهتا.“ (40)

        ڀڳتي شاعرن مان ڪبير داس پهريون عوامي شاعر چئي سگهجي ٿو جنهن اميرن ۽ پنڊتن کان بي نياز ٿي عوام ۾ خود داري ۽ خود احساسي جا جذبا پيدا ڪيا. هن جي اهڙي فلسفي جي ڪري شاهه لطيف به متاثر ٿيو آهي. هن دولت جي برائي ڪئي آهي:

”مايا ڇايا  ايڪ  سي  برلا  جاني  ڪوئي،

ڀڳتا ڪي پاڇي لاگي سنمک ڀاگي لوئي.“

        مطلب دولت جي خصلت پاڇولي وانگر آهي ان کان دور ٿيو ته پٺيان ايندي ۽ جهلڻ چاهيوس ته پري ڀڄندي. ڪبير داس جي هڪ ڀڄن جي پهرين سٽ هن ريت آهي:

ڪر گذران غريبي پر، مغروري ڪس پر ڪرتا هي.“ (41)

        ڪبير داس جو دور (1440-1518) شاهه کان اڍائي سو سال پراڻو آهي، پر تلسي داس وري کانئس ڏيڍ سو سال پراڻو آهي. (1532- 1624ع) ان جي رامائڻ جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي ۽ هڪ ست سئي به لکي هئائين، انهن کانپوءِ وري ”اڪبر بادشاهه جي دور ۾ 1553-1627ع ڌاري، عبدالرحيم خان خانان (رحمن) به ٿي گذريو آهي جنهن جي ”ست سئي“ مشهور آهي. ان کان سواءِ بهاري لال جي ”ست سئي“ پڻ اهم آهي. ”ست سئي“ ۾ ست سو دوها هوندا آهن ۽ انهن شاعرن مان اڪثر جون ”ست سيون“ عشقيه مضمون رکن ٿيون ۽ انهن ۾ عورتن جا قسم ۽ جسم سمايل آهن باقي عوامي موضوع بلڪل ڪونه ملندا.

        ساڳيو حال اردو شاعريءَ جو آهي. ان جو ته سمورو پس منظر جيئن ته ايراني آهي ان ڪري ان جو مزاج به بلڪل ايراني آهي.

        ”اردو شاعري کا ايک بڙا حصه قصائد پر مشتمل هي، جن پر کچهه کهنا لا حاصل هي، غزل گوئي مين اظهار واردات کا دائره محدود ره جاتا هي... معشوق سي همکلام هونا اردو شاعر کا سب سي اهم فريضه تها... اس زماني کي اردو شاعري اميرون کي تفريح کي سوا کوئي کام انجام نه دي سکي.... عهد قديم کي تمام شاعر پيشه ور تهي، اور نوابون اور راجائون کي منت کش تهي... وظيفه خوار تهي.“ (42) سو عوام جو ذڪر بلڪل نٿو ملي ۽ جي ملي به ٿو ته اهو مبهم ۽ غير اهم نموني سان ٿو ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com