ان ڏس ۾ مولانا روميءَ ڪهاڻيون تخليق ڪيون ۽ شاهه
صاحب اڳ موجود ڪهاڻين جا واقعا ۽ ڪردار کنيا. اهو
طريقو دنيا جي ٻين شاعرن وٽ به ملي ٿو. شيڪسپيئر
يا هومر به اڳ موجود ڪهاڻين کي ورتايو ۽ پنهنجي
انداز ۾ پيش ڪيو. شيڪسپيئر ته گهڻو ڪري مڪمل ڪهاڻي
کي ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪيو. مثلاً ڪنگ ليئر ته اڳ
موجود تاريخي ڪردارن جو داستان هو ۽ پاڻ ڏٺائين به
پوري پسمنظر سوڌو، ساڳي طرح هومر يا ٻيا ڪيترائي
شاعر ائين ڪندا رهيا آهن.
It is generally admitted that Homer did not
invent the story of Troy, also that it was the
Practice of ancient poets to build up their own
edifice with the help of bricks taken from
existing structure.
اهو عام طرح سان مڃيو ويو آهي ته هومر پاڻ ٽرائي
جي ڪهاڻي ڪانه ٺاهي هئي اها قديم شاعرن جي عام
روايت هئي ته اهي اڳ موجود قصن جي بنيادن تي
پنهنجي ڪهاڻين جي اوساري کڻندا هئا. جي هومر ان
عام ڪهاڻيءَ کي نه ڇهي ها ته هيلن هڪ عام ڇوڪري
هجي ها جنهن کي هڪ ڳوٺ مان ٻئي ڳوٺ ۾ اغوا ڪيو ويو
هو جنهن تان ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو هو.
انگريزيءَ جي تقريباً سڀني شاعرن ملٽن کان شيلي
تائين پراسرپائين
(Proserpine)
يا پرسيفون
(Persiphone)
جو ڏند ڪٿائي ڪردار پنهنجو شاعريءَ ۾ آندو آهي.
ڏند ڪٿائن ۾ اها ڌرتي ماءُ
(Mother Earth)
۽ آسمان پتا
(Jupiter)
جي ڌيءَ هئي. ان سان لاڳاپيل ڪهاڻيءَ کي سڀني
شاعرن مختلف انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
شاهه صاحب اڳ مروج ڪهاڻين جا صرف اهي واقعا ٿو کڻي
جيڪي سندس فلسفي جي وضاحت لاءِ ضروري ٿو سمجهي.
باقي يقين ۾ نه ايندڙ مافوق الفطرت ۽ عجيب و غريب
ڳالهيون هونءَ ئي نظرانداز ٿو ڪري ڇڏي جيڪي راوين
زيب داستان لاءِ ڳنڍيون هونديون. جيڪي واقعا سندس
فلسفي جي ابتڙ آهن. هو انهن جو ڪو اشارو به ڪونه
ٿو ڏي. مثلاً مارئي جو قصي جي پڇاڙي ۾ پنهنجو ست
ثابت ڪرڻ لاءِ باهه جي مچ مان لنگهڻ يا مومل جي
قصي جي پڇاڙيءَ ۾ پاڻ ساڙي مارڻ يا ليلا جو نااميد
ٿي پنهنجي پيڪن هليو وڃن ۽ اتي چنيسر جو اچڻ ۽ هڪ
ٻئي کي ڏسڻ سان هڪدم مري وڃڻ اهي ڳالهيون هڪ ته اڻ
وسهندڙ ٿيون لڳن ۽ ٻيو شاهه صاحب جي رجاعيت جي بر
خلاف هيون هو مايوسي ۽ نااميدي جي خلاف هو ۽ اميد
۾ يقين هئس ٽيون ته سندس فلسفي جي حوالي سان انهن
۾ ڪو پيغام هو ئي ڪونه.
جهڙيءَ طرح هومر جي اليڊ جو موضوع هڪ تاريخي واقعو
هئڻ جي باوجود به سندس مقصد تاريخ بيان ڪرڻ ڪونه
هو تيئن شاهه صاحب به ڪهاڻين سان لاڳو جاگرافيائي
ٽاڻن ۽ تاريخي اهڃاڻن جي سببان بڻيل انهن جي نيم
تاريخي حيثيت کي ڪا اهميت ڪانه ڏني ۽ سندس مقصد
تاريخ يا خود اهي واقعا بيان ڪرڻ نه ٿو چئي سگجي،
جو اهي واقعا ته ماڻهن کي اڳئي معلو هئا. سندس
مقصد داستان جي ڪن خاص واقعن ۽ ڪردارن جي حوالي
سان ڪي خاص ڳالهيون پنهنجي دور جي عوام جي ذهنن ۾
وجهڻيون هيون. مثال طور ڪيڏاري جهڙي تاريخي جنگ تي
چيل سر جو مقصد به تاريخ يا ان تي مرثيو پڙهڻ نه
پر عمومي طرح سان بهادري ۽ سورهيائي کي مثال ڪري
پيش ڪرڻ چئي سگهجي ٿو. شاهه صاحب هڪ طرح پنهنجي
دور جي ماڻهن کي سندن ٻڌل داستانن جي ڪردارن معرفت
ڪو پيغام ڏيڻ ٿي چاهيو.
هن مارئيءَ جي داستان مان حب الوطنيءَ ۽ آزاديءَ
جي حوالي سان پيغام ڳولي ورتو. دنيا جي ادب ۾ حب
الوطنيءَ جو ذڪر شايد حسن و عشق يا عورت ۽ مرد جي
پيار جو ذڪر کان گهٽ ٿيو آهي. جڏهن ته اهو جذبو
به گهٽ اهم نه آهي. ائين نه ٿو چئي سگهجي ته شاعرن
يا عام ماڻهن کي پنهنجي ملڪ سان پيار ڪونه هوندو
اهو جذبو دل ۾ موجود هئڻ جي باوجود به ان جي اظهار
جي ضرورت ڪانه محسوس ڪئي ويندي آهي. اها ضرورت
تڏهن محسوس ڪئي ويندي آهي جڏهن ملڪ تي ڪا خاص
مصيبت اچي، جنگ يا ڪنهن ٻئي روپ ۾ آيل ڏکيو وقت يا
وري وطن کان دوري ۽ پرديس عام ماڻهن جي دلين ۾ ديس
جو پيار اڀاري وجهندا آهن ۽ شاعر ان کي اڃا به
وڌيڪ محسوس ڪندا آهن ۽ انهي احساس جو اظهار قومي
شاعري يا وطني شاعري جو روپ اختيار ڪندو آهي تڏهن
ان شاعريءَ ۾ حب الوطنيءَ سان گڏوگڏ پنهنجن هم
وطنن سان به پيار جو اظهار ڪيو ويندو آهي. شاهه
صاحب جي دور ۾ ڪهڙي جنگ لڳل هئي؟ ڪهڙو ڏکيو وقت
آيل هو؟ هو ڪهڙي پرديس ۾ ويهي ديس جا گيت ڳائي
رهيو هو؟ بظاهر اهڙي ڪابه ڳالهه تاريخن ۾ نظر ڪانه
ايندي پر سنڌ جي ان دور جي معاشي، سياسي، سماجي
حالتن جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ملڪ ۽ ماڻهن
جي ڏکوئيندڙ حالت جو اندازو لڳائڻ کان پوءِ چئي
سگهجي ٿو ته شاهه صاحب انهن سڀني ڳالهين جو شعور
رکندي ماڻهن ۾ حب الوطني جا جذبا جاڳائڻ جي شعوري
ڪوشس ڪئي ۽ کين استحصالي طبقن جا ساٿاري بنجڻ
بدران پنهنجي طبقي جي ڏکين، بکين ماڻهن سان محبت
ڪرڻ جو سبق ڏنو.
”جاگيردارانه سماج ۾ ماڻهن جي فڪر ۽ خيال تي اهڙا
پهرا ويٺل هوندا آهن جيڪي قوميت ۽ وطنيت جي
اجتماعي تصور جو خيال به اچڻ نه ڏين. انهن وٽ
سماجي، يا اجتماعي تحريڪون به نه هئڻ جهڙيون
هونديون آهن. ڪنهن به قسم جو معاشي يا اقتصادي نصب
العين واضح ڪونه هوندو آهي. بادشاهت ۽ شخصي
حڪومتون صدين کان اهڙي طرح سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي
اجازت ئي ڪونه ڏينديون آهن.“ هو اهڙو ڪو اجتماعي
شعور پيدا ٿيڻ ڪونه ڏينديون آهن ائين نه ٿو چئي
سگهجي ته سنڌين وٽ حب الوطنيءَ جو تصور ڪونه هو يا
ڪڏهن به ڪا اهڙي تحريڪ ڪانه هلي هئي. شاهه عنايت
شهيد جهڙا ڪردار هن قوم ۾ پيدا ٿيا هئا پر انهن جي
حاڪم طبقن پاران خاتمي کان پوءِ ماڻهن ۾ مايوسي ۽
ڊپ هئڻ لازمي امر هو. ان ڪري شاهه صاحب جهڙن ڏاهن
کي شعوري ڪوشش ڪرڻي پئي.
حب الوطنيءَ جا به ڪيترائي قسم ٿيندا آهن. بادشاهه
جي حب الوطني
(King’s patriotism)
سياستدان ۽ عملدار جي حب الوطني
(Statesman’s patriotism)،
سپاهيءَ جو وطن سان پيار
(Soldiers’s patriotism)
وغيره وغيره پر انهن سڀني کان اتم ۽ اعليَ هوندو
آهي عام ماڻهو جو پنهنجي وطن سان پيار، جنهن ۾ ڪو
غرض ڪونه هوندو آهي. جنهن کي ان جو ڪو فائدو، ڪو
پگهار ڪونه ملندو آهي.
It is from them that has come the great body of
literature and of poetry in particular, that
tells of the tenderness with which the
individual citizen cherishes and remembers his
homeland the soil in which his root are fixed.
مطلب ته ادب خاص ڪري شاعريءَ جو وڏو حصو انهن جو
تخليق ڪيل ٿئي ٿو، جنهن ۾ عام ماڻهو تمام لطيف
انداز ۾ پنهنجي ان ڌرتيءَ جو بيان ڪري ٿو جنهن ۾
سندس پاڙون کتل آهن. شاهه لطيف انهي عوام ۾ حب
الوطنيءَ جو جذبو جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان لاءِ
مارئي جي ڪردار جي چونڊ ڪيائين ڇاڪاڻ جو ان ۾ کيس
اهڙو آئڊيئل نظر آيو چوڻ کي ته ائين به چئي سگهجي
ٿو ته مارئي جو ملير لاءِ تڙپڻ ساراهي شاهه جهڙي
هڪ عالمگير انساني ڀائپيءَ ۾ يقين رکندڙ شاعر کي
محدود نه ٿيڻ کپي ها. ان ڏس ۾ چئي سگهجي ٿو ته:
The man who most intelligently loves the corner
of earth that is his own, is on the best way to
becoming a useful citizen of the world.
يعني ته جيڪو ماڻهو ڌرتيءَ جي ان ٽڪر کي جيڪو هن
جو پنهنجو آهي، پيار ڪري ٿو اهو ئي دنيا جو
ڪارائتو شهري ٿي سگهي ٿو، ٻين لفظن ۾:
“The man who least loves his own land will, let
it again be said, least love the world”
جيڪو ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار نه ٿو ڪري ياد
رکڻ گهرجي ته اهو دنيا کي به پيار نه ٿو ڪري سگهي.
شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ مارئي کي حب الوطنيءَ ۽
آزاديءَ جي علامت طور نه آڻي ها ته اها به محض
هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي ملير لاءِ روئيندڙ ۽ رڙندڙ ڇوڪري
هجي ها. اها سموري سنڌ ته ڇا دنيا جي مظلوم ماڻهن
جي علامت طور آدرشي ڪردار نه بنجي سگهي ها ۽ سندس
جذبو پڻ عام رواجي ڏسڻ ۾ اچي ها. شاهه صاحب نه صرف
پنهنجي وطن ۽ ان جي ماڻهن سان محبت پر پنهنجي
ٻوليءَ سان پيار ۽ ان تي فخر ڪرڻ پڻ سيکاري ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي بدقسمتي اها رهي آهي جو ان کي ڪڏهن
سنسڪرت ته ڪڏهن عربي ۽ فارسيءَ جي مذهبي، سرڪاري
درٻاري برتريءَ جي مفروضن هيٺان دٻائڻ جي ڪوشش ٿي
ته ڪڏهن وري ان کي ٻهراڙيءَ جي ڄٽن جي اڻ سڌريل
ٻولي سڏي سندس جائز حق ۽ مقام کان محروم ڪيو ويو ۽
سرڪاري درٻاري يا علمي ٻولي بنجڻ جي صلاحيتن کان
عاري ڄاڻائي ان کي پٺتي ڌڪي ڌارين ٻولين جي
سرپرستي ڪئي وئي. تهذيب، تمدن ۽ زبان قومن جي
انفراديت کي اجاگر ڪندڙ جزا ۽ انهن کي برقرار رکڻ
لاءِ راکا هوندا آهن. جهڙي ريت انساني وجود ڌرتي
جي دل مان پاڻي پي پلجي جوان ٿئي ٿو تهڙي طرح زبان
۽ ڪلچر جا وجود به انجير جي ميوي وانگر سڌي طرح
ڌرتي مان جنم وٺن ٿا. شاهه صاحب کي سنڌيءَ جا وار
وکريل، اکين ۾ آب، ڳلن تي ڳوڙها ۽ چپن تي آهون ڏسڻ
۾ آيون. ڀٽائي گهوٽ هن قوم کي زندگيءَ جي ٻواٽي تي
جو بيواهو ۽ پريشان بيٺل ڏٺو ته سنڌ کي ٻيهر غلامي
جي آويءَ ۾ اچي وڃڻ جا کيس سوين وسوسا وڪوڙي ويا.
انهن مڙن کي مسئلن جو حل هو زبان کي زندهه رکڻ“ سو
شاهه صاحب شعوري طرح سنڌي ٻوليءَ جي تعمير ڪئي ته
جيئن ماڻهن مان احساس ڪمتري ختم ٿئي. کين اميد آس
جي واٽ نظر اچي. ان ڪري ئي لطيف عام ماڻهن جي دلين
تائين پهچي سگهيو.
“One great reason for popular appeal of shah
latif’s poetry is the fact that it was the first
great attempt to interpret the feelings of the
populace in language that all both Muslims and
Hindues could understand”
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها هئي
ته اهو پهريون ڀيرو هو ته عام ماڻهن جي جذبن کي
سڀني مسلمانن توڙي هندن، جي ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته شاهه
صاحب سنڌي ٻوليءَ کي نئون جنم ڏيارڻ وارو شاعر
آهي. ”بظاهر مرده لفظ تي دم عيسيٰ ڦوڪڻ ڏاڍو ڏکيو
ڪم آهي پر ان کان سواءِ شاعري پيغمبري جي دعويٰ
نٿي ڪري سگهي. شاهه صاحب ٻهراڙي جي ٻوليءَ جي هر
لفظ کي جبرئيل جا کنڀ عطا ڪيا آهن. پاڻ هن زبان کي
هڪ سحر انگيز ترنم به عطا ڪيو اٿس. اهڙو ترنم جيڪو
ڪنهن ڳائڻي يا سازندي جي فني احسان جو محتاج
ڪونهي.“شاهه صاحب کي سنڌي ٻوليءَ سان عشق هو.“ هو
ان زبان جو اهو جوهري آهي جنهن وٽ ماڻڪن جا مٽ
ڀريا پيا آهن. هن سنڌي زبان جي معمولي لفظن مان
ڪڏهن ماکي جو ڪم ورتو آهي ته ڪڏهن شراب جو نشو
پيدا ڪيو آهي. انهن لفظن مان هو ڪڏهن احساس جا
ٽانڊا ۽ مچ ٿو ٻاري ته ڪڏهن احتجاج ۽ بغاوت جا
بارود ٿو ڀري. ڪو به اهڙو موضوع ڪونهي، ڪوبه اهڙو
احساس نه آهي. جنهن کي لطيف شاعريءَ جي معيار کان
گهٽ سمجهيو يا نظرانداز ڪيو هجي. هن سنڌ جي عام
ماڻهو مردن ۽ عورتن خاص ڪري عورتن جي جذبن جي جنهن
خلوص امنگ ۽ جذبي سان ترجماني ڪئي آهي تنهن جي
بيان لاءِ دفتر کپن.“ ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟
هو آخر عورتن کي ايڏي اهميت ڇو ٿو ڏي؟ منهنجي خيال
۾ ته سنڌ جي عوام جو هڪ پيڙهيل ۽ پٺتي پيل طبقو
هئڻ ناتي هن ساڻن همدردي ۽ پيار محسوس ڪيو هوندو.
سندس حالتن سڌرڻ جا ڪي امڪان. ذريعا، طريقا به
موجود ڪونه هئا هو کين سماج ۾ مٿانهون رتبو يا
مقام ڏيارڻ لاءِ مثال طور اهڙن ڪردارن جي تلاش ۾
هوندو. تڏهن هن کي سنڌ ۾ مروج ڪهاڻين جون عورتون
نظر آيون جيڪي مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فعال، وڌيڪ
متحرڪ هيون هڪ ته ”سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي نسائي ڪردار
وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ آهن ٻيو سبب اهو آهي ته اسان جي
معاشري ۾ عورت جبر ۽ محرومي جي علامت آهي ۽ ٽيون
سڀ کان اهم سبب اهو آهي ته احساس جي شدت جي باوجود
عورت زندگيءَ کي ان جي عذابن سان قبول ڪرڻ جو
استعارو آهي. ان جي برعڪس انهن ڪهاڻين ۾ مرد جو
ڪردار ايترو فعال، ايترو حساس ۽ ايترو گهايل نظر
نه ٿو اچي. شايد ان جو سبب سماج ۾ مرد جي مقام ۽
ان جي عمل ۽ رد عمل ۾ لڪل هجي. بهرحال اهو هڪ
علحده بحث آهي ته هر الميه دستان ۾ مرد نسبت عورت
هڪ زندهه حقيقت ڇو ٿي بنجي وڃي. ڇاڪاڻ جو شاهه
صاحب زندگيءَ کي رد ڪرڻ يا قبول ڪرڻ جي ڇڪتاڻ ۾
ان کي قبول ڪرڻ، جو درس ڏنو آهي. ان ڪري لوڪ
ڪهاڻين جي زنانا ڪردار ئي انهي نقطه نظر جي
نمائندگي ڪري ٿي سگهيا ۽ انهن ڪردارن جي نفسياتي
مطالعي جي روشنيءَ ۾ هو انهيءَ حقيقت جو انڪشاف
ڪري ٿي سگهيو ته زندگي طلب جو نالو آهي. جستجو جو
نالو، جبر کان آزاديءَ جو نالو آهي. ان عشق جو
نالو آهي جيڪو پنهنجي آدرش کي پنهنجي روح ۾ جذب
ڪرڻ سان پيدا ٿيندو آهي. ان مان سندس زندگيءَ جو
تصور پڌرو آهي. هو زندگيءَ جي قدرن ۾ يقين رکي ٿو.
پاڻ انهن ڪردار عورتن جي صرف خارجي يا صرف داخلي
حالتن جو تجزيو نه ٿو ڪري بلڪه هو سندس جذبن
احساسن ۽ دلي ڪيفيتن جو ته اظهار ڪري ٿو پر سندن
ڌرتي ۽ سماج سان لاڳاپي کي به نظرانداز نه ٿو ڪري.
بلڪه انهن سڀني محرڪن تي نظر وجهي ٿو. جيڪي ان دور
جي سماج ۾ مسئلن جو سبب هئا ۽ انهن جي حقيقت کي
سمجهي اسان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. هو انساني
ڪردار جا مختلف روپ ۽ مختلف پهلو نظر ۾ رکي ٿو.
جتي زندگيءَ جي جمالياتي پهلو ۽ ان جو رومانوي رنگ
ٿو ڏيکاري اتي غريب پورهتن جي ڏکن سکن جي عڪاسي به
ٿو ڪري. شاهوڪارن جا شوق شڪار به ٿو ڏيکاري ۽ سندن
ڪمزوريون به ٿو ظاهر ڪري.
عورتن جو ته هر هڪ طبقو سندس ڪردارن ۾ نظر اچي ٿو
۽ انهن کي جهڙيءَ ريت آندو اٿس، اهو ان ڳالهه جو
شاهد آهي ته پاڻ عورت جي نفسيات، سندس سماج ۾
حيثيت ۽ ڪردار مان چڱي طرح واقف هو. اها ئي عورت
فارسي ۽ عربي ٻولين جي ادب ۽ شاعريءَ ۾ محض وندر
جي شي هئي. جنس هئي ۽ ان جي ذڪر مان به ذهني ۽
زباني لذت ورتي ويندي هئي. پر شاهه صاحب اهڙي ڪابه
روايت قبول ڪانه ڪئي. هن جي نظر ۾ عورت پنهنجي
اندر ۾ سموريون صلاحيتون رکندڙ هڪ ڀرپور انسان
هئي. پاڻ سندس زباني شاعري ڪري عورت جي جذبن ۽
احساس ۽ دردن کي ئي اوريو اٿس. انهن جذبن ۾ سڀ کان
وڌيڪ جنهن جذبي کي ڳايو اٿس سو سندس ”پيار“ آهي.
شاعريءَ جو تعلق قلب واردات سان يقيناً آهي. دل جي
ڪيفيتن جو لطيف ۽ رنگين پيرائي ۾ بيان ئي شاعريءَ
جي اصلي سونهن آهي ۽ دل جي سڀني کان لطيف ۽ رنگين
ڪيفيت وري پيار آهي ۽ اهو پيار سموري دنيا جي
شاعريءَ ۾ موجود آهي. ان پيار جو تخيل يا تصور ڪن
تهذيبن ۾ تمام اعليٰ آهي ته ڪن ۾ وري بنهه ڪريل.
اعليٰ چوڻ مان مراد اها هرگز ناهي ته اها ”پاڪ
محبت“ جيڪا رڳو فرشتا خدا سان ڪري سگهن. محبت جو ۽
عشق جو فسلفو به مختلف ماڻهن وٽ مختلف آهي. اسان
وٽ روايتي طرح سان عشق کي ٻن قسمن ۾ ورهائيندا
آهن. هڪ حقيقي ٻيو مجازي عشق. حقيقي عشق لاءِ
چوندا آهن ته اهو بندي جو عشق خدا جي ذات سان
هوندو آهي. جڏهن ته مجازي عشق عورت ۽ مرد جي وچ ۾
ٿيندو آهي. اهو ٻئي قسم جو عشق هڪ قسسم جو تخليقي
رشتو آهي. جيڪو ٻن انسانن جي وچ ۾ قائم ٿئي ٿو.
اهو ٻن جانورن جي باهمي رشتي کان يقينن مختلف آهي.
جانورن جو هڪ ٻئي جي لاءِ ڇڪجڻ يا پيار عشق ڪونه
چئبو ڇو جو اهو محض جبلت جو نتيجو آهي ۽ جبلت جو
شعور سان ڪوبه تعلق ڪونه هوندو آهي. جڏهن ته
انسانن جي وچ ۾ عشق شعور سان لاڳاپيل آهي. ڪو وقت
هو جو انسان به جبلتن جي اثر ۾ هو ۽ خالص جبلي
زندگي گذاريندو هو پر پوءِ شعور ترقي ڪئي ۽ ان
رشتي ۾ ٻن فردن ۾ سماجي، جذباتي ۽ جنسي هم آهنگي
پيدا ٿي. تڏهن اهو ان جانورن واري رشتي کان مختلف
ٿيو پوءِ جي انساني لڳ لاڳاپي وارن دورن ۾ اهو
جذبو معراج تي پهتو ۽ شاعرن جي زبان ۾ اهو ٻن دلين
جو معاملو بڻيو. ان ڪري اهو محض جانورن وارو جنسي
لڳ به ڪونهي ته فرشتن واري پاڪ محبت به ڪانهي. اهو
هڪ محسوس ڪرڻ وارو تمام لطيف جذبو آهي. جڏهن ته
خدا سان عقيدت ٿي سگهي ٿي. ان جي عبادت، پرستش يا
پوڄا ڪبي آهي. ان جي اطاعت ۽ بندگي ٿيندي آهي ۽ ان
۾ حد کان وڌيڪ گم ٿي وڃڻ واري درجي کي شايد عشق
حقيقي جو نالو ڏنو ويو آهي. هر ملڪ جي صوفياڻي
شاعريءَ
(Mystical Poetry)
۾ خدا، ديوتا يا ڪنهن اڻ ڏٺي قوت يا تصور سان عشق
جو خيال موجود آهي. اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ
ائين ئي آهي خود شاهه لطيف جي شاعري جو ڳچ حصو ان
قسم جي بيتن تي مشتمل آهي ۽ اها ان دور جي روايت
هئي. ان لاءِ لوڪ داستانن جي ڪردارن کي ئي تمثيلي
طور کنيو ويو آهي. جن جو مجازي عشق جي حوالي سان
انهيءَ حقيقي عشق جي منزل تي پهچڻ جي ڪوشش ملي
ٿي. باقي هڪ وڏو حصو شاعريءَ جي ڪردارن جي مجازي
عشق سان ئي لاڳاپيل آهي.
مجازي عشق کي شاعريءَ ۾ هر ڪنهن پنهنجي پهنجي
علائقي جي تهذيبي ۽ تمدني قدرن جي روشني ۾ آندو
آهي. عربي شاعريءَ ۾ مرد محبت جو اظهار ڪري ٿو.
هنن وٽ حالانڪه عورت پرده نشين ۽ پابندين ۾ جڪڙيل
هوندي آهي ته به سندن عشقيه شاعريءَ ۾ فحاشي ملي
ٿي ۽ جنسي تقعل جو ذڪر ملي ٿو. هن سماج ۾ گهڻي
عرصي تائين ڇوڪرين کي ڄمندي ئي ماري ڇڏڻ جو رواج
رهيو آهي ۽ جيڪي بچي ٿي ويون تن کي بعد ۾ غيرت
سببان مارڻ به عام رهيو آهي. ڪي ٻيون گهٽ انساني
سهولتون مهيا ٿيڻ سببان بکن، بيمارين وگهي مري
وينديون هيون. ان ڪري مردن لاءِ عورت هڪڙي ڪمياب
شي يا اڻ لڀ وٿ بنجي وئي هئي. ان ڪري ان جي حصول
کان پوءِ ڪنهن قيمتي شي وانگر ان کي قابو ڪري رکڻ
۽ سندس وجود کي ٻين جي پاڇي کان به بچائڻ جون
روايتون عورتن جي سخت پردي ۽ غيرت جي عنصر کي پيدا
ڪرڻ جو سبب هيون ۽ ڏٺو ويو آهي ته جن معاشرن ۾
عورت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگيون ۽ جهيڙا ٿيندا هجن
اتي مرد سندس وجود کي قيمتي سمجهي سندس طلب ۽ تلاش
ڪندو آهي ۽ شاعري مرد جي زبان مان طالب جي حيثيت ۾
ٿيندي آهي. گهڻو ڪري جتي به اهڙو قبائلي نظام
هوندو آهي. اتي ائين ئي ٿيندو آهي. انهن سماجن ۾
پنهنجي عورت ته تمام متبرڪ هوندي آهي. ان جو نالو
وٺڻ به گناهه هوندو آهي. البت تصوراتي محبوبه خيال
۾ آڻي شاعري ڪئي ويندي آهي. ڇاڪاڻ جو شاعرن جو
محبوب تصوراتي يا خيالي هوندو آهي ۽ ان جي ڪا
سڃاڻپ به ڪانه هوندي آهي. ان ڪر ان لاءِ ڇا به چئي
وڃجي روا آهي، جيڪا شي منع ٿيل ميوو هجي ان کي
هروڀرو گهڻو ذائقيدار ۽ سوادي ثابت ڪرڻ لاءِ تصور
۾ ان جون کلون لاهي، ان کي اگهاڙو ڪري، ان کي ڇهي،
چوسي، چٻاڙي ان مان مزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي
آهي. اهو ئي حال شاعري جو هوندو آهي. جيڪا عشق
بدران جانورن واري جبلي پيار جو عڪس ڏيکاريندي
آهي. ڇاڪاڻ جو شاعري ڪندڙ مرد هوندا آهن، جيڪي
ڪجهه به چئي سگهڻ لاءِ آزاد هوندا آهن. ان ڪري
سندن بيان فحاشيءَ جي دائري ۾ هليو ويندو آهي.
اسلام کان اڳ عربن وٽ اعليٰ شاعري ۾ جتي اعليٰ
خيال ٿاملن اتي تمام ڪريل خيال به ٿا ملن. امراءُ
القيس جي شاعري ۾ اهڙا ڪيترا مثال موجود آهن: |