سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :37

اسان جي هن سموري خطي ۾ پجابي، سرائيڪي، راجستاني ۽ سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن خاص ڪري شاهه لطيف عورتن جي ڀوڳنا کي وڌيڪ محسوس ڪيو ۽ ڪرايو آهي. سيد سبط حسن لکي ٿو ته”راهه طلب کي تمام دکهه، درد وه هي برداشت کرتي هي اور محبت تک پنهچني کي آرزو بهي اسي کو تڙپاتي هي. پنجابي زبان مين لوک کهانيون مين بهي فعال  کردار عورت هي کا هوتا هي، مثلاً هير راجها مين هير (جو سوهني کي طرح شادي شده هي) رانجها کو حاصل کرني کي خطرجان پر کهيل جاتي جي. مرزا صاحبان مين صاحبان هي نيند کي ماتي مرزا کو خطري سي آگاهه کرتي هي، در اصل تلاش و تجسس هي شاهه لطيف کي شاعري کا مرکزي خيال هي. سسي کو پنهون کي لاش هي، مومل کو رانا کي آرزو هي. ماروي وطن پهنچني کي ليئي بي قرار هي، سوهني اپني مهينوال سي ملني کي ليئي بي چين هي. شاهه لطيف کي نزديڪ عورت عشق، و محبت کي سب سي حسين علامت هي. پيار اس کي سرشت مين شامل هي. و کائنات کي سب سي عظيم تخليقي قوت هي.

انهي ڪري ئي شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي اهميت ڏني آهي. سندن جذبن جو اظهار ڪيو آهي. سندس دل جي معاملن کي سمجهايو آهي. سندس مسئلا بيان ڪيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ مرد غير متحرڪ (Passive) ۽ عورتون متحرڪ (active) ۽ فعال آهن. لطيف پنهنجين ستن مشهور سورمين کان سواءِ، ڪاپائتن، وڻجارين، سارنگ جي سورمي ۽ موکيءَ جي ڪردارن واتان ته عشق جا معاملا بيان ڪيا آهن پر سندس خالص صوفياڻن سرن جهڙوڪ ڪلياڻ ۽ يمن ۾ پڻ هو عورت جي زبان ڪم آڻي ٿو ۽ انهيءَ معرفت، معرفت جا مرحلا بيان ڪري ٿو، هو پان کي عورت جو روپ ڏئي چوي ٿو:

سُر ڪلياڻ:

سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.
پر ۾ پڇائيون، عشق جي اسباب کي،
دارون هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،
آخر والعصر جو، ايهم انائون،
تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.
 

سر يمن ڪلياڻ

تون حبيب، تون طبيب تون درد جون دارون،
دوا آهن دل کي، تنهنجون تنوارون،
ڪريان ٿي ڪارون، جئن ٻڪي ٻنئون نه ٿئي.

ويڄ! مَ ٻڪي ڏي، الا چڱي مَ ٿيان،
سڄڻ مان اچي، ڪر لاهوتي ٿي ڪڏهم،

ڪانڊين ٽانڊين، ٻاٻرين، پچان مر پيئي،
جيرا جگر بڪيون، سيخن ۾ ٽيئي،
ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.
 

انهن بيتن مان ٻه ٻٽيون معائنون ڪڍي سگهجن ٿيون. تصوف جي حوالي سان به عام رواجي نموني عورت جي اندر جي اظهار جا رنگ به چئي سگهجن ٿا. ان کان سواءِ  اڪثر بيتن ۾  ”آيل“،  ”جيجل“،  ”ماءُ“، ”جيجان“، ”ڀينر“، ”اديون“، ”جيڏيون“ وغيره استعمال ڪري عورتن کي آندو اٿس. سر سريراڳ، گهاتو ۽ ٻين سرن ۾ به اهڙا ڪيترائي مثال ڏسي سگهجن ٿا؛

سريراڳ:

اَمل آساري پئي، ڀوري ڀڳئه جت،
ڪُن نه روُنئه تت، اڌ هٿ ڪري؟
 

توڻي توائي، توءِ تنهنجو آسرو،
سڄڻ ڳرلائي، کيرون، ڏيندس جيڏين.
 

گهاتو:

 ڪال ڪلاچيءَ ويا، گهاتو ڪري گهور،
مادر ملاحن جا، ويٺي سهان سُور،
مون کي ڪري ملور، اونهي ويا اوهري.
 

عورتن جي ڪردار جي اهميت ان مان صاف ظاهر آهي ته مختلف داستانن جي سورمين جي نالن تي رسالي ۾ سرن وارو ورڇ ڪئي اٿس. هڪ طرف سسئيءَ جي حوالي پورا پنج سر ڪيا اٿس، ۽ ٻئي طرف  داستان ۾ ڪو فعال ڪردار نه هئڻ جي باوجود سورٺ جي نالي پڻ هڪ سر ڪيو اٿس. حالانڪه هوءِ محض ٻن مرد ڪردارن جي وچ ۾ ٿيل سر جي سودي سبب مصيبت ۾ آيل هڪ ڪردار آهي. پر شاهه صاحب سندس ڀوڳنا ۽ پيڙا کي محسوس ڪندي سندس خاموش سهپ کي مان ڏنو آهي. ٻيون سورميون عشق جي آگ ۾ جلن ٿيون ۽ ان جي راهه ۾ هر ڪا قرباني ڏين ٿيون. وري مارئي جو عشق هڪ جدا قسم جو عشق آهي. پنهنجي وطن ۽ وطن وارن سان عشق، ان ڪري هوءَ سڀني سورمين کي مختلف مرتبو ماڻي ٿي.

شاهه صاحب جي ڪلام ۾ عورتن کي ايڏي اهميت ڇا لاءِ ڏني وئي آهي؟ جيڪڏهن اهو فرض ڪجي ته لطيف پنهنجي دور ۾ سماج جي هڪ ڪمزور ۽ هيڻي طبقي جي حيثيت ۾ عورت کي ڏٺو هو ۽ کيس اخلاقي سهارو ڏيڻ لاءِ يا Morally boost up ڪرڻ لاءِ سندس ڪردار کي ڳايو ۽ اصل ۾ عورت ۾ اهڙيون خوبيون ۽ اهڙيون صلاحيتون ڪونه هيون ته پوءِ چئبو ته شاعر تمام گهڻي مبالغي کان ڪم ورتو. جيڪو لطيف جهڙي هڪ حقيقت پسند شاعر لاءِ ممڪن نٿو لڳي ته ڇا هن علامت طور انهن ڪردارن کي پيش ڪيو ۽ هن سماج جي سڀني هيڻن طبقن کي انهن داستانن جي سورمين جهڙي همت، حوصلي، جدوجهد،قرباني، مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي اختيار ڪرڻ جو سبق ٿي ڏيڻ چاهيو. کين اهو احساس ڏيڻ ٿي چاهيو ته جڏهن هي نازڪ صنف جون ڪمزور ڪنيائون ايڏيون وڏيون رنڊڪون ۽ رڪاوٽون پار ڪري پنهنجي منزل ماڻي سگهن ٿيون ته ڇا توهان ائين نه ٿا ڪري سگهو؟ ائين سمجهڻ کان پوءِ به اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته انهن داستانن جي انهن ڪردارن ضرور اهڙا ڪارناما ڪيا هئا. جيڪي مثال بنجي سگهيا ٿي ۽ اها عورت ذات لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته جتي سماج طرفان ورسايل ۽  سگهارا مرد همت هاري ويهي  ٿي رهيا، اتي عورت اهو ممڪن ڪري ڏيکاريو جيڪو هنن چاهيو ٿي.

اها هڪ حقيقت آهي ته شاهه جي دور ۾ سنڌ جي سماجي حالت ابتر هئ. جنهن جاگيرداري نظام ۾ مرد ئي غلام هئا ته عورتون ڪهڙيون پاڻ وهيڻيون هونديون! شاهه صاحب ضرور پنهنجي دور جي عورتن جي مسئلن کي ڏٺو هوندو. انهن تي سوچيو هوندو ۽ هن جهڙي حساس ۽ سڄاڻ ماڻهوءَ سندن حالت سڌارڻ لاءِ به ضرور ڪجهه سوچيو هوندو. پوءِ ٿي سگهي ٿو ته جيئن ڪمزور قومن کي سندن ماضيءَ جي سورمن جا بهادريءَ جا قصا ٻڌائي کين همت ٻڌرائبي آهي. تيئن شاهه صاحب به ڪيو هجي ۽ پنهنجي شاعري وسيلي لوڪ داستانن جي ڪردارن کي پنهنجون سورميون ڪري پيش ڪيو هجي. ان ۾ ڪجهه مبالغي کان به ڪم ورتو هجيس پر اهو مبالغو غير حقيقي نه پر شاعراڻو مبالغو هجي ۽ وقت جي ضرورت تحت ائين ڪيو هجيس. انهي صورت ۾ به سندس سورميون پنهنجي جاءَ تي تمام مضبوط ڪردارن جي حيثيت ۾ اڀرن ٿيون. جيڪي ڄڻ ته مثال قائم ڪري ٻين کي عمل تي آماده ڪنديون نظر اچن ٿيون. سسئي چوي ٿي:

پيرن پنڌ ڇڏيو ته گوڏن ڀر گسڪندياس،
گوڏن گسڪڻ ڇڏيو ته چيلهه ڀر  چرندياس،
چيلهه چرڻ ڇڏيو ته سيني ڀر سرندياس،
سيني سرڻ ڇڏيو ته هٿن سان هلندياس،
هٿن هلڻ ڇڏيو ته اکين سان ايندياس،
مرون ٿي مرن ۾ جبل جهاڳيندياس،
جي مليا ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان.
 

يا وري شاهه صاحب به اهڙي ساڳي صلاح ٿو ڏي:

هٿين پيرن مونڙين هلج ساڻ هيين،
عشق آريءَ ڄام جو، نباهي نيين.
جان جان ٿي جيين، تان پاڙج ڪومَ پنهون سين.
 

        هو عورتن جي واتان شاعري ٿو ڪرائي يا سڌو سنئون کين مخاطب ٿو ٿئي سو ڇو؟

By addressing women directly the poet give them a valid social status and recognition as individuals having their own identity. He wishes to encourage them to recognizse and Realise their own potential.

عورت کي سڌو سنئون مخاطب ٿيڻ مان اهو مقصد ظاهر ٿو ٿئي ته شاهه صاحب کين سندن سماجي رتبي جو احساس ٿو ڏيارڻ چاهي ۽ هڪ طرح سان سندن انفرادي حيثيت کي قبول ڪندي انهن کي پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجون صلاحيتون سڃاڻڻ جو احساس ٿو ڏيارڻ چاهي. پنهنجو اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن هر طبقي جي ڪردار کي نمائندگي ڏني آهي. راڻين شهزادين کان وٺي مهاڻي، ڌوٻياڻي، ڪنڀارڻ تائين جي ڪردارن جي چونڊ ملي ٿي. هو پنهنجي ڪردارن کي سندن ظاهري سونهن سبب نه ٿو ساراهي. بلڪه هن وٽ سونهن جا ماڻ ۽ ماپا ٻيا آهن. هو ڪردار جي سونهن، عمل جي سونهن جو شيدائي آهي. هن وٽ زندگيءَ ۾ محبت ۾، ڪنهن به مقصد جي حصول ۾ ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو مدار انسان جي پنهنجي ڪردار تي آهي. جيئن انگريزي ٻولي جي ڊرامن ۾ شيڪسپيئر جي ڊرامن جا سورما ۽ سورميون پنهنجي ڪردار جي خوبين ۽ خامين سبب ڪامياب يا ناڪام ٿيندا آهن ۽ سندن برباديءَ جو ڪارڻ سدائين سندن ڪردار جي ڪا خامي Flaw of character  هوندي آهي، ائين ئي لطيف ڪرداري خوبين  تي زور ڏيڻ جي تلقين ڪئي آهي. ڪردار جي خامي ليلا ۽ مومل کي دک ڀوڳڻ تي مجبور ٿي ڪري پر وري به توبهه ۽ پڇتاءُ جي گنجائش رکي ٿو. ڇاڪاڻ جو هو اميد جو شاعر آهي. نااميدي ۽ مايوسي هن لاءِ حرام آهي. هو ڪڏهن به همت هاري ويهڻ يا جدوجهد ۾ گهٽتائيءَ کي پسند نه ٿو ڪري. هر قسم جي حالتن ۾ سرگرم عمل رهڻ جي تاڪيد ٿو ڪري؛

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

هو ان دور جو شاعر آهي، جنهن ۾ سستي، ڪم چوري، غفلت ۽ بي همتيءَ کي نندڻ جي ضرورت هئي. هن پنهنجي دور جي سماجي سسٽم ۾ عورت جي حيثيت کي ڏسندي کيس ۽ عام ماڻهوءَ کي عمل تي آماده ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي هئي. سماج جي ڪڌين ريتن سان بغاوت ان وقت جي ضرورت هئي، سهڻيءَ جو مثال ان بغاوت جو مثال آهي. هڪ هوش حواس رکندڙ بالغ انسان کي سندس مرضيءَ خلاف ڍور ڍڳن وانگر ڪنهن اڻ وڻندڙ انسان حوالي ڪرڻ جو رواج هو. شاهه ان رواج جي نفي ڪندي سهڻيءَ جي ميهار سان ملڻ کي جائز  قرار ڏنو ۽ اها هڪ وڏي جرات ۽ بهادري جي ڳالهه هئي، سهڻيِ جي عشق معرفت اهو سبق ڏنائين ته جي ڪو ماڻهو حق تي آهي ته ڪيتريون به مخالفتون ۽ دشمنيون هجن اهي پنهنجو پاڻ رستو ڏينديون:

سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ،

وهه وڃائيو  پاڻ،  هڻ  ڪنڌ  ڪپن  سين.

انسان کي مرڻو ته هڪ ڏينهن آهي ئي پوءِ ڇو نه ڪجهه ڪري مري ته نالو ته ٿئيس” ته ڪر ڪيئن سُئي؟ جي سير نه گهڙي سهڻي“ مارئي جي ڪردار ذريعي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ دلين ۾ محبت جا جذبا جاڳائڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ان لاءِ هر قسم جي سختين کي برداشت ڪرڻ ۽ لالچن کي ٿڏي ڇڏڻ جو سبق ڏنائين.

سُر سامونڊي جو نالو جيتوڻيڪ ڪنهن عورت جي نالي پٺيان ڪونه رکيو اٿس. پر ڏٺو وڃي ته هن سموري سر ۾ ويچاري وڻجاري جي زال جا ورلاپ آهن. سندس اڪيلائي، غربت، اوسيئڙو، وڇوڙي جو ڏک، مطلب ته هر ڏکوئيندڙ احساس ان ۾ آهي، مڙس جي محبت جي سڪايل وڻجاري چوي ٿي:

آيل  ڍولئي   ساڻ،   اچي   ته   جهيڙيان،

لاتئه ڏينهن گهڻا، مون سين ڪيئه ٿورڙا.

سندس غربت ۽ اڪيلائيءَ جو نقش دل کي ڏنڀيندڙ آهي. هوءَ سياري جي سرد رات ۾ مڙس جي محبت جي گرميءَ جي سڪايل آهي.

اتر  ڏني  اوت،  نه   مون   سوڙ   نه  گبرو،

چرئي چنيءَ پوت، مون ريڙهيندي رات گذري.

شاهه صاحب کي عورتن جي امنگن، احساسن ۽ اميدن جي لاءِ عزت هئي ان ڪري ساڻن همدرديءَ ٿو ڪري.

عورتن واتان عشق جا جيڪي اورڻ اوريا اٿس، اهي سندس پنهنجي نوجوانيءَ ۾ ڪيل عشق جي اونهائيءَ جو چٽو پٽو عڪس آهن. پنهنجي اندر جو اظهار سورمين واتان ڪرائڻ جو موقعو مليو اٿس ته اندر کولي کڻي رکيو اٿس.

شاهه جون سورميون برقعا پاتل بيبيون ڪونه آهن نه ئي چلمن جي اوٽ مان نهاريندڙ نازنينيون آهن. اهي آزد فضا ۾ ساهه کڻندڙ، پنهنجي حق پٺيان هلڻ تي آماده عورتون آهن، هو هڪ طرف تمام بهادر ۽ همت واريون آهن ته ٻئي طرف دليون ڪنئريون اٿن ۽ هجر ۾ هنجون به هارين ٿيون. هنن کي ڳڻتي ۾ ڳاراڻو آهي ته پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جو، پنهنجي محبوب ۽ مڙس جو.

هو پنهنجي ورن لاءِ ورلاپ ضرور ٿيون ڪن پر بي همت بنجي ويهي نه ٿيون رهن. واٽون ووڙين، ڏونگر ڏورين ٿيون، هو هجر ۾ هنجون ضرور هارين ٿيون پر هيڻيون ڪونه آهن. هو عاشق آهن ۽ عشق جي راهه ۾ ثابت قدم آهن ۽ شاهه صاحب سندن سونهن بنجي پل پل پيون سهڻيون صلاحون ڏي ۽ هو راهه جا سڀ پٿر پنهنجي لوهه لڱڻ سان ذرا ذرا ڪرڻ جو عزم رکن ٿيون.

تپي ڪندين ڪوهه، ڏونگر ڏکوين کي،
توجي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوهه،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، امر مون سين ائين ڪيو.
 

رسالي ۾ آيل اڪثر داستانن ۾ پيار جو پهريون قدم کڻندڙ مرد آهي ۽ اها هڪ فطري ڳالهه آهي. پنهون پهرين سسئي لاءِ ڪهي آيو هو ۽ کٽي ٿيڻ به قبوليائين. ميهار سهڻي لاءِ پنهنجي وڏ ماڻهپي ڇڏي مينهن جا ڌڻ چاريا ۽ درياهه پار ڪري ايندو هو. راڻي ڪاڪ محل جي اڳيان منڊيل مانڊاڻ اڪري ڪيئن به ڪري مومل وٽ پهچي کيس ماڻيو هئو. چنيسر ليلا کي اول چاهيندو هو. پرجڏهن انهن سڀني عورتن جي اندر ۾ به عشق جا الا ڀڙڪيا جڏهن هو به انهي رنگ ۾ رچي راس ٿيون ته پوءِ هنن پنهنجي پريت جو پنڌ ۾ پير پٺتي ڪونه واريو پر پوءِ انهن ساڳين مردن جا ڪردار جهڙوڪر بي عمل بنجي ويا. پوءِ اهو ساڳيو ميهار محض انتظار ڪندو هو. بجاءَ پاڻ سهڻيءَ وٽ پهچڻ جي. سهڻي وٽ درياهه پار ڪري پهچندي هئي ۽ جڏهن سهڻيءَ کي ٻڏندي ڏٺائين ته بجاءِ پاڻ درياهه ۾ ٽپو ڏيڻ جي بيٺي درياهه کي دانهون ڏنائين ۽ ملاحن کي منٿون ڪيائين:

ميهار  ملاحن   کي،   اڀو ڪري سڏ،

ادا،  انهيءَ  پار  جا  موڙي  اچو  مڏ،

وئا جي وهه گڏ، هلو ته ڏوريون ان کي.

هڪ طرف عورت ذات آهي. جنهن کي ڪيتريون ئي رڪاوٽون آڏو اچن ٿيون، مڙس، گهر ڀاتي، سماج ته به درياهه م داخل ٿئي ٿي:

ڏم ڏيهاڻي ڏي،  سندا  ميهر  ميهڻا،

جهليم ٿي جهوليءَ ۾، پلئه پايوسي،

مرجان چاليهه چئي، سڱا سپرين جي.

ٻئي طرف ميهار ڪا جهل پل نه هوندي به رڳو ڪنڌيءَ تي بيٺو آهي ۽ بيٺو ٺلهيون آهون ڪري ۽ دانهون ڏي:

ڪنڌيءَ جهليو ڪانهه، عاشق اڀو آهون ڪري،

تو ڪئن  ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،

درياهه  توتي دانهن،  ڏيندس ڏينهن قيام جي.

پنهون مرد ماڻهو ٿي ڪري ڀائرن مائٽن اڳيان ايڏو بيوس ٿي پيو جو سسئي جي مرڻ کان اڳ واپس ئي نه وريو. ان جي برعڪس سسئيءَ ڪيڏا ڏک، ڏاکڙا ڏٺا ۽ ڪيتريون مصيبتون برداشت ڪيون؟ پنهنجي ذات کي ذرا ذرا ڪرڻ جو عزم کڻي پنهونءَ کي ورائڻ لاءِ نڪتي:

چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، پرزا ڪنديس پاڻ،
رلي ڇلي ڇپرين، ڄام وڃايم ڄاڻ،
هٿان هڏ نه ڇڏيان، سندو نينهن نڌاڻ،
نصيب ڪر سسئيءَ کي پنهون اٺ وٿاڻ.
 

وري  راڻي جي روش ڏسو ته ذرڙي ڳالهه جو بهانو ڪري موٽي هليو ويو مومل ته جڙتو راڻو ٺاهي ان سان ستي هئي پر پاڻ پنهنجي نڪاح ٻڌي زال پويان ڇڏي مومل کي ماڻيو هئائين. ۽ وري موٽي به انهي وٽ ويندو هو. شابس آهي، عورت کي جو هوءَ تن ۽ من صرف هڪ ئي محبوب لاءِ ارپي ٿي ڇڏي. هڪ ئي ڀيرو محبت ٿي ڪري. اهو ئي سبب آهي جو شاهه جي رسالي ۾ رڳو سورميون آهن. سورما جهڙوڪر آهن ئي ڪونه، جي آهن به ته انهن سورمين جي سج جهڙي آب تاب اڳيان جهڪا ٿيل تارا ٿا لڳن، شاهه صاحب عورت کي اهميت انهيءَ ڪري ڏني آهي.

“His portrayal of the weaker sex is strong testimony of the fact that it is for a woman to love and launch at ceaseless struggle against the heavy odds of the most potent of emotions called love His female characters are more active than the opposite sex and dominate the latter in all respects. Shah believed and translated his belief faithfully that it is the woman alone who is capable of sincere sacrifice and can bear the pangs of despised love His heroes are nothing by them selves”

مطلب ته عورتن جا ڪردار اهڙي نموني ڏئي شاهه صاحب ثابت ڪيو آهي ته عورت عشق جي راهه جون سڀ ڏکيائيون برداشت ڪري سگهي ٿي. اها ئي قرباني  ڏيڻ جي قابل آهي ۽ اها ئي جدائي جا سور سهي ٿي. ان ڪري سندس مرد ڪردار پنهنجي ليکي ڪجهه به ناهن. اهو ئي سبب آهي جو هن جو رويو عورتن ڏانهن همدردانه آهي. بلڪه ائين چئي سگهجي ٿو ته هن جو پنهنجين سورمين سان درد جو رشتو آهي. احساس جو ناتو آهي. هو سندن هڏ ڏوکي دوست به آهن ته سنئين راهه ڏسيندڙ سونهون به آهي. هو هنن جي نفسيات کي سمجهي ۽ سمجهائي ٿو؛

He is absorbed with the feelings of the chief actors in the stories and immersed exploring the psychology of their minds.

بيتن ۾ ڪڏهن ڪردارن جي واتان اظهار آهي ته ڪڏهن پاڻ انهي ڪردار ۾ ٿو ڳالهائي، ڪڏهن ڪردار کي صلاح ڏيندڙ ٿو محسوس ٿئي ته ڪڏهن ڪردار پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي محسوس ٿو ٿئي.

Indeed the frequency with which the poet changes from the character of himself as the speaker to the character of the heroine soliloquizing, and the breaks in thought between comment by the poet on the suffering of the heroines, and the appeals made by the heroine her self are common features of the surs which deal with the love stories.

اهو هندستان پاڪستان جي ڪيترين ئي ٻولين جي شاعريءَ جو عام انداز آهي، خاص ڪري هندي، راجستاني، يورپي، سرائڪي، پنجابي ۽ سنڌيءَ جو.. جنهن ۾ ڪردار جي زباني سو به عورت جي ڪردار جي زباني، شاعري ڪئي ويندي آهي ۽ عاشق به عورت هوندي آهي. اڪثر ڪري شاعر پاڻ جيڪو ڪجهه چوڻو هوندو اٿس سو عورت بنجي چوندو آهي. جيڪڏهن عشق جي ڳالهه آهي ۽ پاڻ عاشق آهي ته اهو عورت جي روپ ۾ اهڙي طرح اظهار ڪندوجو ”عاشق عورت محسوس ٿيندي، شاهه سائينءَ  کي وڌيڪ سهولت ان ڪري ٿي هوندي جو پاڻ به عاشق هو ته سندس سورميون به عاشق آهن. سندن عشق جي اظهار ۾ ڪابه هٻڪ يا شرم محسوس ڪونه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ جو گهڻو ڪري سڀني سورمين پنهنجي مڙسن لاءِ عاشقيِءَ جو اظهار ڪيو آهي.

هندي شاعريءَ جي روايت موجب شاعري ڪرڻ جي باوجود جيڪڏهن موضوعن تي تقابلي نظر وجهبي ته شاهه وٽ اسان کي عورتن جو رتبو ۽ عشق جو تصور تمام بلند ۽ اعليَ نظر ايندو. هندي شاعريءَ ۾ عشق، عاشقيءَ جي شاعري، جسماني ميلاپ کي کلين اکرن ۾ بيان ڪري ٿي ۽ عورتن جا ڪردار سندن ڪردارن جي سونهن سان گڏوگڏ سندس جسمان کي سونهن سبب پڻ ساراهيا وڃن ٿا. ”ڪاليداس جون نائڪائون سندر آهن،نائڪا جو دن گهرو آهي، ڪيلي جي ٿڙ جهڙا سٿر اٿس، وزندار سٿرن ڪري آهستي آهستي جهومندي هلي ٿي. ڪشيل ۽ مضبوط ڇاتي اٿس. انهن جي ڀرپور جوانيءَ ڪري هو اڳيان جهڪي هلي ٿي.“ ڏٺو وڃي ته اسانجي اصلوڪي سنڌي  شاعريءَ ۾ اهڙو ڪو به خيال ڪونه ٿو ملي وڌ ۾ وڌ سورميءَ جي جيڪا ساراهه ڪئي اٿس سا آهي.

مومل کي مجاز جا  اکين  ۾  انبور،

هڻي حاڪمين کي، پٽ  نهاري  پور،

گهوٽ پهرين گهور، جي وئا سي وڍيا.

شاعري عورت جي واتان هجي، پوءِ ڀل کڻي اها پنهنجي مڙس لاءِ ڇونه هجي، اسان جو ڪو به شاعر هيئن نه ٿو چئي سگهي:

اس رات جب وه آيا
مين ني گهڻنون مين
اپني چهاتي ڪو چهپايا،
اس ڊر سي کهين وه،
ميرا جوبن چهو نه لي.
 

ڇا شاهه جي رسالي ۾ ڪنهن سورميءَ واتان ڪنهن اهڙي خيال جو تصور به ڪري سگهجي ٿو؟ هن وٽ سورمين جو سورمن سان وصل به آهي. روح رهاڻيون به آهن، قرب ڪچهريون به آهن، پر هيئن ڪڏهن ڪونه چيو اٿس ته:

مين دن بهر آئينه لئي بيڻهي رهتي هون،
اپني لبون کو کهولتي اور پهر چهپاليتي هون،
کيونکه ميري سوامي ني رات بهر ان ڪو کاٽا هي.
 

شاهه سائينءَ وٽ وصول جون ڪيفيتون ڪيڏيون نه حسين آهن.

راڻا! رهاڻيون، سوڍا ويٺي ساريان،
سهسين سج اُلٿا، راتيون رهاڻيون،
ڪوڙين مون ڪاڻيون، ڍولا! ڍڪي آءُ تون.
 

ڇا شاهه صاحب انسان ڪونه هو؟ مرد ڪونه هو؟ جو هو اهڙين ڪيفيتن، جذبن ۽ خيالن مان واقف نه هجي. پر هو ته اسان جي سموري سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جو امين آهي هن سنڌ جي عورت ۾ مان ۽ مريادا ڏٺي هئي. هو ڪنهن عورت واتان اهڙا لفظ ڪيئن ٿي چورائي سگهيو!هو سهڻي ميهار جي زماني جي نظر ۾ مجرم محبت جو احوال ڏيندي به ڪڏهن ڪا اخلاق کان ڪريل ڳالهه ڪونه ٿو ڪري. سهڻي جو ميهار سان ملڻ ۾ محب جو ميلاپ جو مزو به هوندو ۽ قرب ونڊڻ جا موقعا به آيا هوندا. ساڳئي طرح راڻي ڪاڪ محل جون رڪاوٽون اڪري مومل کي ماڻيو هو ۽ وصل جون ڪيئن راتيون گڏ گذاريون هويون پر ڪٿي به مومل واتان اهڙي بي شرمائي نظر نه ٿي اچي، جهڙي هندي شاعر وٽ آهي.

سوامي، اتني مست هوکر ميري آنچل کو مت کهينچو،

ڻهيرو، ذرا، ديئي ڪو مندها کر دون
دوڙ کر دروازا لگا آئون
ديکهه آئون کوئي هي تو نهين
ان هنسون اور هرن کي بچون کو باهر نکال دون،
پهر مين آپ کي هون، پياري سوامي.
 

ائين به نه ٿو چئي سگهجي ته ڪو هند ۾ عورتون اهڙو اظهار ڪنديون هونديون يا انهن جو اخلاق ايترو پست هو! بلڪه اهو سڀ ڪجهه مرد شاعر پاڻ مزو وٺڻ لاءِ عورتن واتان چورائيندا هئا...

”شب وصل ايک ايسا موضوع هي، جس پر دنيا کا هر شاعر اپني ذاتي کيفيات طرب کو پيش کرتا هي، ليکن ايک هندي شاعر ان سبب سي الڳ اس ڪو بهي ايک عورت کي زبان سي ادا کرتا هي.“

ساڳئي دور ۾ هندي ٻوليءَ ۾ تمام سٺيون شاعر عورتون ٿي گذريون آهن جن ۾ ميران ٻائي، سهجو ٻائي ۽ ديا ٻائيءَ جا نالامشهور آهن. انهن جو هڪڙو دوهو به اهڙو ڪونه ٿو ملي.

ٻئي طرف اهڙا شاعر به آهن جن وٽ اعليٰ انساني قدر آهن ۽ عشق جو اعلي تصور آهي، ان ڪري نه صرف هنن جا دوها ۽ بيت اعليٰ آهن، پر سندن ڪردار عورتون به وڻن ٿيون ۽ شاهه سائينءَ جهڙن شاعرن انهن کان متاثر ٿي به بيت چيا آهن. ڪبير داس جو دوهو آهي:

آئو پريتم، موهنا پلڪ موند  توهي لئون،

نامين ديکون اور کونا تو هي ديکن ديون.

ساڳيو خيال شاهه صاحب وٽ به ملي ٿو:

ونين ۾ ٿي ويهه، ته آئون  واري  ڍڪيان،

توکي نه ڏسي ڏيهه، آئون نه ڏسان ڪو ٻيو.

دادو ديال جي سورمي به شاهه جي سورمين جهڙي آهي. وڇڙيل ساجن کي سرچائڻ لاءِ ڇا ٿي ڪري.

ساج سينگار ڪيا من ماهين، اجهو پي پسيجي ناهين،

پيا ملن ڪو اهنس جاڳي، اجهون  ميري  پلڪ  نه لاگي.

ساجن سان ملڻ لاءِ سينگار ڪيم، پر اڃا پرين نه ريجهيو آهي، هن سان ملڻ لاءِ اوجاڳا ڪڍيم پر هو نه آيو ۽ اڄ ڏينهن تائين اک نه ٻوٽي اٿم. شاهه صاحب وٽ به سمهڻ جاڳڻ جو اهڙو خيال ملي ٿو:

سڪي جان ستياس، تان سڪ سمهڻ نه ڏي،

جاڳي ستيس جن لئه سي آيا تان  نه  اٿياس،

ڀينر! آئون ڀلياس نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي؟

شاهه جي سورميءَ جو دل ۾ به ڦٽيل آهي ۽ هوءَ پنهنجي رٺل راڻي کي پرچائڻ لاءِ ويٺي اکين مان ڳوڙهن جا مينهن وسائي:

ڦٽيل منهن فراق جا، ويٺي وسائي،

جيڏيون! منهنجي راڻي کي ڪا ٻاڄهه پوي.

مٿيون سڄو تفصيل ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته هندي شاعريءَ ۾ سورمين واتان شاعرن ٻنهي قسمن جا خيال چورايا آهن. پر سنڌ ۾ سورمين واتان اهڙو ڪو به خيال نه ٿو ملي جيڪو سندن شان ۽ مان وٽان نه هجي.

ساڳيءَ طرح عورتن جي وجود، سندن حسن، ويس، وڳن ۽ هار سينگار بابت به شاهه سائينءَ (۽اسان جي ٻين ڪلاسيڪي شاعرن) تمام سهڻا ۽ حقيقي چٽ چٽيا آهن. تنهن ۾ مومل جي سونهن ۽ سينگار کي سڀني کان وڌيڪ ڳايو ويو آهي. پر ڪٿي به سندس تن جي اگهاڙپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي. پر هندي شاعر ان ڏس ۾ به اڳڀرا آهن.

هر ڪنچڪي ڪس  مسي، مسڪي رس ڪي هير،

جيسي بگست ڪلي گلاب ڪي، نڪست للت لڪير.

معنيٰ ته محبوب جي ڇاتي وٽان تنگ ۽ چست سائو چولو کسي ويو آهي ۽ اندران ڳاڙهي ليڪ (جسم جي) نظر پئي اچي، ائين ٿو لڳي ڄڻ ته گلاب جي مکڙي ڦٽي رهي آهي.

هن دوهي ۾ تشبيهه جي سونهن کان انڪار ڪونه ٿو ڪري سگهجي پر عورت جي بدن ڏانهن انهيءَ نظر کي به پسند نه ٿو ڪري سگهجي. ٻئي طرف هڪڙي دوهي ۾ به رنگن جو امتزاج پيدا ڪري شبيهه  ڏني وئي آهي:

رحمن   انگيا  ڪي  رت ۾  ڦٽي  رتيڪ،

مون ڪسوٽي هيم پر دئي هيم ڪي ليڪ.

معنيٰ: ته نيرو سينه بند هٿ چراند سان ٿورو ڦاٽي پيو آهي، ته ائين پيو لڳي ڄڻ ڪسوٽيءَ تي سوني ليڪ ڪڍيل هجي (ڪسوٽي جو رنگ نيرو ۽ بدن جو رنگ سونهري هئڻ ڪري) رنگن جو امتزاج ۽ انساني سونهن (عورتن جي توڙي مردن جي) جو ذڪر شاهه صاحب به ڪيو آهي ۽ مومل راڻي ۾ ته جوانيءَ جا جذبا، ڪنول ۽ ڪنواريون به موجود آهن. پر ڇا اهڙو ڪو اگهاڙو اظهار ملي ٿو؟ اها هڪ طرف سورمين جي عزت ۽ پنهنجائپ واري احساس جي نشاني آهي هو وڌ ۾ وڌ چوي ٿو:

آکون، ڊاکون، سرکنڊ، شاخون جت چوکا، چندن ڪئونر،
ميي سيئي ماڻيا، جت نه ڀرن ڀئونر،
ڪنئاريون ۽ ڪئونر، ڪاهه ته پسون ڪاڪ جا.
 

يا وري هيِ:

جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون،
عطر ۽ عنبر سين، تازا ڪيائون تن،
مڙهئا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
سنهن روپي سون سين، سدا ڪامڻ ڪن،
ڪيائين لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن،
منجهه مرڪئس من، سوڍي سين سڱ ٿيو.
 

هن بيت ۾ ڇا نه آهي! سڀئي انساني جذبا آهن، وصل لاءِ تن من جون تياريون آهن. ويس وڳا آهن، رنگ آهن، روپ آهن، عورت جو پنهنجي محبوب مڙس سان ملڻ کان اڳ پاڻ کي سنوارڻ آهي، سينگارڻ آهي. پر تڏهن به ڪا اگهاڙپ ،ڪا بيشرمي ڪانهي، هڪ تمام حقيقت پسندانه نقشو آهي. جيڪو چٽيو ويو آهي ۽ سنڌي شاعر جي سورمي پنهنجي پوري سونهن سوڀيا ۽ شان مان سان ڪر کنيو بيٺي آهي. هو ڪا جنسي علامت Sex symbol ڪانهي، نه ئي شاهه ڪو اهڙو شاعر آهي، جنهن جي نظر صرف بدن تي اچي بيهي رهي ٿي. هو من ۾ جهاتي پائي ان جي خوبصورتيءَ کي ڏسڻ وارو شاعر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com