سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :22

پر شاهه صاحب جي سسئي جو عشق تمام اوچو آهي، کيس اهي اٺ به پيارا آهن جيڪي زوريءَ سندس ور ڪاهي ويا. ڇاڪاڻ جو اهي سندس سر جي سائينءَ سان وابسته آهن ۽ هيءَ پنهنجي پاڻ کي، پنهنجي ذات کي وساري بنهه ڪين جهڙو ڪري ٿي ڇڏي. ڪڏهن پاڻ کي پنهونءَ جي جتيءَ جهڙو ٿي سمجهي:

”هو جا پائين پير ۾ تنهن جتيءَ نه جيهي“

        ڪڏهن ته پنهون کي پرچائڻ لاءِ سندس نوڪرن جي به نوڪرياڻي، گولين جي گولي ٿيڻ لاءِ تيار آهي.

”پورهيت پنهونءَ ڄام جي، باندين جي باندي“

        پاڻ کي ۽ پنهنجي ذات کي پنهونءَ جي ذات کان گهٽ، نيچ ۽ ڪميڻي ڪوٺي پاڻ وڻائڻ جا گهڻيئي جتن ٿي ڪري:

”آهيان ڪميڻي، ذات بلوچيءَ نه جُڙان“

 

        پنهون جي پاڻ سان وٺي وڃيس ته سندس پورهيت، پرٽياڻي ٿيڻ، کيس پيهي پچائي کارائڻ ۽ سندس پاڻي ڀرڻ لاءِ به تيار آهي. پاڻ کي ڪمتر، ڪميڻي، ڇوري ۽ ٻيو به هر طرح جي نيچ نالن سان ٿي ڪوٺي ۽ پنهونءَ کي ڪيچ ڌڻي، ڪانڌ، ٻاروچو ۽ اچي ذات وارو ٿي ڪوٺي ۽ پوءِ واسطو ٿي وجهيس ته تون اُچي پد وارو آهين ته وڙ به وڏو ڪر:

ڪميڻن هٿان،  ٿين  مورائين  مديون

تون ڪر پاڻ وڙ، موٽ سٻاجها سپرين

        ........... پر پنهونءَ سندس جيئري ته اهو وڙ ڪونه ڪيو، نه موٽيو نه ماڻهو موڪليائينس ۽ جڏهن وريو ته وڏي دير ٿي چڪي هئي. پنهونءَ جو ڪردار، سندس پيءُ ۽ ڀائرن جهڙو ئي ڏاڍي مرد جو ڪردار ٿي اڀري ٿو. جيڪڏهن ڀائر نشي جي حالت ۾ زوريءَ وٺي به ويا هئس ته نشو لهڻ کانپوءِ يڪدم ڇو نه موٽڻ جي ڪيائين؟ اتي سندس بچاءُ ۾ جيڪڏهن ڪو اهو جواز ڏي ته هو پنهنجي پيءُ پاران مجبور ڪيو ويو هو يا ڀائرن زوري ٿي ڪيس ته به چئبو ته اهڙين حالتن ۾ عورتون به بغاوت ڪنديون ملن ٿيون هي ته مرد ماڻهو هو، اهڙو بي وس ۽ بيپراوهه نه ٿيڻ کپندو هوس. جڏهن ته سسئي محض هڪ چاهيندڙ عورت نه پر سندس نڪاح ٻڌي زال هئي. سندس ڀائر انهيءَ شاديءَ جا گواهه هئا. هو پنهنجي حق لاءِ نه وڙهي سگهيو، نه قائل ڪري سگهيو! سسئي ۽ پنهونءَ جي ڪردارن جي ڀيٽ ڪرڻ سان سسئيءَ جو ڪردار تمام مٿانهون ٿي اڀري ٿو. جيڪڏهن پنهون وڃڻ وارن ۽ وڇوڙو ڏيڻ وارن ڪردارن مان آهي ته سسئي مقصد ماڻڻ لاءِ ثابت قدم ۽ اڳتي وڌي عمل ڪرڻ وارن مان آهي.

هي ٿو وڃي هوت، آئون ڪي اڳڀري ٿيان

متان چوءِ بلوچ، ڪميڻيءَ مان  ڪين ٿيو.

        هئڻ ته ان جي ابتڙ کپندو هو. پنهون مرد هو، پابندين کان پري هو، ڪمزور ڪونه هو، پنڌ ۾ اڳڀرو ان کي ٿيڻ کپي ها، پر لڳي ٿو ته سسئيءَ کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهونءَ جي عشق جي آڳ ڪجهه ٿڌي ٿي وئي هئي، جنهن جذبي سسئيءَ لاءِ ڌوٻي بنجي ڪپڙا ڌوئڻ تي مجبور ڪيو هئس، سو ڪجهه ماٺو ٿي ويو هئس ۽ ان جو احساس ڪجهه ڪجهه سسئيءَ کي به ٿيو هوندو، تڏهن ته چوي ٿي:

لٿو ڪم ڪيچين جو، ڇڏي هليا  مون

الله! آهين تون، هوتن تان هيڏي ڪئي.

        بجاءِ انهيءَ جي جو پنهون مشڪل سان حاصل ٿيل سسئيءَ کان وڇڙڻ کانپوءِ فوراً ورڻ جي ڪري ها.... ٿئي ائين ٿو ته سسئيءَ پنهون ڪارڻ دنيا جو هر سک، هر خوشي، هر عيش تياڳي هلي ٿي... سندس هار سينگار، ڳهه ڳٺا، ويس وڳا سڀ پنهونءَ لاءِ آهن، پنهون ناهي ته اهي سڀ ڦٽا ڪري محض پنهنجي پيار کي پاڻ سان کڻي محبوب ماڻڻ نڪري پئي آهي. پنهنجو پاڻ کي پنهنجي خوديءَ کي ختم ڪري پريتڻو پڇي ٿي. سسئي وفا نڀائڻ، پريت پڄائڻ لاءِ آخري پساهن تائين ٿي جتن ڪري ۽ جسم جي عضون جي ست ڇڏي وڃڻ جي باوجود محض دل جي سچائي سبب هنئين سان هلڻ لاءِ به تيار آهي ۽ جي انهيءَ پنڌ ۾ جان هلي وڃي ته اها پرينءَ تي گهوري ٿي ڀانئين ۽ موٽ ۾ پنهون ڇا ٿو ڏيس؟

        سسئيءَ جي قربانيءَ جو پنهون وٽ ڪهڙو قدر ٿيو؟ هوءَ جيڪا موت جي ملائڪ عزرائيل کي ايندو ڏسي به سمجهي ٿي ته اهو پنهونءَ جو اماڻيل ماڻهو آهي، انهيءَ جي سڪ جو پنهونءَ ڪهڙو صلو ڏنس؟

        هن سُر ۾ آيل تقريباً سڀني مردن جا ڪردار سسئيءَ جي لاءِ سٺا ثابت ڪونه ٿيا آهن. خود ”سسئي پنهونءَ“ جو قصو جيئن مروج هو ان ۾ به سڀني مردن (سواءِ محمد ڌوٻيءَ جي) ساڻس ڏاڍايون ڪيون. پنهنجي سڳي پيءُ هڪ جوتشيءَ جي چوڻ تي محض پنهنجي راڄ ۾ پنهنجي عزت وڃڻ جي خيال کان سڪي پني ڄاول پنهنجي ڌيءَ کي درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيو، پنهونءَ جي ڀائرن سسئيءَ سان جيڪا زيادتي ڪئي اها به محض ذات جي ننڍ وڏائيءَ جي خيال کان ڪئي ۽ پنهونءَ جي پيءُ جي حڪم تي پنهونءَ کي وٺي ويا. واٽ ويندي گڏيل ريڍار سسئيءَ لاءِ بري نيت رکي کيس موت لاءِ پڪارڻ تي مجبور ڪيو ۽ سڀ کان وڌيڪ پنهونءَ پاڻ به ڪانه رهائي. مرڻ پڄاڻان پڇا ڪيائينس ته ڪهڙو فائدو؟ پراڻي زماني جي قصن ۾ هيرو هيروئن جي وڇڙڻ ۽ موت جي الميي (Tragedy) کي سندن ٻئي جهان ۾ ملڻ ۽ وصال ماڻڻ جي مفروضي سان گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. اهوئي عنصر هن قصي ۾ به موجود آهي، جو سسئيءَ جي قبر مان نڪتل پوتيءَ جي ڪنڊ کي سڃاڻي پنهون، خدا جي قدرت سان زمين ڦاٽڻ کانپوءِ، انهي ساڳي قبر ۾ سمائجي ويو. پر ائين هن زندگي ۾ سسئيءَ سان پيش آيل ٽريجڊيءَ جي اهميت گهٽجي ڪانه ٿي. شاهه صاحب پنهنجي سُرن ۾ سسئيءَ جي الميه (Tragedy) کي تمام گهڻي اهميت سان بيان ڪيو آهي ۽ انهيءَ بيان ۾ انساني جذبن جي جيڪا عڪاسي ڪئي اها انتهائي دل ڀڄائيندڙ آهي.

        ڪهاڻيءَ جو عروج (climax) سسئي ۽ پنهونءَ جي وصال واري رات آهي. انهيءَ رات کي ميلاپ جي رات يا سهاڳ رات چيو ويندو آهي. انهيءَ وقت جڏهن محبوب حاصل ڪري وٺڻ جو اطمينان بخش جذبو، پرين کي پائي وٺڻ جي خوشيءَ جو احساس، حاصلات جي طمانيت جو موقعو آهي، اهڙي موقعي تي يڪدم پنهون جو هليو وڃڻ يا وڇوڙو ڏيڻ هڪ قسم جي ٽريجڊي ٿو پيدا ڪري جيڪا ٻن متضاد جزن جي ٽڪراءِ سان پيدا ٿيندي آهي.

“The change from comic to tragic is so sudden as to be startling, the effect of the comic is to make the tragic more tragic”.(28)

        خوشي غم ۾ يڪدم تبديل ٿيڻ سان غم جو تاثر وڌيڪ ڏکوئيندڙ ٿئي ٿو.

        عام حالت ۾ پنهون هليو وڃي ها ته ايترو ڏک ڪونه ٿئي ها، پر وصال جي رات جو سندس وڃڻ وڌيڪ ٽريجڊي ٿو پيدا ڪري. ڏکوئيندڙ جذبات جي گهڻائي ماڻهوءَ کي ڪجهه وقت لاءِ جهڙوڪر بي اعتباريءَ جو شڪار بنائي ڇڏيندي آهي.... سسئيءَ ٿوري ننڊ جي نتيجي ۾ ايڏي وڏي حادثي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نٿي ٿئي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟

اڃا رات رتوم، ڪوڏ ڪوهياري ڪنجرو

ڀينر!   ڀڄايوم،  سڀاڻي  سورن  سين!

        اهڙو موقعو شيڪسپيئر جي ڊرامي روميو جوليٽ ۾ هڪ هنڌ اچي ٿو جڏهن روميو کي خوشيءَ جي گهڙين گذاريندي بالٿسار (Balthasar) ملي ٿو ۽ جوليٽ جي موت جي ڪوڙي خبر ٿو ٻڌائيس ته هو جذبات جي اوچتي اڀرڻ سبب پهرين ته بلڪل چپ ٿي ٿو وڃي پوءِ بي اعتباري ۾ ٿو چوي:

“Is it even so? Then I defy you stars!”

        گهڙيءَ کانپوءِ احساس ٿو ٿئيس ته اهو ڇا ٿي ويو! جوليٽ کانسواءِ آءُ ته جي به ڪونه سگهندس، تڏهن ٿو چويس

“Well Juliet! I will lie with thee tonight”

        سو اها گهڙي، اعتبار ۾ نه ايندڙ گهڙي جڏهن سسئيءَ تي ٿي اچي ته هوءَ به جهڙوڪر بي اعتبار ٿي ٿي پوي، اهو ڇا ٿيو؟ هاڻي ڪيئن ڪريان؟

آتڻ اورانگهي ويا، ڪري ڪميڻي ڪيئن؟

هاڻ گهرجي هيئن، ته ڏجي  باهه  ڀنڀور کي.

        هندي ٻوليءَ ۾ ملڪ محمد جائسيءَ جي مشهور مثنوي ”پدماوت“ ۾ به اهڙو ضد جو ٽڪراءُ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ٽريجڊي نظر اچي ٿي. رتن سين ڏاڍي سڪ ۽ پريم مان پنهنجي پريميڪا پدمڻيءَ کي پرڻائي چتور وٺي ٿو اچي. خوشيءَ جي اهڙي پر جشن موقعي کانپوءِ، وصال جي خوشي ماڻڻ کانپوءِ اوچتو علاوالدين خلجيءَ پاران پدمڻي تي قبصو ڪرڻ لاءِ چتور تي حملو ۽ رتن سين جو قيد ٿيڻ هڪ قسم جي ٽڪراءَ کي سامهون آڻي ٽريجڊيءَ جو عنصر ٿو پيدا ڪري ۽ پدمڻيءَ جي ان مهل جي ڪيفيت سسئيءَ جي ڪيفيت کان گهڻي مختلف نٿي چئي سگهجي. بلڪه سسئيءَ جي ڀوڳڻ کي شاهه صاحب وڌيڪ درد ڀرئي انداز ۾ بيان ڪيو آهي جو هوءَ گهڻو وقت وڇوڙو برداشت ٿي ڪري. پدماوت ۾ پڇاڙيءَ ۾ رتن سين جو موت پدمڻيءَ لاءِ وڏو سانحو آهي پر چند گهڙين جي ڀوڳنا بڻيو هوندو جو هوءَ سندس چتا سان سڙي ستي ٿي، جلدي سورن کان ڇٽي وئي. پر سسئيءَ ويچاريءَ جي دل کي جلايو ويو آهي..... هن ويچاريءَ جيئري ٿي جدائيءَ جا سور سٺا ۽ پل پل ٿي مرڻ جو مزو چکيائين.... سو اهڙي ريت شاهه صاحب سسئيءَ جي ڀوڳنا کي تمام گهڻي اهميت ڏيندي ان جو مڪمل تاثر اڀاريو آهي.

        بلڪل ائين ئي جيئن هنديءَ ۾ ميران ٻائي جي سورن ۽ ڀوڳنا جي ڪهاڻي کي اڀاريو ويندو آهي.

        The wild tale of pathos shall ever remain writ large on the temple of love. She lived on tears and she slept on tears. (29)

جيئن ميران جي سورن جي ڪهاڻي محبت جي مندر ۾ هميشه لاءِ لکجي ويئي جو هن جي سموري زندگيءَ ۾ سمهندي جاڳندي لڙڪ ئي لڙڪ هئا، سور ئي سور هئا تيئن سسئي جو سمورو داستان سورن جو داستان آهي.

        سسئي اهڙي سورمي آهي جيڪا اڻ ڳڻيا ڏک ڏسڻ جي ڪري شاهه جي نظر ۾ عزت حاصل ڪري ٿي. هن ۾ پاڻ ارپڻ جو اتم جذبو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي سونهن کي ليکي به ڪانه ٿي ۽ پنهونءَ سان پريت جو پيچ اڙيس ته بس رڳو ان جي سڪ ۽ سونهن جي ٿي ساراهه ڪيائين:

آن جي ڏٺي جيڏيون پنهونءَ  جي  پاٻوهه

سنجهي ۽ صبوح، سورن ٿي سجڪيون

        جيتوڻيڪ پنهونءَ به شروع ۾ پنهنجي اميري وساري سسئيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ کٽي ٿيڻي قبوليو هو، پر هن جي پريت ۾ ايتري پائيداري نٿي محسوس ٿئي جيڪا کيس شاهه جي نظر ۾ سورمو بنائي ها:

اڳي ائين هياس، جئن  پنهونءَ  ڌوتم  ڪپڙا

هاڻي ائيس ٿياس، جئن جت نه نينم پاڻ سين.

        ان ڪري شاهه صاحب به صرف سسئيءَ کان متاثر آهي، جيڪڏهن پنهونءَ کي ساراهي به ٿو ته سسئيءَ جي زباني، ته جيئن اتي به سسئيءَ جو نينهن نروار ٿئي. هوت پنهونءَ جي حسن لاءِ چوي ٿي. حسن هوت پنهونءَ جي ماري موت وڌياس“ ، پنهون واتان سسئيءَ جي ساراهه نٿو ڪرائي، نه ئي ان جي عشق جو احوال ٿو ڏي. شاهه صاحب هونءَ به عورت جي ظاهري حسن جي گهڻي ساراهه جو قائل نظر نٿو اچي. هو سندس ٻيون خوبيون اجاگر ڪرڻ ۾ يقين ٿو رکي. سندس سڪ، پريت، قرباني، پاڻ ارپڻ، ثابت قدمي ۽ سور سهڻ جي بي انتها طاقت کي ساراهيو اٿس. سسئيءَ جي ڪردار ۾ ڪيترين جاين تي شاهه صاحب پنهجو پاڻ کي محسوس ڪرايو آهي. سندس پنهنجي عشق ۾ به هو اهي ئي پٽ رليو هو، اهي ئي ڏکيائيون ڏٺيون هئائين، اهڙا ئي جدائيءَ جا سور سٺا هئائين ان ڪري سسئيءَ جي ڪردار ۾ پنهنجو پرتوو ڏسي ڄڻ ته ان جي واتان پنهنجا سور رنا اٿس. جڏهن چوي ٿي:

ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو،  مٿو اگهاڙو

ڀينر ڪڄاڙو، منهنجو هن ڀنڀور ۾

        تڏهن شاهه صاحب پاڻ کي ان ڪردار ۾ آندو آهي. پاڻ به ته پنهنجو ڀنڀور ڇڏي هليو ويو هو ۽ ٽي ورهيه سانده بن بن ڀٽڪيو هو. پنهنجي انهيءَ ڪيفيت جو اظهار ڪرڻ مهل سسئيءَ جي ذريعي ڄڻ ته دل کولي اڳيان رکي ڇڏي اٿس.

حقيقت هن حال جي. جي ظاهر ڪريان ذري
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اڀڙي ڪين ڪي
 

        شاهه صاحب پاڻ تي گذريل واردات ۽ سسئيءَ سان ٿيل واقعا هڪ ڪري ڇڏيا آهن. تڏهن ته انهن جي اظهار ۾ ايڏو درد دانهن آهي. اهي حال حقيقتون، اهي آس نراس جا کيل سسئيءَ جي مام ۾ سليا اٿس ۽ سسئيءَ کي پاڻ جهڙو سچو عاشق سمجهيو اٿس ان ڪري هيترن سُرن ۾ اهو هڪ ئي ڪردار اڀاريو اٿس.

        ”سسئي ڄڻ ته شاهه پاڻ آهي. آهن سڀئي سورميون شاهه جا جدا جدا روپ پر سسئي جي پنهونءَ لاءِ پريم ۾ شاهه پنهنجي پريم جو عڪس ڏٺو. سسئي جي بيتن پڙهندي ائين پيو معلوم ٿئي ته سسئي ڪانه ٿي رڙي پر شاعر جي دل تي دانهون ڪري.“ (30)

        هن قصي ۾ به ڪردار نگاريءَ جي لحاظ کان ساڳيو فلسفو نظر اچي ٿو ته ڪردار پنهنجي ڪوتاهيءَ سبب ڏک ڀوڳي ٿو، سسئيءَ تي جيڪا آفت آئي سان سندس نڀاڳي ننڊ جي ڪري آئي. جي غافل ٿي نه سمهي ها ته وڇوڙي جو اهو ڏک نه ڏسڻو پويس ها ۽ ڪهاڻي جي انهيءَ نڪتي کي شاهه صاحب ورجايو به تمام گهڻو آهي. ڄڻ ته پنهنجي دور جي ماڻهن کي غلفت ۽ نڀاڳي ننڊ ڇڏي سجاڳ ٿيڻ جو سبق ٿو ڏي. نيڻن مان ننڊ اکوڙڻ جو سبق ٿو ڏي:

غافل! غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اڻاسي اوجهرين

نيڻن ننڊ اکوڙ،  جم   ورن   ۾  واڪا   ڪرين.

        اهي وَر زندگيءَ جي راهن جا ور وڪڙ آهن ۽ اهو سمورو سبق سسئيءَ جي ڪردار معرفت ڏنو اٿس. هن سموري ڪهاڻيءَ ۾ سواءِ شروعاتي حصي جي شاهه صاحب پنهونءَ جو ڪردار بلڪل غير متحرڪ (passive) ڏيکاريو آهي. هو ڪنهن به قسم جي ڪوشش يا جدوجهد ڪندو نظر نٿو اچي، نه ئي ڪو اهڙي ارادي جو اهڃاڻ ٿو نظر اچي، جڏهن ته سندس به سسئيءَ سان اوتروئي پيار هو. جيئن سسئيءَ پنهونءَ جي جستجو ۾ پنهنجي جان جو ۽ ساهه جو سانگو لاهي ڇڏيو تيئن پنهونءَ ڇو نه ڪيو؟ واعدا ڇو نه پاڙيائين؟

تو جو ٻول ٻروچ  ويهي  ڪيو  وڻڪار ۾

سوئي پارج هوت، ولهي مون معذور سين

        سسئيءَ جي ڪردار سان جيڪو وڇوڙو ۽ ويراڳ جڙيل آهي انهيءَ هن سُورميءَ کي سڀني کان منفرد بنائي ڇڏيو آهي ۽ خود شاهه جي شاعريءَ ۾ به اهو حصوسڀني کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي. اها حقيقت اهي ته دنيا جي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اعليٰ شاعري انهيءَ ويراڳ ۽ وڇوڙي جي شاعري آهي، تانگهه ۽ طلب جي شاعري آهي جنهن ۾ شاعر پنهنجي اندر جي اونهاين مان اکر اوتيندو آهي.

        شيڪسپيئر جا سانيٽ هجن يا سيفو جا نظم، ميران ٻائيءَ جا ڀڄڻ هجن يا غلام فريد جو ڪلام، شاهه حسين جون ڪافيون هجن يا شاهه لطيف جا بيت، برهه جي باهه ۽ سڪ ۽ سوز جا ٻول آهن جن کي ٻڌي دردمندن جي دلين ۾ پيار جا چشما ڦٽي ٿا پون ۽ اکين ۾ ڳوڙها ڀرجيو اچن. سسئيءَ جهڙا ڪردار اهڙي ئي شاعريءَ جي لاءِ محرڪ (inspiration) هوندا آهن ۽ شاهه صاحب سسئيءَ جي ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ جي سونهن بنائي ڇڏيو آهي. جيئن ته سسئيءَ جو ڪردار ٻنين ٻولين جي شاعرن وٽ به ملي ٿو ان ڪري شاهه جي سسئيءَ کي ٻين شاعرن جي سسئيءَ سان ڀيٽڻ کانپوءِ سندس هڪ عورت جي ڪردار ۽ عورت بابت نظريي کي بهتر نموني سمجهي سگهبو. جيتوڻيڪ سسئي پنهونءَ جي داستان جون بنيادي ڳالهيون سڀني وٽ ساڳيون آهن ته به هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو انداز آهي.

        سرائيڪي ۽ پنجابي شاعريءَ جي روايت جيئن ته سنڌي شاعريءَ جي روايت کان گهڻي مختلف ڪانهي ان ڪري اتي گهڻي فرق کي ته واضح ڪري ڪونه سگهبو ته به ڪجهه پهلو ظاهر ڪري سگهجن ٿا. سرائيڪيءَ جي عظيم شاعر خواجه غلام فريد لوڪ داستانن مان سڀني کان وڌيڪ ڪافيون سسئيءَ پنهونءَ بابت ڳايون آهن. انهن ۾ عشق، وصل، وڇوڙي جون سڀئي ڪيفيتون آهن. سسئيءَ جون پنهونءَ لاءِ روئڻ آهي، رڙڻ آهي، ٻيهر ملڻ جي آس ۾ ڪانگ اڏائڻ جو تصور آهي، جهر جهنگ جهاڳڻ جو خيال آهي.    

پنل ڇڏڪي ڪيچ سڌايون
دلڙي نماڻي هي زارو زار
ياس پياس نصيب اسان ڏي
نان ڪوئي ٽوڀي نان ڪوئي تاڏي
نان راهه ڏسِدئم ڪر هُن قطار. (31)

---

منهن سِر خاڪ سنگار اسان ڏي
هنجڙون هارن هار اسان ڏي
هوت هي ڪيچ، تي ڪيچ هي دور (32)
 

          پنجابي زبان ۾ ”سسئي هاشم“ جي هنن سٽن کي ڏسو:

توڙ شنگار سسي اُٺ دوڙي، کول لٽان گهر بارون
چڙهيا آڻ ڪروڊ سسي نون، چند ڇٽيا پروارون
دوڙي مگر پنون دي ڊر دي، تيغ هجر دي وارون
هاشم سهڻ محال جدائي، سخت بري تلوارون. (33)
 

        هنن جي سسئيءَ وٽ تڙپ آهي، تانگهه آهي، هار سينگار کان نفرت آهي، پنهونءَ پويان وڃڻ ۽ رلڻ جو خيال آهي پر اها همت ۽ حوصلو ڪونهي جنهن سان شاهه جي سسئي روهه رتيون ڪرڻ جو عزم ٿي رکي. وٽس اهي لوهه جا لڱ ڪونه آهن جن سان هوءَ پٻ جا پهڻ پرزا ڪرڻ جو ارادو ٿو رکي. شاهه وٽ سسئيءَ جي لباس ۾ جيڪا عاشق عورت آهي انهيءَ کي پنهنجي سِر جو، پنهنجيءَ جيءَ جو ڪو اونو ڪونهي، بس هڪ اجهل جذبو آهي جيڪو کيس رڻ ۾ رلائيندو سور ۽ سختيون سهائيندو ٿو هلي.

          سسئي ته اها منڌ آهي جنهن لاءِ شاهه صاحب چوي ٿو:

منڌ نه منجهان تن، پسي لڪ لڏن جي

جا پرکاهوڙين سان پر سکي  سسئي

        وري شاهه صاحب پاڻ به سندس انهيءَ جذبي کي ٽيڪ ڏني آهي. سندس همٿ اڃا به وڌائي آهي، چوي ٿو:

منڌ! مَ منهن ويهه، اڀي اوسِر اس ۾“

        ”هن ڪهاڻيءَ جي گهڻو ڪري هر ڪنهن روپ (ڪڇي بلوچي، پنجابي، فارسي، هندي وغيره) ۾ شادي ڄاڻايل آهي. (34) سنڌيءَ ۾ پڻ ائين ئي آهي. سسئيءَ جو پنهونءَ سان وصال شاديءَ کان اڳ ڏيکاريل ڪونهي. شاهه صاحب به اهڙو ڪو اشارو ڪونه ڏنو آهي. سهڻيءَ جون حالتون مختلف هئڻ سبب شاهه صاحب سندس ميهار سان ملڻ کي جائز قرار ڏنو نه ته ٻئي ڪنهن به قصي ۾ هو اهڙي روش کي ظاهر نٿو ڪري. سندس سورميون ان خيال کان وڌيڪ مضبوط ڪردار آهن. خود سسئيءَ جو پنهونءَ سان پرڻي رات ملڻ، رتيءَ جي رهاڻ جو حوالو ملي ٿو پر ٻين ٻولين ۾ ائين ڪونهي. ”پنجاب ۾ چالو سڀني مشهور پريم ڪهاڻين ۾ ڪابه پنهنجي محبوب سان پرڻيل ڪانهي.“ (35)

        اردوءَ ۾ لکيل مثنوي اسرار محبت ۾ سسئي پنهونءَ جي قافلي جي اچڻ جو ٻڌي، اتي وڃي ٿي، پنهونءَ تي نظر پوڻ سان مٿس عاشق ٿئي ٿي ۽ ان وقت ته گهر وارن جي ڊپ کان واپس هلي ٿي وڃي پر پوءِ رات جو لڪ چوريءَ اچي ٿي پوءِ ”آدهي رات تک دونون باده وصلت سي سر شار رهي:“

ڪهون ڪيا ڪس مزي ڪي ٿي ملاقات
ميسر ڪس ڪي تئين هوتي هي يه رات
ڪبهي تو ديکهتي، صورت هو خاموش
ڪبهي هوتي ٿي، آپس ۾ هم آغوش
ڪبهي تو سو مزي، هوتي ٿي باهم
ڪبهي ڪچهه سوچ ڪر روتي ٿي باهم
 

        اس عالم ڪيف و سرور مين دونون ڪو آخر نيند آگئي اور دونون بغلگير هو ڪر سو رهي... پنون ڪي رفيقون کو اس واقعي کي کسي طرح خبر لڳ گئي. رسوائي اور بدنامي ڪي ڊر سي انهون ني رات کي رات ڪوچ ڪي تياري کردي.“ (36)

        بي وس سسئيءَ جي جدائيءَ واري ڪيفيت ۽ تڙپ لاءِ جيڪو سبب ڏنو ويو آهي سو به ڏسو:

بس   اپنا   نهين   اب  آه  چلتا

که دل کو لي گيا اک راه چلتا. (37)

        هن مثنويءَ ۾ سسئيءَ جو ڪردار ڏسجي ٿو ته شاه جي سسئي تمام اتم ڪردار ٿي محسوس ٿئي. ڪٿي هڪڙي نظر ڏسي رات جو لڪچوريءَ اچي هم آغوش ٿيڻ سو به هڪ ”راه چلتي“ سان، اهو عشق آهي ته پوءِ اهڙي عشق کان بان ڀلي، ٻئي طرف شاهه جي سسئيءَ آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهون کي کٽي بنجڻو پيو.

گڏيو ڌوٻين ڌوءِ، پنهونءَ پاروچو هٿ ۾

        پوءِ پيار جا وچن واعدا ٿيا ”تو جو ٻول ٻروچ ويهي ڪيو وڻڪار ۾“، پوءِ سسئيءَ پنهونءَ سان لائون لڌيون ۽ جشن ٿيا.

شاديءَ جو سينگارُ، آيل!  آيل!   مرڪ  پنهنجو   مون  پرين

اديون! عبداللطيف چئي مليو مون منٺار، مرڪ منهنجو مون پرين

        پوءِ وصل جي ويل آئي ۽ سسئي پنهنجي ور کي ڇاتيءَ سان لائي ستي:

ٻڌي سُتيس سوگهو، ڇلوُر ڇاتيءَ سين....

        سسئيءَ جي ڪردار ۾ ڪٿي به ڪا ڪچائي شاهه صاحب ڪانه ڏيکاري آهي. بس سندس سڀ کان وڏو ڏوهه اهو غافل ٿي سمهڻ هو، سو به تڏهن جڏهن خبر هئس ته پرديسين سان سڱ ڪيو اٿم. جي جاڳندي رهي ها ته ڏيرن جي سازش جي سڻس پئجي وڃيس ها:

ستينءَ پير ڊگها ڪري، وڏي ڄاڙ ڪيا.

در ڀر اڀيين دوس جي، ته سرٻر هوند سياء

        سندس پوءِ جي سٺل سموري پيڙا پنهنجي پرينءَ لاءِ هئي جيڪا سندس ڪردار کي تمام گهڻو اڀاري، اتم ڪري ٿي. سسئيءَ جي ڪردار ذريعي شاهه صاحب عورت کي ڪنهن به مقصد لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري صرف ۽ صرف جذبي ۽ جوش همت ۽ حوصلي، محبت ۽ محنت سان عمل ڪرڻ جو سبق ٿو ڏي. هو عورت جي گهر ۾ ويڙهجي وهڻ بدران آزاديءَ سان عمل ڪرڻ جو قائل آهي:

ڪهي جا ڪين کڻي، پرينءَ پهتي سا

وهي ويڙهجي جا، وصل تنهن وڃائيو.

حوالا

(1) Ajwani L.H—History of Sindhi Literature, Allied book Company, University of Karachi—Pakistan 1984 pp.94

(2) شان، هرنام سنگهه، مترجم هرومل سدارنگاڻي، ”سسئي پنهون“ (اصل پنجابي) ساهتيه اڪادمي نئين دهلي، 1970ع، ص -1-2.

(3) مرزا، شفقت تنوير، ادب راهين پنجاب دي تاريخ، پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ لاهور، 1989ع، ص -105.

(4) شارب، پروفيسر- بار دي ڍولي، لوڪ ورثه، پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ، لاهور، 1985ع، ص -272.

(5) قريشي عبدالغفور، پنجابي ادب دي ڪهاني، اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، 1982ع، ص -248.

(6) ايضاً، ص -312.

(7) شان، هرنام سنگهه، مترجم هرومل سدارنگاڻي ”سسئي پنهون“، ص-1.

(8) سالڪ سالگرام پنڊت ”سسئي ساهت اردو ۾“ بحواله مٿيون ڪتاب، ص-2.

(9) قريشي عبدالغفور، پنجابي ادب دي ڪهاني، اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، 1989ع، ص -152.

(10) گورکپوري، مجنون، مضمون مثنوي اسرار محبت، تنقيدي حاشيه، اداره اشاعت اردو حيدرآباد دکن، 1945ع، ص-215.

(11) Sorley H.T, Shah abdul Latif of Bhit, Sindhi Kitab Ghar Karachi 1989 pp.248

(12) شان هرنام سنگهه مترجم هرومل سدارنگاڻي ”سسئي پنهون“ ص-7

(13) گرنٿ دسم، سسئي ساهته هنديءَ ۾، بحواله مٿيون ڪتاب، ص-10

(14) ايضاً، ص -48.

(15) نسياني سيد طاهر محمد، مترجم، نياز همايوني، تاريخ طاهري، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1988ع، ص -44.

(16) نسياني سيد محمد طاهر، مترجم نياز همايوني، تاريخ طاهري حواشي و تعليقات، ص -295.

(17) Qalich Beg Mirza—A History of Sindh Vol. II Scinde Classics--- Sarnagati—Kurrachee

(18) قانع، مير علي شير، مترجم مخدوم امير احمد، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تحفته الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1957، ص -60.

(19) گربخشاڻي، هوتچند مولچند ”روح رهاڻ“ ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني ڪراچي، 1936ع، ص -86.

(20) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1980ع، ص-126.

(21) Bankey Bihari--- The Story of Miran Bai, Published by Ghanshyamdas Jalar Gorkhpur India 1937 pp.65

(22) Ajwani L.H History of Sindhi Literature, pp. 95

(23) Ibid pp. 95

(24) Ibid pp.96

(25) Sayed Dureshahwar—The Poetry of Shah Abdul Latif Sindhi Adabi Board Jamshoro/ Hyderabad. 1988 pp.21

(26) Bankey Bihari—Story of Miran Bai pp.64.

(27) شان هرنام سنگهه: مترجم هرومل سدارنگاڻي، سسئي پنهون، ص-67

(28) Dudley Louise—The Study of Literature. Houghton Mifflin Company Cambridge pp. 113

(29) Bankey Bihari—The Story of Miran Bai pp.47.

(30) ڀمڀاڻي، پروفيسر نارائڻداس ”شاهه جون سورميون“ سنڌي ڪتاب گهر تلڪ روڊ، حيدرآباد، 1957، ص-48

(31) عبدالحق، ڊاڪٽر مهر، پيام فريد، سرائيڪي ادبي بورڊ، ملتان، 1987، ص-312.

(32) ايضاً

(33) قريشي عبدالغفور، پنجابي ادب دي ڪهاني – ص 312

(34) شاهه هرنام سنگهه، مترجم هرومل سدارنگاڻي، سسئي پنهون، ص-82.

(35) ايضاً،

(36) گورکپوري، مجنون، مثنوي اسرار محبت، تنقيدي حاشيي، اداره اشاعت، اردو، حيدرآباد، دکن، 1945.

(37) ايضاً.

سُر سهڻيءَ ۾ سهڻيءَ جو ڪردار

هن سُر جو اصلي نالو هندستاني موسيقيءَ مطابق سر توڏي آهي. توڏي هڪ هندستاني راڳڻي اهي. جنهن جو لاڳو عورت سان آهي. ”جنهن صورت ۾ سهڻي هڪ سونهن، حسن جمال ۽ صداقت واري عورت هئي. انهيءَ ڪري ئي هن سُر کي ”سرسهڻي“ نالو ڏنو ويو آهي. هن جو مضمون ”سهڻي ۽ ميهار“ جي قصي تي ٻڌل آهي.(1)

سهڻي ميهار جي قصي بابت مختلف روايتون موجود آهن ڪن محققن جو خيال آهي ته هي قصو نهايت آڳاٽو آهي ۽ اصل سنڌ سان تعلق ٿو رکي. جيڪو پوءِ پنجاب پهتو. جتي اهو ماحول مطابق ڪجهه تبديل به ٿيو. وري ڪن ٻين روايتن  موجب هي قصو اصل پنجاب جو ٿو ظاهر ڪيو وڃي. جيڪو سنڌي شاعرن اتان ورتو.. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان قصي کي پنجاب جو نه پر سنڌ جو آڳاٽو قصو ڄاڻائيندي، لکي ٿو” گهڙي جي اهڃاڻ واري لحاظ سان سهڻيءَ کي ڪنڀار جي ڌي ڪري ڀانيائون. ۽  هير رانجها داستان ۾ رانجهي کي ”تخت هزاري جو سائين“ هجڻ واري خيال کان ”مهينوال“ کي به بادشاهزادو بنايائون. پوين پنجاهه سالن واري عرصي ۾ البت پنجاب جو ”سوهني مهينوال“ وارو قصو ڪتابن ذريعي سنڌ ۾ مشهور ٿيو.“(2) پنهنجي دعوا جي ثابتيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب سهڻي ۽ ميهار جي حسب نسب ۽ سندن علائقي ۽ اهڃاڻن بابت بحث ڪيو آهي. ۽ شاهه صاحب کان اڳ جي سنڌي شاعري (روايتي ۽ ڪلاسيڪي) مان قصي کي جنهن ريت اڀاريو ويو آهي ان جو تت هي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com