سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :38

عربي ۽ فارسيءَ شاعريءَ ۾ بيان ڪيل سورمين سان ٿي ڀيٽ ڪجي ته اتي به ساڳي ڪار لڳي پئي آهي. عربي شاعريءَ ۾ عورت جو ڪهڙو تصور هو. ان لاءِ محترمه عطيه خليل عرب لکي ٿي. ”امرالقيس کو عربي کا رئيس الشعرا تسليم کيا گيا هي، وه عورت کا سراپا بيان کرتي وقت بسا اوقات حد سي گذرجاتا هي. عورت اس کي نظر مين محض تفريح کا ذريعا تهي.

امراء القيس جي هڪ ڊگهي نظم جو هڪ شعر آهي.

اذا مَا بکيٰ مِن خَلفِهِا اِلُخَرَفَت لَهه،

بِشق  و  تحتي  شِقُهِا  لَم  تُحوِل.

۽ جڏهن هن جي ڪن ۾ ٻار جي روئڻ جو آواز آيو ته هن هڪ ٿڻ ان جي وات ۾ ڏنو ۽ ٻيو ساڳئي طرح منهنجي هٿ ۾ رهڻ ڏنائين.

ڇا اهڙن خيالن کي شاعري ۾ آڻڻ سان عشق جي يا عورت جي ڪا خدمت ٿي ٿئي يا محض لذت پرستيءَ جو احساس ٿو اڀري!

فارسي ٻوليءَ جا وڏا وڏا ڪلاسيڪي شاعر تمام اعليٰ درجي جي شاعري ڪندڙ به جڏهن عورت جو ذڪر ڪن ٿا ته وٽن عورت سواءِ بدن جي ٻيو ڪجهه به ڪانهي، مقصد ڪنهن فلسفي جو بيان هجي، تصوف جو، حقيقي عشق جو يا مجازي عشق جو، عورت لاءِ ڪيل شاعريءَ ۾ ههڙا شعر به ملن ٿا.

دو پستان هر يڪي چون قبه نور
حبابي، خانه ازعين ڪافور،
دو نار تازه، بر رسته زيڪ شاخ،
ڪف اميد شان، ناسوده  گستاخ.
 

يعني ٻئي پستان اهڙا ڄڻ منجهائن هر هڪ نور مان ٺهيل قبول آهي يا گويا ڪافور مٿان ٻه حجاب يا وري ٻه نوان ڏاڙهون آهن جيڪي هڪ ئي ٽاريءَ مان ڦٽي نڪتا آهن.

اهو ڪنهن عام شاعر جو شعر ڪونهي بلڪه  هڪ تمام بزرگ ۽ اعليَ پائي جي شاعر مولانا جاميءَ جو شعر آهي. سندس سورمي به ڪا  رواجي عورت نه پر سندس مشهور مثنوي ”يوسف زليخا“ جي سورمي بيبي ”زليخا“ آهي، انهيءَ مثنويءَ لاءِ چيو ويندو هو ته جنهن به اها پڙهي اهو ديوانو ٿي ويو. ڇا اهڙو ڪو شعر به اسان جي شاهه وٽ ملي ٿو؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪي مرد نقاد شاهه جي ڪلام ۾ اها خامي سمجهندا هجن، پر عورت جي عزت ڪرڻ وارا ۽ کيس محض جنسي رانديڪو نه پرهڪ مڪمل انسان سمجهڻ وارا شاهه صاحب جي ان ڳالهه کي ساراهيندا.

وري اچو ته ڏسون ته اردو شاعريءَ جي ڪجهه حصي ۾ عورتن جي ڪردارن سان ڪهڙي ويڌن ڪئي ويئي آهي ۽ عشق جي اتم جذبي جي ڪيئن مٽي پليد ٿي آهي. شروعاتي دور جي عشقيه شاعريءَ بابت تاريخن ۾ چيو ويو آهي ته ”مضامين مين ڪوئي خاص جدت نهي هوئي، البته ابتذال اور شهوت پرستي کا رنگ هوگيا...“ معشوق کي ظاهري حسن کي تو عام طور پر تعريف کي جاتي تهي مگر بعض شراءِ ني کهلم کهلا ايک اور رنگ اختيار کيا، جس کو اصطلاح لئي معاملات يا معامله بندي کهتي هين. جرئت، اور انشاء اس خاص رنگ کي بادشاهه هين.“ جرئت جو شعر آهي:

ياد جب آتا هي يه کهنا تو اڙ جاتي هي نيند،
اپني هڻه تو کر چکي بس اب تو هڻه کو سوئيي.
 

مرزا غالب جهڙي اعليٰ پائي جي شاعر وٽ به ڪي شعر اهڙا ملن ٿا هن جي هن شعر کي سندس ”خوبان سي چهيڙ چهاڙ“ چيو ويو آهي؛

صحبت مين غير کي نه پڙي هو کهين به خو،
ديني لگا هي بوي بغير التجا  کئي.
 

عام طور اردو غزل ۾ جيڪا عورت نظر اچي ٿي اها بلڪل مختلف آهي” اردو شاعري کي معشوقه کوئي شريف عورت نهين بلکه ايک بازاري رنڊي هي، جس کي محفل ۾ اغار کا جمگهڻه لگا هوا هي، بيچاري سچي عاشق کا يه حال هي که يا تو دروازي پر دربان اسي چپت لگاتا اور گهسني هي نهين ديتا اور اگر خوشقسمتي سي اندر جاني کا موقع ملا تو پهر اس رقيبون بهري محفل مين اسي بيڻهني کي جگه هي نهين ملتي. اگر جگه ملتي بهي هي تو وه هي معشوق کي جوتيون مين. اردو شاعر کي نزديک عشق و حوس مين کوئي فرق نهين. اس کي نزديک عورت خواهش نفساني کو پورا کرني کا آله هي، جب وه عياشي کرتي کرتي تهک جاتي هي تو کهني لگتا هي:

کهان پيري، کهان گل، چينيان  باغ  جواني  کي،

خزان کا وقت هي بيڻهي هوئي ڪويي اڙاتي هين.

آرٽ کي جان حسن هي، آرٽ کا مفهوم غير فاني حسن کي تلاش هي. حسن في الحقيقت فطرت اور عورت کي ذات مين پنهان هي، مگر اردو شاعر فطرت کي رنگا رنگ حسن کو ديکهني سي اس ليئي معذور ٿا که و شهر مين رهتا تها، اور فطرت کي رنگين نظاري اس سي بهت دور تهي. اب رهي عورت تو شريف عورت پهلي هي گهر کي چار ديواري مين بند تهي. اس لئي اردو شاعر کو جن عورتون کو ديکهني کا موقعا ملا وه زياده تر بازاري عورتين تهين، يا هر جائي معشوق تهي.“

اهو تجزيو بلڪل حقيقي آهي، شاهه لطيف پنهنجي سنڌ جي عورت جو حسن فطرت جي حسن سان گڏ، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڏٺو هو. ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ اهي عڪس ٿا نظر اچن ۽ سندس سورميون فطرت وانگي سچيون ۽ سهڻيون آهن. اردو شاعريءَ جو ٻيو محبوب هو ڪچي عمر جو ڪو ڇوڪرو، ”قديم اردو شاعري مين توبي ريش و بروت لڙکون ني عورت کا مقام چهين ليا تها اور شاعرون ني يه نقل ايران سي اڙائي تهي. ايراني ميکدون مين حسين لڙکي ساقي گري کا کام کرتي اور رندان لم يزل کي عيش کا سامان بنتي تهي. اردو شاعريءَ مين کبهي، کبهي تو يه سمجهنا مشکل هو جاتا هي که معشوق کوئ عورت هي يا لڙکا.“

سنڌي شاعري اهڙي خرافات کان ان وقت تائين بچيل هئي، فارسيءَ جو اثر رسوخ ته ان دور ۾ به تمام گهڻو هو ۽ شاهه صاحب فارسي شاعريءَ جي روايتن مان واقف هو. پر اها شي جيڪا سنڌ جي ماحول کان مختلف هئي، هن رد ڪري پنهنجي ديسي ماحول ۽ ڪردارن کي اهميت ڏني. عورت جي ڪردار ان اردو شاعرن جي اهڙي روش خود اردوءَ جي سڄاڻ اديبن ۽ نقادن ناپسند ڪئي. خواجا الطاف حسين حالي لکي ٿو:” اتني بات اب تک هندستان مين بهي موجود هي که غزل مين مطلوب کبهي مرد اور کبهي عورت  کو قرار ديتي هين، اور ڪبهي مرد کي اور کبهي عورت کي خصوصيات کا بهي ذڪر کرتي هين، ليکن کبهي مطلوب کي افعال يا صفات مونث نهين لاتي بلکه مذکر لاتي هين.“

جڏهن ته شاهه  لطيف سورمين جي معاملي ۾ بلڪل واضح آهي اهي مطلوب نه پر طالب آهن ۽ پاڻ انهن جي واتان شاعري ڪري ٿو سندن محبوب يا مطلوب  مذڪر آهي. سورمين ۽ سندن عشق جي حوالي سان کليو کلايو اظهار نه ڪرڻ مان اهو مطلب هرگز ناهي ته ڪو شاهه وٽ مجازي عشق جي اهميت ڪانهي، مجازي عشق جو حسن سان تعلق آهي بلڪه ان جو جنس سان به لاڳاپو آهي.  پر جنس زندگيءَ جي حقيقت هئڻ جي باوجود به اسان جي سماج ۾ کليو کلايو اظهار جو مضمون ڪڏهن به ڪانه رهي آهي. ان کي هميشه ڪنهن مام ۾ چيو ۽ ڳايو ويندو آهي. پر ان جو عورت جي واتان اظهار ته اصل ممڪن ڪونهي ائين به ڪونهي ته ڪو اسين ان جذبي کان انڪاري ٿي شاهه جي سورمن ۽ سورمين کي ڪو مٿانهون رتبو ڏيئي سگهون ٿا. انسان جي ڪردار جي بلندي يا عظمت انهي جي نه هئڻ ۾ پر انهيءَ جي هئڻ جي باوجود پنهجو پاڻ تي ڪنٽرول ۽ ڪنهن حد تائين پنهنجي سماجي اخلاقيات جي پوئيواري آهي. هونءَ ته ان ڏس ۾ سنڌ ۾ تمام سخت ۽ orthodox قسم جي اخلاقيات ۽ تنگ دلي Conservative رويو مروج رهيو آهي ۽ عجيب قسم جا Taboos  اڄ به نظر اچن ٿا. پر تڏهن به هڪ کليل دماغ enlightened ماڻهو به سماج لاءِ ڪجهه اخلاقي قدرن ۽ معيارن کي فائديمند سمجهندو آهي. ان لحاظ کان ڏسبو ته شاهه لطيف وٽ تنگ دلي ڪانهي.(سهڻيءَ جو مثال) نه ئي هو سخت قسم جي اخلاقيات جو پرچارڪ آهي (مومل جو مثال) هن جون سورميون آزاد ضرور آهن پر ڇڙواڳ ڪين آهن، انهن وٽ پاڪائيءَ جا بلند معيار آهن، ادب ۾ عشق ۽ محبت جي حوالي سان جنس جو ذڪر ڪيتري قدر جائز آهي، ان بابت نفسيات جي ماهرن کان سواءِ خود ڪيترن اديبن جا رايا اهميت رکن ٿا.

”اهو سوال پڇڻ نه گهرجي ته ساهت ۾ جنس جو ذڪر اچي يا نه اچي، بلڪه ائين پڇڻ گهرجي ته ان جو ذڪر ڪيئن اچي؟ ان ڪيئن جي جواب ۾ ئي اخلاق ۽ بداخلاق جو تفاوت، پيار ۽ حوس جو فرق، ساهتڪار ۽ اساهتڪار جي واکيا سمايل رهي ٿي.“ اهو ئي اصل ماڻ ۽ معيار آهي جنهن جي پورائي عشق ۽ فحاشي، ادب ۽ پورنو گرافي Pornography ۾ فرق کي ظاهر ڪري ٿي، نه ته ڏٺو وڃي ته موهن جي دڙي جي مورتين کان اجنتا جي ڪلا تائين ”والميڪي کان ڪاليداس تائين ڪلاڪارن جيون جوالا ان جي لاٽ جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ڪيو ئي آهي.“ زندگيءَ جي ڄاڻ رکندڙ ڪو به ماڻهو انهن لطيف احساسن  کي بداخلاقي لاءِ ڪتب ڪونه آڻيندو. عشق جي اظهار ۾ اخلاق کي بنهه طاق تي رکي ڇڏڻ سان خود عشق جي جذبي جي خوبصورتي جهڙوڪر ختم ٿيو وڃي ۽ اهو هڪ اعليَ آدرشي جذبي مان ڦري هڪ ادنيَ نفساني خواهش جي پورائي جو جذبو رهجي ويندو. مجازي عشق ۾ اهي سڀ حقيقتون هئڻ جي باوجود انهن کي سهڻو ويس پارائي پيش ڪجي نه ڪي اگهاڙو ڪجي. جڏهن ته اهو ادا به عورت جي زبان مان ٿئي. عورتن جي زبان مان ته هڪ شاعريءَ جو خاص قسم به موجود آهي اهو  آهي اردو ۾ ”ريختي“ ”ريختي مردون کي کهي هوئي ان اشعار پر مشتمل هي جن مين عورتون کي جنسي زندگي کي پهلوئون سي بحث کي جاتي هي. جو جذبه جنس کي کج روي، گمراهي، انحراف و اختلال کي صورتون سي متعلق هين.“

اها شاعري ڪڏهن ڪڏهن عورتن واتان عورتن لاءِ (عاشق به عورت به معشوق به عورت) هئڻ جي ڪري هم جنس پرستيءَ ۽ مردن کان نفرت جو لاڙو پڻ رکي ٿي. سنڌي ۾ اهڙي ڪابه روايت ڪانهي.

عشق جي جذبي کي هر ڪو پنهنجي سمجهه آهر پنهنجي ماحول ۾ پنهنجي سماج ۽ ثقافتي لاڙن جي روشني ۾ ڏسي ۽ پسي ٿو. عشق حقيقي هجي، مجازي هجي، يا مابعدالطبيعاتي Metaphysical هجي يا عام رواجي، هر ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ ان جي ورتائڻ جو انداز مختلف آهي ۽ ڪردارن،سورمن ۽ سورمين جو رويو پڻ ان لحاظ کان مختلف نظر ايندو.

ڪلاسيڪي پنجابي شاعريءَ جو مزاج به سنڌي ڪلاسيڪي شاعر جهڙو ئي آهي. سنڌو درياهه جي ڪنارن تي جنم وٺندڙ تهذيبن ۾ عشق جو ڏاڍو مٿانهون مقام آهي. عشق لاءِ بابا فريد جو هڪ دوهو آهي.

”برها برها آکيهي، برها تون سلطان،
فريدا جت تن برهون نه اپجي سوتن ڄاڻ مساڻ.“
 

برهه کان سواءِ انسان جهڙوڪر بي جان، بي روح آهي، ان کي مساڻ ۾ هئڻ گهرجي.

انگريزي ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ مختلف شاعرن عشق کي مختلف انداز ۾ آندو آهي. ڪولرج Coleridge شاعريءَ جي حوالي سان عشق کي ئي انسان جي هر جذبي ۽ خيال جو محرڪ ٿو ڄاڻائي. ورڊس ورٿ ۽ شيلي ان جذبي کي عبادت جو درجو ٿا ڏين.

جيڪي به انساني جذبا آهن تن ۾ عشق کي منفرد مقام حاصل آهي.

“Some times emotions are universally recognised as noble. Others are base Greed is one of the lower emotions, love one of the higher Love of humanity is more over higher than the love of women”.

ڪيڏي نه سچي ڳالهه ڪئي وئي آهي، ڪي ڪي جذبا ساري دنيا ۾ بلند يا پست سمجهيا ويندا آهن لوڀ ۽ لالچ پست ۽ ڪريل جذبو آهي ۽ پيار بلند يا اتم جذبو آهي پر انسانيت جو پيار ان پيار کان اتم آهي، جيڪو عورتن سان ڪيو وڃي. رسالي جي سورمين جو پيار ان معنيٰ ۾ اتم آهي جو اهي نه صرف پنهنجي محبوبن ۽ پرين سان پيار ٿيون ڪن. بلڪه شاهه صاحب انهن معرفت انسان ذات سان پيار جا تمام سهڻا پيغام ڏنا آهن. تمام اعليٰ آدرش ڏنا آهن. شاهه جون سڀئي سورميون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هڪ قسم جا Symbol يا اهڃاڻ آهن، جيڪي پيار جو پيغام کڻي دنيا ۾ جوت جلائڻ نڪتيون آهن. سندن عشق طلب آهي. منزل تي پهچڻ جي، ان لاءِ هو مسلسل ڳولا ۾ آهن ڄڻ ته:

ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت،

من اندر جا لوت،  مڇڻ  ملڻ سي ماٺي ٿئي.

۽ اها ساڳي طلب مرد ڪردارن ۾ پنهنجي سورمين سان هڪ  ڀيرو ملڻ کان پوءِ واقعي ته ماٺي ٿي ٿي وڃي. باقي سورميون مسلسل تلاش ۾ آهن، اهي سورما انهن سورمين کي سيج تي ماڻڻ کان پوءِ ڄڻ ته انهي لوچ کي ماري ٿا ڇڏين ۽ وڇوڙو ڏئي پنهنجين سورمين کي به جهڙوڪر بي موت ماري  ٿا وڃن. پنهنجن پيارن سان ڪو ائين ڪبو آهي ڇا؟ آسڪر وائلڊ اهڙي رويي لاءِ لکيو آهي:

“Yet each man kills things he loves

By each let this be heard

Some do it with b bitter look

Some with a flattering word

The coward does it with a kiss

The brave man with a sword

Some kill their love when they are young

And some when they are old

Some strangle with hands of Lust

Some with the hands of gold

Some kindest use a knife

The dead so soon grow cold

Some love too little, Some too long

Some sell and others buy

Some do the deed with many tears

And some without a sigh

For each man kills the things he loves yes each man does not die.

لوڪ داستانن جي سورمن پنهنجي انهن سورمين کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني، ڪنهن نه ڪنهن اسٽيج تي ضرور ڪٺو آهي. ڪنهن قرب جي ڪاتيءَ سان ڪٺو آهي ته ڪنهن وصل جي واعدي لاءِ (سهڻي) ڪنهن وڇوڙي جي  واردات ۾ (سسئي) ڪنهن ڏهاڳ جي صورت ۾ (ليلا) ته ڪنهن شڪ جو شڪار ٿي (مومل) ۽ ڪنهن وري راڳ لاءِ سر ڏيڻ ۽ وٺڻ جي سودي ۾ (سورٺ) مطلب ته ويچارين سڀني سورمين جو انت دکدائڪ ڏيکاريو ويو آهي. سواءِ نوري ۽ مارئي جي. عام طرح سان دکدائڪ tragic ڪهاڻيون پڙهندڙن تي ڏاڍو گهرو تاثر ڇڏينديون آهن ۽ ڏاڍا جذبا جاڳائينديون آهن ۽ اڌما اٿارينديون آهن ان جو وڏو سبب انهن ڪهاڻين جا سورما يا سورميون هونديون آهن. شاهه جي سورمين جا جذبا تمام دل ڀڄائيندڙ آهن. جذبن جي گهرائي کي ڏسندي انهن کي ٽن قسمن ۾ ورهائبو آهي. هڪڙا عام رواجي جذبا (Sentiments)  ٻيا ان کان ڪجهه وڌيڪ گهرا احساس (emotions) ۽ ٽيان اڌما يعني (Passions) جيڪي امالڪ ڀڙڪو کائي ظاهر ٿيندا. محسوس ٿيندا آهن. پهرين قسم جا جذبا اڪثر ادب ۾ ملندا آهن. ٻئي قسم جا  احساس (emotions) اڪثر ڪري سک، انت (Comedy) ڊرامن يا شاعريءَ ۾ ملندا آهن. جيئن شيڪسپيئر جي (Comedies) ۾ ۽ ٽئين قسم جا اڌما يا (Passions) وري دک انت (tragedies) ڊرامن ۾ پيدا ٿيندا آهن.

“In tragedy the tragic element is supplied by passion The love of Juliet, the jealousy of Othello, the sense of ingratitude in lear, all rise to such a point that they become ungovernable and thus produce tragic results.

يعني دک انت تصنيف ۾ اهو الميي جو عنصر انهي اڌمي سان پيدا ٿئي ٿو. جوليٽ جو پيار، آٿيلو جو ساڙ ۽ ليئر جي ناشڪري اهڙي حد تي وڃي ٿا رسن جو انهن کي ضبط ڪرڻ ڏکيو ٿيو وڃي. تڏهن نتيجا دکدائڪ ٿا نڪرن.

لطيف جي ڪهاڻين سان به ساڳيو ئي حال آهي. سسئي جو پنهونءَ لاءِ بي حد پيار، مومل جو راڻي لاءِ ماندو ٿيڻ، سهڻي جو ميهار لاءِ سير گهڙڻ ۽ انهن جا انتهائي عڪس ۽ پوءِ نتيجي ۾ سختيون ۽ سور سهڻ هڪ قسم جو گهرو ڏک پيدا ڪريو وجهن ۽ ائين ٽريجڊي انسان جي دل تي اثر ٿي ڪري. انهن سورمين جا سور انهن جون درد جون دانهون، انهن جا پنڌ ۽ پيڙائون کين شاهه جي نظر ۾ اعليٰ درجي تي پهچائين ٿيون. انسان کي اعليَ درجي تي پهچڻ لاءِ دائمي، خوشي ماڻڻ، آزادي ۽ حسن حاصل ڪرڻ لاءِ درد ۽ سور جي سواد جو مزو چکڻو پوندو آهي. اهو ئي شاهه صاحب جو فسلفو آهي جيڪو هو سورمين ذريعي ظاهر ڪري ٿو:

سور ! مٰ وڃيجان سڄڻ، جئن سانگ ويا،
پرينءَ پڄاڻاءِ، ان سين اوريان.
 

ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ،
جنين جي
ورنهن، سڄڻ آيو مان ڳري.
 

ڏيکاريس  ڏس،  گندر  گس  پرينءَ  جو،

سهائي سون ڪئي، هيڪاندي هوت سين.

“Shah latif seems to have enjoyed the company of sorrows, he expresses it in the following words.

رئان تان راند، کلان تان کامي هنيون،

اکڙيون ويساند، پرين گڏجي ڪنديون.

انگريزي شاعر شيلي پڻ اهڙو ئي خيال ڏيکاريو آهي:

In order to be great, joyous, beautiful free it is necessary

To suffer woes which hope thinks infinite

To forgive wrongs, darker than death or night

To defy power, which seems, omnipotent

To love, and bear to hope till hope creates.

خوشي، خوبصورتي ۽ آزادي لاءِ اڻ ڳڻيا سور سهڻا پوندا آهن. موت يا رات کان وڌيڪ تاريڪ غلطين کي معاف ڪرڻو پوندو آهي. دائمي نظر ايندڙ طاقت کان انڪاري  ٿيڻو پوندو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ عشق ڪرڻ ۽ عشق جي راهه ۾ اميد قائم رکڻ جي ضرورت هوندي آهي. شاهه صاحب جون سورميون به سور سهن ٿيون، پنهنجن محبوبن جون غلطيون معاف ڪن ٿيون. بلڪه انهن کي غلطيون تسليم ئي نه ٿيون ڪن ۽ پنهنجو پاڻ کي خطا وار سمجهي ڪڏهن نڀاڳي ننڊ کي ٿيون ڏوهه ڏين ته ڪڏهن مڻيي جو موهه ٿيون نندين، هو وقت جي ڏاڍين طاقتن اڳيان سر جهڪائڻ کان انڪاري ٿين ٿيون ۽ انهن کي سامهون به ٿين ٿيون. مارئي وقت جي بادشاهه سان ۽ سهڻي وقت جي  ظالم سماج سان مهاڏو اٽڪايو. هو عشق جي راهه ۾ ثابت قدم رهن ٿيون ۽ اميد جي دامن ڪنهن مهل به هٿ مان نه ٿيون ڇڏين ۽ شاهه صاحب به هر وقت کين اها ئي صلاح ٿو ڏئي.

هٿين پيرين مونڙين، هلج ساڻ هنيين،
عشق آريءَ ڄام جو، نباهي نيين،
جان جان ٿي جيين، تان پاڙج ڪو مَ پنهونءَ سين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com