هتي شاهه صاحب انهن کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪي سچيءَ
دل سان پنهنجن سڄڻن کي ياد نه ٿيون ڪن سندن موٽائڻ
لاءِ سڪ جا ساٺ سوڻ نه ٿيون ڄاڻن انهن کي اهڙي آس
نه ڪرڻ گهرجي:
جا جر جاٽون نه ڏئي، ڏيا نه موهي،
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جيون.
اهي ٻين جا ورندڙ ور ڏسي ويتر ويڳاڻيون ٿيو پون،
گهر جي حالت هونءَ ئي خراب آهي،مٿان اڪيلائي به
اچي پريشان ڪيو آهي. تڏهن ته چيو اٿن؛
اسان اڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا،
منهن ڏئي مون، آيا سَمها سيارا،
اڀرن سيڪارا، پسيو ور ٻين جا.
هن بيت ما انهن جي خراب معاشي حالت جي خبر پوي ٿي.
مڙس جي وڃڻ کان پوءِ ڊگهو عرصو اڪيلي گذاريندڙ
عورت کي پنهنجي ٻچن کي کارائڻ لاءِ مڇي به اڌاري
وٺڻي ٿي پوي سيءَ ۾ سندس تن ڍڪڻ ۽ ٻيون ضرورتون
پوريون ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه هئڻ جي صورت ۾ ڪيڏي بيوسي
محسوس ڪندي هوندي، ڪيڏي مجبور هوندي، اهو سمجهي
سگهجي ٿو.
شاهه صاحب هن سر ۾ نه صرف انهن وڻجارين جي جذبن جي
ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي پر انهن کي هڪ هڏ ڏوکي ۽
همدرد وانگر دلداري به ڏيندو رهيو آهي. هن کي عورت
جي پيار ۽ پاٻوهه جو به احساس آهي ته سندس سچائيءَ
۽ وفاداريءَ جي به خبر اٿس ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته
وڃڻ وارن جا خاندان پٺيان ڪهڙي معاشي بدحاليءَ جو
شڪار ٿين ٿا، ان جو به خيال اٿس. تڏهن ته اڌارا
آونگ چاڙهڻ جو ذڪر ڪيو اٿس. ان ڪري هو انهن سهاڳڻ
عورتن جي اڪيلائي ۽ انتظار کان سواءِ سندن بي وسي
۽ بي وسيلائي جو به ڏک ڪر ٿو. جي هن وٽ وسيلا هجن
ها ،اختيار هجن ها، ته گهر کان ٻاهر نڪري پاڻ به
مڙس جي ساٿياڻي بنجي سفر ڪري ها:
پران مان پڇان، بندر مون ڏور ٿيا،
نه مون هڙ نه هنج ڪي، جو آئون چيءَ چڙهان،
ايهم ڪج پاتڻي! جنهه پر پري مڙان.
ڪارون ٿي ڪريان، تو در اڀي ناکئا.
شاهه اڪثر ڪري عورت کي سچي عاشق جي صورت ۾ پيش
ڪري کيس ڪيتريون ئي تڪليفون، ڏک ڏاکڙا ۽ درد پسايا
آهن حقيقت ۾ شاهه عورت جو شان هميشه اعليٰ رکيو
آهي. عورت جي وفاداري ۽ محبت جا داستان پيش ڪري ان
کي وفاداريءَ جو هڪ پتلو بنايو اٿس. هن سر ۾ پڻ
شاهه عورت جي صورت ۾ پاڻ کي عاشق بنائي زال ذات
جي جذبن، امنگن، سوز ۽ فراق ۽ اوسيئڙي، انتظار۽
عورت جي اڌمن جو ذڪر ڪيو آهي. هن سر ۾ سنڌ جي
ڏاکڻي حصي يعني لاڙ جي سامونڊي ڪناري تي رهندڙ
وڻجارن جي زندگيءَ جو چشم ديد مشاهدو پڻ پسايو
اٿس. ڄڻ ته شاهه صاحب هڪ ماهر مصور وانگر وڻجارين
۽ سامونڊين جي وڇوڙي جي نهايت دلپذير ۽ دلڪش لفطن
۾ ويهي تصوير چٽي آهي.
هن سر ۾ شاهه صاحب سنڌي عورت جو هڪ مختلف روپ
وڻجاريءَ جي شڪل ۾ ڏيکاريو آهي. جيڪا پنهنجي ور
لاءِ سهسين سکائون ٿي باسي:
سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،
مون تون ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
اهي وڻجاريون ڪڏهن سمنڊ کي اکا ڏين، ڪڏهن ان ۾ ڏيا
ٻارين ته ڪڏهن جر کي پوڄين. اهو سڀ ڪجهه ڪن جيڪو
درياهي ۽ سامونڊي تهذيبن جو ڪلچر هوندو آهي.
اڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جيون،
آڻيو اکا ڏين، کٿوري سمنڊ کي.
.......
جا جر جاٽون نه ڏي، ڏيا نه موهي،
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جيون.
جيتوڻيڪ موهن جي دڙي کان شاهه لطيف تائين ۽ شاهه
لطيف کان هن دور تائين سنڌ جون ڪيتريون ريتون
رسمون رهيون آهن، جن مان ڪي قائم رهيون آهن. ته ڪي
مٽجي ويون آهن پر هي رسمون شاهه صاحب اڄ جي پڙهندڙ
لاءِ جهڙوڪر محفوظ ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ جي ثقافتي
تاريخ ۾ عورت جي حوالي سان انهن جو ذڪر هميشه
ٿيندو رهندو. اهي بندر ۽ بازاريون نه رهيا آهن.
اهي وڻجارا ۽ انهنجون وهون خواب ٿي ويا آهن. پر
شاهه جي رسالي جي معرفت اهي هميشه لاءِ تاريخ جو
حصو بنجي ويا آهن.
جيتوڻيڪ سريراڳ ۽ سامونڊيءَ جي اڪثر بيتن جو
معاشي پسمنظر تبديل ٿي چڪو آهي پر انهن جي تاريخي
۽ ثقافتي اهميت اڄ به بدستور موجود آهي. تنهن کان
سواءِ سمنڊ سان انسان جي واهپي ۽ جدوجهد مان لفظن
جي جنهن ذخيري
(Vocabulary)
جنم ورتو آهي. سو پڻ اسان جي دائمي ميراث آهي. اهي
لطيف سائين جا اهڙا سر آهن جن جي پڙهڻ سان سنڌ ۽
بلوچستان جي ساحلي علائقن جي زندگيءَ ان جي مختلف
ورنن ۽ روپن سان آشنائي حاصل ٿئي ٿي.
سر سامونڊي وانگر سر سريراڳ جو تعلق به سمنڊ ۽
وڻجارن جي واپار ۽ ٽوپن غواصن جي سمنڊ جي تري مان
موتي چونڊڻ سان آهي پر انهي سُر مان عورت جي ڪردار
بابت ڪا نئين ڳالهه نٿي ملي.
توڻي توائي، توءِ تنهنجو آسرو!
سڄڻ ڳر لائي، کيرون ڏيندس جيڏين.
ساڳيءَ طرح سر گهاتو به سمنڊ جو سر آهي، ۽ سامونڊي
ڪنارن تي رهندڙ مهاڻن ۽ ميربحرن جي زندگيءَ جي
عڪاسي ڪري ٿو. ان ۾ مورڙي ۽ مانگر مڇ جو مشهور قصو
آهي. هن سر ۾ مهاڻن جي زالن جو ذڪر آهي، سندن
معاشي بدحاليءَ جو ذڪر آهي.
مون اڌاريا مڇڙا، الله! گهاتو آڻ،
ميان! مُدارن سين، مون کي قادر! وجهه مَ ڪاڻ،
هٺ منهنجي هاڻ، قدر لڌو جن ريءَ.
پر هن سر ۾ عورتن جو ڪو مختلف روپ نٿو اڀري ان ڪري
انهن جو ذڪر ڪرڻ موضوع جي مناسبت سان ٺيڪ نٿو لڳي.
ٻين سرن مان سر آسا ۽ سر رپ ۾ به پرين سپرين، ان
سان فراق ۽ ڦوڙائي جو ذڪر آهي ۽ وڇوڙيلن جا ورلاپ
آهن پر عورت جو ڪردار سارنگ يا سامونڊيءَ وارن سرن
جي عورت کان مختلف روپ ۾ نه ٿو اڀري، ان ڪري اهي
سر پڻ ڇڏيا ويا آهن. باقي ٻين سرن ۾ ڪارايل، پورب،
رامڪلي، کاهوڙي، بروو، پرڀاتي، ڏهر ۽ بلاول ۾ پڻ
عورت جو ڪردار قابل ذڪر ڪونهي.
حوالا
1.
Ansari Akram. The Immortal beauty of latifs sea
poetry symbolism in
2.
latifs poetry Institute of sindhology
sindh University pp. 44
3.
نظاماڻي الهه بخش ايم سر سامونڊي جو مطالعو، مرتب
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه عبداللطيف ثقافتي
ڪاميٽي، ڀٽ شاهه، حيدرآباد، 1976، ص 7
4.
بلوچ غلام رسول، سر سامونڊيءَ جو مطالعو، مرتب
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تاريخي ۽ ثقافتي پسمنظر، ص،
19
5.
نقاش، لطيف ۽ سمنڊ شاهه عبدللطيف ڀٽائي ينگ لياري
ويلفيئر سينٽر، ڪراچي، ص، 40
سُر ڪاپائتيءَ جو ڪتڻ واريون يا ڪاپائتيون
سُر ڪاپائتي هڪ اهم سُر آهي، سنڌ جي معاشرت ۾ ڪتڻ
وارين جو وجود تمام پراڻو ثابت ٿئي ٿو. موهن جي
دڙي مان چرخي يا ائٽ جو ملڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي
ته هتي اهو ڪيترو پراڻو آهي. جڏهن کان هن ڌرتيءَ
تي وئوڻن جي پوک ٿي هوندي ۽ ماڻهن ان مان ڌاڳو
ٺاهي، ڪپڙو اڻيو هوندو، تڏهن کان ڪاپائتين جنم
ورتو هوندو. سنڌ جي جهوني ادب ۾ انهن جو ذڪر به
ضرور هوندو پر جيڪو ادب اسان تائين پهچي سگهيو
آهي، ان ۾ پراڻي ڪاپائتيءَ جو ذڪر سمن جي دور ۾
پير صدر الدين جي ڪلام ۾ ملي ٿو:
ڪپهتياڻيءَ ڪتيو، جڏين ستو سارو لوڪ،
تنهه پانجي ڪتي مان، وڏو ڳچيءَ ڳاڙهو ٿوڪ.
جيڙو ني تيڙو اگهيو ڀائيو! جي هوند ڪتيائين،
سڀان سرتين وچ ۾ ملي مرڪيائين.
انهن بيتن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته اهي
گنان ڪاپائتي جي سر جا بنيادي سنڌي بيت آهن، جيڪي
نسبتاً آڳاٽا محسوس ٿين ٿا. وري اڳتي هلي ميين
شاهه عنايت وٽ به اهو موضوع ملي ٿو:
ٻيون سڀ ڪتن، مان ننڊائي نه لهي،
اوگهٽو عنات چئي، اڀا سٽ پڇن،
الا اڳيان تن، ڪاڻياري ڪام ٿئي.
شاهه صاحب سر ڪاپائتيءَ ۾ پورهيت عورتن جو محنت ۽
محبت سان ڪپاهن مان سُٽ ڪتڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ان ۾
آتڻ ۾ ويهي چرخو چورڻ جو ذڪر آهي. جيستائين سگهه
آهي، تيستائين حرڪت ۾ رهڻ جو ۽ دل سان ڪم ڪرڻ جو
ذڪر آهي. سنڌ جي سماج ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ به عورتون
اسر جون اٿي آتڻ ۾ اچي ويهي سٽ ڪتڻ، ان جا ڦورا
ٺاهڻ، اڏا اڻڻ ۽ خرچو هلائڻ جو ڪم ڪنديون هيون.
لڳي ٿو ته شاهه صاحب انهن جي پورهئي کي ڏاڍي توجهه
سان ڏٺو آهي. هن کي خبر هئي ته اهي ڪتڻ واريون
انهيءَ آتڻ ۾ ويهي ڪچهريون به ڪنديون هيون گهرن جا
۽ ورن جا معاملا به نبيرينديون هيون ته راز ۽ نياز
جون ڳالهيون به ڪنديون هيون، نه صرف سر ڪاپائتي ۾
پر شاهه صاحب اڪثر ٻين سرن ۾ به سورمين واتان آتڻ
جو ۽ چرخو چوڻ جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن مان پڻ گهر
گهر انهيءَ ڪرت جي خبر پوي ٿي:
مارئي واتان : ات ڪنڊي آهيان تن آتڻ تن ڏيهه
نوريءَ واتان : گندر لاهيو گندريون، آتڻ اجاريو
سسئي واتان: آتڻ اورانگهي ويا، ڪري ڪميڻي ڪيئن
مومل واتان: تو پڄاڻا سپرين آتڻ اجهاڻو.
چئي سگهجي ٿو ته آتڻ ڳوٺاڻي تمدن جو هڪ نهايت اهم
جزو هندو هو. افسوس جو موجوده زماني ۾ انهي آتڻ جو
رواج بلڪل ختم ٿي ويو آهي. ڪي زالون ٻيو ڪم ڪار
لاهي پوءِ آتڻ ۾ اينديون هيون، ته ڪي صبح سويل اٿي
ڪم کي لڳنديون هيون ۽ ڪي ويسريون ٿي ويهنديون
هيون. پر وقت تي صرافن کي پنهنجو ڪتيل سٽ پهچائي
ڪونه سگهنديون هيون، ڪن جي محنت ۾ به سندن سچائي
سچيتائي شامل هوندي هئي ته انهن کي ملهه به سٺو
ملندو هو ۽ ڪي وري بي دليون ٿي ڪم ڪنديون هيون ته
انهن کي گهاٽو ٿيندو هو. شاهه کين وقت وڃائڻ بدران
جنبي وڃڻ جي صلاح ٿو ڏي:
جان ڪتين تان ڪت، هيءَ هڏ وهاڻي،
ڪاپائتي سڀ ڪا، ڪتي سيباڻي،
ڄاتو جن ڄاڻي، تن هٿان پهي نه ڇڏي.
وقت وڃائڻ، ويسري ٿي ويهڻ، بي دليو ٿي ڪم ڪرڻ سان
ڪاميابي ۽ ڪامراني نصيب ڪانه ٿيندي.
ڪتڻ جي ڪانه ڪرين، ستي ساهين هڏ،
صبح ايندءِ اوچتي، عيد اگهاڙن گڏ،
جت سرتيون ڪندءِ سڏ، ات سڪندينءَ سينگار کي.
هڪ ڀيرو هٿن مان وقت نڪري ويو ته پوءِ سواءِ
پڇتاءُ جي ڪجهه به هٿ ڪونه اچڻو آهي.
سي تو ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن،
ارٽ اوڏي نه ٿيين، ڀوري ڀوري سينءَ،
ڪنڌ کڻندينءَ ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.
پورهيت ۽ هٿ جو پورهيو انهن جي عزت شاهه صاحب وٽ
تمام گهڻي ملي ٿي. هو پورهيتن جي هٿن کي سون جهڙا
ٿو سڏي ۽ چوي ٿو ته انهن مان نڪتل پورهيو ڪڏهن به
بيڪار ڪونه ٿيندو آهي. پر ڪاريگر کي ڪم ۾ ڪيتري به
مڃتا ملي، مان ملي، هن جو ڪم وڏائي ڪرڻ، فخر ڪرڻ
ناهي، بلڪه نوڙت واري ۽ هيٺيائين هلت سان سندس ڪم
جو قدر به وڌيڪ ٿيندو ۽ سندس مان به وڌندو.
سون ساريڪا هٿڙا، ڪوهه نه ڪتين رڏ،
ويهي ڪنڊ ڪاپو ڪر، گهتون گوهيون ڇڏ،
ته صرافاڻي سڏ، مرڪيو هوند مٽائيين.
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.
انهن کي پنهنجي پورهئي سان ايڏو ته پيار آهي جو ان
کان سواءِ قرار ڪونه ايندو اٿن:
ڪتي مٿي آئيون، ڪري تند تيار،
اٿل اوڏاهين ٿئي، جيڏانهن پري پار،
ڪاپائتي قرار، منجهان پورهيي آئيو.
مطلب ته هن سر ۾ سنڌ جي معاشيات ۾ عورتن جي ڪردار
کي ظاهر ڪيو آهي. ڪپهه جي هن ملڪ ۾ ڪنهن زماني ۾
هزارين آڏاڻا هئا ۽ لکين انهن جا ڪاريگر مرد ۽
عورتون هيون جيڪي پوءِ ڪنهن پليگ ۾، ڪنهن اوچتي
انقلاب ۾ يا ڌارين جي ڦرلٽ ۾ مري کپي ويا ۽ اهي
پٽ، اهي بازاريون، ويران ٿي ويون. تڏهن ته هن سر ۾
شاهه صاحب ڏک ڪڍيو آهي:
نه سي وونڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون،
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
حوالا
1.
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر
تاريخ، زيب ادبي، مرڪز، حيدرآباد، 1980، ص 189.
2.
ايضاً
3.
ڪمتر نقوي، سيدف نجف علي شاهه، ٻاروچي ٻولي،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو،
1984، ص، 8
سُر ڪيڏاري جون بهادر عورتون
ڪيڏارو هڪ قسم جو جنگنامو آهي، ۽ اها رزميه شاعري
آهي. دنيا جي شاعريءَ ۾ رزميه ۽ جنگ جي شاعري سڀ
کان آڳاٽي سمجهي ويندي آهي. هندستان ۾ مهاڀارت کي
پراڻي ۾ پراڻو جنگنامو چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾
ڪوروون ۽ پانڊون جي لڙائي جو تفصيلي احوال آهي.
والميڪي جو رامائڻ ۽ ان کان پوءِ جي دورن ۾ مختلف
قسم جا جنگناما راسو جي نالن سان ملن ٿا، جن مان
سڀني کان مشهور چندر بردائي جو پرٿوي راج راسو
آهي.
يونان ۾ هومر جو اليڊ
(Iliad)
هڪ اهڙو ڪلاسڪ آهي، جنهن ۾ ٽروجن
واري لڙائيءَ جو بيان ملي ٿو، جيڪو پڻ انهي زمري ۾
اچي ٿو.
عربستان جي سر زمين تي قبيلن جي جنگين جو احوال
توڙي مرثيا زمانه جاهليت جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.
خنساءِ ۽ مقمم بن نويره ان زماني جا ٻه يادگار
شاعر آهن. پر اسلام اچڻ کان پوءِ جو وڏي ۾ وڏو
واقعو ڪربلا ۾ ٿيو. انهيءَ واقعي تي مبني ٻن قسمن
جي شاعري ملي ٿي. هڪڙي جنگامن جي شڪل ۾ ۽ ٻي مرثين
جي شڪل ۾. فارسيءَ ۾ وري شاهنامه فردوسي ۽ سڪندر
نامه جامي مشهور جنگناما آهن.
مرثين ۾ جنگ جو به بيان ٿي سگهي ٿو پر بنيادي طرح
سان اهي جذبات نگاريءَ سان واسطو رکن ٿا. امامن ۽
سندن اهل عيال جي ڏکوئيندڙ حالت ۽ شهادت تي ڏک ۽
ماتم انهن جو موضوع هوندو آهي. هندستان ۾ اردو
زبان ۾ مير انيس ۽ دبير جا مرثيه مشهور آهن ۽ انهن
جو اثر سموري هندستان جي مرثيه نگارن تي محسوس ٿئي
ٿو. مير انيس جو دور 1802 کان 1874ع تائين جو
آهي،جيڪو شاهه صاحب کان گهڻو پوءِ جو ٿيو، سيد
ثابت علي شاهه کان پوءِ جي شاعرن تي ان جو اثر
محسوس ٿئي ٿو.
سنڌيءَ ۾ شاهه لطيف جي ڪربلا جي پسمنظر ۾ ڪيل
شاعري ڪجهه مختلف قسم جي آهي. ان ۾ ٿورو مرثيي جو
رنگ آهي. پر گهڻو رزم آهي. ان ڪري ان جو نالو به
سرڪيڏارو رکيو اٿس. جنهن جي معنيٰ ئي آهي جنگ
جو ميدان هن سر جو مضمون ڪربلا جي مشهور قضيي تي
ٻڌل آهي. هن ۾ جنگامن وارو ماحول به آهي ته مرثين
واري جذبات نگاريءَ به! هن رڻ گجيو راڙو ٿيو جي
صدا به آهي ته سيد سيج نه ماڻي، مومنا، ماتام جو
به پڙاڏو آهي. پر تڏهن به مرثيي واري ڏک ۽ بيوسيءَ
جي جذبن کان وڌيڪ جنگ واري ڪيفيت ۾ سورهيائي ۽
شهادت لاءِ اتساهه ڏيندڙ احساسن جو وڌيڪ اظهار
آهي. جيتوڻيڪ اهي ڪربلا جي حوالي سان چيل بيت آهن
پر اهي هر دور، هر ملڪ جي جنگ ۽ ان جي جوڌن ۽
شهيدن لاءِ چيل ٿي محسوس ٿين. سر ڪيڏاري کي رزمي
شعر جي قطار ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن سُر ۾ عورت
جو ڪردار پهرين ته هڪ ڏکويل واڪا ۽ واويلا ڪندڙ ۽
غم ۾ ڪپڙا ڪارا ڪندڙ عورت جو ٿو محسوس ٿئي، جيڪا
محض هڪ ماءُ آهي، ڀيڻ آهي، يا زال آهي. پر پوءِ
لڳي ٿو ته هوءَ پنهنجي عام، ماءُ، ڀيڻ ۽ زال وارن
جذبن تي قابو پائي هڪ بهادر ماءُ، هڪ اتساهيندڙ
ڀيڻ ۽ جهد ۽ جنگ توڙي شهادت لاءِ مڙس کي همٿائيندڙ
زال ٿي اڀري ٿي.
پهرين جڏهن هوءَ پريشان آهي تڏهن کيس انديشا ۽
انومان ورائي ويل آهن ۽ جنگ تي ويل جوڌن جي موٽڻ
جي اميد ڪانه اٿس. تڏهن پاڻ کي انهن جي شهادت لاءِ
ذهني طرح تيار ٿي ڪري.
مير مدينئا نڪري، آئيا نه موٽي،
ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي،
آئون تنين لئه لوٺي، جي مير مسافر رانئيا.
جنگ جي ميدان جو نقشو سامهون ٿو اچي، رڻ گجڻ، راڙو
ٿيڻ، سبب انهن عورتن جي دل دهلجي ٿي وڃي. مٿي ۾
خاڪ وجهي پٽڻ ۽ پار ڪڍڻ ٿيون لڳن، جو سندن دلين جا
دلبر، جگر جا ٽڪرا، جنگ جي ميدان ۾ دشمنن جي
ترارين سامهون آهن، ڪن جا ڦٽيل ۽ ماريل جسم جهولين
۾ کڄي پيا اچن ته دل جهلي نه ٿيون سگهن.
جهمنديون اچن، جهوليون ججهارن جيون،
پايو ٻڪ ٻهارجا، ان جيون وهون واڪا ڪن،
پٽين پار ڪڍن، رڻ گجيو راڙو ٿيو.
پر پوءِ پنهنجن جذبن تي قابو پائي ٿيون وٺن ۽
پنهنجي پيارن کي ڪو به ڀئو ڪرڻ بنا اڳتي قدم
وڌائڻ جو ٿيون چون:
ڪانڌ! ڪلارين ڪپڙين، ور! وناهيو آءُ،
جت سانگين جي سٽ وهي، ات وک وڌندي ڀاءِ،
تان تان ڀئه مَ ڀانءِ، جان جان نونڌي نه چڙهين.
هن بيت ۾ جيتوڻيڪ هڪ ڪنوار واتان گهوٽ لاءِ اظهار
ڪرايو ويو آهي. پر اهو ڪنهن به اهڙي موقعي تي ڪابه
عورت چئي سگهي ٿي، ان خيال ۾ وسعت آهي ۽ شاهه صاحب
ان کي محض ڪربلا تائين محدود ڪونه ڪيو آهي. هن
کان پوءِ جا اڪثر بيت ڄڻ ته ڪنهن سپاهيءَ جي زال
جا آهن ۽ جيئن ته اهي لاکيڻي لطيف چيا آهن. ان ڪري
چئي سگهجي ٿو ته جيڪا عورت سندس تصور ۾ آهي، سا
سنڌ جي عورت آهي ۽ ٻين سڀني داستانن وانگي هن
داستان کي به شاهه تمثيلي انداز ۾ کنيو آهي.
پسمنظر ۾ ڪربلا جو واقعو هوندي به سندس اڳيان سنڌ
۽ ان جون حالتون آهن. ان لاءِ خاص حوالونير ۽
نيروٽيءَ جو ڏئي سگهجي ٿو. عربستان ۾ نير ڪونه
ٿئي، اهو خاص سنڌ جي پيداوار آهي. (موهن جي دڙي
مان به نير مليو آهي) نير سان نيروٽن کي ڪپڙا رڱڻ
لاءِ چوندڙ عورتون سنڌ جون ئي ٿي سگهن ٿيون. شاهه
صاحب ان وقت جي سنڌين کي ويڙهاند واري حالت لاءِ
تيار ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ ان ۾ وڏي رڪاوٽ اهي عورتون ٿي
سگهيون ٿي، جيڪي پنهنجي پيار ۽ مامتا سبب جنگ يا
ويڙهاند جي خلاف هونديون آهن. پر جي هو چاهين ته
پنهنجي هر روپ ۾ مرد کي ان لاءِ تيار ڪري سگهن
ٿيون. جيڪڏهن حالتن جي تقاضا هجي ۽ مرڳوئي پنهنجي
وجود جو سوال هجي ته پوءِ انهن کي ائين ڪرڻو ئي
پوندو. انهي خيال کان شاهه صاحب هڪ آئيڊيل عورت جو
ڪردار ڏنو جيڪا پنهنجي انهن ڪمزور ڪندڙ جذبن کي
پوئتي ڇڏي، پنهنجي پيارن کي جنگ جي ميدان ۾
سورهيائي سان وڙهڻ لاءِ آماده ٿي ڪري ۽ سندس
تربيت، سندس خواهش ان ۾ اها آهي ته هو ميدان ۾
دشمن جي سامهون بيهي وڙهن ۽ مرڻ تائين پٺ نه ڏين.
ڀڳو آئون نه چئان، ماريو ته وسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سهان.
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.
هوءَ اميد ٿي رکي ته سندس ڪانڌ مرڻ کي مري ويندو
پر ڀڄي ڪڙم کي ڪونه لڄائيندو.
مرُ مرين! آئون رئنءِ! موٽي ڪانڌ! مَ آءُ،
مڇڻ تو پئاءُ، ڪچا ڪنم جيڏيون.
اڳي پوءِ مرڻو آهي ته پوءِ ڇونه مقصد ڪارڻ مرجي!
جيڪو بهادر آهي، سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان
جي زال جو به منهن مٿانهون آهي. ان ڪري هوءِ کيس
هر وقت همٿائيندي رهي ٿي. هوءَ سندس مرڻ جو يقين
ته ڪري سگهي ٿي پر سندس ڀڄڻ جو ٻڌي اعتبار ڪرڻ
لاءِ تيار ناهي. اهڙو يقين کيس پنهنجي بهادر ۽
سورهيه مڙس ۾ آهي. پر جي هو ڀڄي اچي وڃي ته سندس
بچڻ جي خوشي بدران کيس انهيءَ جو غم هوندو ته هن
کيس ٻين جي نظرن ۾ لڄايو آهي. اهو سمورو هڪ بهادر
قوم جي بهادر فردن جو تصور آهي. جنهن ۾ پٺ ۾ زخم
لڳڻ ۽ ڀڄڻ غداري ۽ ڪانئرتا جي علامت آهي ۽ ان تي
لڄارو ٿيڻ جو رواج آهي:
ڀڄي آئين ڀڄڻا لڄايئه مون يار،
ويٺيون ڪن ڪوار، منهه مٿاهان جن جا.
جيڪي ڪائنر ٿي، جنگ جو ميدان ڇڏي وڃن ٿا، تن جي
مڙهه کائڻ کان ڳجهن کي به ڪرهت اچي ٿي. مگر جو
لڙائيءَ ۾ سورهيه ٿي وڙهي سر ڏئي ٿو، تنهن جي لاش
تي ڳجهن جو به ڳارو آهي. ڪائنرن کي سندن زالون به
نفرت سان نهارين ٿيون ۽ کين چون ٿيون.
پڄي آئين ڀڄڻا، لڄايئه مون، سيڻ!
ويٺيون وجهن ويڻ، منهه مٿاهان جن جا.
هن سُر جا بيت امامن جي مثالي قرباني ۽ شهادت کي
سامهون رکي، ان وقت سنڌ جي ڪاز لاءِ وڙهندڙ سورمن
جي همت ۽ حوصلو وڌائڻ لاءِ چيل لڳن ٿا:
ڇپر جئن پهون تئن رڻ ڳجهن رانئيو،
ونڪا ونڪن گڏيا، ڊوڙيو ڏين ڊهون،
مهاين وهون، نير مهنگو ڪنديون.
حوالا
1.
بدوي، احسان، تنقيد ۽ تنقيد نگاري، ڪراچي، 1959، ص
38.
2.
گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، شاهه جو رسالو، ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد، 1979، ص،
717.
3.
گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، مقدمه لطيفي،
ورسٽي سنڌي پبليڪيشن سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي،
1977،ص، 156.
4.
ايضاً، ص 156.
موکيءَ جو ڪردار
موکي ۽ متارا هڪ عجيب ۽ عبرت ۾ وجهندڙ داستان
آهي. جنهن ۾ مي، ميخانن، ۽ ميخوارن جو ذڪر آهي.
متوالن، متارن جي مستي، مدهوشي، طلب ۽ شوق جو ذڪر
آهي. ۽ سندن ساقي، ڪلاڙ، موکيءَ جي خلوص، سچائيءَ
۽ ڏاهپ جو ذڪر آهي. مي جي مٽن مان وهه جون وٽيون
پيئڻ جو ذڪر آهي. هن داستان کان عام ماڻهو ته
ايترو متاثر نه ٿا ڏسجن پر شاعرن ۽ سگهڙن ان کي
پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندو آهي. ميين شاهه عنايت ۽
شاهه لطيف جا بيت هن داستان مان ملن ٿا،
هڪڙي روايت آهي ته موکي مومل جي چالاڪ ۽ تيرنهن
تالي ٻانهي ناتر جي ڌي هئي، جهن مومل جي مرڻ کان
پوءِ ڪراچيءَ ويجهو اچي هڪ شراب چڪائڻ جي بٺي
بنائي ۽ ميخانو مچايو. موکيءَ کي ماڻس فريب بدران
سچائي، ۽ خلوص جو سبق سيکاريو هو. ڇاڪاڻ جو پاڻ
ڪاڪ تي ڪيئي مرد مارايا ۽ ڪونڌر ڪهايا هئائين. سو
ان جو ڏاڍو پڇتاءُ هئس.
موکيءَ جي انهي خلوص، سچائي ۽ سندس سنڌيل مٽن جي
منڌ جي مزي جي پري پري تائين هاڪ هئي ۽ ڪٿان ڪٿان
جا پياڪ اچي ات پنهنجي اڃ اجهائيندا هئا هڪڙا اٺ
ميخوار متوارا هئا. جي اها هاڪ ٻڌي آيا ۽ اهو منڌ
پي، موکيءَ جون من موهيندڙ ڳالهيون ٻڌي، هميشه جا
هيراڪ بنجي ويا:
آڻي اتر واءُ، موکيءَ مٽ اپٽيا،
متارا تنهن ساءَ، اچن سر سنباهيو. |