قديم
انساني سماجن ۾ عورت ۽ مرد جا تعلقات
جتيوڻيڪ انساني ارتقاءَ جي علم جي ڄاڻُن کي به اڃا
تائين پڪ سان اها خبر ڪانه پئجي سگهي آهي ته دنيا
جي گولي تي اهو ڪهڙو خطو هو جتي انسان چئن پيرن
واري جانور مان ڦري ٻن ڦيرن ۽ ٻن هٿن وارو ....
اوزار ۽ هٿيار ايجاد ڪندڙ سماجي انسان بڻيو ۽ وحشي
فطرت
(Wild nature)
سان وڙهي پنهنجي وجود کي قائم رکيائين، وڌيو
ويجهيو ۽ سموري دنيا ۾ پکڙيو، يا هڪ ئي وقت ڌرتيءَ
جي مختلف ڀاڱن ۾ اهڙي ارتقاءَ ٿيس. قديم انسانن جا
هڏاوان پڃرا، کوپڙيون ۽ پنڊ پهڻ ٿيل بدني عضوا
چين، جاوا، يورپ، افريقه ۽ ٻين علائقن مان لڌا ويا
آهن. پاڪ هند اپکنڊ ۾ به ساوالڪ ٽڪرن
(Savalik Hills)
۾ تحقيق ڪندڙن کي اڌ جانور اڌ انسان جا اهڃاڻ مليا
آهن.(18)
بهرحال هوموسيپين
(Homo- Sapiens)
جي موجوده شڪل ۾ اچڻ کانپوءِ جيئن جيئن انسان ترقي
ڪندو ويو تيئن سندس ماحول ۽ سندس تجربو ۽ مشاهدو
پڻ وڌندو ويو. انسان جي تاريخ کي لوهه واري زماني
سميت ڇهن دور ۾ ورهايو ويندو آهي: (19)
پهريون پٿر وارو
زمانو
1- Eolithis
ٻيو پٿر وارو
زمانو
2- Poleolithic
ٽيون پٿر وارو زمانو
3-
Mesolithic
پويون يا نئين پٿر وارو
زمانو
4- Neolithic
ڪنجهي وارو زمانو (ٽامي ۽ قلعي مان گڏي ٺاهيل
ڌاتو)
5- Bronze Age
لوهه وارو
زمانو (20)
6-Iron age
وقت جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته اٽڪل ٽيهه هزار سال
قبل مسيح کان ڏهه هزار سال قبل مسيح جي پراڻي دور
جي تهذيب پٿر جي دور جي تهذيب جي معيار تي پهتي
هئي. هن دور ۾ هڪ نئون ۽ وڌيڪ بهتر انسان وجود ۾
اچي چڪو هو، جيڪو باندرن کان مختلف هو. هن وٽ
ڳالهائڻ جي ڪجهه قدر قوت هئي جنهن سان هو پاڻ جهڙن
ٻين سان ڳالهائيندو يا
communicate
ڪندو هو. هو اهو معلوم ڪري چڪو هو ته پٿر کي ڀڃي
يا ٽڪي هٿيار ٺاهي سگهجي ٿو. ڪجهه وقت کانپوءِ هو
هڏن، عاج ۽ سڱن مان به اوزار ٺاهڻ لڳو.... هن دور
۾ هو پنهنجو بت به ڍڪڻ لڳو هو جنهن جي ثابتيءَ
لاءِ پٿر جا بٽڻ ۽ سئي هٿ آيل آهن. (21)
هن جو کاڌو ڪن وڻن جا ميوا، پاڙون ۽ ٻج
وغيره به هو ته ڪن ننڍن وڏن جانورن جو گوشت ۽ آنا
به. ان دور ۾ هو پنهنجو کاڌو سيڪڻ ۽ پچائڻ به لڳو
هو ۽ آهستي آهستي هن گروهن ۾ گڏجي رهڻ شروع ڪيو
هو. اجهي جو تصور قائم ٿي چڪو هو. هن دور جي مرد
سان گڏ عورت به هٿ ۾ هڪڙي ڇيڙي کان مڙيل لڪڻ کڻندي
هئي جنهن کي
Dibble
چيو وڃي ٿو جنهن سان هلڻ ۾ مدد وٺڻ، پاڙون کوٽڻ ۽
پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جو ڪم ورتو ويندو هو.
ڇاڪاڻ جو اهو لاشعوري طرح بنيادي تهذيب جي
پيڙهه پوڻ وارو دور هو ان ڪري ان ۾ عورت جو مرد
سان گڏ ساڳيو هٿيار کڻڻ ثابت ڪري ٿو ته انهيءَ
مرحلي تي ٻنهي جي حيثيت ۾ ڪو خاص فرق ڪونه هو ۽
محنت توڙي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ٻنهي جي فرضن ۾ شامل
هو. انساني نسل جي بچاءَ، واڌاري ۽ گهڻائي لاءِ
مرد ۽ عورت گڏجي ڪم ڪيو هوندو تڏهن ئي تهذيب جو
اڳتي وڌڻ، ڪلچر جو پيدا ٿيڻ ممڪن ٿي سگهيو هوندو.
انسان ان دور ۾ ئي سماج جي ابتدائي تشڪيل ڪئي
ٿي ڀانئجي. (22) اهو سماج به تمام ننڍو ۽ هڪ
خاندان جيڏو هوندو، شايد ان دور جو انسان ئي
سماجي انسان بڻيو هوندو.
هاڻوڪي انسان جي عادتن کي پرکڻ سان اهو
نتيجو ڪڍيو ويو ته آڳاٽو انسان ننڍن گروهن ۾ رهندو
هو ۽ هر هڪ سان هڪ عورت زال جي حيثيت سان هوندي
هئي. پر جيڪڏهن ڪو ٽولو وڌيڪ طاقتور هوندو هو ته
پوءِ وڌيڪ زالون به ان سان هونديون هيون.
انسان جڏهن کان ولر جي حيثيت ۾ رهڻ لڳو
تڏهن کان خاندان جو بنياد پيو ۽ اهڙيءَ ريت
قبيلا وجود ۾ آيا. عورت مرد لاڳاپي جو وجود
انساني سماج جي تمام ابتدائي شڪلين ۾ به ملي ٿو ان
ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته سماج جي ابتدائي حالت
انهي جنسن جي باهمي ميلاپ ۽ گڏيل زندگيءَ واري
هئي.
سماجي سائنس جي هڪ نظرئي مطابق انساني
تاريخ پنهنجي سماجي تنظيم جا پنج دور
(Stages)
يا درجا ڏٺا آهن جيڪي سڀئي پيداواري طاقتن جي ڦرڻ
سان ظاهر ٿي وري گم ٿيا آهن. اهي درجا يا
Stage
آهن:
1. بنيادي
(Primitive)
2. گڏيل يا مشترڪه
(Communal)
3. غلامانه
(Salve)
4. جاگيرداري
(Feudal)
5. سرمائيداري
(Capitalist)
6. سماجوادي
(Socialist)
(23)
هڪ کان ٻئي مرحلي ڏانهن وڃڻ ۾ انسان جي سوچ ۾
تبديلي ۽ رهائش جي ڪنهن بهتر طور طريقي يا ڍنگ جي
ڪوشش نظر اچي ٿي ۽ ان لاءِ انسان ڏاڍي جدوجهد ڪئي
آهي.
پهرئين مرحلي تي هو سماجي طبقن ۾ ورهايل
ڪونه هو، ان ۾ ڪو ذاتي ملڪيت جو تصور ڪونه هو، ڪا
طبقاتي جدوجهد ڪانه هئي. قبائلي جنگين کانسواءِ ڪا
اندروني جنگ ڪانه هئي. جيئن جيئن پيداواري اوزار
پيدا ٿيا ذاتي ملڪيت ۽ طبقا پيدا ٿيا ۽ ان کانپوءِ
جي زندگي ۾ تاريخي جدوجهد شروع ٿي جيڪا غلامانه
زندگي، جاگيرداري نظام، سرمائيداري سسٽم کان ٿيندي
سوشلسٽ سماج لاءِ ڪوشش تائين پهتي. (24)
جانورن جا ڌڻ پالڻ ۽ ٻي ملڪيت گڏ ڪرڻ
کانپوءِ خانداني يا ڪٽنبي زندگي تي وڏو اثر پيو...
عورتن کي به ملڪيت تصور ڪيو ويو ۽ کين هڪ
پيداواري وٿ سمجهيو ويو پر پاڻ ڪنهن ملڪيت ۾
حصيدار نه هيون. هو ٻئي درجي تي پهتيون. هنن لاءِ
ڪم جي ورهاست هئي پر ملڪيت جي ورهاست نه هئي. ان
ورهاست ۾ پهرين زال کي گهر جا ڪم ڏنا ويا ۽ گهر ۾
برتريءَ جو... گهر ڌڃاڻي هئڻ
جو احساس ڪجهه
قدر ڏنو ويو پر پوءِ آهستي آهستي گهرو پورهئي کي
سندس فرض ڄاڻائي ان کي مڃڻ ڇڏيو ويو ۽ ائين سندس
حيثيت هڪ ڪارآمد فرد يا پورهيت واري به نه رهي ۽
هوءَ هڪ
extra
فاضل يا فروعي شي بجي ويئي. (25)
اهڙي ريت انسان ذات جي انهيءَ قسم جي
ارتقا ۾ يقين رکندڙ جديد سماجي نظريو هجي يا ٻيا
سماجي سائنس، علم الانسان
(anthropology)
جي اصولن تي ٻڌل نظريا... انهن جي ذريعي انسان ذات
جي مجموعي ارتقاءَ تي نظر وجهڻ کانپوءِ اها ڳالهه
پوريءَ ريت پڌري ٿي پوي ٿي ته انسان فطرتاً آزاد
آهي. ان فطرتي آزاديءَ جي ڪنهن به جنس لاءِ ڪابه
الڳ خصوصيت يا معيار نه آهي جنهن جي بنياد تي
انسان جو هڪ گروهه يا طبقو ٻئي گروهه جي خود ساخته
حالتن ۽ اصولن جي ڪري پنهنجي آزادي وڃائي ڇڏي.
(26)
عورت جُڳن کان اڻ برابري ۽ ناانصافيءَ جي
گهاڻي ۾ پيڙهبي رهي آهي. هن بي انت مصيبتون ۽
مشڪلاتون سٺيون آهن. تاريخ جي مختلف دورن ۾، سڌريل
توڻي اڻ سڌريل سماجن ۾ هن لاءِ عجيب و غريب مفروضا
گهڙي هن کي ڪمزور، ناپاڪ، منحوس، ڪمتر، نڀاڳي ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي... اها ته سندس سخت جان
آهي، سهپ جي قوت آهي، اڻ مٽ هستي آهي، اڏول وجود
آهي ۽ اجهل همت آهي جيڪا هيتريون صديون پاڻ تي،
پنهنجي وجود تي هيڏا ظلم ۽ ڏاڍ برداشت ڪرڻ کانپوءِ
به پنهنجو وجود ۽ ان جو ڪارج قائم رکندي اچي ۽
قديم توڻي جديد دورن ۾ هر قسم جي سماجن ۾ پنهنجي
پاڻ کي زنده رکندي آئي آهي ۽ نوان نسل اپائيندي ۽
نپائيندي آئي آهي... پر اها به هڪ حقيقت آهي ته ڪن
ڪن سماجن ۾، تاريخ جي ڪن ڪن دورن ۾ هوءَ وڏو مرتبو
به ماڻي چڪي آهي، سو آهي ماءُ جو، ديويءَ جو
يا ماءُ ديويءَ جو!! مائيتي يا ماءُ آدرشي
سماج بابت ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ تاريخ کان اڳ واري
pre- historic
دور ۾ هندستاني اپکنڊ ۾ اتي جي تهذيبي ارتقاءَ ۾
خاندان يا ڪٽنب هڪ ايڪي
(Unit)
طور نظر اچي ٿو، ان ۾ مائيتو، ماءُ آدرشي سماج
(Matriarchal Society)
به آهي ته پِيَتَو سماج، پيءُ وارو
(Patriarchal Society)
پڻ آهي، سنڌ ۾ موهن جي دڙي مان لڌل غير آريه سڀيتا
۾ ان جا چٽا اهڃاڻ آهن ته اها ماءُ آدرشي
(matriarchal)
هئي.
Matriarchal character of this advanced
pre-Aryan civilization is obvious. (27)
مادري حق
(mother right)
اهڙو نظام آهي جنهن ۾ خاندان ۽ ڪميونٽيءَ ۾ فرد جا
سڱ، ناتا ۽ لاڳاپا ماءُ جي معرفت مقرر ٿيندا
آهن. ان ۾ کيس مليل حق، رعايتون، سندس فرض ۽ سماجي
ذميداريون مائٽاڻن (ماءُ طرفان سڱن مطابق هونديون
آهن.
Mother right is a form of social organization in
which the rights of a person is relation to
other members of his community and to the
community as a whole are determined by
relationship traced through the mother.(28)
مائيتو سماج
(Matriarchy)
: انسان جڏهن اهڙن گروهن ۾ رهندو هو جتي باقاعدي
شاديءَ جو تصور ڪونه هو ۽ ڪا هڪ زال هميشه لاءِ
ڪنهن هڪ مرد لاءِ مخصوص ڪانه هوندي هئي... يا ڪي
ٻيا اهڙا سماج جتي گروهي شادي
(group marriages)
جو رواج هو (جتي هڪ کان وڌيڪ مرد هڪ يا هڪ کان
وڌيڪ زالن سان گڏجي رهن) تڏهن پيدا ٿيندڙ اولاد جي
طبعي يا حياتياتي
(biological)
پيءُ جي خبر ڪانه هوندي هئي. لازمي طرح سان هر ڪو
ماءُ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. ان کانسواءِ
زمين وانگر اپائڻ جي صلاحيت به صرف ماءُ ۾ سمايل
هئي. ان مشابهت هن کي اوتري ئي اهميت ڏني جيتري
زمين يا ڌرتيءَ کي هئي، جيڪا ان داتا هئي. اولاد ۽
پيداواري ذريعن جي خالق به پاڻ هئي. ان ناتي قبيلي
جي سردار به ڪن حالتن ۾ پاڻ هئي. گهڻن علم الانسان
جي ماهرن
(anthropologist)
جو ته خيال آهي ته مائيتي سماج جي پيدا ٿيڻ جو سبب
شايد گروهي شاديءَ جو رواج هو. دنيا جي مختلف حصن
۾ اڃا تائين اهڙيون شاديون ۽ اهڙا سماج موجود هجڻ
جو اهڃاڻ ملن ٿا.
Matriarchy arose form group marriages in ancient
societies and was the origin of every social
group (29)
ماءُ جي سڃاڻپ سبب خاندان جو نالو عورت
پٺيان ٿي هليو. ورثي ۾ به جو ڪجهه هوندو هو ماءُ
کان ڌيءُ ڏانهن منتقل ٿيندو هو.
Because agriculture is the discovery of women,
it created condition for the economic and
therefore, also of social supremacy of female.
(30)
ڇاڪاڻ جو زراعت جي ايجاد عورت ڪئي هئي ان
ڪري معاشي ۽ سماجي برتري حاصل هئس. پر پوءِ
باقاعدي طور هَر جي ايجاد کانپوءِ جڏهن مرد انهيءَ
ڪم کي هٿ ۾ کنيو ته هوءَ محض هڪ ڪارڪن بنجي وئي ۽
کيس ٻين گهرو ڪمن ۾ لڳائي کانئس اها ذميداري کسي
ويئي.
سماجي تاريخ جي مطالعي مان اها به خبر پوي
ٿي ته اهڙيون قومون جن ۾ جنگ ۽ ويڙهه تي گهڻو زور
هوندو آهي، اهي مردانه سماج رکنديون آهن ۽ عورتن
تي پابنديون ۽ چيڙ
(Taboos)
وجهي انهن کي دٻائي رکنديون آهن. جي ڪنهن سماج ۾
يا قبيلي ۾ شڪارين جي ضرورت آهي يا ڪو سخت ڪم ڪرڻ
جي ضرورت آهي ته ان سماج ۾ مردن کي اهميت ملندي.
ڇوڪرن جي پيدائش تي خوشي ڪئي ويندي. پر جن قومن ۾
معيشيت زرعي هوندي ۽ اهي امن پسند هونديون آهن ته
اتي گهڻو ڪري ماءُ آدرشي سماج هوندو آهي. اهڙن
سماجن ۾ مذهبي يا ڌرمي اصول به اهڙي ئي قسم جا
هوندا آهن.
سنڌ ملڪ ۾ به هڪ دور ۾، موهن جي دڙي جي هڪ
دور ۾ ماءُ آدرشي سماج ملي ٿو. دڙي جي کوٽاين مان
مٽيءَ جون ٺهيل زنانيون مورتيون مليون آهن. پهرين
نظر ۾ اهي راند ڪرڻ جون گڏيون يا ڀوريون لڳن ٿيون.
پر سر جان مارشل انهن مورتين مان هڪ نظريو قائم
ڪيو، اهو آهي مادر عقيدو
Mother cult
! اهو عقيدو
(cult)
مغربي ايشيا جي سڀني غير آريه
(Non- Aryan)
ماڻهن جي اهڙي ساڳئي عقيدي يا
Mother cult
(ماءُ جي پوڄا) سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. سندس خيال
مطابق انهن ماڻهن، موهن جي دڙي جي رهواسين يا ويدن
کان اڳ جي ماڻهن
(pre-Vedic People)
ماتا ديوي
(Mother goddess)
يا ماءُ ديويءَ جي پوڄا ٿي ڪئي. دڙي جي مورتين ۾
هڪ اهڙي به مورتي آهي جنهن جي گرڀ مان هڪ وڻ ڦٽندو
ڏيکاريو ويو آهي. ان لاءِ سر جان مارشل جو خيال
آهي، ته اها تخليق جي ديوي يا ڌرتي ديوي جي
اهڃاڻي مورتي آهي. (32)
عام طور تي هندن جي ويدن ۾ ٻن زنانين
ديوين
(deities)
جو ذڪر آهي، هڪ ڌرتي ماتا
(Aditi)
يا اديتيءَ ۽ ٻي سوما
(Soma)،
جيڪا براهمڻن
(Brahmanas)
۾ گوري
(Gouri)
سڏي ويئي آهي. بنگال ۾ ماءُ ديويءَ جي پوڄا ٿيندي
هئي جيڪا شاسٺي جي نالي سان سڏي وڃي ٿي ۽ ان کي
کير پياڪ ٻارن ۽ گرڀوتين زالن جي سنڀاليندڙ سڏيو
ويو آهي.(33)
عورت جو ديويءَ جو رتبو تاريخ کان اڳ ۽
تاريخ کانپوءِ وارن دورن ۾ ملي ٿو. پر تاريخ جي
ڪنهن دور ۾ پيداواري ذريعن ۽ طريقن بدلجڻ ڪري يا
ڪن ٻين سببن جي ڪري عورت اهڙي حيثيت وڃائي ۽
مائيتي يا مادري سماج بدران پيئتو يا پدري سماج
وجود ۾ آيو.
پدري سماج هڪ تاريخي طور پيدا ٿيل سماج
آهي، جيڪو عورتن ۽ مردن جي گڏيل ڪوششن سان وجود ۾
آيو. (34) ڏٺو وڃي ته اهو پدري سماج اڍائي هزار
سالن ۾ وڃي مڪمل ٿيو. نتيجي ۾ ماءُ جي حق بجاءُ
پيءُ جو حق وجود ۾ آيو ۽ ضروري ٿي پيو ته ٻار جي
اصلي پيءُ جي خبر پوي ۽ ائين هڪ مرد جي هڪ عورت
سان تعلق جو رواج پيو.
جڏهن ذاتي ملڪيت جو تصور آيو، هَر جي
ايجاد کانپوءِ زمين يا مخصوص ايراضيءَ جي
ملڪيت جو تصور آيو، جانورن جا ڌڻ پالڻ کانپوءِ
مال جو تصور آيو، تڏهن عورت به هڪ فرد يا ڪارڪن
نه رهي، معاشي طرح خودمختيار نه رهي بلڪه مال
ملڪيت بنجي ويئي. مال، زر ۽ زمين سان زن تي به
مالڪي ڪئي وئي. مردانه پورهيو ملڪيت کي وڌائيندڙ
ثابت ٿيو (عورت جي گهر ۾ محدود ٿيڻ ڪري) ته مردن
يا ڇوڪرن جي اهميت وڌي ۽ ڇوڪرن جي پيدا ٿيڻ تي
خوشي ٿيڻ ۽ ڇوڪرين جي ڄمڻ تي رنج ٿيڻ جو رواج پيو.
وراثت به پيءُ طرفان پٽن ڏانهن منتقل ٿي ۽ ائين
عورت آخر ڪار پستيءَ ڏانهن ڌڪجي ويئي. عورت کي
ملڪيت يا پٽ پيدا ڪندڙ يا زمين وانگي ڦل ڏيندڙ وڻ
سمجهي هر طرح قابو رکڻ لاءِ مٿس پابنديون وڌيون
ويون. جڏهن ٻار جي سڃاڻپ لاءِ
(Mono-andry)
وجود ۾ آئي ته عورت جي عصمت کي قائم رکڻ کي
وفاداريءَ جو اهڃاڻ بنائي کيس هڪ مرد لاءِ پابند
ڪيو ويو. اهو ساڳيو اصول مرد لاءِ به هئڻ کپندو
هو. پوءِ جي مذهبن ۽ خاص طرح اسلام ۽ سڌريل سماجن
ان ڳالهه (مرد جي عصمت تي به زور ڏنو آهي، پر ڏٺو
ائين ويو آهي ته عورت ته ان تصور کي مڃي ورتو پر
مرد هميشه ان جي ڀڃڪڙي ڪندو آيو آهي ۽ ڪنهن نه
ڪنهن صورت ۾
Polygamy
يا هڪ کان وڌيڪ عورتن سان تعلقات قائم رکندو آيو
آهي. ائين عورت ته هڪ گهر تائين، هڪ مرد تائين
محدود ٿي ويئي پر مرد جي اهڙي روش جي ڪري سماج ۾
گندگيءَ جي شروعات ٿي جا وڃي وئشيا گهرن
(Prostitution)
جي پيدا ٿيڻ جو باعث ٿي.
معاشي تباهي عورت لاءِ جسماني ۽ اخلاقي
غلامي ثابت ٿي ۽ هوءَ گگدام جانور وانگي خريد ۽
وڪرو ٿيڻ لڳي. جڳ مشهور سماجيات جي ماهر ايف
اينجلز جو ان سلسلي ۾ هڪ حوالو ڳالهه کي وڌيڪ واضح
ڪري ٿو جيڪو سندس تصنيف
Origin of the family, private property and the
state
۾ ملي ٿو.
The overthrow of mother- right was the world
historical defeat of the female sex. The man
took command in the home also, the woman was
degraded and reduced to servitude, she became
the slave of his lust and a mere instrument for
the production of children.
مادري حق ختم ٿيڻ عورت جي دنيا ۾ تاريخي
شڪست هئي، مرد گهر ۾ به اختيار حاصل ڪيو ۽ عورت
غلاميءَ جي پستين ۾ ڌڪجي وئي ۽ هوءَ سندس هوس پوري
ڪرڻ ۽ ٻار پيدا ڪرڻ جي مشين بنجي ويئي.
مرد ۽ عورت جي لاڳاپي کي حياتياتي، سماجي
۽ نفسياتي ضرورت طور قبول ڪرڻ کانپوءِ هڪ دور اهڙو
به آيو جنهن ۾ شاديءَ جو تصور پيدا ٿيو. جيڪو
سماج ۾ رائج ٿيل ۽ مقرر ڪيل مخصوص قانون تحت عورت
۽ مرد جو پاڻ ۾ ظاهري طور (عوام آڏو) زال مڙس بنجڻ
جو بنيادي سماجي ادارو آهي(35) اهو هڪ قسم جو عهد
نامو آهي جيڪو مختلف سماجن ۾ مختلف صورتن ۾ نظر
اچي ٿو.
شاديءَ جا قسم:
1. هڪ مڙس هڪ زال جي شادي
(Monogamy)
: جهڙيءَ طرح پکين جي تقريباً سڀني جنسن ۾ جوڙي جو
تصور ملي ٿو ۽ هڪ نر هڪ ماديءَ سان جوڙي
(monogamous family)
ٺهي ٿي، ساڳيءَ طرح انساني سماج جي سڀني سطحن تي
اهڙو تصور ملي ٿو ته هڪ مرد جي هڪ زال هجي ۽ هڪ
زال جو هڪ مڙس هجي. ضروري ناهي ته دنيا جي سماجن ۾
ساڳيو سماجي ڍانچو رهيو هجي. ڪيترن جهنگلي قبيلن
(Savage tribes)
۾ اڃا تائين اهو طريقو ملي ٿو ته ڪيترن سڌريل يا
جديد سماجن ۾ ٻيا قسم به ملن ٿا. پر هاڻوڪن سڌريل
سماجن ۾ اهوئي هڪ مڃيل، قابل قبول ۽ قانوني طريقو
آهي شاديءَ جو، جنهن ۾ هڪ مرد لاءِ هڪ زال جو تصور
ٿئي ٿو.
2- شادي جو ٻيو قسم هڪ مڙس وارو
(mono-andry)
به مٿيئن قسم سان ملي جلي ٿو پر هتي هڪ زال لاءِ
هڪ مڙس هئڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو جيڪا ڳالهه عام طور
رواج ۾ آهي.
3- گهڻن مڙسن واري شادي يا
(Polyandry):
هن قسم جي شاديءَ ۾ هڪ زال جا ٻه يا ان کان وڌيڪ
مڙس ٿي سگهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اهي ٻه، ٽي، چار توڻي
پنج به ٿين جيڪي پاڻ ۾ ڀائر هجن. (هندستان جي
تاريخ ۾ دروپديءَ جو مثال جيڪا پنجن پانڊو ڀائرن
جي هڪڙي زال هئي) يا آهي ڀائر نه پر سوٽ ماسات يا
مرڳو ڌار ڌار به ٿي سگهن ٿا. موجوده دور ۾ هندستان
۾ يوپي جي دهرادون ضلع ۾ جانسر ۽ باور
(Jaunser and Bawar)
قبيلا آهن جيڪي برهمڻ ۽ راجپوت آهن. انهن وٽ هڪ
عورت ٽن يا چئن مڙسن جي زال هوندي آهي، جي پاڻ ۾
ڪڏهن ڀائر، ڪڏهن سوٽ ماسات ته ڪڏهن بلڪل ڌاريان
ٿين.(36)
ڪشمير ۽ آسام ۾ به گهڻن مڙس واري زال جو
وجود ملي ٿو. نه صرف هندستان ۾ پر تبت يا منگول
نسل جي ڪن قبيلن ۾ پڻ اهو رواج ملي ٿو، آمريڪي ريڊ
انڊين قبيلن ۾، برفاني علائقن جي اسڪيموز ۾، اتر
آمريڪا جي الاسڪا ساحل وٽ ڪن قومن ۾، توڻي ڏکڻ
سامونڊي ٻيٽن ۾ يا اوڀر افريقه جي واهونا قبيلن
۾، سيلون (سريلنڪا) جي ڪجهه علائقن ۾ ۽
Arabia Felix
۾ به ڪجهه روايتون ملن ٿيون. (37)
4- گروهي شادي
(Group Marriage)
۾ ٻه يا ٽن کان وڌيڪ مڙس ٿين جن جون گڏيل زالون ٻن
يا ٽن کان وڌيڪ ٿين.
هندستان جي نائر قبيلي ۾ هڪ گروهه ۾ ٽن يا
چئن مردن جي هڪ زال هوندي آهي. هر هڪ مرد ٻي زال
به رکندو آهي جيڪا ٻن يا ٽن مڙسن جي به ساڳئي وقت
زال هوندي آهي. اهو هڪ خاص قسم جو گروهي شادي جو
طريقو آهي جنهن ۾ مرد گهڻيون زالون رکن ۽ زالون
گهڻا مڙس ڪن.(38)
6- گهڻ زالاڻي شادي
(Polygamy):
هڪ مڙس وڌيڪ زالن واري شاديءَ جو رواج گهڻن ملڪن ۾
ملي ٿو. دنيا جي ڪيترين قومن ۽ قبيلن ۾ زالن جو
تعداد ڪنهن ماڻهوءَ جي سماجي رتبي جي سڃاڻپ آهي.
نه صرف مسلمانن ۾ پر دنيا جي ٻين ڪجهه مذهبن ۾ به
مرد جي وڌيڪ شادين جي اجازت آهي. هندستان جي ناگا
قبائل ۾، دراوڙن جي ڪن جاتين ۾، افريقه جي ڪيترن
قبيلن ۾، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي اصلوڪن رهاڪن جي
ڪن علائقن ۾ گهڻين زالن وارا ڪٽنب ملن ٿا. بنگال
جي ميمن سنگهه علائقي ۾ نه صرف مسلمان پر هندن ۾
به آبادي جي تمام تڪڙي واڌ رڪارڊ ڪئي ويئي آهي.
جيڪا آسام تائين پکڙجيو وڃي. ان جو سبب اتي جي
ماڻهن جون وڌيڪ شاديون ڪرڻ آهي ۽ هو تمام گهڻا ٻار
ڄڻين ٿا. اسلام کان اڳ عربن وٽ گهڻا حرم عزت ۽
مرتبي جي نشاني سمجهيا ويندا هئا. (39)
شادي ڪهڙي به قسم جي هجي؟ ان ۾ ڇوڪريءَ يا عورت جي
مرضي ڪيتريقدر شامل ٿئي ٿي ان جي باري ۾ مختلف
سماجن ۾ مختلف رايا آهن. مسلمانن ۾ ڇوڪريءَ جي
راءِ نڪاح مهل (۽ ان کان پهرين به) وٺڻ تمام ضروري
آهي. پر ان تي عمل گهٽ ٿيندو آهي. هندن ۾ به گهڻئي
قومون آهن جن مان ڪن ۾ ڇوڪري سوئمبر ذريعي پسند جو
مڙس چونڊيندي آهي. ڪٿي وري ساڻس زوري به ٿيندي
آهي. دنيا جي ڪن ٻين علائقن ۾ به مختلف ۽ عجيب
طريقا آهن. ڪرغز
(Kirghiz)
نالي قبيلي جا ماڻهو شاديءَ کان اڳ هڪ ڊوڙ جو
انتظام ڪندا آهن. ان کي پيار جي ڊوڙ
(Love Chase)
سڏيو ويندو آهي. ان ۾ ٿيڻ واري ڪنوار هٿ ۾ هڪڙو
چهبڪ کڻي گهوڙي تي سوار ٿيندي آهي. سندس پويان
ساڻس شاديءَ جا خواهشمند مرد ڀڄندا آهن ۽ کيس جهلڻ
جي ڪوشش ڪندا آهن. اڻ وڻندڙ يا ناپسند ماڻهوءَ
کي هڪ چهبڪ
هڻي پاسي ڪندي آهي. پر جنهن کيس جهلي ورتو تنهن
سان شادي ڪرڻي پوندي اٿس. اصل ۾ هوءَ جهل رڳو ان
ماڻهوءَ کي ڏيندي آهي جيڪو کيس وڻندو. (40)
اهڙي ئي قسم جي هڪ ڊوڙ اتر اوڀر ايشيا جي
ڪورياڪ
(Koryak)
قبيلي ۾ به ملي ٿي. هڪ وڏي تنبوءَ ۾ ننڍا ننڍا
خانا ٺاهيندا آهن ۽ ڇوڪري انهن ۾ ائين ڊوڙندي آهي
جو کيس ڪنهن به خاني ۾ ڪير به جهلي نه سگهي. هوءَ
گهوٽن کي ڊوڙائي ٿڪائڻ کانپوءِ جنهن سان چاهيندي
ڪنهن هڪ خاني ۾ ان کي وٺ ڏيندي. (41)
مٿين تمام گهڻن مثالن مان سماج جي ان بيحد
اهم ٻنڌڻ يعني شادي جو جيڪو به فطري ۽ قدرتي
تعلق آهي ان کي ماڻهن، مختلف سماجن ۾ پنهنجي
پنهنجي رسم و رواج جي روشني ۾، ڏاڍو منجهائي ڇڏيو
آهي ۽ عورت جي وجود کي عجب قسم جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو
آهي. اصل ۾ شاديءَ جو مطلب آهي گهر ڪرڻ، ٿانيڪو ٿي
زال مڙس جو هڪ پناهه گاهه ۾ رهڻ. انساني زندگي ۾
گهر جو تصور ڏاڍو اهم آهي ۽ سنڌ ۾ ته لفظ گهر
خالص عورت لاءِ به ڪم ايندو آهي. گهر انسان جو
پهريون مڪتب آهي. اهوئي سڀيتا جو اوائلي ماڳ ۽
پنگتي جوڙجڪ جو مول مرڪز آهي. (42)
گهر انساني سماج جو ايڪو
(Unit)
آهي. اهو نه هجي ها ته دنيا ۾ ڪابه مٽي مائٽي
رشتيداري نه هجي ها. گهر آهي زال ۽ مڙس ٻنهي سان
زال گهر واري ته مڙس گهر وارو سڏجن، گهر جو
بنياد پرڻي جي رسم تي ٻڌل آهي. گهر اهو آهي جنهن ۾
جوءِ ۽ مڙس ٻوڙ پلاءَ يا جائي جواري روٽي کائي، گڏ
گذارين ۽ ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا حال ڀائي ٿين ٿا. ائين
هڪ ٻئي سان ايتري پريت ٿئين ٿي جو هڪ ٻئي تان
گهوريو قربان وڃن ٿا. تنهن ڪري سڀني سڌريل قومن
پرڻي يا نڪاح جي ضرورت محسوس ڪئي آهي (43)
قديم سنڌ ۾ شاديءَ جي يا وهانءَ جي طور
طريقن جي ڪا خاص ڄاڻ ڪانه ٿي ملي پر تڏهن به پراڻي
۾ پراڻو دور جنهن بابت ڪتابن ۾ ڪا ثابتي ملي ٿي سو
آهي ويدن وارو دور. رگ ويد ۾ جيڪي حقيقتون ڄاڻايل
آهن تن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڇوڪريون جڏهن
بالغ ٿينديون هيون تڏهن پرڻبيون هيون. البت ٻال و
واهه يا ننڍ پڻ جي شاديءَ جو رواج ان دور کان
گهڻو پوءِ سُومرن واري زماني ۾ عام ٿيو. (44) ۽
ان جي اگرن نتيجن جي خبر پوءِ پئي پر اهو خراب
رواج سنڌ ۾ اڃا هلندو اچي. رڳ ويد ۾ اهو به ڄاڻايل
آهي ته جيڪي جوان ڇوڪريون پرڻبيون هيون سي پنهنجو
گهوٽ يا ورُ پاڻ چونڊينديون هيون. ور پاڻ چونڊڻ
جي رسم کي سوريمور يا سويمبر به چيو ويندو
آهي. ان ڪري اڪثر پريم وواه ڪڏهوڪو موڪلائي چڪي
آهي ۽ هاڻي پنهنجو وَرُ پاڻ چونڊڻ يا پيار جي شادي
(Love Marriage)
کان وڏو ته عورت جو ڪو ٻيو ڏوهه ئي ڪونهي. رگ ويد
واري زماني ۾ ذات پات جو ڀيد ڪونه هو ان ڪري جنهن
جي دل جنهن سان لڳندي هئي سو تنهن سان پرڻبو هو.
البت جنهن جا لڇڻ چڱا ڪونه هوندا هئا توڻي جو ڌن
گهڻو هجيس ته به ان کي سڱ ڪونه ڏيندا هئا (46).
پر اڄ جي سنڌ ۾ ذات کان ٻاهر سڱ ڪونه ڏين ۽ پنهنجو
هجي ته لڇڻ به ڪونه ڏسن ۽ اها عمر ڀر جي خواري کڻڻ
کان ڪونه ٿا ڪيٻائين.
رگويد ۾ ائين به آهي ته نو ورني ڪنوار کي
ساهري گهر پير پائڻ سان جهجهو مان ملندو هو ۽ سڀ
ڪنهن ڳالهه ۾ مردن جهڙي آزادي هوندي هئس. (37)
اڄ جي عورت لاءِ مان ۽ آزادي جا لفظ
ڪيڏا وڻندڙ ۽ ڪشش وارا آهن، جنهن جي لاءِ هوءَ
صدين کان سڪايل آهي. سنڌ ۾ شادي جون رسمون پراڻي
وقت کان ساڳيون هلنديون اچن. عام طور تي گهوٽ جا
مائٽ ڪنوار ڳوليندا آهن جيڪا اول پنهنجي ڏاڏاڻي
آڪهه ۾ نه ته پوءِ ناناڻي آڪهه ۾ ڏسبي آهي. ٻنهي
طرفن ڪو سڱ نه هئڻ جي صورت ۾ پنهنجي برادر ۽ ساڳي
ذات ۾ ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ذات کان ٻاهر شادي ڪرڻ
کي سٺو ڪو نه سمجهيو ويندو آهي.... سک بنا عيوض
ڪونه ٿيندو آهي. بدو يا ڏي وٺ سڱ بدران سڱ ڏيڻ
کي چيو ويندو آهي. بدي ۾ ڏيڻ لاءِ ڪو سڱ نه هئڻ جي
صورت ۾ پيٽ لکي ڏيڻ جو رواج آهي. يعني ته شادي ڪري
ايندڙ ڇوڪريءَ جي پيٽان ڄمندڙ ڌيءَ ڏيڻي ڪئي ويندي
آهي. ان رسم جي نتيجي ۾ عمر جي فرق کي ڪونه ليکيو
ويندو آهي. ننڍڙي عمر جي ڇوڪريءَ کي ڪنهن پوڙهي
سان پرڻائڻ يا ڪنهن جوان ڇوڪريءَ جي ننڍڙي ٻار سان
وهانءَ کي بلڪل مناسب ۽ جائز سمجهي خوشيءَ سان سڱ
ڪيا ويندا آهن. جيتوڻيڪ مذهبي ۽ اخلاقي طور شادي
کان اڳ ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري جي مرضي پڇڻ جو حڪم آهي،
پر ان تي عمل تمام گهٽ ٿيندو آهي. بدي ۾ ڏيڻ لاءِ
سڱ نه هئڻ جي صورت ۾ ڇوڪريءَ کي ڦلن مٺ تي ورتو
ويندو آهي. اها ڦلن مٺ عام زبان ۾ ٽڪن تي سڱ،
ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. بدي جي شادي هجي يا ٽڪن تي
ڪيل سڱ ٻنهي صورتن ۾ ڇوڪريءَ جو مُلهه طئي ڪري کيس
وڪري جي وٿ بنايو ويو آهي. سڀني کان ظالم رواج آهي
قبائلي ۽ خانداني جهيڙن جي فيصلن ۾ ڏنڊ طور ڪنهن
ڇوڪريءَ جي ٻانهن ڏيڻ. اها سڄي عمر وَيل جي منهن ۾
هوندي آهي.
جديد دور ۾ شهرن ۾ جتي جتي تعليم جو
ڦيلاءُ ٿيو آهي اتي ڪنهن حد تائين عورت کي ڪجهه
ڇوٽ ملي آهي ۽ هوءَ ٿوري گهڻي آزاد ٿي آهي شاديءَ
کان اڳ سندس راءِ پڇي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن کيس
پنهنجي پسند جي شاديءَ جو حق پڻ ڏنو ويندو آهي. پر
مجموعي طرح پسند جي شادي يا پيار جي شادي کي سٺي
نظر سان ڪونه ڏٺو ويندو آهي ۽ ان کي هڪ طرح جو
اخلاقي توڙي سماجي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي. اهڙي
شادي ڪرڻ واري مرد تي ڪوبه الزام ڪونه هڻندو آهي
پر پيار ڪرڻ يا پيار جي شادي ڪرڻ واري عورت تي
آڱريون کنيون وينديون آهن ۽ کيس بد ڪردار، بد
اخلاق ۽ بدنام عورت سمجهيو ويندو آهي.... نه صرف
اها پاڻ پر سندس گهر وارا ۽ خاص ڪري ننڍيون ڀينر ۽
خاندان جون ٻيون ڇوڪريون ماڻهن جي عتاب جو شڪار
رهنديون آهن.
ٻهراڙين ۾ اڃا تائين جهالت هئڻ ڪري عورت ۽
مرد جو پيار هڪ ناقبل معافي گناهه سمجهيو ويندو
آهي، جنهن جي سزا موت آهي. جنهن عورت ۽ مرد کي
اهڙو الزام رکي ماريو ويندو آهي انهن کي ڪاري
ڪارو سڏيو ويندو آهي ۽ غيرت جي نالي ۾ ڪيل اهڙي
قتل تي شرمندو ٿيڻ بدران قاتل ۽ ان جا لاڳاپيدار
فخر جو اظهار ڪندا آهن ۽ سماج جا پڳدار انهيءَ جو
هر طرح سان بچاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
سنڌ ۾ شاديءَ جي رسمن جي حوالي سان هيءَ
ڳالهه به دلچسپيءَ کان خالي ڪانهي ته سماجي ۽
معاشي لحاظ کان مٿيون طبقو ڇوڪريءَ جي شادي ڏاڏاڻي
آڪهه ۾ نه ٿي سگهڻ جي صورت ۾ سندس شادي قرآن
شريف سان ڪرائيندا آهن ۽ ان رسم کي حق بخشائڻ
جي رسم چيو ويندو آهي ۽ ان کي سماجي قبوليت مليل
آهي، ان جو سبب ملڪيت آهي. ڪوشش اها ڪئي ويندي آهي
ته گهر جي ملڪيت گهر ۾ رهي.
دنيا جي قديم سڌريل سماجن ۾ عورت
يونان:
جهوني تاريخ ۾ يونان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن
جي تهذيب، تمدن، علم ۽ فن ۾ ترقي، ڏاهپ ۽ فلسفي ۾
اڳواڻي مڃيل حقيقت آهي، ايتريقدر جو ڪيتريون ٻيون
تهذيبون ۽ ڪيترائي علم انهن جي بنيادن تي ٻڌل آهن.
هن آڳاٽي تهذيب ۽ تمدن ۾ عورت جي باري ۾ ڪهڙو رايو
ٿي رکيو ويو؟ کيس سماج ۾ ڪهڙو درجو ٿي ڏنو ويو؟
کيس ڪهڙا حق حاصل هئا؟ ۽ انهن جي بنياد تي ساڻس
ڪهڙو رويو اختيار ڪيو ٿي ويو؟ انهن ڳالهين کي
سمجهڻ لاءِ يوناني تاريخ ۽ تهذيب مان حوالا کڻڻا
پوندا.
يونان جي شاهي دور ۾، ايٿنس جي آريه نسل جي
بادشاهت واري زماني ۾، تخت ۽ تاج جي وراثت شاهي
خاندان جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ واري جو حق هئي.
يعني ته تخت ۽ تاج بادشاهه جي ڌيءَ سان لاڳاپيل هو
پر هوءَ پاڻ حڪومت ڪانه ڪري سگهندي هئي بلڪه ساڻس
شادي ڪرڻ وارو ان جو حقدار سمجهيو ويندو هو،
ايٿنس جا ٻه مشهور بادشاهه ٿي گذريا آهن. سيڪراپس
(Cecrops)
۽ ايمفيڪٽان
(Amphicton)
جيڪي پنهنجي زالن جي ڪري بادشاهه بڻيا هئا، اهي
کانئن اڳوڻن بادشاهن جون ڌيئون هيون. ان روايت جي
ثابتي اها به آهي ته ايٿنس ۾ مائٽي مٽيءَ ۾ ماءُ
طرفان (ناناڻي) مائٽي کي پيءُ طرفان (ڏاڏاڻي)
مائٽيءَ کان وڌيڪ اهميت هئي. (48) يونان ۾ انهي
ڳالهه جو پوءِ واري دور ۾ اهو نتيجو نڪتو جو شاهي
غرور يا وڏائيءَ سببان شاهي خاندان مناسبت سڱ نه
ملڻ جي صورت ۾ ڇوڪريون وهاري ڇڏيندا هئا ۽ پنهنجا
ڇوڪرا ٻين ملڪن جي شهزادين سان پرڻائڻ جي ڪوشش
ڪندا هئا ته جيئن اهي پنهنجي زالن کي ڏاج ۾ مليل
تخت تاج جا وارث ٿي بادشاهي ڪن. ان مان ظاهر ٿئي
ٿو ته انهن قومن ۾ سماجي ارتقا جي ڪنهن دور ۾ مردن
کي نه پر عورتن کي شاهي خون يا نسل اڳيان کڻي
ويندڙ يا پيڙهي هلائيندڙ ٿي سمجهيو ويو ۽ اهو
شاهي خون
(Royal blood)
ناناڻي نک ۾ هلندو هو جنهن ڪري انهن سان شادي ڪري
ڪو عام ماڻهو به شاهي خاندان جو فرد يا خود
بادشاهه ٿي سگهيو ٿي. اهڙي حالت ۾ مرد جي صرف
جسماني خوبصورتي، طاقت ۽ بهادري ڏٺي ويندي هئي.
(49)
مشهور شاعر هومر جي زماني ۾ ڪٽنب جي سربراه
کي ڀاتين جي زندگي ۽ موت تي اختيار هو پر عورت کي
مٿاهون درجو مليل هو. (50)
(51)
Women were held in high regard.،
يعني عورتن جي گهڻي عزت ڪئي ويندي هئي.
پوءِ وارن دورن ۾ ڏاهن جي هن سرزمين يونان جا
ماڻهو پنهنجي معقوليت پسندي جي باوجود عورت جي
باري ۾ اهڙا خيال ٿا بيان ڪن جو حيرت وٺيو وڃي. هن
قوم جي شروعاتي دور ۾ اخلاقي نظرين، قانوني حقن ۽
معاشرتي ورتاءُ ۾ عورت جي حيثيت ڪافي گهٽ هئي. هن
تهذيب ۾ ڪنهن دور ۾ عورت جي انسان هئڻ تي به شڪ
ڪيو ٿي ويو ۽ ساڻس جانورن کان بدتر سلوڪ به ڪيو
ويو. سماجي زندگيءَ ۾ سندس ڪابه حيثيت ڪانه هئي.
هڪ دوست ٻئي دوست کي تحفي ۾ پنهنجي زال ڪنهن شي
وانگر پيش ڪري ٿي سگهيو ۽ اها ڪا خراب ڳالهه نٿي
سمجهي ويئي بلڪه اهو فيشن هو. پيءُ جي مرڻ کانپوءِ
نر اولاد نه هئڻ جي صورت ۾ زال کي ورثو ڪونه ملندو
هو ۽ نه ئي مڙس جي وراثت ۾ ڪنهن ٻئي طرح سان حقدار
هئي.
يوناني ڏند ڪٿائن ۾ هڪ خيالي عورت پنڊورا
Pandora
کي اهڙي طرح انساني مصيبتن جو سبب ڄاڻايو ويندو
هو، جيئن يهودي ڏند ڪٿا ۾ بيبي حوا کي ڄاڻايو ويو
آهي. (52) تنقيد ڪرڻ وارا ائين به ٿا چون ته ڪام
ديوي ايفرو ڊائيٽ
(Aphrodite)
جي پوڄا ڪئي ويندي هئي جنهن هڪ ديوتا جي زال هوندي
به وڌيڪ ٽن ديوتائن سان ناتو جوڙيو هو ۽ هڪ انسان
سان به سندس تعلق هو. انهي جي ڪک مان محبت جي
ديوتا ڪيوپڊ جنم ورتو هو. هن دور ۾ طوائف جو ڪوٺو
عبادتگاهه مثل هو، فاحش عورتون ديوداسيون ۽ زنا هڪ
مقدس مذهبي فعل جي درجي تي پهتل هئي. (53)
ڪنهن يونانيءَ جو قول آهي ته باهه سان
سڙڻ ۽ نانگ جي ڏنگڻ جو علاج ممڪن آهي پر عورت جي
شر کان بچڻ مشڪل آهي. (54)
هڪ يوناني اديب لکي ٿو ته ٻن موقعن تي
عورت مرد لاءِ خوشيءَ جو باعث ٿئي ٿي هڪ شاديءَ
ڏينهن ۽ ٻيو مرڻ ڏينهن. طلاق جو حق عورت کي قانوني
طرح حاصل ته هو پر عدالت ۾ ان جو اظهار نالي ناموس
۽ عزت جي خلاف هو ان ڪري ان مان فائدو ڪو نه ورتو
ويندو هو.
افلاطون (467-347 ق.م) البت پنهنجي ڪتاب
رياست
(Republic)
۾ عورت ۽ مرد ۾ برابريءَ جي دعوي ڪئي هئي ۽ سندس
لفظ هئا ته ٻنهي جنسن ۾ مڪمل مساوات هئڻ گهرجي
پر اهو محض ان ڪتاب تائين محدود هو، صرف نظريي جي
حد تائين، عملي زندگيءَ ۾ ائين ڪونه هو. ڪن ٻين
هنڌن تي پاڻ ئي لکيو اٿس دنيا جي هر خرابيءَ جو
مُنڍ عورت آهي، عورت فتني ۽ فساد جي جڙ آهي. |