سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :5

 عورت کي ڪمائڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ کپي يا نه؟ ان تي بحث به ڏاڍو دلچسپ رهيو آهي. ان ڏس ۾ ”اسلام ماليات جي ميدان ۾ عورت ۽ مرد جي ڊوڙ ڊڪ جي اجازت عطا فرمائي ٿو ۽ سندن محنت جو صلو سندن جائز حق تسليم ڪري ٿو. حتيٰ ڪه خاوند به زال جي مال کي استعمال نٿو ڪري سگهي. نه ئي زال لاءِ اهو جائز آهي ته مڙس جي دولت ۾ پنهنجي مرضي هلائي.“ (15)

        عورتن کي گهرن مان نڪرڻ کان هرگز منع ڪونه ڪيو ويو آهي، البته کين زيب ۽ زينت سان پنهنجي نمائش ڪري نڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي. ان لاءِ به ضرور سبب هئا. اهو معاشرو اهڙو تهذيب وارو ڪونه هو جتي عورت محفوظ رهي سگهي. اسلام ۾ ضرور ڪمائڻ لاءِ، جنگ ۽ عبادت لاءِ ۽ حج جي موقعي تي عورتن کي ٻاهر نڪرڻ ۽ مردن سان لهه و چڙ ۾ اچڻ جي اجازت آهي. پردي جي ڏس ۾ عالمن جون مختلف تشريحون ملن ٿيون. ڪي عورت جو ٻاهر نڪرڻ ئي قبول نٿا ڪن، ڪن عورت جو ٻاهر نڪرڻ قبول ڪندي کين پاڻ کي مڪمل طرح ڍڪڻ جي صلاح ڏني آهي، ڪن وٽ منهن ۽ هٿ کولڻ جائز آهي ته ڪي نقاب ۽ دستانن سان اِنهن کي ڍڪڻ جي ڳالهه ٿا ڪن. مطلب ته اسلامي حڪم کي مختلف فقهن وارا به مختلف انداز ۾ سمجهڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. مجموعي طرح سان هي نتيجو نڪري ٿو ته ”اسلامي قانون ۾ وڻندڙ صورت اها آهي ته هوءَ گهر اندر رهي پر هن باب ۾ زياده سختي ان لاءِ نه ڪئي ويئي جو ڪن حالتن ۾ عورتن جو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ ضروري ٿي پوندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته عورت جو ڪوئي سرپرست نه هجي، اهو به ممڪن آهي ته خاندان جي محافظ جي مفلسي، روزگار جي تنگي، بيماري، معذوري يا ٻين اهڙن ئي سببن ڪري عورت ٻاهر ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي. اهڙين سڀني صورتن ۾ قانون ۾ ڪافي گنجائش رکي وئي آهي. حديث ۾ آهي ته: ”الله تعاليٰ توهان کي اجازت ڏني آهي ته توهان پنهجين ضرورتن لاءِ گهر کان نڪري سگهو ٿيون.“ (16)

        قل لِلمُومِنيِن يَغُضوامِن اَبصارِهم وَيَهفَظُوافروجَهم ذٰلِلڪَ اَز کلي لَهُم اِن اللهَ خَبِيرا بِمَا يصلَنَعُنَ (30)

        وَقل لِلمُومِنتِ يَغضضنَ مِن اَبصَارِهِنَ وَيَحفظنَ فرُوجَهُنَ وَلاَيُبديِنَ زِينَتَهُنَ اِلاَ مَاظَهَرَ مِنهَا. (النور 30-31)

30. Tell the believing men to Lower their gaze and be modest. That is purer for them. Lo! Allah is Aware of what they do.

31. And tell the believing women to lower their gaze and be modest, and to display of their adornment only that which is apparent.

        چئو ايمان وارن مردن کي ته پنهنجون نظرون هيٺ رکن ۽ باعصمت رهن، اها انهن لاءِ پاڪيزگي آهي. بيشڪ الله کي معلوم آهي جيڪي هو ڪن ٿا ۽ چئو ايمان وارين عورتن کي ته پنهنجون نظرون هيٺ رکن ۽ باعصمت رهن ۽ صرف اهڙي آرائش ظاهر ڪن جيڪا ظاهري طور ڏسڻ ۾ اچي.

        مٿين آيتن (سوره نور) مان ٻه ڳالهيون واضح ٿين ٿيون: هڪ ته مردن کي نظرون هيٺ رکڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ ٻيو ته عورتن کي سندن سونهن ۽ سينگار ضرورت کان سواءِ ظاهر ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي. ان مان ظاهر ٿيو ته نبي سڳوري جي دور ۾ عورتون ڪم ڪار لاءِ ٻاهر نڪرنديون هيون ۽ مردن سان لهه وچڙ ۾ اينديون هيون تڏهن ته مردن کي نظرون هيٺ ڪرڻ لاءِ چيو ويو. سونهن جو مظاهرو نه ڪرڻ واري ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ته عورتون ان دور ۾ منهن ڪونه ڍڪنديون هيون. عورت جو اهو منهن کولڻ جو حق پوءِ جي دورن ۾ رسمن رواجن جي نالي ۾ ڦريو ويو ٿو ڏسجي.

“As a matter of fact this loss of women’s rights,originally granted by the Quran was due to the influence of customary laws… The prophet himself recommended the Muslims to have a look at a woman before marrying her. This also shows that the traditional purdah or seclusion of women now in vogue in some Muslim countries did not exist during the life time of the prophet”.(17)

        حضور جن شادي کان اڳ مسلمانن کي پنهنجي ٿيڻ واري ڪنوار کي هڪ نظر ڏسڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ ڇوڪرين جي مرضيءَ خلاف شاديءَ کي ناجائز قرار ڏنو آهي پر اهي ٻئي ڳالهيون ڪيتريقدر عمل ۾ آهن؟ طلاق جي ڏس ۾ اسلامي معاشرو عورت کي ڪجهه حق ڏي ٿو. مرد ته سڌو سنئون طلاق ڏئي سگهي ٿو پر عورت پاڻ طلاق نٿي ڏئي سگهي بلڪه طلاق جو مطالبو ڪري خلع جي لاءِ پاڻ پتوڙي سگهي ٿي.

        پوءِ جي دورن ۾ سخت رويي ۽ روايتن رسمن کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته: ”سياسي سطح تي مسلمان ملڪن جي غربت ۽ پٺتي پيل ذهني حالت کي قائم رکڻ لاءِ ۽ سامراجي قوتون پنهنجا سياسي مقصد ماڻڻ لاءِ اسلام جي اهڙي تصور کي غالب آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن جنهن ۾ جهالت، پٺتي پوڻ، علم کان انحراف، منطق کان اڻڄاڻائي ۽ پنهنجي دور سان لاتعلقي جا عنصر وڌيڪ شامل هجن، ان ڪري اسلام جو مطلب، برقعو، عورت جو گهر ۾ پابند رهڻ، شاهديءَ کان وٺي سماجي عمل دخل جي هر پهلوءَ ۾ ناقابل عمل ۽ زندگي کي ناقابل قبول بنائڻ ٻڌايو وڃي ٿو... اسلام جي عملي حيثيت کي ٿو ڏسجي ته فقهن جي بنياد تي گهڻائي فرقا سامهون ايندا. هر فرقي جو پنهنجو مسلڪ ۽ پنهنجا منطقي دليل آهن. هر فرقي جو تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ پنهنجو خيال ۽ انساني تعلقات ۽ رشتن جي باري ۾ پنهنجو مسلڪ آهي، جنهن ۾ هو ڪا لچڪ نٿا رکن. عورت جي سلسلي ۾ لباس کان وٺي وراثت، شادي، طلاق، طور طريقن، مڙس جي تابعداري، گهر گرهستي مطلب ته هر ڪم ۾ چوڏهن سو سال اڳ جي سڀني روايتن کي لاڳو ڪرڻ کي اسلام جو بنيادي ۽ لازمي عمل سمجهيو ٿو وڃي. جڏهن ته مردن جي سلسلي ۾ ايتريقدر سختي يا لازميت سان ان دور جون روايتون لاڳو ڪرڻ ضروري نٿو سمجهيو وڃي.“ (18) ”عورتون سونهن جي نمائش نه ڪن“ اها ڳالهه ته هزارين دفعا دهرائي ويئي آهي پر”مرد نظرون هيٺ رکن“ ان ڳالهه کي ڪير به نٿو دهرائي. پردي جي ڏس ۾ علامه آءِ آءِ قاضي لکي ٿو: ”توهان عورتن کي ان ڪري قيد ۾ رکو ٿا ته شهواني خواهش (Sexual thrust) کان بچي سگهجي... ان کان بچڻ لاءِ ڇو نه مردن کي پردو ڪرايو وڃي... خدا تعاليٰ قرآن شريف ۾ صاف صاف چيو آهي ته خدا صرف پاڻ تي ضابطو رکندڙ (self controlled) مردن ۽ عورتن کي پسند ڪري ٿو، پوءِ ڇو نه مردن ۽ عورتن کي آزاد ڇڏيو وڃي ته هو خدا تعاليٰ اڳيان پنهنجون لياقتون ۽ خاصيتون ظاهري ڪري سگهن.“ (19)

        اسلام عورت کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ واپار، نوڪري ۽ مزدوريءَ جي اجازت ڏني آهي.

“According to Ibn Hazm, a woman can hold all posts except the post of Caliph, She can be a leader, an inspector and a judge. If the view of Ibn Hazm is accepted, she can now a days function as the head of state, because there is no Caliphate”. (20)

        مطلب ته ابن حازم مطابق هڪ عورت خليفي جي عهدي کان سواءِ ٻيو هر عهدو رکي سگهي ٿي. هوءَ وڪيل ٿي سگهي ٿي، انسپيڪٽر ۽ جج به ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ابن حازم جو نظريو قبول ڪجي ته پوءِ عورت ملڪ جي سربراهه طور به ڪم ڪري سگهي ٿي ڇاڪاڻ جو هاڻي خلافت ته آهي ڪانه.

        هڪ کان وڌيڪ شادين جي باري ۾ آيل سورتن کي به مردن پنهنجي مطلب لاءِ پنهنجون معنائون ڏئي ڇڏيون آهن. چيو ويندو آهي ته اسلام گهڻين شادين ۽ ڪنيزن رکڻ جي اجازت ڏئي ٿو. جڏهن ته ان اجازت سان رکيل شرطن کي بلڪل وساريو ۽ نظر انداز ڪيو ويندو آهي.

        اوِن خفُتُم اَلاَ تَقسطُوافِي اليتٰاميٰ فَانکحُو امَا طَابَ لکُم مِنَ النِسَاءَ مثنيٰ وَ ثَلثَ وَرُبعَ فَانِ خِفتُم اَلاَ تعدِلُوانَوَاحِدَهً اَو مَامَلکَت اَيماُنکُم ذللڪَ ادنيٰ اَلاَ تَعُولُو.(النساءَ-3)

        “And if you fear you can not do justice to orphans, marry such women as seem good to you, two or three or four, But if you fear that you will not do justice, then marry only one or that which your right hand possesses. This is more proper so that you may not do injustice”. (21)

        ملطب ته جيڪڏهن توهان کي ڊپ آهي ته توهان يتيمن سان انصاف نه ڪري سگهندا ته پوءِ اهڙين عورتن سان شادي ڪريو جيڪي اوهان کي وڻن، ٻه ٽي يا چار. پر جي توهان کي ڊپ آهي ته توهان متان انصاف ڪري نه سگهندا ته پوءِ صرف هڪ سان شادي ڪريو جيڪا اوهان جي ساڄي هٿ تي آهي. اهو وڌيڪ بهتر آهي جيئن توهان ناانصافي نه ڪري وجهو.

        اها سوره جنگ احد کانپوءِ نازل ٿي هئي جڏهن مسلمانن جي هڪ ننڍڙي معاشري مان گهڻائي مرد شهيد ٿي ويا هئا ۽ سندن يتيم ٿيل ٻار بي سهارا بنجي ويا هئا. ان صورت ۾ انهن ٻارن کي سهارو ڏيڻ لاءِ انهن جي مائرن سان شاديءَ جي اجازت ڏني وئي سا به انهن ٻارن ۽ زالن سان انصاف ڪرڻ جي شرط سان ۽ اها ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو ته پوءِ جي سماج ۾ هڪ کان وڌيڪ شادي ڪرڻ وارا ڪيترا مرد يتيم ٻارن جي مائرن سان شادي ڪندا آهن؟ ۽ ٻي يا ٽين زال اچڻ کانپوءِ پهرين زال ۽ ان جي ٻارن سان ڪيترو انصاف ٿيندو آهي؟ سڀني زالن ۾ ڪيتريقدر برابري رکي ويندي آهي؟ سڀني زالن سان هڪ جيترو پيار ڪرڻ، ساڻن هڪ جيترا ڏينهن ۽ هڪ جيتريون راتيون گذارڻ ڪيتريقدر عمل ۾ آهي؟ انساني نفسيات جي مڪمل صورت جو احساس ڪندي حڪم ڪيو ويو ته ” جي انصاف ۽ برابري ممڪن نه هجي ته پوءِ صرف هڪ عورت سان شادي بهتر آهي.“

        “The verse permits polygamy but under exceptional circumstance and that also with the condition of justice with women. If this condition could not be fulfilled the permission would be withdrawn.” (22)

          ساڳي ڳالهه مولانا مودوديءَ هن طرح بيان ڪئي آهي:

        ”متعدد بيويان هوني کي صورت مين کسي ايک کي طرف مائل هو کر دوسري بيوي يا بيويون کو معلق رکهه چهوڙنا ظلم هي، جسي قرآن شريف صاف الفاظ مين ناجائز ڻهراتا هي... قرآن شريف مين تعداد ازدواج کي اجازت عدل کي شرف کي ساتهه دي گئي هي، اگر کوئي شخص عدل نه کري تو اسي اس مشروط اجازت سي فائده اڻهاني کا حق نهين هي.“ (22)

        پوءِ جي زمانن ۾ نه صرف ڪيترا ملان ۽ مذهبي ماڻهو اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي اکٻوٽ ڪري وڌيڪ شاديون ڪري گنهگار بنجندا رهيا آهن، پر بظاهر مذهب ۾ ڪا دلچسپي نه رکندڙ ڪي وڏا ترقي پسند ۽ سماجي انصاف جا پرچارڪ، باشعور اديب، شاعر ۽ سياستدان به مذهب جي ڏنل ڇوٽ جو فائدو وٺي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندا آهن ۽ ان لاءِ جواز طور ڪڏهن ذهني هم آهنگي لاءِ، ڪڏهن پيار ٿي وڃڻ ڪري ته ڪڏهن وري سماجي رتبي (status symbol) طور پڙهيل لکيل ۽ انٽليڪچوئل عورت سان شادي ڪرڻ تي ”مجبور“ ٿي پوندا آهن ۽ پاڻ کي لا مذهب (Atheist) ۽ سيڪيولر (secular) سڏڻ وارا به مذهب جي ان تشريح مان فائدو وٺندي دير ڪونه ڪندا آهن ۽ هڪ عورت مٿان ٻي عورت آڻي کيس ڏهاڳ ڏئي زنده درگور ڪري ڇڏيندا آهن.

        ان سموري ڳالهه جو مطلب اهو ٿيو ته عورت سان سماج ۾ رسمن رواجن جون ڏاڍايون صاف مذهبي هدايتن جي باوجود به جاري ۽ ساري رهنديون آيون آهن ۽ نه صرف عرب سماج ۾ پر اڪثر اسلامي ملڪن ۾ اهڙيون حالتون آهن. جيڪڏهن اسلام جي اصل روح کي ۽ ان جي انقلاب جي پيغام کي قائم رکيو وڃي ها ته اڄ ماڊرن دور جي نوجوانن جي ذهنن ۾ مونجهارا پيدا نه ٿين ها.

“We stick to the medieval notions of a woman’s status in society and offer resistance to the changes called forth by modern needs because most of those who interpreted Islam for us belonged to the medieval period and they tried to justify their own notions of the rights of women in Muslim society from Quran and the Hadith. But these interpretations do not appeel to the modern mind and there is an urgent need to re-interpret Islam in tis original spirit by Muslim scholars and intellectuals”. (24)

        مجموعي طرح سان چئي سگهجي ٿو ته اسلام جي صحيح تشريح ڪرڻ وارن عالمن، مفڪرن جي ضرورت آهي، جيڪي ان جي اصلي روح کي اجاگر ڪندي عورت جي سماج ۾ رتبي ۽ ڪردار کي متعين ڪرڻ ۾ مدد ڪن ۽ جديد دور جي ذهنن کي پڻ ان جي صحيح پيغام ڏانهن مائل ڪري سگهن.

        اهي ته هيون اسلام جي حوالي سان عرب دنيا ۽ ٻي اسلامي دنيا ۾ عورت بابت حقيقتون جيڪي قديم دور تائين عورت جي ڪردار تي روشني وجهن ٿيون. هاڻي اسان پنهنجي اردگرد يعني هند ۽ سنڌ جي اپکنڊ ۾ عورت جي حيثيت تي مختلف دورن ۾ نظر وجهنداسين.

حوالا

        (1) Hashmi Anwar—A Short History of Civilization, Karachi book Center 1974, pp.283

 (2) Ibid. pp. 285

(3) سليم، مولانا محمد حسين، تاريخ ادب عربي، آزاد بک ڊپو، لاهور، سرگودها، 1968، ص -12.

(4) عمري، سيد جلال الدين انصر، عورت اسلامي معاشره مين، اسلامک پبليکيشنز لميڻڊ لاهور، ص -22.

(5) Hashmi Anwar – A Short History of Civilization pp.286

(6) عمري، سيد جلال الدين انصر، عورت اسلامي معاشره مين. ص -26.

(7) مولائي شيدائي، عورت ۽ قديم سماج، رسالا شاعر، رفيق حيات نمبر، ايڊيٽر غلام محمد گرامي، جولاءِ کان ڊسمبر 1957، حيدرآباد.

(8) Hashmi Anwar—A Short History of Civilization pp.287

(9) نياز فتح پوري، رساله نگار، اگست 1942، ص -32.

(10) The Glorious Quran, Translation by Mohammad Pickthall. The Muslim World League, U.N Office New York pp. 445

(11) Ref: Kausar Niazi – Modern Challenges to Muslim Families. Sh. Mohammad Ashraf. Lahore 1976 pp11-12

(13) بحواله: عمري، سيد جلال الدين انصر، عورت اسلامي معاشره مين. ص-70.

(14) ايضاً، ص – 72

(15) ايضاً، ص – 72

(16) مودودي، سيد ابوالاعليٰ، پردو، مترجم، سومار علي سومرو محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1978

(17) Kausar Niazi, Modern Challenges to Muslim Families pp.32

(18) ڪشور ناهيد، عورت خواب اور خاک کي درميان، لاهور 1985

(19) آءِ آءِ قاضي، اسلام ۽ عورت، رساله شاعر، جولاءِ، ڊسمبر 1957، ص -13

(20) Kausar Niazi—Modern Challenges to Muslim Families pp.42

(21) Ibid pp.27

(22) Ibid pp.28

(23) مودودي، سيد ابوالاعليٰ، حقوق الزوجين، دفتر رساله ترجمان القران، لاهور، ص -14.

(24) Kausar Niazi—Modern Challenges to Muslim Families.pp10-11

هند ۽ سنڌ ۾ عورت

”آڳاٽي هندستان جي ننڍي کنڊ، جنهن کي سياسي ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت چيو وڃي ٿو، اتي جي زندگيءَ ۾ انسانيت جي پراڻي تاريخ موجب فقط ٻه ثقافتي اڪائيون معلوم ٿين ٿيون، سنڌ ۽ هند“ (1) سنڌ تي اهو نالو سنڌونديءَ تان پيو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته آڳاٽا لوڪ سنڌونديءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري ويٺا هئا، جن مان پنج نديون پنجاب واريون هيون، ڇهين سرسوتي ۽ ستين سنڌو. انهن ستن ندين کي گڏي ”سپت سنڌو“ يعني ست درياهه سڏيندا هئا. جنهن جو اچار پارسين کي زند اوِستا ۾ ”هپت هندو“ لکيل آهي... سنڌو لفظ جو اچار آڳاٽن ايرانين ڦيرائي ڪيو ”هندو“. (2) ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته هند يا هندستان تي اهو نالو سنڌ تان پيو.

“India Was the land of the great river Sindhu of Indus Which paradoxically flows mostly withen the modern state of Pakistan”. (3)

        قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندوستان جي سڌ پئي. سڪندر اعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا تن به سنڌو ماٿر ۾ رهندڙن کي سڏيو سنڌو (هندو) پر اچار ڦيرائي ڪيائون انڊو، نديءَ کي سڏيائون، انڊوس (Indos) ۽ سڄي ملڪ کي سڏيائون انڊيڪا (Indica) ۽ انڊيڪوس (Indicos). پوءِ لئٽن ٻولي ڳالهائيندڙن انڊوس (Indos) جو اچار ڦيرائي (Indus) ڪيو ۽ هندستان کي انڊيا (India) سڏيائون... آڳاٽن عربن کي به هند جي سڌ قديم ايرانين وٽان پيئي هئي. سن 711-712ع ۾ عربن سنڌ ۽ ملتان پنهنجي قبضي ۾ ڪيا ته معلوم ٿين ته سنڌ جو علائقو ڌار آهي ۽ هند سڄي هندستان جو نالو آهي. انهي وقت کان وٺي سنڌ ۽ هند جي فرق جي خبر پين.(4)

        سنڌ جي قديم رهاڪن جي اصل نسل جي باري ۾ مختلف رايا آهن، ڪي انهن کي آريه ته ڪي غير آريه ٿا ڪوٺين ۽ ڪول سنٿال، ڀيل، دراوڙ نالا ٿا ڏين. ڪن جو ته خيال آهي ته انسان ذات جي ابتدا ئي هن خطي ۾ ٿي.

“We see that a wide variety of authors and scholars located the birth place of the entire human race between the Indus and the Ganges”. (5)

        اسين ڏسون ٿا ته گهڻائي ماهر ۽ ليکڪ انسانذات جي پيدائش جو هنڌ سنڌو ۽ گنگا ندين جي وچ ۾ سمجهن ٿا. اها ڳالهه ڪيتريقدر ممڪن آهي سو ته چئي نٿو سگهجي پر اهو ضرور چئي ٿو سگهجي ته سنڌ جي سڌريل سڀيتا دنيا جي گولي تي انسان جي تهذيبن جي تاريخ ۾ سڀني کان نمايان آهي ۽ سندس شاهوڪاريءَ نه صرف اسان سنڌ وارن کي، پر سموري هندستاني اپکنڊ جي ماڻهن کي، ان تي فخر ڪرڻ جو سبب ڏنو آهي.

Indus Civilization from various parts of India and Pakistan have given us a fairly unique cultural background of India going as far back as 2500 B.C. or before. (6)

        مطلب ته سنڌو سڀيتا جي هندستان ۽ پاڪستان جي مختلف حصن ۾ اهڃاڻ هندستان جي منفرد ثقافت ۽ تاريخي قدامت کي 2500 ق م تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

        ”دنيا جون سڀ پراڻيون تهذيبون دريائن جي ماٿرين ۾ پيدا ٿيون ۽ وڌيون ويجهيون.“ (7) نيل ندي، دجله فرات ۽ قارون دريائن جون تهذيبون ان جو ثبوت آهن. سنڌونديءَ جي ماٿريءَ ۾ به هڪ تمام عظيم الشان تهذيب جا آثار مليا آهن. جنهن کي سنڌو ماٿر جي سڀيتا (Indus valley civilization) چيو وڃي ٿو. هند ۽ سنڌ جي جهوني تاريخ ڪن پراڻن ڪتبن، سڪندر اعظم جي حملن جي احوال، ٻاهرين سياحن وغيره جي سفر نامن، هندن جي مقدس ويدن، پراڻن وغيره جي مبهم اشارن، مهاڀارت ۽ رامائڻ جي ڏند ڪٿائي قصن جي آڌار تي جوڙي ويندي هئي. جيتوڻيڪ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ ذريعي سنڌو سڀيتا جا اهڃاڻ لڀجڻ کانپوءِ ان جي قدامت قبل از تاريخ جي ثابت ٿئي ٿي.

“A cardle of civilizaition, the cultural supremacy of Sindh dates back to pre – historic times”.(8)

        پر سنڌ جو سڀ کان آڳاٽو ذڪر رگويد ۾ ملي ٿو جنهن ۾ سنڌوءَ کي پاڻ وهيڻي سون ورني ندي سڏيو ويو آهي ۽ اهو موهن جي دڙي واري دور کان اٽڪل هڪ هزار سال پوءِ لکيو ويو.

        اجهل، اڻموٽ سنڌو

        ٻل واري، سگهاري سنڌو

        ڏيهن ۽ ميدانن مان

        اپار پاڻيءَ جا ڦهلاءَ کڻي

        جرڪندي، ڪڙڪاٽ ڪندي وهندي رهي ٿي

        جهڙي ابلق گهوڙي، سونهاري ۽ سوڀيا وان

        سنڌو ڀلن گهوڙن ۾ شاهوڪار آهي

        ۽ آهي شاهوڪار رٿن ۽ ويس وڳن ۾

        سهڻي گهڙيل سون ۾ شاهوڪار

        اڻ مئي مايا جي مالڪ

        هتان جا گاهه نيڻ ٺار ۽ لذت وارا

        اُن اهڙي جو ويٺو ڏس

        شربت جو ميٺاڄ نه پڇ. (9)

        ٻيو اهم ڪتاب مهاڀارت آهي جنهن ۾ پڻ سنڌ جو ذڪر ملي ٿو. سنڌو ۽ سووير جي راجا جئدرٿ دروپديءَ کي اغوا ڪيو هو.

“Jayadarth, king of the Sindhus, who is also re-ferred to as Sovir Rajah, saw Daraupadi at her svayamvara, subsequently took occasion to intrude on her when the pandavas were out hunting, and carried her off”. (10)

        دروپديءَ کي سندس سئمور جي موقعي تي ڏسي جئدرٿ ان وقت اغوا ڪيس جڏهن پانڊو شڪار لاءِ ٻاهر ويل هئا. مهاڀارت ۾ پوئين دور ۾، دروپديءَ واتان سنڌ جي شاهوڪاريءَ جو ذڪر ملي ٿو.

As to the later classics, in the Mahabharata, Daraupadi speaks of Sindhus as a rich country. (11)

        هڪ تمام قديم ۽ شاهوڪار سڀيتا جيڪا لکيل تاريخ کان اڳ جي دور جي آهي ۽ موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي قديم آثارن مان نروار ٿي آهي، انهي ساڳي سنڌ جي آهي جنهن جو ذڪر اسان کي تاريخ جي قديم ترين ماخذن ۾ ملي ٿو.

        سنڌو ماٿر جي سڀيتا سچ پچ ته انسانن جي خوابن جي تعبير جهڙي هئي. ”سنڌو تهذيب وارو سماج هڪ منظم سماج هو. اهو سماج، جو اقتصادي طور تي شاهوڪار هو، جنهن وٽ تمام گهڻا وسيلا هئا جنهن ڪري تمام گهڻو تعداد پورهيتن جو ۽ هنرمندن جو ڪم ۾ لڳائي ٿي سگهيو. ان کانسواءِ ڏور ڏيساور سان واپاري ناتا ۽ شين ۽ وستن جي مٽا سٽا جو بندوبست به ڪري سگهيو ٿي. شهر جي بيهڪ ۽ اڏاوت، اناج جا گدام، وهنجڻ جون جايون ۽ عام جايون، گهرو استعمال جون شيون کليل ۽ صاف دليل آهن ته سنڌي يا سنڌو سماج هڪ صاف سٿرو شاهوڪار، فلاحي، منظم ۽ موثر سماج هو. اهو تاريخ کان اڳ واري دور جو سماج هو.“ (12)

“Large number of substantial courtyard houses imply a wide distribution of wealth and a prosperous middle class during the best period of Mohen-Jo-Daro.” (13)

        جڏهن اڃا دنيا کي خبر ئي ڪانه هئي ته تهذيب ڇا ٿيندي آهي، ۽ ثقافت ڪهڙي بلا جو نالو آهي، تڏهن سنڌ تهذيب جو گهر هئي.

“Long long before the Egyptians or Sumerians, the two known earliest nations were heard of, long before anything like civilization and culure appeared on the earth, there lived on the banks of the Indus a highly civilized people. They knew how to live comfortably”. (14)

        ان کان اڳ يورپ جي نسل پرست عالمن ۽ ماهرن آرين نالي قوم جي نسلي ۽ تهذيبي برتري جو هڪ مفروضو (Aryan myth) گهڙي هتان جي اصل ماڻهن کي اڻ سڌريل، غير مهذب، اڻاسو (بنا نڪ جي يا وات جي) ۽ ڪارو ڪوجهو ڄاڻايو هو پر موهن جي دڙي جي کوٽائي مان سندن ڏنل تاريخن کان اڳ ئي سڌريل ماڻهن جي موجودگيءَ کين وڏو ڌڪ رسايو.

“This discovery came as a sudden blow to all the pet and assumptive theories of a nosless, black- skinned, culture less aboriginal people inhabiting Indian plains prior to the hypothetical white Aryans, who came in and began to dwell in this land by destroying the former aboriginal people. Here was and undeniable proof of a pre- historic civilization in which the hypothetical Aryans, of the European scholars, could not be fitted in”. (15)

        هن تهذيب جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن ۾ طبقاتي ننڍ وڏائيءَ جو گهڻو فرق نظر نٿو اچي، ڪي عاليشيان عمارتون هن ۾ ڪونه آهن، نه ئي ڪو گهرن جي اڏاوت ۾ ڪوبه گهڻو فرق نظر ٿو اچي. گهرن جي ننڍ وڏائي يا هڪ ٻه ماڙ هئڻ جو سبب ڪٽنب جي ڀاتين مطابق ٿو لڳي. سڀئي گهر پڪسرا آهن. سڀني ۾ ڪمرن اڳيان هڪ ڪشادو اڱڻ آهي ۽ ان اڱڻ ۾ هڪ ننڍو کوهه آهي. وهنجڻ جاين ۽ کوهه جي پاڻيءَ جي نيڪال جو سڀني وٽ بندوبست آهي ۽ سڀني گهرن مان اهو پاڻي ڍڪيل نالين رستي نيڪال ٿي مک نالين ۾ ٿو وڃي پوي. شهري منصوبا بندي ۽ اهو نيڪال جو نظام ٻي ڪنهن به قديم تهذيب ۾ نه مليو آهي. وڏي ڳالهه ته ان ۾ نه محل هئا نه مقبرا.

“Un like the Egyptian or Sumerian cities the city of the Mohen-Jo-Daro was without massive buildings or Tombs”. (16)

        انهي دور ۾ ڌاتو (ٽامو ۽ ڪنجهو) ۽ انهن جو استعمال عام هو ۽ پٿر، ٽامي ۽ ڪنجهي جا عام استعمال جا ٿانو چاقو، ڇريون، ڪهاڙي ۽ ڏاٽو ملن ٿا پر سبط حسن چواڻي ”ڍهال، تلوار، زره، بکتر بند يعني اسلحه ايک بهي نهين ملا، اس سي ثابت هوتا هي که وادي سندهه کا معاشره نهايت محفوظ معاشره تها، لوگ بڙي امن پسند اور صلح جو تهي، لوٽمار، قتل غارتگري ان کان شيوه نه تها. وه نه سپاهه و لشکر رکهتي تهي اور نه کسي ملڪ پر حمله کرتي تهي.“ (17)

        ”ان ۾ دنيا امن ۽ آسودگيءَ جو آدرش حاصل ڪري چڪي هئي، جنهن جي دولت جو ڪو ٿورو حصو به دفاع يا اڳرائي ڪرڻ لاءِ هٿيار بنديءَ تي خرچ ڪونه ٿيندو هو. اها ئي ته جنت آهي، جنهن جو تصور هر معقول انسان جي تصور ۾ آهي... هيءَ اها جنت هئي جت ڪو بک نه مرندو هو، جتي انسان جي ذهن تان ڏک ڳڻتي ميسارڻ لاءِ ناچ، سنگيت، نقاشي، بت تراشي ۽ ماکيءَ مان ٺهيل مڌ موجود هئا، جنهن ۾ انسان کي گندگيءَ کان چڙ هئي، جنهن ۾ هر انسان ٻئي انسان جو دوست هو، جنهن ۾ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ سڀ شيون سڀني جي گڏيل ملڪيت هيون، جنهن ۾ مذهب جي نالي ۾ تنگدلي ۽ خونريزي وڏي ۾ وڏو گناهه هو، جنهن ۾ ٻين کي رنجائڻ غير انساني حرڪت سمجهيو ويندو هو ۽ جنهن ۾ پنهنجي پاڙيسري ماڻهن يا ملڪن سان اڳرائي يا جنگ حرام هئي. اها هئي موهن جي دڙي جي سنڌ“. (18) 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com